الطاف حسين جي سنڌين تي ميار نه ٿي ٺهي محمد ابراهيم جويو تازوئي ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جو هڪ خط ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جيڪو هن سنڌي ماڻهن سان مخاطب ٿي لکيو آهي، اهو خط مختلف سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ به ڇپيو آهي، ته ان سان گڏ هڪ پمفليٽ جي صورت ۾ سنڌيءَ ۾ ڇپائي پڻ پڌرو ڪيو ويو آهي ۽ ورهايو به ويو آهي، اهو خط هڪ ميار تي ٻڌل آهي، ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي رد عمل ۾ “سنڌ سميت ڪراچي ۾ چونڊي چونڊي مهاجرن جي گهرن، دڪانن، فيڪٽرين کي ڇو لٽيو ۽ ساڙيو ويو آهي....؟” جڏهن ته “سنڌ ۾ 1947ع ۾ هجرت ڪري آيل مهاجرن نه ذوالفقار علي ڀٽي کي شهيد ڪيو، نه شاهنواز کي شهيد ڪيو، نه مرتضى ڀٽو کي قتل ڪيو ويو نه وري محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو....” هن بيان مان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ڪو سنڌي ماڻهو رڳو انهيءَ انتظار ۾ هئا ته کين رڳو وجهه ملي ته 1947ع ۾ هجرت ڪري آيل مهاجرن جي گهرن، دڪانن، فيڪٽرين کي لٽين ۽ انهن کي ساڙي ڦلهيار بڻائين. يعني هيڏي وڏي الميي ٿيڻ کانپوءِ به اهي پوري هوش حواس سان ڄاڻي ٻجهي اهو ڪجهه ڪري رهيا هئا ۽ ان عظيم سانحي جي ڪاوڙ “رڳو” مهاجرن تي ڪڍي رهيا هئا! جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته پنهنجي عظيم ليڊر جي شهادت ۾ ٻڏل ۽ لڙهيل ماڻهن پنهنجي غم ۽ غصي جو اهڙو شديد ترين اظهار ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪيو، ها البت ڪراچي ۾ مهاجر آباديءَ جو نقصان سرس ٿيو هوندو، جو اتي پناهگير آبادي جي گهڻائي آهي، رڳو ڪراچي ۾ ٿيل نقصانن کي سامهون رکندي ۽ پنهنجي ساٿين جي رپورٽ کي سورنهن آنا سچ سمجهي اهو نتيجو اخذ ڪرڻ درست نه ٿيندو ته “چونڊي چونڊي مهاجرن جي گهرن، دڪانن ۽ فيڪٽرين کي لٽيو ۽ ساڙيو ويو”، اهو هڪ فطري رد عمل هو، جنهن کي نسلي امتياز جي ماپي تي پرکي نٿو سگهجي. هن خط جا پيرا کڻبا ته سلسلو وڃي ملندو، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ گجرات جي چوڌرين جي لساني رويي سان انهن به ساڳي نموني جا بيان پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تان جاري ڪيا آهن ته سنڌ ۾ پنجابي آباديءَ کي لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي ۽ هاڻ انهن جون زندگيون غير محفوظ ٿي ويون آهن. چوڌري ڀائر اخلاقيات جون سڀ حدون اورانگهي اهو به چئي ويا، ته سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۽ وڳوڙن ۾ مختلف هنڌن تي عصمت دريءَ جا واقعا به پيش آيا آهن، جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته اهڙو هڪ به واقعو ڪٿي به رونما نه ٿيو آهي. ڀلا سنڌ جا صدمي ۾ ورتل، ڏک جي سمنڊ ۾ ٻڏل، روئيندڙ، پٽيندڙ، اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندڙ ماڻهو اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه انهيءَ لاءِ سوچي به ڪيئين ٿي سگهيا؟ گجرات جي چوڌرين جو هانءُ، اهڙو اخلاق کان ڪريل الزام هنن کانپوءِ به ڪونه ٺريو، هنن پنهنجي لساني بدڪاريءَ جا وڌيڪ مڪروهه مهانڊا واضح ڪرڻ لاءِ پنهنجو هڪ نام نهاد لساني اشتهار به ڇپايو ته “ نه هيءَ سياست آهي، نه ماتم، هيءَ لاقانونيت آهي.” اهو اشتهار سنڌي قوم جي ڦٽيل احساسن کي اڃان به وڌيڪ اکولڻ ۽ هڪ قوم خاطر سندن تازي گهاءَ تي لوڻ ٻرڪڻ برابر هو. چوڌرين جا اهڙا لساني ناپاڪ عزم ۽ سندن بداخلاق رويي کي ڏسندي نيٺ سنڌ واسي پنجابين کي ميڊيا تي اچي اهو چوڻو پيو، ته اسان کي سنڌين نه لٽيو آهي، نه ڦريو آهي، اسين هتي محفوظ آهيون، ته سندن پت وائکي ٿي ويئي ۽ هو پوري ملڪ سان گڏ خود پنجابي عوام جي اڳيان شرمسار ٿيا. ان کانپوءِ سرڪاري خرچ تي مقامي ڪئبل آپريٽرن ذريعي پڻ اهڙا اشتهار جاري ڪيا پيا وڃن، جن ۾ واضح طور اهو ڏيکاريو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين جون تصويرون ۽ ان جي پارٽيءَ جا جهنڊا ساڙيا پيا وڃن. اهڙا اشتهار ڏيکاري لساني جهيڙن جي باهه سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪائڻ جي ڄاڻي ٻجهي هوا ڏني پئي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين هيءُ خط لکي اهو اشارو ڏيئي گجرات جي چوڌرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، ته سنڌ ۾ رڳو پنجابين سان ئي نه پر مهاجرن سان به وڏو ظلم ٿيو آهي، ان جو مطلب آهي ته چوڌري ڀائرن ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ئي ايجنڊا تي عمل پيرا ٿيندي، اهو لساني رويي اختيار ڪيو آهي، ته جيئين نه رڳو ملڪي سطح تي پاڪستان جي چئني صوبن جي عوام ۾ جيڪا همدردي پيدا ٿي آهي، ان کي ختم ڪيو وڃي. ظاهر آهي ته گجراتي چوڌرين ۽ ايم ڪيو ايم کي اهڙي لساني پروپيگنڊه مان اها اميد آهي ته ٻنهي ڌرين کي ترتيبوار پنجاب ۽ سنڌ ۾ ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي ملي، ٺيڪ آهي ته سياست م گهڻو ڪجهه اڻ ٿيڻو به ٿيندو آهي، پر ههڙيءَ غليظ گمراهه ڪندڙ ۽ نفرت جي ٻج ڇٽيندڙ سياست کي ته ڪنهن به طور، نه درست چئي سگهجي ٿو، نه ئي ان کي برداشت ڪي سگهجي ٿو. جيستائين تعلق آهي هن ڳالهه جو ته “مهاجرن نه ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو نه شاهنواز کي شهيد ڪيو، نه مرتضى ڀٽو کي شهيد ڪيو، نه وري محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو.” ته انهيءَ مان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته سنڌين سان جيڪي به وڏيون زيادتيون ۽ ڏاڍايون ٿينديون رهيون آهن، انهن ۾ ايم ڪيو ايم شريڪ نه رهي آهي. ائين بلڪل آهي ته مٿي ڄاڻايل شهادتن جو حوالو ڏيئي، ايم ڪيو ايم پنهنجو پاند آجو ڪرائڻ جي به ڀل ڪوشش ڪري، پر سنڌين سان ٿيل ظلمن، ڏاڍاين، ارهه زوراين ۽ ٻين انيڪ قسمن جي زيادتين جو احاطو رڳو اهو چار شهادتون ته ڪين ٿيون ڪن، انهن جو هڪ الڳ داستان آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مختصر نموني ئي سهي پر پسمنظر کي جاچڻ ضروري آهي ته جيئين معاملا ڪنهن حد تائين چٽا ٿي سگهن. سرحد جي ٻنهي پار ماڻهن جي مٽا سٽا وارو معاملو، ورهاڱي واري ايجنڊا جو حصو نه هو، اهڙي لڏپلاڻ هڪ گهريءَ سازش جو نتيجو هو، ان ڏس ۾ به مثال پيش ڪجن ٿا. پهريون مثال مسلم ليگ جي پوئين قطار جي ناليواري اڳواڻ شردار شوڪت حيات خان جي يادگيرين واري ڪتاب مان پيش ڪجي ٿو، جنهن جي صفحي 178 تي هن ريت بيان آهي: “هن (لياقت علي خان) چونڊن کان لنوائڻ واسطي آئين جي تڪميل ۾ دير ڪئي، جيڪي (چونڊون) هو کٽي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته هن جو پاڪستان ۾ ڪو به چونڊ ته نه هو... هن گڏيل صوبن جي آفيسرن جي مشوري تي لياقت – نهرو پئڪٽ ( جنهن لڏپلاڻ جي نفي ٿي ڪئي) کي ٽوڙيو. هن انهيءَ معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي يو – پي ۽ راجسٿان جي ماڻهن کي کوکروپار سرحد وٽان لڏي اچڻ جي اجازت ڏني.... مون اسيمبليءَ ۾ انهيءَ قدم جي مخالفت ڪئي. لياقت علي خان جو اهو قدم جانبدارڻو هو، جنهن وسيلي هن پنهنجي پراڻي صوبي ۽ ان جي اوسي پاسي جا ماڻهو غيرقانوني نموني لڏائي پئي آندا، ته جيئين هو ڪراچي ۾ پنهنجي “سيٽ” پيدا ڪري سگهي.” ٻئي مثال ڏيڻ کان اڳ واضح ڪجي ته مهاجرن جي صورت ۾ هن نئين آبادي کي رٿا بنديءَ سان سنڌ جي مک شهرن ۾ وسايو ويو ۽ هندن ۽ سکن جو ڇڏيل/ خالي ڪيل ملڪيتون جن ۾ زرعي زمينون، پلاٽ، دڪان، ڪارخانا، بئنڪون، واپاري مرڪز ۽ جايون جڳهون شامل هيون، کين مال غنيمت وانگي حوالي ڪيون ويون، ان کانسواءِ ڪامورا شاهي جون سڻڀيون ۽ پرڪشش آساميون/ ملازمتون کين ڏنيون ويون. ان سموريءَ صورتحال سنڌ ۾ آبادياتي توازن بگاڙيو. ورهاڱي وقت سنڌ ۾ 97 سيڪڙو آباديءَ جي ٻولي سنڌي هئي، جيڪا هاڻي اها اڳين نه رهي. ان ساري ناجائز انتظام مهاجر سامراجيت جي پختي پيڙهه ٻڌي ڇڏي، ويتر مٿان اردو ٻولي کي سنڌ سميت پاڪستان ٺاهيندڙ ٻين قومن تي مڙهي، رهي سهي ڪسر به ڪڍي ويئي، جڏهن ته اها ٻولي وفاق ٺاهيندڙ ڪنهن به ڌر جي نه هئي، سنڌي ماڻهن اهڙيءَ ناجائزي تي احتجاج ڪيو ته انهن کي چيو ويو ته سنڌي ٻولي جاهلاڻي ٻولي آهي، جڏهن مهاجرن جي رڳو سنڌ ۾ آبادڪاريءَ تي اعتراض واريو ويو، ته هي ماڻهو (پناهگير) اوهان کي تهذيب سيکارڻ لاءِ آيا آهن. جڏهن رياستي سطح تي پناهگيرن کي ايتري وڏي سطح جو “پروٽوڪول” مليو ته هو احساس برتريءَ ۾ اچي مقامي ماڻهن کي بدتر ۽ غير مهذب سمجهڻ لڳا ۽ سندن نفرت جو پهرين کليو اظهار، ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شهرن مان سنڌي اسڪولن جي نيڪاليءَ جي صورت ۾ سامهون آيو، ڏسندي ڏسندي سوين سنڌي اسڪول بند ڪيا ويا ۽ انهن جي جاءِ تي اردو ميڊيم اسڪول قائم ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ ريت وڏن شهرن ۾ رهندڙ سنڌين جا ٻار پنهنجي ماءُ جي ٻولي ۾ تعليم پرائڻ کان محروم ڪيا ويا. اهڙيءَ حالت ۾ يا ته سنڌي ٻارڙن پڙهڻ ڇڏي ڏنو، يا هڪ ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ تعليم پرائڻ لاءِ مجبور ٿيا. ان کان سواءِ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري مرڪز ۾ ڏيڻ واري سازش سٽي وئي. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي کي پڻ ڪراچيءَ مان نيڪالي ڏني وئي. هي معاملو ورهاڱي جي وڍن مان، سنڌي ماڻهن جي کاتي ۾ آيل سڀ کان گهرو ۽ نه ڀرجي سگهڻ جهڙو وڍ هو. مٿي بيان ڪيل صورتحال سنڌي ماڻهن ۾ اهو احساس پيدا ڪيو ته انهن کي باقائده غلام بڻائڻ جي مهم شروع ٿي چڪي آهي. ائين به نه آهي ته اقتدار ڌڻي سنڌي قوم جي اهڙي زخمي ڪيفيت کان وقف نه هئا، ان سلسلي ۾ هاڻ ٻيو مثال پيش آهي. جنرل ايوب خان جو اطلاعات سيڪريٽري الطاف گوهر پنهنجي ايوب خان تي لکيل ڪتاب جي صفحي 67-466 تي 15 مارچ 1969ع تي چوڌري محمد علي سان لکپڙهه جي حوالي سان ٻڌائي ٿو. “سنڌي ماڻهو، انتهائي حد تائين پناهگيرن جي وڌندڙ موجودگيءَ تي ارها آهن، مهاجر پوريءَ ڪراچي تي قابض ٿي چڪا آهن....” هيستائين اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته پناهگير آبادي، شروع کان سنڌي ڪلچر، ٻولي ۽ رسم رواج کي پنهنجائڻ بدران پنهنجي ڪلچر ۽ ٻوليءَ سان چنبڙيل رهيا. انهن سنڌي ماڻهن جي آڌرڀاءُ ۽ محبت جي موٽ دوريءَ ۽ ڌڪار سان ڏني ۽ جيئن ته سنڌ ۾ اچڻ سان سندن هر ڪنهن ڦرلٽ کي تحفظ مليو، ان ڪري اهو رويو سندن مزاج جو حصو بنجي ويو، ان کانپوءِ جنه معاملي ۾ سنڌين جو نقصان ٿي ٿيو، انهيءَ تي هو خاموش ويهي ٿي رهيا، مثال طور ائنٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي تاريخي سڃاڻپ جي بحاليءَ لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳايو بيٺا هئا ته مهاجر آبادي سنڌين جي ساٿاري بنجڻ بدران چپ چاپ گهرن ۾ ويٺي هئي. ساڳي حالت سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائي ڀيري ڏٺي ويئي، پر جتي به سنڌي ماڻهن کي فائدو ٿي رسيو ته اردو ڳالهائيندڙن جا رکوالا وچ ۾ ٽپڪي ٿي پيا. 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ سنڌ صوبي جي سرڪاري زبان بنائڻ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪئي ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي “گهوڙا ري گھوڙا” ڪري ميدان ۾ ڪاهي پئي ۽ لساني فسادن ڪر کنيو. اردو جي شاعر رئيس امروهي ( جنهن کي پوءِ کين چند مصلحت ڀريل گفتن چوڻ تي پنهنجن ڀائرن ماريو) ايترو به چئي ڀڙڪائي ويو ته: “اردوڪا جنازا هي ذرا ڌوم سي نڪلي” اهڙيءَ ريت وري به هڪ سرڪاري حڪم نامي وسيلي سنڌ کي ٻه ٻوليائي صوبو قرار ڏنو ويو. يعني اردوءَ کي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ، سنڌ جي تعليمي سرشتي ۾ لازمي موضوع طور رائج ڪيو ويو، جڏهن ضياءَ شاهيءَ جي ڇانو ۾ مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جنم ورتو ته مهاجر آباديءَ جي سنڌي قوم سان لڳاتار جاري رهندڙ نفرت، ڌڪار، استحصال ۽ قبضي گير ارادي کي هڪ منظم ۽ پختو پليٽ فارم ملي ويو. ضياءَ شاهي کي سنڌي قوم کي ايم آر ڊي تحريڪ جي سزا ڏيڻي هئي، تنهن ڪري ان سنڌ جي ٻهراڙين کي ڌاڙيل ڪلچر، جڏهن ته شهرن کي ايم ڪيو ايم جهڙي فاشزم ۽ دهشگرديءَ جا هٿيار کڻي هلندڙ جماعت جو تحفو ڏنو ۽ ان کي سنڌ ۾ هڪ وڏي هٿ ٺوڪي ۽ نام نهاد لساني سياست ڪندڙ ڌر طور اڀاري ، سنڌ جي قومي ۽ جمهوري سياسي ڌرين کي بي ست بڻائڻ جي شروعات ڪئي وئي. هاڻ ٻن چئن مفروضن جو ذڪر ڪجي ٿو ته ٻه چار ڳالهيون وائکيون ٿين، جن جي پويان ايم ڪيو ايم پنهنجي فاشسٽ ۽ دهشتگرداڻي چهري لڪائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. هن لساني تنظيم پاڻ لاءِ مشهور ڪيو آهي: ته اها هڪ وچين طبقي جي جماعت آهي: تاريخ ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته عوام دشمن، انسانيت مخالف ۽ استحصالي قوتون، (فرد، گروهه، قومون ۽ حڪومتون) وڏن وڏن آدرشن ۽ اعلى نظرين ۾ پناهه وٺنديون آهن ۽ انهن جي آڙ ۾ پنهنجو استحصال، ظلم، بربريت ۽ استبداد جاري رکنديون آهن. ان سلسلي ۾ جرمنيءَ جي آمر هٽلر جي نازي ازم ۽ اٽليءَ جي آمر مسولينيءَ جي فاشزم جا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. ساڳيءَ طرح ايم ڪيو ايم به وچين طبقي جي نمائندگيءَ واري تصور ۾ پناهه وٺندي ڏٺي ويئي آهي، وچون طبقو شهرن ۾ رهي ٿو، اهو گهڻي ڀاڱي واپار ۽ ڪاروبار سان تعلق رکي ٿو. هيءُ طبقو امن جو خواهان هوندو آهي ته جيئن سندن واپار وڙو ۽ دڪانداري، سواءِ ڪنهن خوف خطري جي هلندي رهي ۽ ائين هلندي اها وڌندي ويجهندي رهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم هڪ دهشگرد، ڦرلٽ ۽ خوف ڦهلائڻ تي ڀاڙيندڙ جماعت آهي، جنهن جو سارو گذران ئي ان طبقي تي مقرر ڪيل “نوازش” تي آهي ۽ اهو طبقو اهڙي “نوازش” ڪرڻ تي مجبور آهي، ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ وٽن ٻيو ڪو به چارو نه آهي ۽ اهڙي نوازش کي برقرار رکڻ ۾ ئي اهي پنهنجي بقا سمجهن ٿا. هاڻي جڏهن هڪ تنظيم، جيڪا وچئين طبقي جي مفاد ۽ انهن جي تحفظ بدران سندن ڦرلٽ ڪندي ته اها سندن نمائنده جماعت ڪيئن هوندي، يا انهيءَ کي اهڙو حق ڪيئن هجي ته اها سندن نمائنده ڪيئن هوندي يا انهيءَ کي اهڙو حق ڪيئن ڏجي ته اها اهڙي دعوى پاڻ وٽ رکي! حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ جي خاص ٻن وڏن شهرن ۾ موجود وچون طبقو ايم ڪيو ايم وٽ يرغمال بڻيل آهي. ايترو ئي نه پر، هن اڳيان گهڻ – قومي ڪمپنيون ۽ ادارا به مجبور ڏٺا ويا آهن، جيڪي پڻ ايم ڪيو ايم کي “راضي” ڪرڻ کانسواءِ رهي ۽ هلي نٿا سگهن. ان ڏس ۾ هي مثال پيش آهي ته گذريل سال 12 مئي تي سڄي دنيا ٽي وي چينلن تي ڪراچي ۾ دهشتگرديءَ جو براهه راست مظاهرو ڏٺو. جڏهن واقعي جي ذميوارن تي سرڪار هٿ نه وڌا ته ان جي رد عمل ۾ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ايم ڪيو ايم ۽ ان جي سربراهه الطاف حسين تي ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ کيس برطانيا مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ وڃي يونائيٽيد ڪنگڊم ته پهتو، پر ڇا ٿيو؟ ڪجهه به نه ڇو؟ انهيءَ ڪري جو برطانيا سميت پوري يورپ جا ڪاروباري مفاد ڪراچيءَ سان ڳنڍيل آهن. پوءِ برطانوي حڪومت سڀ ڪجهه ڄاڻندي به الطاف حسين جي نيڪاليءَ جي پرواني جاري ڪرڻ جهڙو جوکو ڪيئن ٿي سگهي؟ اهڙي ڪوشش جي پنڌ ۾ عمران خان سان جيڪا ٿي، اها سڀني جي سامهون آهي. يعني ايم ڪيو ايم خلاف جيڪو به ٻڙڪ ٻاڦوڙيندو انهيءَ جي رستا روڪ لاءِ هر طرح جو قدم کني سگهبو. ائين به آهي ته 12 مئي جي واقعن کانپوءِ ڪئناڊا جي هڪ اخبار “نيشنل پوسٽ” ۾ 18 جولاءِ تي هڪ خبر پٽاندڙ: ڪئناڊا جي هڪ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم جي ڪئناڊا شاخ کي بند ڪرڻ ۽ ان شاخ جي اڳواڻ ڪاشف عمر کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته 12 مئي تي ڪراچي ۾ براهه راست دهشتگرديءَ جا منظر ڏسڻ کانپوءِ سڄي دنيا، ايم ڪيو ايم کي دهشتگرديءَ واري پسمنظر ۾ ڏسڻ شروع ڪيو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ پروپيگنڊه وسيلي، عالمي سطح تي ايم ڪيو ايم پنهنجي پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. ته اها وڏيرن ۽ جاگيردارن خلاف جنگ جوٽيندڙ آهي: ان ڏس ۾ ايم ڪيو ايم کان پڇبو ته اهو ڪيئن ڀلا؟ ته جواب ملندو ته اسان اڄ تائين پارٽي ٽڪيٽ ڪنهن وڏيري کي نه ڏني آهي، ظاهر آهي ته سنڌ جي مضبوط ۽ صدين کان جاري رهندڙ جاگيرداراڻي نظام جي ٽوڙ لاءِ اهو دليل ناڪافي آهي. پهرين ڳالهه ته ڪون به با اثر وڏيو ايم ڪيو ايم جهڙي فرقيوار ڌر ۾ شامل ئي نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن کان ڪڏهن اهڙي سهو ٿي به وڃي، ته ان کي اکين تي رکي قبول ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم سدائين اهو پئي چاهيو آهي ته سندس تنظيمي پکيڙ سنڌ جي وڏن شهرن کان ٻاهر تائين هجي، حقيقت ۾ ايم ڪيو ايم عملي طرح اڄ ڏينهن تائين ڪوبه اهڙو قدم نه کنيو آهي، جنه وسيلي سنڌ جي جاگيردارن، وڏيرن ۽ نوابن کي ڪوبه ڇيهو رسيو هجي. ان جي ابتڙ، اها هر ڪنهن ڀيري وڏيرن، جاگيردارن ۽ سردارن سان گڏ حڪومت ۾ ڏٺي ويئي آهي ۽ انهن سان گڏجي به رڳو اردو ڳالهائيندڙ طبقي جي مفادن جي پورائي ۽ مطالبن جي مڃت لاءِ پنهنجو لساني ۽ فرقيوار ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. اتان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته “مهاجر قومي موومينٽ” مان متحده قومي موومينٽ ٿيڻ کانپوءِ به هي جماعت اڄ سوڌو مهاجر آبادي جي ئي تنظيم آهي. هي تنظيم رڳو ڏيکاءَ جي حد تائين سڄي سنڌ بلڪه پوري پاڪستان مان چونڊن لاءِ پنهنجا آڱرين تي ڳڻڻ کان به گهٽ اميدوار بيهاريندي آهي. جڏهن ته ڪراچي سميت ٻين شهرن جي تڪن، جتي سندس اميدوارن جي اڪثريت ۾ کٽڻ جا امڪان واضح هوندا آهن، اتي رڳو اردو ڳالهائيندڙ اميدوار بيهاريندي آهي، ته جيئن مهاجر ايم پي اي ۽ ايم اين اي ئي اسيمبلي ۾ موجود رهي، سندن مخصوص مفادن لاءِ ناجائز ڪردار ادا ڪري سگهن.