• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روز ٿي زندگي قيد ٿيندي رهي

بخشل لغاري

سينيئر رڪن
روز ٿي زندگي قيد ٿيندي رهي
سونهن سازش نئين ٿي سٽيندي رهي

حوصلا هن اڳيان ٿي نه حاوي سگهيا
هوء مرڪي ڏسي سمجه ويندي رهي

اڄ به اڏري پيو چنڊ ڏي ٿو چڪور
ڏور منزل گهڻو گهاو ڏيندي رهي

ڪونه سانوڻ سکيو ۽ سيارو پسان
ٿي خوشيء جي نه ڪا مند ايندي رهي

ناز بخشل لغاري نه نخرا رهيا
هيء جواني به جوڀن ڇڏيندي رهي
 
Back
Top