سنڌ جو سوڍو پٽ محترم بشير خان قريشي..آصف رضا موريو

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    محترم بشيرخان قريشي سنڌ جو ڏاهو، بهادر ۽ ارڏو پٽ هيو جو سائين جي ايم سيد جي مقصد کي هينئين هنڊائي ان جي پوئواري ۾ هڙئون وڙئون پنهنجو پاڻ ملهائي ويو. هو جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمن هيو جيڪا سنڌ جي آجپي جي تحريڪ ڀانئي وڃي ٿي ۽ جنهن جي منشور ۾ ڌرتي ڌڻين جي حقن سان گڏ محنت ڪش طبقن، هاري ناري ۽ مزدور ماڻهن جي چڱ ڀلائي جون سموريون ڌارائون هجڻ سان گڏ سوشلزم ۽ سيڪيولرازم جي اهميت کي پڻ بنيادي اهميت ڏني وئي آهي. سنڌ جي هي واحد سياسي تنظيم آهي جنهن ۾ وڏيرن، سرمائي دارن ۽ پيسي وارن جي اجاره داري ڪونه رهي آهي.
    بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪا اهڙي حڪومت ڪونه جڙي سگهي آهي جيڪا عوام جي خواهشن جي حقيقي ترجماني ڪندي هتي رهندڙ مڙني قومي جٿن کي هڪ ڪرا حق ڏياري سگهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو تمام رياستي ادارا، قومي سياسي ۽ سماجي اڳواڻيون توڙي شاگرد قيادتون سدائين هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ٿيندي ڏٺيون ويون آهن جو سندن قومي مفاد ۽ سياسي سمتون الڳ الڳ ٿين ٿيون. ان لاءِ پيڙهيل طبقن ۽ غلامي واري حالتن ۾ جيئندڙ قومن منجهان پنهنجي ڏتڙيل ۽ ڏاڙهيل ماڻهن جي جائرحقن جي حاصلات لاءِ ۽ انهن جي اجتماعي استحصال خلاف ڪجهه مانجهي مرد سر جو سانگو لاهي نروار ٿيندا آهن اهڙن ئي مڙس ماڻهن منجهان سنڌ جو سوڍو بشيرخان قريشي پڻ هڪ هيو.
    بشيرخان قريشي کي سنڌ ۾ اختلافن جي ور چڙهيل قومي سياست اندر گهڻي حد تائين غيرمتنازعه قومي اڳواڻ چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو جيڪو زندگي ڀر محترم جي ايم سيد جي عدم تشدد واري پاليسي جو خاص حامي رهيو. قومي اڳواڻي جي لڏي ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ سندس جيئڻ مرڻ ڄڻ ته سنڌ ۽ سنڌين لاءِ رهجي ويو هيو. هو سنڌ جي خودمختياري ۽ سنڌي عوام جي ڪنهن به پاسي کان چڱ ڀلائي جي پسمنظر ۾ ڪنهن به پارٽي طرفان ڏنل ڪوٺ جي سدائين آجيان ڪندو رهندو هيو ايتري تائين جو سنڌ ۽ سنڌين جي ڪٽرمخالف ايم ڪيو ايم سان به ڪيترن جائز مهاذن تي نباهي هلڻ جا جتن ڪيائين. اسان جي ملڪ جي تمام صوبن بشمول سنڌ جي صحتمند سياسي جماعتن شاگردن جي مسئلن کي ڪڏهن به سنجيدگي سان اهميت ڪونه ڏني ان لاءِ بشيرخان جي ڪوشش رهي ته نه رڳو شاگرد کي پنهنجي پاسي کڻي هلجي بلڪو انهن جي صحتمند فڪري لاڙن جي جيترو ٿي سگهي ترجماني پڻ ڪجي.
    سياسي زندگي جي تجربن کيس جذبات ۽ زميني حقيقتن ۾ فرق ڪرڻ سيکاري ڇڏيو هيو. هن ٽڙيل پکڙيل سنڌ جي قومي سياست کي پنهنجي رياضت، ٿڌي مزاج ۽ توجهه سان ايتري حد تائين پرسڪون ۽ بهتر بڻايو جو سنڌ جو عام طبقو جيڪو پهريون جيئي سنڌ جو نالو ٻڌي نرڙ تي گهنج وجهندو هيو تنهن پڻ دلئون اهو تسليم ڪرڻ شروع ڪيو ته هائو ٻيلي ڪي جوان آهن جيڪي ڏکئي وقت ۾ سنڌ خلاف زهر اوڳاڇيندڙ سازشي ٽولن خلاف ميدان تي نڪري اچن ٿا انهن کي مان ڏيڻ گهرجي. اهو ئي سبب هيو جو شاگرد، هاري، سياسي، سماجي ۽ پورهيت طبقن سان گڏ هر طبع ۽ فڪر جي ماڻهن ۾ مقبولِ عام هوندي بشيرخان قريشي کي نه رڳو زندگي ۾ مڃتا ملي پر مرڻ کان پوءِ به ايماندارقومپرست اڳواڻن جي صف ۾ اڳڀروڀانئيو وڃي ٿو.
    ٺاهوڪي قدڪاٺ، ڀريل جسم، رعبدار شخصيت، ويڪري پيشاني، برجستي آواز واري هن ملهه جوان بشيرخان قريشي جو جنم 10 آگسٽ 1959ع تي رتوديرو جي موٽڻ پور محلي ۾ غلام مرتضي قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ اناج جي ڪاروبار سان گڏ اٽي پيسڻ جي چڪي پڻ هلائيندو هيو. سندس امڙ جو نالو مسمات گلشن قريشي هيو جيڪا گهريلو عورت هئي. بشيرخان قريشي پرائمري کان ميٽرڪ تعليم تائين رتوديرو شهر مان حاصل ڪئي، انٽر سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپورمان پاس ڪري 1976ع ۾ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ورتي جتان سندس سياسي جدوجهد جو آغاز پڻ ٿيو. سندس جو وهانءُ ادي سعيده قريشي سان ٿيو جنهن مان کيس ٽي پٽ ۽ چار نياڻين جي اولاد آهي.
    سٺ جي ڏهاڪي ۾ محترم جي ايم سيد سنڌي قوم جي اجتماعي استحصال ۽ سنڌ جي زميني توڙي جاگرافيائي وسيلن جي لٽ مار خلاف پاڪستان ۾ رهندي يا خودمختيار وطن لاءِ آزاد سنڌوديش جو تصور سامهون رکي جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وڌو جنهن سان سنڌ جي قومي سياست کي هڪ نئون رخ مليو. جيئي سنڌ تحريڪ جو نعرو وقت سان گڏ گهڻو مقبول ٿيندو رهيو خاص طور تي سنڌي نوجوانن، شاگردن، لکارين ۽ دانشور طبقن ۾ جيڪي رياست طرفان ناجائزين ۽ استحصالين جو گهڻو شڪار هئڻ سان گڏ پڙهيل لکيل لڏو هئڻ ناطي ڏسي وائسي رهيا هيا ته ”سنڌ ۽ سنڌ واسين سان انساني حقن پٽاندر ڪهڙا ڪلور ٿي رهيا آهن. وقت سان گڏ شاگرد طبقو هن تنظيم لاءِ ڪرنگهي جي حيثيت بڻجي ويو ۽ سنڌ جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون هن هلچل لاءِ ڳڙهه ثابت ٿيون.
    جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ پارٽيءَ کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا جو ان وقت تائين پارٽي سيد جي ڏنگي ٻارن جي غير اصولين جي ور چڙهي چڪي هئي جن مان گهڻا تڻا سيد جي زندگي ۾ ئي پارٽي جي آڙ ۾ پنهنجي مفادن جي خاموشي سان نگراني ڪري رهيا هيا پر سائين جي رحلت کان پوءِ پارٽي جي سياسي اصولن کان هٽي نروار ٿي پيا جنهن ڪري نوي جي ڏهائي ۾ سيد جي پارٽي سندس ئي پوئلڳن پاران مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي وئي جنهن سان ”سنڌ ڪاز“ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ايتري تائين جو عبدالواحد آريسر جهڙي ڏاهي دانشور ۽ سيد جي سچي پوئلڳ مٿان به جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ جا سنگين الزام لڳا. بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي قومي پارٽين اندر ذاتي نوعيت جي اختلافن تحت هر ٻئين سال ڪونه ڪو ڌڙو جنم وٺندو رهيو جنهن جو سبب اهو ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته ”سنڌ جي حقن خلاف متحرڪ لڏا جنهن کي اسان جا ڪامريڊ سامراجي ٽولا سڏن ٿا کين مختلف لالچون ڏئي پنهنجن خلاف ميدانِ عمل ۾ آڻي وڙهائيندا ۽ منتشر ڪندا رهن ٿا“. انهن تمام رياستي، قومي ۽ علاقائي سازشن جي هيڪانڌي هلچلن جي باوجود بشيرخان قريشي پنهنجي سياسي، سماجي ۽ ذاتي محاذ تي ڪارونجهر جي چوٽ جيان اونچو، اڻ ٽر ۽ اڪابر رهيو.
    بشيرخان قريشي سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پڙهائي دوران سائين جي ايم سيد جي فڪرکان متاثر ٿيندي شاگرد سياست ۾ حصو وٺندي 1976ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊينٽس فيڊريشن ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1980ع ۾ هو ٽنڊو آدم زرعي يونيورسٽي يونٽ جو صدر چونڊيو ويو. 1982ع ۾ کيس پارٽي جي مرڪزي نائب صدر طور منتخب ڪيو ويو جڏهن ته 1986ع ۾ فيڊريشن جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو. سال 1995ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو ڊپٽي ڪنوينر ۽ 1996ع ۾ سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيو. وقت سان گڏ بشيرخان قريشي نه رڳو سنڌ جي انتهائي متحرڪ نوجوان قيادت طور سامهون آيو پر پنهنجي سچائي، بهادري، فڪري لاڙي، اڳواڻي جي صلاحيتن ۽ برجستگي سبب محترم جي ايم سيد جي ويجهو ٿيندو رهيو جنهن جي وفات کان پوءِ 1998ع ۾ پارٽي طرفان کيس جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو جتان زندگي ڀر سنڌ جي عوام جي اجتماعي حقن، سنڌي ٻولي جي استحصال، آدم شماري، قدرتي وسيلن، پاڻي جي مسئلن، نوڪري، روزگار، اين ايف سي ايوارڊ، سمند، گيس، پيٽرول، فصلن جي ڪمائي، سنڌ جي وڏي شهرن ۾ سنڌين جا ڳوٺ ڊاهڻ، ڊوميسائل رد ڪرڻ، نوڪريون نه ڏين، ڌاري قومن جون سنڌ ۾ روز جي حساب سان لوڌون ڪاهڻ خلاف ۽ ٻين انيڪ مسئلن لاءِ پتوڙڻ سان گڏ سنڌ ۽ سنڌين جي روزمره جي معاملن ۾ پارٽي ورڪرن سميت هڙان وڙان جدوجهد ڪندو رهيو. سائين جي ايم سيد جي هماليائي شخصيت جي وفات کان پوءِ وکرندڙ تنظيم ۽ غيرمتحد ٿيندڙ ڪارڪنن کي بشير خان ڪٺو ڪرڻ ۾ سگهارو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ سيد جي سياست ۾ عدم تشدد واري پاليسي تحت بين الاقوامي ادارن تائين سنڌين جي حقن جي لتاڙ متعلق حقيقتون پهچائڻ لاءِ پڻ اهم ۽ مستند ڪردار رهيو.
    پاڪستان ۾ سياست ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪندي اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ واري پاليسي سان سنڌين جوهڪ وڏو طبقو سهمت ڪونه رهيو جو سندن خيال آهي ته ”پارلياماني سياست ۾ حصو نه وٺڻ دراصل غير سنڌي قوتن جو سنڌ جي ڌرتي تان اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ رستو هموار ڪرڻو آهي“ پراليڪشن ۾ کٽي اسيمبلي ۾ اچڻ متعلق بشيرخان قريشي جو خيال هيو ته ”اهي اسيمبليون اسان جي ڪهڙي ڪم جون آهن جن ۾ سنڌ يا سنڌين جي قومي وجود يا وطن کي تسليم ڪونه ٿو ڪيو وڃي.“ سندس مڃڻ هيو ته ”سنڌ هڪ اهڙي ڪالوني آهي جنهن جي ڪنهن به وسيلي تي سنڌين جي مالڪي نه هئڻ جي برابر آهي ايتري تائين جو سنڌين کي قوم ئي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي ته ان پسمنظر ۾ اسان قومي جدوجهد نه ڪيون ته آخر ڇا ڪيون؟“. کيس ان ڳالهه جو پڻ ڏک هيو ته ”سنڌ ۽ سنڌين لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي سنڌين جو ئي وڏو حصو ڪافر، دهريو ۽ پاڪستان مخالف چئي نفرت ڪري ٿو“.
    سائين جي ايم سيد جي مرتئي کان پوءِ سندس سرفروشن جي پوري کيپ بشيرخان جي پٺيان هئي جنهن کي فوج چئجي ته غلط ڪونه ٿيندو پر سائين جيان بشيرخان به پرامن سياسي جدوجهد جو قائل هوندو هيو جنهن جي وڏي ۾ وڏي طاقت سندس عدم تشدد پاليسي، علم دوستي ۽ جمهوري ويڙهه هوندي هئي جنهن سان هن جوان وقت جي جابراڻي ۽ ظالماڻي نظام کي سدائين چيلنج ڪيو جيڪو اهڙي عشق جو رستو هيو جتي سر جو سانگو لاهي سوري جو سينگار ٿيڻ وارا ئي پنڌ اڪلائيندا آهن. اهو ئي رستو بشير خان جهڙن مانجهي مردن ضمير جي روشني ۾پنهنجي لاءِ پسيو هيو جنهن تي غلامي ۾ پسجندڙ سندس قوم جي آجپي جو آسرو هيو جنهن جي اڪير ۾ عمر ڀر ان تي گامزن رهي سرير جا سانگ لاٿا.
    بشيرخان قريشي سنڌ جي آزادي، سنڌي ماڻهن جي ڀلائي ۽ حقن جي حاصلات واري جدوجهد جي رستي تي هلندي زندگي جو هڪ بهترين حصو ۽ وڏو عرصو جيل ياترائون ڪندي گزاريو جيڪومجموعي طور تي قريبن 6 سال ۽ 10 مهينا رهيو جنهن جي شروعات 17 آڪٽوبر 1984ع تي رياستي سيڪيورٽي فورسز طرفان ٺوڙهي ڦاٽڪ واري واقعي تحت گرفتار ٿيڻ سان ٿي جنهن ۾ سندس پنج ساٿي عبدالمالڪ خشڪ، مٺوبليدي، شهيد امان الله وسطڙو، زڪريا ميمن ۽ انورعباسي شهيد ٿيا هيا. ٺوڙهي ڦاٽڪ واري ڪيس مان کيس آگسٽ 1986ع ۾ آزاد ڪيو ويو پر ٻن سالن کان پوءِ ٿيندڙ سنڌي مهاجر فسادن دوران 11 آگسٽ 1988ع تي کيس ٻيهر گرفتار ڪري 18 مهينن لاءِ جيل موڪليو ويو. 2 جنوري 1994 تي پڻ کيس گرفتار ڪري ٻن سالن لاءِ پابند سلاسل رکيو ويو. 17 جنوري 1999ع تي سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت دوران کيس گرفتار ڪري جيل موڪليوويو جتان 11 مهينن کانپوءِ نومبر 1999ع ۾ آزاد ٿيو. کيس 15 سيپٽمبر 2011ع تي رينجرز پاران هٿيار کڻي وڃڻ جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو جنهن مان عدالت کيس آزاد ڪيو جو سندس هٿيار لائسنس يافته هئا.
    بشير خان مارشل لا اختيارين خلاف پڻ زبردست جدوجهد ڪئي جنهن جي پاداش ۾ ڪئي دفعا گرفتار ڪري کيس مختلف پوليس ٿاڻن تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. جنرل ضياءُ الحق جي آمراڻي دور ۾ هن جمهوريت جي بحالي واري هلچل ايم آر ڊي پڻ حصو ورتو جنهن جي سزا طور سدائين سندس پير رڪابين رهيا.. آمريت سان ڪنهن به قسم جو ڳٺ جوڙ نه ڪرڻ عيوض ڪيترائي ڀيرا مٿس بغاوتن جا الزام مڙهي زندان جي بيدرد صعوبتن حوالي ڪيو ويو، رسوائين جا پٿر وسايا ويا، جسماني تشدد ڪيو ويو، لٺيون هنيون ويون، ملامت جا ڪنڊا رستن ۾ ٽنبيا ويا، 144 جو دفعائون لڳايون ويون، عدالتن ۾ گهليو ويو، ڪراچي ۾ بيشمار ڀيرا مٿس قاتلاڻا حملا ڪرايا ويا جن مان معجزانه طور تي پاڻ بچي ويو، ظلم ۽ تشدد جي چڪين ۾ پيڙايو ويو پر انهن ڪروڌي قانونن سان منهن ڏيندي هر چوٽ سان هن مڙس ماڻهو جون ٻرانگهون منزل ڏانهن تيز ڏٺيون ويون ته عملن ۾ اعتماد وڌندو رهيو ۽ ڪڏهن به عوامي جدوجهد تان دستبردار ڪونه ٿيو.
    بشيرخان قريشي سنڌ جي گهٽي گهٽي گهر گهر ۾ ديرپا امن امان جي جياپي لاءِ سموري عمر جاکوڙيندو رهيو. سنڌ اندر سالن کان هلندڙ مختلف قبائلي جهيڙن جهڳڙن کي ڳالهين وسيلي ٺاري صلح ڪرائڻ لاءِ مختلف ذاتين، قبيلن جي سردارن ۽ متاثر ڌرين ڏانهن ميڙ منٿ قافلا کڻي اهي جهيڙا نبيرڻ ۾ پڻ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. ان سلسلي ۾ بشيرخان تڪرارن جي حل جي قديم روايت جي تجديد ڪندو رهيو جنهن جي سماجي، سياسي ۽ قومي ڌرين طرفان هميشه حوصله افزائي پڻ ٿيدي رهي. سائين جي ايم سيد جي پوئلگن مان هي واحد سياسي اڳواڻ هيو جيڪو پنهنجي پارٽي ورڪرن کي سنڌ ۾ امن امان ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جي تلقين ڪندو رهندو هيو. هو سنڌ ۾ رهندڙ تمام آبادين جي حقن جي حاصلات لاءِ نه رڳو پاڻ ريليون ڪڍندو رهيو پر مختلف فورمن، قومي ۽ سماجي لڏن طرفان نڪرندڙ ريلين ۽ اسٽرائيڪن ۾ شموليت ڪندو رهندو هيو جيڪي وڏيرن، رياستي ادارن جي ڏاڍ ڏمر خلاف مزدور، سياسي ڌڙا، شاگرد ۽ سول سوسائٽي وارا ڪڍندا رهندا هيا جوپنهنجي بنيادي حقن ۽ جيئندان لاءِ پتوڙڻ جو حق هر فرد کي قانونن، سماجن ۽ فطرتن مليل آهي پر اسان جي ملڪ ۾ حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۽ رياستي جبر اڳيان سر کڻڻ کي بغاوت جو نالو ڏنو وڃي ٿو“.
    منزل ڏينهن ويندڙ پيچرن تي ڪيترا به انديشا، ڌمڪيون، هوڪرا يا انومان ڪر کنيون سامهين ٿين پر پنهنجي مارن، ماڳن ۽ ڌرتي تان سر گهوريندڙ مانجهي مرد حقن جي حاصلات واري جائز جدوجهد مٿان خوف ۽ پڇتاءُ جا پاڇا پوڻ ڪونه ڏيندا آهن. بشيرخان قريشي به ڪنڊن جي سيج واري قومي سياست ڪندي نه ڪڏهن اٻاڻڪوٿيو، نه پوئتي پير ڀرڪيائين ۽ نه ئي ڪڏهن وقت جي ڪنهن به ڪڙي، ڪشٽي ۽ ڪروڌي وير کيس گوڏا ٽيڪائي سگهي. بشير قريشي هر سال 23 مارچ تي ”سنڌ گهري ٿي آزادي“ جي نعري هيٺ آزادي مارچ ڪندو رهندو هيوجنهن ۾ ھو سدائين سنڌ لاءِ خودمختيار رياست جي حيثيت وارو مطالبو رکندو هيو. سندس مارچ جو مقصد عالمي خودمختار قومن جي توجہ سنڌ ۽ سنڌ جي مسئلن سان گڏ رياست طرفان سنڌ جي ماڻھن جي استحصال ۽ مائٽيلي سلوڪ کي بين الاقوامي فورمن سامهوڻ آڻڻ هوندو هيو. سندس زندگي جي آخري سياسي تحريڪ 23 مارچ 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ ڪڍيل فريڊم ريلي هئي جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي هئي تنهن ۾ هن تقرير ۾ سنڌ جي حقن ۽ مستقبل جو موقف پڻ چٽائيءَ سان پيش ڪيو. سنڌين جي اهنسا ۽ پر امن هئڻ جو مثال ڪراچي ۾ جمع ٿيندڙ لکين ماڻهن جي ان ريليءَ ۾ ڏٺو ويو جتي انسانن جي ايتري وڏي ڳاڻيٽي شهر، شهر واسين کي يا انهن جي ملڪيتن کي ڪنهن به قسم جو ڇيهو نه رسايو هيو.سنڌ جي قومي سياست جي شهري ۽ ڳوٺاڻي تاڃي پيٽي جي هڪ وڏي متحرڪ، لڀائيندڙ ۽ همٿائيندڙ حصي کي سنڌ جي هن ارڏي پٽ آزادي مارچ واري ڏينهن ڪراچي جي شاهي رستن تي ڪاميابي سان ڪٺو ڪيو جنهن سان نه رڳو ڀاڙين جي سياسي ماڙين جا برج ڪڙاڪا ڪري لڏيا پر کين سنڌي جهڙي جنهن مارشل قوم جي ايڪتا مان کين صدين کان خطرو رهندو پئي آيو تنهن کي ڪنهن قابل سياسي رهنما پٺيان ڪٺو ٿي ڪنڌ کڻڻ سنڌ دشمنن ۽ وقت جي ڪانئرن کي ڪٿي منظور هيو. آزادي مارچ وارو هي اجتماع پاڪستان جي تاريخ جي چند وڏي ۾ وڏي ريلين منجهان هيو جنهن جي ڪاميابي کان پوءِ ڪجهه خابرو اخباري ۽ ادبي ذريعا بشيرخان جي مستقبل کي ڪيترن ڏينهن تائين مشڪوڪ ٻڌائيندا رهيا هيا.
    جيسيتائين اها انديشن واري مشڪوڪ ڳالهه ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي تيسيتائين ڪرڻي پنهنجي ڪار ڪري وئي. آزادي مارچ جي ٻن هفتن بعد 7 اپريل 2012ع تي رتوديرو مان ڪراچي ويندي نواب شاهه ضلعي جي شهر سڪرنڊ ڀرسان واقع دڙي مگسي ڳوٺ ۾ پنهنجي پارٽي ورڪرن سان ڪچهري دوران مانجهاندو ڪرڻ کان پوءِ اوچتو پيٽ ۽ ڇاتي ۾ سور سان گڏ کنگهه جي شدت سبب ٿيندڙ پيڙهه سبب بشير خان قريشي بيهوش ٿي ويو جنهن ڪري کيس ويجهڙي اسپتال مڪو ويو جتي ٿيل ان اڻ ڄاتل پر ”گهاتڪ حملي“ مان جانبر نه ٿيندي هن مٿير ماڻهو 2 وڳي 45 منٽن تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سائين جي ايم سيد جو حقيقي پوئلڳ، بردبار، نماڻو ۽ دورانديش قوم پرست سياستدان نه رڳو پنهنجي چاهيندڙن کي پٺيان سڏڪندو ڇڏي ويو پر سندس وفات سنڌ جي قومي سياست کي سيد کان پوءِ ٻيهر انتهائي نازڪ دور داخل ڪري انومانن جي ور چاڙهي وئي. ان قضئي کان پوءِ سندس پارٽي طرفان سنڌ ۾ چاليهن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو جيڪو منهنجي خيال ۾ سنڌ دوستن ڌرين جي دلين ۾ اڃان تائين ختم ڪونه ٿيو آهي. سندس وڏي پٽ صنعان قريشي کي پارٽي اختيارين طرفان سندس جاءِ تي قومي محاذ جو چيئرپرمين منتخب ڪيو ويو.
    سنڌ حڪومت جي حڪم تحت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پندرهن ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيم طرفان ڪيل پوسٽ مارٽم جي رپورٽ قريشي جي پونئرن کي مطئمن ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي جو ان جا نتيجا نه رڳو وقتائتا ڪونه ڏنا ويا پر ڏنل معلومات کي به نه رڳو وارثن ۽ پارٽي ڪارڪنن پر ساڃاهوند طبقن طرفان مبهم ۽ مشڪوڪ ڀانئيو ويو. 19 اپريل 2012 تي سنڌ جي سرڪاري طبي اداري جي فارينسڪ ميڊيسن ۽ پيٿالوجي ٽيم پنهنجي رپورٽ ۾ انديشو ڏيکاريو ويو ته ”بشير قريشي جي موت جو ڪارڻ سندس جسم ۾ فاسفورس جي وڌڻ يا دل ج دورو پوڻ آهي“. ايم ايل او ڊاڪٽر صفيءُ الله پنهنجي ٽيم جي مدد سان بشير خان قريشي جي جسم جو پوسٽ مارٽم ڪري جيڪا شروعاتي رپورٽ مرتب ڪئي هئي تنهن کي پڻ ڪنهن جي حڪم تحت خفيه رکيوويو. زور پوڻ تي ايم ايس ۽ ڪجهه ٻين ڊاڪٽرن اهو چئي پئي جان ڇڏائي ته ”کيس دل جو دورو پيو هيو“، حالانڪه بشيرخان قريشي کي دل جي ڪنهن به بيماري جي ڪڏهن به شڪايت ڪونه رهي هئي تنهنڪري سندس اوچتي موت کي قومي ڌرين طرفان ”سنڌ ۽ سنڌين خلاف هڪ گهري سازش قرار ڏنو ويو“. سندس پارٽي اختيارين ۽ ڪارڪن جي دعويٰ رهي ته ”بشيرخان قريشي جي اڻ مندائتي موت جو سبب ”سنڌ دشمن قوتن هٿان سازش تحت کيس زهر ڏ.ئي مارڻ آهي“. ان سلسلي ۾ سندس وارثن طرفان تحقيقاتي ڪاميٽي جي مدد ڪرڻ کان انڪار سبب جانچ جو دائرو اڳتي وڌي نه سگهيو. بشيرخان قريشي کي سندس آبائي شهر رتوديرو واري باءِ پاس تي آخري آرامگاهه ڏني وئي جنهن لاءِ ٻه ايڪڙا زمين سندس ڳوٺ واسي حبيب الله جتوئي دان ڪئي هئي.
    بشيرخان قريشي جي موت جو سبب ڪجهه به هجي پر ان ڳالهه کان انڪارنه آهي ته سندس مرتيو نه رڳو سنڌ ۾ ٿيل انهن بيشمار قتلن منجهان آهي جيڪي اڃان تائين حل ٿي ڪونه سگهيا آهن پر سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ اهو المناڪ حادثو هڪ ڪاپاري ڌڪ ۽ وڏي قومي سانحي جهڙو آهي. ڪجهه لکارين سندس موت کي سنڌ ۽ پاڪستان خلاف ان بين الاقوامي سازش جي ڪڙي قرار ڏنو جنهن جو شڪار ذوالفقارعلي ڀٽو، محترمه بينظيرڀٽو، ميرمرتضا ڀٽو ۽ شاهنوازڀٽو ٿيا هيا ۽ جنهن سازش جي ڪري هزارين بلوچ ۽ سنڌي قوم پرست هر ٻئي ڏينهن غائب ٿي رهيا آهن.
    تاريخ گواهه آهي ته دنيا ڀر جون آمر حڪومتون قومن جي سياسي بيداري کي سدائين بندوقن جي نالين، گولين ۽ ظلم و تشدد سان چيڀاٽيندي پنهنجي سماجن اندر بي يقينيءُ جون ڪيفيتون پيدا ڪري انساني حقن کي پائمال ڪندي گهرن جا ڏيئا وسائينديون، زندگيون ويران ڪنديون رهنديون آهن. اهو، اهڙو ئي سڀ ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين سان ڪيترن سالن کان ٿي رهيو آهي جتي انساني حقن جي پائمالي، بي جاگرفتاريون، لاپته ٿيندڙ سياسي سماجي ڪارڪن ۽ انهن تي ٿيندڙ ڀيانڪ تشدد، عدالت کان مٿاهان قتل، بيروزگاري، بدامني، غربت، مفلسي، لاقانونيت، ناانصافي روز جو معمول آهن. انساني حقن جي بين الاقوامي تحقيقات مطابق ”سنڌ ۾ ڪيئي ڏهائين کان سنڌين سان ٿيندڙ ظلم ۽ ستم ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن مان گهڻو تڻو رياستي ادارا ڪري رهيا آهن“. هڪ اهڙي رپورٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتي ڪيترو ظلم آهي جو 2017ع جي پهرئين اٺن مهينن ۾ سنڌ مان 110 قوم پرست ڪارڪن ۽ انساني حقن لاءِ پتوڙيندڙ سماجي ورڪر غائب ٿيا جڏهن ته ڪجهه مهينا اهڙا به گذريا آهن جن ۾ هرمهيني ۾ هر ٻئي ڏينهن هڪ يا ٻه سياسي سماجي رهنما ۽ ڪارڪن غائب ٿيندا رهيا.
    بدقسمتي سان اڄ به سنڌ جي جيالي جوانن جو اغوا ٿي گم ٿيڻ کان پوءِ انهن جا چچريل لاشا ملڻ روز جو معمول آهي ايتري تائين جو پنهنجي غائب ٿيل جوانن جي پوئواري ڪرڻ کي رياست خلاف کاتن ۾ لکيو ۽ ڀائنيو وڃي ٿو. ڪنهن ڪنهن جا نالا لکجن ڪنهن ڪنهن جو ذڪر ڪجي. اهڙن تمام واقعن متعلق هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان پڻ ڪيترا ڀيرا پنهنجي رپورٽن ۾ گهر ڪئي ته ”جي ايس ايم ايم جي ڪارڪنن جي قتل ۾ سرڪاري ايجنسين جي ڪردار جي تحقيق ٿيڻ گهرجي“. ايشيئن هيومن رائيٽس ڪميشن جون ڪجهه اپيلون پڻ منهنجي سامهون اينديون رهنديون آهن جن ۾ هنن واضع طور تي لکيو هيو ته ”سنڌ يونيورسٽي اختيارين ڄاڻي واڻي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي سنڌ ۾ شاگردن جي گمشدگين لاءِ استعمال ڪيو آهي“. انهن واضع ڪيو ته ”نائين اليون کان پوءِ 100 کان وڌيڪ قوم پرستن کي سنڌ مان اغوا ڪيو ويو جن جي هن وقت تائين خبر ڪونه پئي آهي جن مان ڪيئن جي تشددزده ۽ گولين سان پروڻ لاشن کي رستن تي ڦٽو ڪيو ويو“..
    2011ع ۾ ڪانگريس جي ميمبرن ڊين برٽن ۽ بريڊشرمين پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري کي لکيو ته ”پاڪستان ۾ سياسي ڪارڪنن جي لاپته ٿيڻ واري عمل کي روڪڻ جا انتظامات ڪيا وڃن.“ سيپٽمبر 2012ع ۾ اقوام متحده جي هڪ وفد پاڪستان حڪومت جي دعوت تي ملڪ جو دورو ڪيو ته جيئن ”قومي ڪارڪنن ۽ سماجي ورڪرن جي اغوائن جي سلسلي کي روڪڻ لاءِ ڪنهن مظبوط اداري جو انعقاد ڪيو وڃي“. ان سلسلي ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل پڻ پنهنجي موقف سان متحرڪ رهي آهي ته ”جيڪڏهن ڪوبه شخص رياستي ڏوهه ۾ ملوث آهي ته انهن کي اغوا ڪري، تشدد ڪري مارڻ بجاءِ ”متعلقه قانوني ادارن طرفان گرفتار ڪري عدالتن ذريعي سزا ڏني وڃي جنهن سان نه رڳو سندن وارث پريشان ڪونه ٿيندا پر رياستي ادارن جو مورال به برقرار رهندو۽ گنهگارن کي سزا ملندي بي گناهه آزاد ڪيا ويندا“. ان ڳالهه کان انڪارنه آهي ته ڪوبه شخص رياست ۽ قانون کان مٿاهون ڪونه آهي ۽ ان پسمنظر ۾ هن حقيقت کان به انڪار هئڻ نه گهرجي ته ”رياست جي ڪنهن به اداري کي اها اجازت نه هئڻ گهرجي ته ڪنهن انسان کي قانون ۽ عدالتن کان پٺ ڏئي تشدد ڪري سزائون ڏجن يا موت بکيو وڃي“.
    ان پسمنظر ۾ جتي دنيا ڀر جا ادارا سنڌ ۾ ٿيندڙ قانون کان مٿاهين قتلن، اغوائن ۽ انسانن تي ڪيل اذيتن تي حيران و پريشان رهن ٿا ته انهن گم ٿيلن جا وارث پريشان ڪيئن نه ٿيندا ۽ اهو ڪنهن کان ڪيئن ٿيندو جو پنهنجي پنهنجي ڀائرن، پيئرن، پٽن، دوستن ۽ ساٿين جي ڪو ڏکئي ۾ واهري نه ڪندو خاص طور تي تڏهن جڏهن اهڙي پوئواري ۽ مالڪي جي ضمانت نه رڳو ملڪ جو قانون پر انساني، اخلاقي ۽ سماجي قدرون پڻ ڏينديون هجن. هن پسمنظر ۾ سنڌي قوم پرستي جي سياسي نفسيات پڻ ساڳي آهي جو سندن ٿيندڙ قومي، سياسي، نفسياتي، سماجي، زميني، معدني، انساني، ذاتي ۽ اجتماعي حقن جي لتاڙ جي پوئواري جي جمهوري اجازت کين ملڪ جا تمام آئيني ۽ قانوني مسودا ڏين ٿا ته اخلاقي طور تي به کين بحيثيت انسان جيئڻ جا تمام حق ۽ واسطا انساني حقن جي مسودن ۾ محفوظ آهن. بشيرخان قريشي جي سياسي جدوجهد جو مقصد ۽ محور به اها ئي سنڌ هئي ۽ سنڌ جون اهي ڏتڙيل، ٽڙيل، پکڙيل، ڌرتي کان ڌڪاريل، حقن کان هڪليل ۽ دال ماني ۾ الجهايل هاري ناري ۽ ڪمي ڪاسبي هيا جن جي ڀلائي، بقا ۽ ترقي جا هن همراهه سدائين خواب اڻيا هيا تن لاءِ هو چاهيندو هيو ته ڪنهن به قسم جي رياستي تشدد خلاف عوام جي پرامن جدوجهد، ضمير، فهم، شعور ۽ ادراڪ جي فتح ٿئي.
    مان دلئون جيئي قومي تحريڪ جي بيشمار پاليسين جو نقاد رهيو آهيان ان لاءِ جڏهن به بشيرخان قريشي سان ملاقات ٿيندي هئي ته ساڻس سدائين اختلافي نوڪ جهونڪ هلندي رهندي هئي ۽ مان اڪثر مٿانس الزام مڙهيندو هيم ته ”قوم پرستن ايتري عرصي ۾نه رڳو سنڌين لاءِ عملي طور تي ڪجهه ڪونه ڪيو آهي پر رهندو تعليمي ادارن جو ٻوڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي“. جنهن لاءِ سندس جواب هوندو هيو تـ ”آصف صاحب مون کي پنهنجي ذميدارين جو پورو احساس آهي ۽ انفرادي طور تي اسان کان کوڙ غلطيون به ٿيون آهن پر اسان لاءِ اڃان وقت جا تيور سڌا ڪونه ٿيا آهن ۽ اسان کي کوڙ قومي پيچيده مسئلن جو سڌو حل تلاش ڪرڻو آهي“. هو اڪثر ٻڌائيندو هيو ته ”مون سائين جي وفات کان پوءِ ڪڏهن چيلهه به سڌي ڪونه ڪئي آهي“. هڪ ڀيري ڪچهري ڪندي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هيائين ته ”توهان جهڙي دوستن جون ڪجهه شڪايتون جائز سهي پر اسان جي جدوجهد واري رستي ۾ بي پناهه مشڪلاتون آهن جن جو احساس ٻاهران ڏسڻ وارن کي ڪونه ٿيندو آهي“. کيس اها پڻ شڪايت هوندي هئي ته ”اڃان تائين نه رڳو سنڌي قوم کي اسان جي جدوجهد جي اهميت جو ادراڪ ڪونه ٿيو آهي پر اسان منجهان ئي ڪجهه ڌڙا الڳ ٿيندي اسان جي ڪاز کي ڪمزور ڪري رهيا آهن“.
    بشيرخان قريشي جون اهي ڳالهيون به درست ۽ شڪايتون به جائز هيون جو اها پڻ حقيقت آهي ته اسان جي قومي لڏي ۾ اڳواڻن جون سياسي تربيتون درست سطح تي ڪڏهن به ٿيل ڪونه ڏٺيون ويون آهن جو اهڙيون تربيتون سدائين صاف سٿري ۽ آزاد سياسي ماحول ۾ ٿينديون آهن جيڪو گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ جي سياسي هلچل ۾ ڪڏهن به متحرڪ ڪونه ڏٺو ويو آهي جنهن جو شايد اهو ئي سبب هيو ته اسان جا ڪامريڊ لڏا يا قومي سياسي رهنما چاهيندي به اهي مثبت، باعمل ۽ متحرڪ نتيجا ڪڏهن به ڏئي ڪونه سگهيا جن جي اميد يا توقع انهن کان سنڌ جو عام ماڻهو ڪندو رهيو.
    توڙي جو سمورا قومي لڏا سدائين عوامي حقن جي ڳالهه ڪندي شاگردن جي مسئلن جي حل ۽ سنڌ جي وحدت جو راڳ ڳائيندي سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ جو دعوا به ڪندا رهيا آهن پر عوامي مسئلن جي حل واسطي اجتماعي طور تي ڪڏهن به کين نه ڪٺو ٿيندي ڪونه ڏٺو ويو آهي نه ئي سندن ۾ ٻڌي ڏٺي وئي آهي. مٿان وري قومي تحريڪن تي ئي اهڙي قسم جا الزام به لڳندا رهيا ته اهي ”سنڌي عوام، قومي وحدت ۽ شاگردن جي مسئلن کي منجهائي دير پئي ڪرائي جنهن جو ادراڪ اسان جي قومي رهنمائن کي ڪڏهن ڪونه رهيو. مٿان وري هر لڏي جي رفتار ايتري ته سست رهي جو انهن کان بعد آيل، جوڙيل ۽ مڙهيل اهي سياسي قافلا به اڳتي وڌي ملڪ ۽ سنڌ جي سياست ۾ هڪ مقام جوڙي ويا جن جي پيرن هيٺان نه سندن زمين پنهنجي هئي نه کين ڪي تهذيبي ۽ سماجي پاڙون هيون.
    سائين جي ايم سيد جي وقت ۾ يا بعد ۾ بشيرخان قريشي جي جدوجهد پٽاندر هڪ دور اهڙو به آيو جو جيڪڏهن سمورا پڙهيل لکيل قومي دماغ پنهنجي پنهنجي ذاتي انائن کا مٿڀرا ٿي هم خيال شاگردن، وڪيلن، صحافين، عالمن، اديبن وغيره کي ساڻ کڻي جيڪڏهن سنڌ جي خودمختياري متعلق سنجيدگي ۽ دردمندي سان متفق ٿي گڏجي ميلو ملهائن ها ته سنڌي لوڪن جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ زميني حالتن ۽ قومي ڌارائن جو هن وقت ڪو ٻيو رخ هجي ها.
    توڙي جو باظابطه طور تي مان سنڌ جي ڪنهن به سياسي لڏي سان ڪڏهن به وابسته ڪونه رهيو آهيان پر هڪ لکاري، محقق ۽ سنڌ واسي هئڻ ناطي بشيرخان قريشي جي پنهنجي ماڻهن ۽ ماڳن جي حقن لاءِ ڪيل مانائتي جدوجهد جو نه رڳو اکئين ڏٺو شاهد پر مداح به آهيان. مان پڻ قلمي پورهيو ڪندي ساڳي رستي جو مسافر هوندي تمام انسانن بشمول سنڌين، بلوچن ۽ دنيا ڀر جي محڪوم مظلوم قومن جي سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ جاگرافيائي حقن جي حاصلات لاءِ هڙئون وڙئون قلمي جنگ جوٽيندو رهيو آهيان. ان سان گڏ انهن مانجهي مردن کي قلمي خراج ڏيڻ به پنهنجو فرض سمجهندو آهيان جي پنهنجي مٽي کي مان ڏيندي جيا ۽ مان ڏيندي سرخرو ٿي سندس هنجهه ۾ ستا. اڄ مان سنڌ جي سهڻي ۽ سيبتي خمير مان ڳوهي جڙيل ان موڀي ۽ ملڪوتي پٽ بشيرخان قريشي جي تربت تي حاضري ڀري هزارين دعائن جي ڀيٽا ڏئي سنڌ جي عام ماڻهن لاءِ ڪيل سندس خدمتن واري اڏول ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪيان ٿو جنهن جو قول آهي ته ”ﺟﻴڪڏﻫﻦ ڌﺭﺗﻲ ۽ ڌرتي واسين ﺳﺎﻥ پيار ڪﺮڻ ﮐﻲ ڏﻭهه ﺳﻤﺠﻬيو وڃي ٿو ﺗﻪ ﭘﻮء ﺍﻫﻮ ڏﻭهه مان ڪندو رهيو آهيان، ڪيان ٿو ۽ ڪندو رهندم“
    مان ذاتي طور تي تاريخِ جي ڏنل ان سبق کي پنهنجي رهنمائي لاءِ سدائين سامهين رکندو آهيان ۽ پنهنجي علمي تجربي جي انوسار ان حقيقت سان سهمت آهيان ته ”انساني ارتقا جي تاريخ ۾ جدوجهد هڪ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي جٽادار ٿيڻ تائين سفر جي اهميت ڪڏهن ڪڏهن منزل ماڻڻ کان وڌيڪ مانائتي، اهم ۽ پاڪيزه ڀانئي ويندي آهي“. بشيرخان جي طويل سياسي سماجي جدوجهد واري رستي کي ڏسڻ کان پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن سنڌ جي سرزمين تي ڪڏهن شخصي آزادي، سياسي يا انساني حقن پٽاندڙ ڪڏهن به ڪٿي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪا تاريخ لکي وئي، ڪو اتهاس رچيو ويو يا وري وقت تندخو ويرن سنڌ ۾ ڪڏهن ڪو خودمختياروايومنڊل جوڙيو ته مون کي يقين آهي ان ۾ ”سنڌ جي هن لاڏلي پٽ جي قرباني، رت ست، حوصلي ۽ هڏين جي مخ جو هڪ وڏو حصوان جو سبب ڀانئيو ويندو“.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو