لاڙڪاڻو هڪ اتهاسڪ پس منظر ...آصف رضا موريو

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي حيثيت سان لاڙڪاڻو اولھ اڀر سنڌ جي هڪ مکيه انتظامي آباد ڪاري آهي جنهن جو ڪردار ملڪ جي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ ۾ نهايت اهم رهيو آهي. اهو صرف ان ڪري نه ٿو وِسهڻ ۾ اچي ته هي شھر ٻن اڳوڻن وزير اعظمن جو اباڻو شھر رهيو آهي پر پاڪستان جي اڻ ڳڻين افسانوي ڪردارن جي جاءِ پيدائش پڻ آهي جن جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي ڪيل ڪم جو اثر سڄي دنيا قبوليو. سنڌ جي اتر اولهه ۾ لاڙڪاڻو آباديءَ جي لحاظ کان چو ٿون وڏوشھر آهي. هي شھر سنڌونديءَ جي اولاهين ڪپرتي صوبي جو سڀ کان وڏو شھر آهي. هن شھر جي گھڻي تڻي آبادي مسلمان آهي. هن شهر جي رهاڪن جي ٻولي سنڌي، بلوچي، براهوي ۽ سرائڪي آهي. سنڌي عام لوڪن جي مادري زبان آهي جنھن جي استعمال جو تناسب 98.08 آهي. لاڙڪاڻي جي آبادي تيزيءَ سان وڏي رهي آهي. جنھن جو مکيه سب آباديءَ جو ٻهراڙين کان شهر جي طرف لڏ پلاڻ آهي.
    اونهاري ۾ هن ضلعي جي آبهوا تمام گرم۽ سياري ۾ ٿڌي هوندي آهي ڪينال نيٽ ورڪ ذريعي پاڻي وهي اچڻ جي ڪري اونهاري ۾ اوٻر پيدا ٿيندو آهي. آڪٽوبر جي وچ تائين گرمي پنھنجي اوج تي رهندي آهي. آڪٽوبر کان پوءِ راتيون ٿڌيون ۽ ڏينھن معتدل ٿي ويندا آهن. اونھاري ۾ گرمي پَد جو وَڌِ ۾ وَڌِ درجو تقريبا 34سينٽي گريڊ کان 51 سينٽي گريڊ ۽ گھٽ ۾ گھٽ گرمي پَد 33 سينٽي گريڊ ۽ سياري جي مند ۾ 21 سينٽي گريڊ کان 11 سينٽي گريڊ رهندو آهي. هتي سالياني سرا سري بارش 100 کان 25/ ملي ميٽر تائين پوندي آهي.
    لاڙڪاڻو جي دريائي زمين زراعت جو مرڪز رهي آهي. 2012ع ۾ پي اي پي اي سي (PEPAC) پاران ڪيل سروي مطابق لاڙڪاڻي شھر جي 39 ماڻھن لاءِ هڪ دوڪان موجود آهي. جيڪڏهن انھن انگ اکرن کي قومي سطح تي رکي پرکيو وڃي ته خريدارن جو ايڏو وڏو تعداد شھر ڏانھن اچڻ تمام وڏي ڳالھ آهي. شھر جي ارد گرد مان ڪاروباري مقصد لاءِ لاڙڪاڻي اچڻ واري ماڻھن جو تعداد اڄ 0.75 ملين آهي. لاڙڪاڻو زرعي طور تي تمام اهم مارڪيٽ آهي جنھن ۾ هيٺيون زرعي جنسون ڳڻائڻ جھڙيون آهن جھڙوڪ چانور، ڪڻڪ، انب، ڪمند، مٽر، چڻا، کارڪ، سرنهن، ڄاڻڀو، تيلي ٻج، مَڪئي، زيتون، ٻيون ڀاڄين جون جنسون جيڪي شھر جي گرد ٻهراڙين جي علائقن مان اچن ٿيون. لاڙڪاڻي ۾ فيڪٽرين جو به جھجھو انگ آهي. جنھن ۾ سارين جي ڇڙائي جا سيلر، اٽي جون ملون۽ شگر مل نئون ديرو شامل آهن. لاڙڪاڻو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي اناج مار ڪيٽ جو مرڪز هيو ۽ چانورن جي مختلف قسمن جي جنسن جي لاءِ مشهور هيو خاص ڪري سڳداسي (خوشبوءَ وارا چانور) ۽ باسمتي چانور. هن وقت به لاڙڪاڻو سنڌ ۾ زرعي جنسن، ڀاڄين ۽ ميون جو مکيه مرڪز آهي.
    لاڙڪاڻي جي شروعاتي معمارن ۾ نواب ولي محمد خان لغاري ۽ جنرل بهارو پيش پيش هئا. انهن کان بعد لاڙڪاڻي شهر جي ترقي ۽ خوشحالي کي وڌائڻ ۽ ويجھائڻ ۾ نواب امير علي لاهوري تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. شهر ۾ گھڻين سرڪاري ۽ فلاحي عمارتن لاءِ پلاٽ نواب امير علي لاهوري جا دان ڪيل آهن. لاڙڪاڻوضلعو آزاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ نهايت اهم رهيو جنهن جو سبب سندس سياسي، معاشي ۽ انتظامي بيهڪ آهي، 1988ع ۾ هن شهر کي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر جو در جو ڏنو ويوجيڪو14-8-2001 تي لوڪل گورنمنٽ سرشتو رائج ٿيڻ سببان هن جو ڊويزنل درجو ختم ڪيو ويو.
    13-12-2004 تي قمبر شهداد ڪوٽ، ضلعو لاڙڪاڻي کان ڌار ڪري نئون ضلعو ٺاهيو ويو هاڻي ضلعو لاڙڪاڻو چئن تعلقن بشمول لاڙڪاڻو، ڏوڪري، باقراڻي ۽ رتو ديرو تي مستمل آهي. هاڻي سنڌونديءَ مٿان لاڙڪاڻو خير پور پل تعمير ٿيڻ سان لاڙڪاڻو، روڊ رستي خير پور (ميرس) ضلع سان ڳيڍجي ويو آهي. خير پور (ميرس) شهر لاڙڪاڻي کان تقريبا 83 ڪلوميٽر جي مفا صلي تي موجود آهي. مهين جي دڙي جا تاريخي قديم آثار هن شهر جي ڏکڻ اولهه ۾ 28 ڪلو ميٽرن جي مفا صلي تي موجود آهن.
    سنڌ جي نقشي تي جي نطر گھمائبي ته خبر پوندي ته هي علائقو انتهائي اهم جڳهه والاري ٿو، هيءَ ڊسٽرڪٽ ”27033“ 39.60“اتر وپڪرائي ڦاڪ ۽ ”27.00”68012“ اوڀر ڊگھاڻي ڦاڪ تي واقع آهي. ڪنھن زماني ۾ هي شھر گھاڙ واهه جي ڏاکڻي ڪپر تي اَڏيل هيو. پر هن وقت نه صرف ان جي اَرذگرد آبادي ٿي وئي آهي پر هن گھاڙ جو پيٽ به زمين چور قبضه خورن جي قبضي هيٺ اچي ويو آهي جتي هنن پنھنجا گھر پڻ اڏي ڇڏيا آهن. بد قسمتيءَ سان هاڻي اهو عظيم گھاڙ واهه نه رهيو آهي جيڪو ڪلهوڙن جي شروعاتي دور ۾ پنهنجي تمام شانداري سميت موجود هوندو هيو۽ هن علائقي جي زرعي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو هيو.
    مُهين جو دڙو جي دريافت کانپوءِ هن علائقي جي قدامت 5 کان 10 هزار سال تائين ڳڻپ ۾ اچڻ لڳي. سچي دنيا ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ لاڙڪاڻو هڪ اهم حيثيت رکندڙ شهر رهيو آهي جنھن جو سبب پنج هزار سال پراڻو مهين جودڙو شھر قديم دنيا جو مڃيل اهڃاڻ آهي جنھن انساني تهذيب ۽ تاريخ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي هنڌ يقيني طور تي اعليٰ حيثيت جو شھري علائقو رهيو آهي تنهنڪري هن کي قديم انساني نسل جو شاندار گهوارو ڪري ليکيو وڃي ٿو. هيءُ زمانن کان عظيم سنڌو سڀتيا جي دل ۾ آباد شھرلاڙڪاڻي کان 28 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي سنڌو نديءَ جي الهندي ڪناري تي واقع آهي. مهين جي دڙي، جھڪر جي دڙي ۽ ٻين قديم آثارن مان جيڪي نوادرات هٿ آيا آهن اهي اُنهيءِ ڳالھ جي وسهڻ لاءِ ڪافي ثبوت آهن ته هن زر خيز زمين جا رهواسي آرين کان وڌيڪ روشن خيال، مهمان نواز، پڙهيل ڳڙهيل, صلح پسند، سما جڪ ۽ منظم طريقي سان زندگي گذاريندڙ رهيا اهن، آريا هن سرزمين تي 2234 ق.م ۾ وارد ٿيا. لاڙڪاڻي شهر تاريخ جي هر دؤر ۾ سياسي ثقافتي، سماجي، تاريخي ۽ قدامتي لحاظ کان انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چچ نامي ۾ ڄاڻايل آهي ته ”لاڙڪاڻي جي علائقي کي راءِ گھراڻي جي حڪمراني ۾ ٻڌيا سڏيو ويندو هيو ۽ ان جي گاديءَ جو هنڌ ڪاڪا راڄ هيو“ 713ع ۾ عربن جي ڪاهه کان اڳ لاڙڪاڻو يونانين جي قبضي هيٺ هيو، جن کي ڳپت گھرائي هڪالي ڪڍيو، هي 320ع کان 525ع جو زمانو هيو، جنهن کانپوءِ هنڌو سلطنت مهان باد شاهه ڏاهر جي هٿ هيٺ قائم ٿي. عرب غنيم محمد بن قاسم کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ سخت خونخوار مزاحمت سان منهن ڏيڻو پيو، آخر ڪار هتي عرب حڪمراني قائم ٿي وئي جنهن کان پوءِ هن علائقي تي غزنوي گھرائي جي حڪمراني رهي جيڪا 1032ع تائين قائم رهي تنهن کان پوءِ ملتان جي حڪمران ابن سومر سنڌ ۾ سومرا گھراڻي جي سلطنت جو پايو وڌو. سومرا غزنوي گھراڻي جي اڳ ڪاڻ ضرور ڪڍندا هيا پر هو پنهنجي حڪمرانيءَ جا معاملات هلائڻ ۾ مڪمل طور تي آزاد هيا.
    سومرا تقريبَا سڄي سنڌ تي قبضو ڪري چڪا هيا سواءِ ملتان ۽ بکر جي، هي ٻئي شهر شهاب الدين غوري 1182ع ۾ پنهنجي قبضي ۾ آندا. جيئن ته لاڙڪاڻو بکر جو حصو هيو تنهنڪري هي شهر به غورين جي سلطنت ۾ اچي ويو“ سومرا گھراڻي جي حڪمران خفيف جي فوت ٿيڻ کانپوءِ 1351ع تائين سومرا گھراڻو آهستي آهستي پنهنجي طاقت وڃائيندو ويو. ۽ سندن آخري حڪمران ارومحل جي سَمَنِ هٿان قتل ٿيڻ کانپوءِ 1451ع ۾ سَمَنِ ڄام انڙ کي گاديءَ تي ويهاريو. سومرا گھراڻي کانپوءِ سما سنڌ جا حڪمران بڻيا ۽ ٺٺي کي سنڌ جي سينڌ بڻايو ويو. هن گھراڻي جو حڪمران ڄام نظام الدين سمون (1640-1508)ع سنڌ جي حڪمرانن ۾ انتهائي قابل حڪمران ڳڻيو وڃي ٿو.
    سماهندو نسل جا ماڻهو هيا جن جي حڪمرانيءَ جو دائرو اختيار سندن گاديءَ جي شهر سماننگر (سيوهڻ) تائين هيو. سندن مٿان هلاڪو خان جو پوٽو ارغون خان ترخان حڪمران ٿي آيو. هي 1521ع ۾ ارغون گھراڻي جو دؤر هيو جو. 1540ع ۾ همايون بادشاهه شير شاهه سوريءَ جي هٿان شڪست کاڌي ته هن بکر شهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام ثابت ٿي. 1573ع ۾ سلطان محمود جي فوت ٿيڻ ۽ ٺٺي جي حڪمران مرزا خان (1591-92)ع جي شهنشاهه جلال الدين اڪبر جي فوجن هٿان شڪست کانپوءِ ترخان گھراڻي جو انت اچي ويو ۽ سنڌ ملتان صوبي جو حصو بڻجي وئي جيڪو انوقت مغل گھراڻي جي هٿ هيٺ هيو. 1591ع ۾ عبدالرحيم خان خانان سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ 1598ع ۾ بکر سندس انتظامي دائره اختيار ۾ اچي ويو. عبدالرحيم خان خانان، آدم شاهه ڪلهوڙي کي چانڊڪا پرڳڻو بخش ڪري ڏنو جيڪو ڳوٺ هٽڙي تعلقه ڏوڪريءَ جو رهائشي هيو پر جا گير حاصل ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي لڏي آيو ۽ پنھنجو سما جڪ ۽ مذهبي اثرو رسوخ وڌائڻ شروع ڪيو. 16 صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري ميان آدم شاهه ڪلهوڙي، ڪلهوڙا سلطنت جو پايو وجھڻ شروع ڪيو پرجلد ئي 1592ع ۾ ملتان جي گورنر ۽ بکر جي نواب جي هٿان قتل ٿي ويو جيڪي سندس جي شاهي درٻار ۾ وڌندڙ رسوخ جي ڪري کائنس حسد رکندا هيا. آدم شاهه جي قتل کانپوءِ سندس وڏو پٽ دائود ڪلهوڙو گدي نشين ٿيو سندس کانپوءِ هن جو پٽ ميان الياس حڪمران ٿيو، جنھن کانپوءِ هن جو ڀاءُ ميان شاهه علي عرف شاهل محمد تخت نشين ٿيو. اها حقيقت آهي ته لاڙڪاڻي شهر جو بنياد ڪلهورا دؤر ۾ پيو جڏهن ته ڪلهوڙا گھراڻي جو حقيقي پايو وجھندڙ ميان يار محمد ڪلهوڙو هيوجنھن قلات جي بروهين ۽ شڪارپورجي پٺانن وغيره کي شڪست ڏني پنھنجي حيثيت مڃرائي. 1718ع ۾ سندس، جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هن جو پٽ ميان نور محمد سنڌ جو حڪمران بڻيو. انھيءَ ڪلهوڙا دور ۾سنڌ جو سچو سپوت شاهه بهارو لاڙڪاڻي جو حڪمران هيو. هن نه صرف علائقي کي بهادريءَ سان بچائي رکيو پر سنڌي معاشرو، ريتون رسمون، ٻولي ۽ لاڙڪاڻي جي سماجي بيهڪ کي پڻ پنهنجي اوج تي رسايو. ميان سر فراز احمد ڪلهوڙي جو زمانو به سنڌ جي تاريخ جو سونهري دور رهيو. 1711ع تائين سندس حڪمراني سبيءَ تائين قائم ٿي وئي. بعد ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو سلطنت جون حدون ملتان ۽ ٺٺي تائين وڌايون جڏهن ته صرف بکر 1736ع تائين پنھنجي آزادي قائم رکي سگھيو. 1739ع ۾ نادر شاهه دهليءَ جي تخت تي ويٺو ۽ سنڌو نديءَ جي اولهه وارا تمام صوبا ٺٺي ۽ شڪار پور سميت سلطنت دهليءَ جو حصو بڻائي ڇڏيا.
    شهشاه جلال الدين اڪبر جي 1605ع ۾ فوت ٿيڻ ۽ 1759ع ۾ نادر شاهه جي ڪاهه جي وقفي دوران شڪارپور دائود پوٽن جي حڪومت هٿ هيٺ رهي. نادر شاهه جي ڪابل واپسيءَ جي ٿوري ئي عرصي کانپوءِ هن وري پنجاپ ۽ سنڌ تي ڪاهه ڪئي سندس جو مقصد نور محمد ڪلهوڙي کي سزا ڏيڻ هيو جيڪو سندس لاءِ پريشانيءَ جو باعث بڻجي رهيو هيو. عمر ڪوٽ وٽ سندس سان مقابلو ٿيو پر بعد ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا ويا. جنھن کانپوءِ هن شڪارپور ۽ سبيءَ تي قبضو ڪيو ۽ هي شهر دائود ٻوٽن ۽ افغانن جي قبضي ۾ ڏئي ڇڏيا. 1777ع ۾ غلام نبي خان )غلام شاهه ڪلهوڙي جو ڀاءُ( مير بجار خان ٽالپر سان جنگ ۾ وڙهندي مارجي ويو پر جنگ جي نتيجي ۾ سندس ڀاءُ عبدالنبي خان فاتح قرار ڏنو ويو. عبدالنبي خان سان ٺـاهه کانپوءِ کيس سنڌ جو حڪمران تسليم ڪيو ويو جنھن ۾ مير بجار خان کي وزير جي حيثيت ۾ رکيو ويو. ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ طاقت جي رساڪشي هالائي جي جنگ کانپوءِ پڄاڻيءُ تي پهتي جنھن ۾ ٽالپرن فتح حاصل ڪئي ۽ ڪلهوڙا گھراڻي جي حڪمراني (1783)ع ۾ خاتمي تي پهتي. ٽالپرن ان زماني ۾ نواب ولي محمد خان کي لاڙڪاڻي جو گورنر مقرر ڪيو. هو ذاتي ۽ انتظامي طور تي شاهه بهارو جيان پنهنجو مَٽُ پاڻ هيو. شاهه شجاع سان جنگ کانپوءِ لاڙڪاڻو سب ڊويزن ٽالپرن جي وچ ۾ ورهائجي وئي. جنھن کانپوءِ برطانيه پاران سنڌ جي الحاق جي نتيجي ۾ هي علائقو سندن جي حڪمرانيءَ هيٺ اچي ويو. ٽالپر مياڻي جي جنگ (1843ع) تائين حڪمران رهيا جنھن ۾ هنن برطانوي قومن جي هٿان شڪست کاڌي. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ کي بمبئي سان ڳنڍي ڇڏيو ته جيئن کين انتظامي طور تي هن صوبي کي هلائڻ ۾ سهولت ٿئي ۽ رابرٽ ڪيٿ پرنگل Robert Keith Pringle (1847-1850) سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ٿيو. بعد ۾ انگريزن سنڌ کي انتظامي طور ٽن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو يعني ڪراچي، شڪار پور ۽ حيدر آباد.
    سنڌ صوبي جي گزيٽيئر ۾ لاڙڪاڻي جي تاريخ جو ڪجھ ٽڪروهن ريت ڏنل آهي ته ”لاڙڪاڻو ضلع هيڊ ڪوارٽرز جو شهر آهي ۽ ساڳي نالي جو تعلقو پڻ آهي جيڪو اتر ۾ 27-33 ويڪرائي ڦاڪ ۽ اوڀر ۾ 18-16 ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي گھاڙ ڪئنال جي ڏاکڻي ڪپر تي واقع آهي.هن شھر جي نالي جي باري ۾ قرض ڪيو ويوآهي ته سندس نالو لاڙڪ قوم جي ڪري لاڙڪاڻو پيو جيڪي شھر جي ارد گرد گھڻائي ۾ رهندا هيا. لاڙڪاڻي جي باري ۾ مشڪل سان ڪو دستاويز دستياب آهي پرشايد لاڙڪاڻي جووجود ٻه صديون اڳ تائين ڪين هيو. هي شھر ان دوران پنھنجي وجود ۾ قائم هيو جڏهن ڪلهوڙا پنھنجي طاقت جمع ڪري رهيا هئا ۽ ڪئنال کوٽائي رهيا هيا جن جو مقصد ملڪ جي عام ڀلائي هيو. هنن خدا آباد کي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو جيڪو 70 ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ موجودهيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ شاهه بھارو کي پنھنجو نائب مقرر ڪيائون جنھن جو مقبرو هتي موجود آهي. جڏهن نورمحمد ڪلهوڙو ڏکڻ ۽ اوڀر سنڌ ۾ پھنجي طاقت وڌائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هيو ته کائنس افغان باد شاهه شڪارپور ڦري ورتي. لاڙڪاڻي جي اهميت ٽالپر دؤر تائين تمام وڌيل هئي جن هن شھر کي پنھنجي ٽوبخائي جو مکيه گودام بڻايو. ڪراچي کان شڪارپور ۽ بولان پاس تائين زرعي طور خوشحال پاڻيءَ جي ذريعي ٽريفڪ جو رستو گھاڙ ۽ اتر نارا ڪئنال وٽان نڪري ٿو. تاج بر طانيه جي فتح وقت هي شھر سنڌ ۾ اناج جي تام وڏي منڊي هيو ۽ چيو وجي ٿو ته بازار ۾ 370 دوڪان موجود هيا. انگريزن جي فتح وقت هي شھر شڪار پور ڊويزن جي ڪليڪٽوريٽ جو هيڊ ڪوارٽرهيو. 1901ع تائين جڏهن لاڙڪاڻو نئين ضلع جو هيڊ ڪوارٽر بڻيو ته واپار ۽ آباديءَ ۾ ڪجھ جھڪو رهيو. انھيءَ سال هتان جي آبادي 14,543هئي“.
    تاج برطانيه جي دؤر ۾ پهرين آگسٽ 1901ع ۾ تي شڪار پور ۽ ڪراچي کان لاڙڪاڻي کي ڌار ڪري ضلع هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو. 1902ع ۾ لاڙڪاڻي جو پهريون ڪليڪٽر ڊبليو ايڇ لوڪس بڻيو .لاڙڪاڻو ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي حيثيت انڪري حاصل ڪري ويو جو وڻج واپار جي گذر گاهه تي هجڻ جي ڪري سندس مارڪيٽ وَکَرَن سان ٽمٽار رهڻ لڳا هيا بعد ۾ دادو به لاڙڪاڻي جو حصو بڻجي ويو. سيوهڻ، جوهي ۽ دادو تعلقه اڳوڻن ضلعن کان ورتا ويا ۽ ميهڙ، ڪَڪَڙَ، وارهه، لاڙڪاڻو، لب دريا، قمبر ۽ رتو ديرو تعلقه هاڻوڪي ضلع کان ورتا ويا جيڪي اڳ سکر ڊسٽرڪٽ جو حصو هيا ۽ ٽي ڊويزنون قائم ڪيون ويون جهڙوڪ سيوهڻ، جيڪا جوهي، سيوهڻ ۽ دادو تعلقن تي مشتمل هئي. ميهڙ ڊويزن ۾ ميهڙ، ڪَڪَڙَ ۽ وارهه تعلقه اچي وڃن پيا، جڏهن ته لاڙڪاڻو ڊويزن جي حدَ لاڙڪاڻو، لب دريا، قمبر ۽ رتو ديرو تعلقن تائين هئي. 1911ع تائين اهو محسوس ڪيو ويو ته لاڙڪاڻو ڊويزن کي مَٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي جيڪا هڪ ڊيپوٽي ڪليڪٽر جي شامل ڪرڻ ۽ هڪ نئين ڊويزن، رتو ديرو قائم ڪرڻ سان ڪئي وئي.
    بعد ۾ 22 ديهون رتوديرو مان4 لاڙڪاڻومان ۽ 44 قمبر مان ڪڍي انهن کي گڏائي هڪ نئون تعلقوميرو خان بڻايو ويو. هن جون حدون تقريبَا ضلع شڪار پور جي پراڻي سجاول تعلقي جيتريون هيون جيڪو 1883-84ع ۾ ختم ڪيو ويو هيو. هي نئون تعلقو ۽ گھٽايل رتو ديرو تعلقو گڏ جي نئين ڊويزن جي روپ ۾ ظاهر ٿيا. هڪ ننڍڙي تبديلي اها ڪئي وئي ته لاڙڪاڻي تعلقي جون ڏهه الهنديون ديهون قمبر ۾ ضم ڪيون ويون. چئني ڊويزنن جا انچارج ڊيپوٽي ڪليڪٽر جا اسٽنٽ ڪليڪٽرهيا جيڪي ميونسپالٽيءَ جا صدر پڻ هوندا هيا سواءِ لاڙڪاڻي جي جتي هو تعلقه لوڪل بورڊ جا صدر ۽ دسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جا ميمبر هوندا هيا. 1904ع ۾ سب ڊويزنل آفيسرن ۽ مختيارڪارن کي ساهي ڏيڻ لاءِ ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ مقرر ڪيا ويا جيڪي لاڙڪاڻي، ميهڙ ۽ دادوءَ ۾ ڪورٽون هلا ئيندا هئا. لاڙڪاڻوضلع پنھنجي ڊيگھ ۾ پري پري تائين پکڙيل هيو جيڪو قمبر شهر کان شروع ٿي ٿيو ويندي ٿاڻي بولا خان تائين, پر 1932ع ۾ هي تڏهن سُڪڙ جي ويو جڏهن دادوءَ کي الڳ ضلع طور حيثيت ڏني وئي ۽ لاڙڪاڻو پاڪستان جي وجود جي تاريخي جدوجهد دوران موجوده روپ ۾ اچي بيٺو.
    سنڌ ۾ سمون راڄ کان اڳ لاڙڪاڻو هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هوندو هيو جيڪوآبادي وڌڻ جي ڪري آهستي آهستي هڪ وڏو شهر ٿي ويو. يوسف ميرڪ جي لکيل ”تاريخ مظهر شاهه جهاني“ تقريبَا چار سؤ سال اڳ جي سنڌ تي لکيل تاريخ آهي. انهيءَ ۾ هن علائقي کي ”چانڊڪا پرڳڻو“ لکيو ويو آهي نه ڪي لاڙڪاڻو. ڄام نظام الدين نندي جي اقتدار دوران چانڊيو قوم جا ماڻهو لاڙڪاڻي جي سرزمين تي وڏي تعداد ۾ اچي آباد ٿيا. چانڊيو قوم جي هڪ سردار سريمڻ (سليمان چانڊيو) نندي جي وزير دريا خان کي للڪاريندڙ شاهه بيگ ارغون جي خلاف جنگ ۾ ڀرپور حمايت ڪئي ۽ ارغونن جي جمع ٿيل وڏي فوجي ڪَٽَڪَ کي شڪست فاش ڏني. سريمڻ چانڊيو جي اهڙي سورهيائيءَ واري ساٿ جي بدلي ۾ در يا خان کيس چانڊڪا پرڳڻو انعام طور بخش ڪري ڇڏيو. انهيءَ سببان لاڙڪاڻي جو نالو (چانڊيو قوم جي ڪري) بدلجي چانڊڪا پئجي ويو. پاڪستان جي ٽن صوبن سنڌ، پنجاپ ۽ بلوچستان ۾ چانڊيو قوم آباد آهي، هي پهريون قبيلو هيو جيڪو سڀ کان پهريائين بلوچستان پهاڙن تان هيٺ لٿو. رند ۽ لاشار جي خوني ويڙهه جي نتيجي ۾ بلوچن جو قتل عام ٿي رهيو هيو اهڙي خونريزيءَ کان مايوس ٿي چانڊيو قوم جا ماڻھو، خاص ڪري، حربوئي (قلات) ۽ ڍاڍر (بولان) جي علائقي مان نڪري آيا. جيڪي ڪوهِ سليمان جي علائقي ڊيره غازي خان ۾ وڃي آباد ٿيا. انھن منجھيان ڪجھ گروهه ڊيره غازي خان مان لڏي کير ٿر جبل جي پٽيءَ تي پنهنجي پراڻي مسڪن غيبي ڊيري ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيا هئا جيڪو ضلعي قمبر علي خان جي ڀر سان آهي. ڄام نظام الدين نندي جي زوال کان پوءِ سنڌ تي شاهه بيگ ارغون حڪمراني ڪرڻ لڳو. آئين اڪبري ٻڌائي ٿي ته ”مفل دؤر ۾ هن علائقي جو نالو ”جنڊولا“ ”هيو“ جيڪو پڻ چانڊڪا جي لفظي بگڙيل صورت ڀائنجي ٿي.
    چانڊڪا پرڳڻي کي لاڙڪ قوم جي ماڻهن لاڙڪاڻي جو نالو ڏنو جيڪي گھاڙواهه جي ڪپر تي ۽ ان جي ارد گرد آباد هوندا هيا. لفظ لاڙڪاڻو پهريون گھمرو ”تحفة الڪرام“ ۾ نظر آيو جيڪو فارسيءَ ۾ لکيل سنڌ جي تاريخ جو ڪتاب آهي جو مير علي شير قانع ٺٺوي 1760ع (ڪلهوڙا دؤر) ۾ لکيو. ان ڪتاب ۾ مصنف چئن جڳھن تي لاڙڪاڻي جو ذڪر ڪيو آهي. ان ئي دور ۾ گھاڙ واهه جي کوٽائي جي سببان نه صرف زرعي ترقي وڌي پر آباديءَ جي معاشي حالت پڻ بهتر بڻي.
    بعد جي تاريخي لکتن جھڙوڪ لب تاريخ سنڌ، تاريخ تازه نوائي معرڪه ۽ ٻاهرين سياحن ۽ کوجنا ڪندڙن هن شھر جي باري ۾ خاص طور تي ذڪر ڪيو آهي. اِهي سڀ ڪتاب ڪلهوڙا راڄ ۾ لکيا وياجيڪي ظاهر ڪن ٿا ته ڪلهوڙا گھراڻي جي سماجي، سياسي ۽ معاشي خوشحاليءَ جي دؤر ۾ لاڙڪاڻو شھر ثقافتي ۽ معاشي طور ٿي انتهائي اهميت واري شهر جي طور ڳڻيو ويندو هيو، ڪجھ ڪتاب لاڙڪاڻي شهر کي چانڊڪا پرڳڻي جي گاديءَ جو هنڌ پڻ لکن ٿا.
    هن ضلع جي وڏي آباديءَ جي مکيه کاڌ خوراڪ ۾ ڪڻڪ, جوئر، چانور، کير ۽ بيضا آهي. جڏهن ته چڻا ۽ مٽر دال جي صورت ۾ استعمال ٿيندا آهن ميلن ملا کڙن، وهانءَ۽ خاص موقعا ملهائڻ وقت لاڙڪاڻي جا ماڻھو ٻين طعامن سان گڏ پلاءُ، زردو ۽ برياني ضرور رڌ رائيندا آهن. لاڙڪاڻي واسي مڇي، گوشت ۽ ڪڪڙ وڏي شوق سان وا پرائيندا آهن جڏهن ته هندو لوڪن جي ڳپل حصي جي مذهبي احترام ڪندي مڇي ۽ ڀاڄيون سندن جي پسنديده غذا آهن. شھر جي سڄي آبادي ڀاڄيون وڏي شوق سان کائيندي آهي، خاص ڪري غريب طبقو. پٽاٽا. بصر، ڀينڊيون، گوگڙون، واڱڻ، بهه، پالڪ، توريون، ڪريلا، ڪدو، ڌاڻا، ڦودنو، مرچ، ميها ۽ گوبي لاڙڪاڻي واسين جي مکيه خوراڪ آهن. لاڙڪاڻي واسي چانهه پيئڻ جا پڻ شوقين آهن.
    ماضيءَ ۾ هيءَ ضلعو جھنگلي جيوت جو ڳڙهه رهيو آهي. پر شھري آبادي وڌڻ جي ڪري جھنگلي جيوت جي آبادي آهستي آهستي گھٽجي وئي يا ختم ٿي وئي. هن وقت ضلع ۾ گڊ،Hyena سانھن, گدڙ، لومڙ ۽ بگھڙ هتي لڀندا آهن. پکين ۾ باز، شڪرا، سرڻيون، طوطا، جھرڪيون، ڳيرا، ڪانوَ ۽ ڪيترن ئي قسمن جا پاڻيءَ جا پکي موجود آهن. وڻن ۾ مکيه ٻبر، نم، باهڻ، ڪنڊي ۽ پپر آهن. گڏو گڏ مٿين وڻن جي قسمن کان علاوه ڪيترائي من موهيندڙ ٻوٽا پڻ پوکيا ويندا آهن جھڙوڪ املتاس، گل مھر، ڪچنار، توت ۽ سمبل وغيره، مردن ۽ عورتن جو پسنديده رقص جھمر آهي.
    هاڻوڪي سماجي جوڙ جڪ ۾ شادين ۽ مڱڻن جي تقريبات کي انتهائي اهميت حاصل آهي. ڪنوار جا عزيز ۽ مٽ مائٽ شاديءَ ۾ کيس ڏوڪڙ، قيمتي سونا ريور، مهانگا ڪپڙا ٽيليوزن، واچون، ريفريجريٽر، واشنگ مشين ۽ خوشهال ڪٽنب ته پنھنجي ڌيئرن کي ڪار وغيره به تحفي ۾ ڏيندا آهن. جنھن کي ڏاج جو نالو ڏنو ويندو آهي. پٺتي پيل سما جن ۾ ڏاج هڪ وڏي معاشرتي برائي طور پکڙ جي ويو آهي، جيڪو تمام تيزيءَ سان هتان جي سماج کي پنھنجي گرفت ۾ وٺندو وڃي ٿو. بد قسمتيءَ سان ڏاج ڏيڻ جي سڪت نه رکندڙ غريب والدين جون نياڻيون گھرن ۾ ئي ويهجي وڃن ٿيون، استائين جو سندن جي وارن ۾ چاندي چمڪڻ لڳي ٿي. اسانکي هن سماجي برائي مان جيترو جلد ٿي سگھي پنھنجي جان آجي ڪرڻ گھرجي.
    لاڙڪاڻي کي سنڌ ۾ تعليمي ادارن جو مرڪز سڏيو ويندو آهي. هن ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ڪيئي تعليمي ادارا موجود آهن. جهڙوڪ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، زيبسٽ، زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج، ڪيڊٽ ڪاليج ڏوڪري، گورنمنٽ ڊگري ڪاليج (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ) آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج، اورينٽل ڪاليج، لا ڪاليج، گڏو گڏ انھن ادارن جي تقريبا 150 سيڪنڊري ۽ 2600 پرائمري اسڪول 90 ڪاليج ۽ ادارا هن شھر جي زينت آهن.
    حت جي سهولت جي سلسلي ۾ پڻ لاڙڪاڻو تمام مٿاهون مقام رکي ٿو، انھن سهولتن مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ نه صرف اندرونِ شھر پر بيرون شھر جا ماڻھو به هيڏانھن جو رخ ڪندا آهن. هِتِ هر بيماريءَ جا خاص ماهر ڊاڪٽر موجود آهن. جيڪي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال، سول اسپتال، شيخ زيد اسپتال لينار، ليپرو سي سينٽر ۽ چلڊرين اسپتال ۾ ڪم ڪن ٿا. علاوه انجي هتي مختلف ٽيسٽين لاءِ ڪيتريون ئي ليبارٽريون، ايڪس ريز، تعلقه اسپتالون سوين خانگي ميڊيڪل سينٽر ۽ صحت گھر موجود آهن.
    خطي جي طبعي خاصيتن پٽاندڙ لاڙڪاڻي ضلع کي ٻن طبقن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. يٰعني ڪينال وسيلي زرعي اپت حاصل ڪندڙ وچين پٽي ۽ اوڀر ساحلي پَٽي. وچين پٽي هيٺائين تي پکڙيل ڪئنال ذريعي زراعت تي انحصار ڪندڙ زمين آهي. تمام بئراج ڪئنالون انھيءَ پٽيءَ کي سيراب ڪنديون آهن. لاڙڪاڻي جو اوڀاريون علائقو جيڪو بچاءُ بند تائين پکڙيل آهي اُهو سنڌونديءَ جي ويجھو آهي. اوڀاريون حصو ڪئنال ذريعي سير ٿيندڙ حصي کان ڌار آهي جنھن کي ٻوڏ کان بچاءَ واري بند جي ذريعي الڳ ڪيو ويو آهي ته جيئن انکي سنڌو نديءَ جي چاڙهه کان ٻوڏ دوران بچائي سگھجي. رتو ديرو، لاڙڪاڻو ۽ ڏوڪري تعلقن جو اوڀاريون حصو انھيءَ پٽي تي آهي. انھيءَ پٽيءَ جو گھڻو تڻو حصو ساحلي آهي ۽ صرف سياري جي موسم ۾ اُتي پوکَ ٿيندي آهي. 1941ع ۾ ميونسپل ڪاميٽيءَ جون حدون 1-250 ايڪڙن (5.1 ڪلو ميٽر) تي مشتمل هيون جڏهن هن شهر جي آبادي 25084 هئي. جڏهن ته شھر جون موجوده حدون تقريبا 10 چورس ميل آهن.
    شھر جي سرنديءَ واري ماڻھن جا گھر پڪي سرن سان ٺهيل ۽ سيمينٽ سان پلستر ٿيل آهن. نڪاسيءِ آب، هواداري ۽ روشنيءَ جو هن شھر ۾ مناسب بندوبست آهي. هتان جا گھر گھڻو ڪري ٽن کان ڇهن ڪمرن، هڪ هال، ورانڊو، بيت الخلا، وهنجڻ جي جاءِ ۽ رنڌڻي تي مشتمل هوندا آهن. هر گھر ۾ هڪ ڪمرو اوطاق يا مهمان خاني طور ضرور هوندو آهن. ڳوٺاڻن جا گھر ڪچين سرن سان اڏيل، ڪاٺي جا شهتير پيل، گاهه ۽ ڇڙين سان لوڙها ڏنل هوندا آهن. اُهي. غريب هاري ٺاري ڪکن ڪانن جي ٺهيل جھو پن ۾ رهندا آهن. جن ۾ نڪاسيءِ آب وغيره جو ڪو به بندو بست نه هوندو آهي.
    مسلمان شھر جي آباديءَ جو لباس شلوار قميص ۽ ٽوپي وغيره آهي. جڏهن ته ٻهراڙيءَ ۾ ماڻھن جو لباس قميص، گوڏ ۽ پٽڪو يا ٽوپي هوندو آهي، هندن جو لباس به پڻ شلوار قميص ۽ گوڏ، پهراڻ ۽ پٽڪو هوندو آهي. مسلمان عورتن جو لباس شلوار ڪُڙتو ۽ رَئو هوندو آهي. مسلمان عورتون پردي جون پابند ۽ بر قعو استعمال ڪنديون آهن. بلوچ قبيلي جون عورتون هڪ ڊگھو ڪُڙتو جيڪو سندن مُرَنِ تائين ڊگھو هوندو آهي پھرينديون آهن، جنھن کي سنڌيءَ ۾ گھگھو چيو ويندو آهي. انھيءَ گھگھي جي مهاڙي ۽ ٻانھن تي ڀَرت ڀريل هوندو آهي. اُهي گھگھا گھڻو ڪري کُهري ڳاڙهي ڪپڙي مان ٺهيل هوندا آهن. سکُئي ستابي گھراڻي جون عورتون سون يا چانديءَ مان جڙيل جھومڪ يا جھومر، منڊيون، نَٿَ. چوڙيون يا ڪنگڻ پهرينديون آهن.
    هن ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سوين قبيلا. ذاتيون ۽ انساني رهنديون آهن. انھن ۾ گھڻائي اهڙن قبيلن جي ماڻھن جي آهي جيڪي اصلي نسلي سنڌي آهن. جڏهن ته گھڻائي آريه نسل جي ماڻهن جي آهي سواءِ انھيءَ نسل جي ماڻھن جي جيڪي عربستان يا ٻين ملڪن مان هجرت ڪري هتي آيا آهن. ڪجھ عربن جي آمد کان اڳ جا ماڻھو به رهن ٿا جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿي ويا پر اڄ تائين پنھنجي پراڻي مذهب سان لڳاءُ رکن ٿا، جن ۾ ڀيل، باگڙي وغيره آهن جيڪي آرين اڳ ۽ دراوڙ نسل جا آهن. انھن ۾ وڏو انگ اهڙن ماڻھن جو آهي جيڪي هندستان مان لڏ پلاڻ ڪري هتي آيا ۽ شھري آباديءَ ۾ ضم ٿي ويا گھڻي قدر لاڙڪاڻي، رتي ديري، ڏوڪري، نئين ديري ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن ۾ رهائش پذير آهن. ڪجھ لڏي آيل زراعت پيشه ڪٽنب ٻهراڙين ۾ پڻ رهن ٿا ۽ ٻني ٻاروڪن ٿا. انھن منجھان گھڻا تـڻا واپار ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ کي اپنائي چڪا آهن. جڏهن ته ڪجھ اڃا تائين زراعت جي پيشي سان وابسته آهن. هتي ڳپل تعداد هندن ۽ ڪرستانن جو پڻ رهي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو