سر ڪلياڻ داستان پهريون بيت 20.. تشريح سان گڏ شمارياتي مطالعو

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    پاڻَهيِن پَسَي پاڻَ کي، پاڻهيِن محبوبُ،
    پاڻهيِن خَلقَي خُوبُ، پاڻهيِن طَالِبُ تَنِّ جو.
    تشريع
    بيت ۾ بيان ٿيل آهي ته هو پاڻ کي ئي پسي ٿو، ڏسي ٿو.
    هو پاڻ ئي محبوب آهي.
    پاڻ ئي اعليٰ، عظيم، بهترين(خوب) خلقي ٿو.
    وري پاڻ ئي انهن جو طالب بڻجي ٿو.
    رهبر لطيف جي ڪلام جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هڪڙا بيت اُهي آهن جيڪي پنهنجو پاڻ ۾ جامع آهن ٻيا بيت وري تسلسل وارا بيت آهن جنهن کي سمجهڻ لاءِ تسلسل وارن بيتن کي پڻ نظر ۾ رکڻو پوندو آهي. هي بيت پڻ انهن ئي تسلسل وارن بيتن منجهان آهي جيڪي وحدت الوجود جي نظريي جي رازن ۽ رموزن کي بيان ڪن ٿا.
    هن بيت ۾ وحدت الوجود واري نظريي جي ئي ڳالهه ڪيل آهي بيت کي سمجهڻ لاءِ سٽ ٻئين کان ٿي پوءِ پهرين سٽ طرف اينداسين.
    پاڻهيِن خَلقَي خُوبُ، پاڻهيِن طَالِبُ تَنِّ جو.
    پاڻ ئي انهن جو طالب بڻجي ٿو، جنهن کي خلق ڪيو اٿس مطلب ته پاڻ عاشق ۽ جيڪي خلق ڪيا ويا آهن اهي سندس جا محبوب آهن اصل ۾ ڳالهه ته هن بيت ۾ ائين ئي پئي لڳي پر اهو ته تڏهن ٿيئي جڏهن عاشق معشوق جدا هجن حقيقت ته هي آهي جو جنهن کي اوهان پرين پيا سمجهو اصل ۾ هو پاڻ ئي آهي.
    پاڻهيِن صُورتَ پِرينءَ جي، پاڻهيِن حُسنُ ڪَمالُ،
    هن جو پرين هن کان جدا ناهي پاڻ ئي پرين جي صورت آهي ان ڳالهه سمجهڻ کان پوءِ ڳالهه واضع ٿيو وڃي ٿي جڏهن پرين جي پسڻ جي ڳالهه ايندي ته اصل ۾ هو(مالڪ) پنهنجو پاڻ کي ئي پسي پيو ۽ ائين هو پاڻ ئي پنهنجو محبوب بڻجي پوي ٿو
    پاڻَهيِن پَسَي پاڻَ کي، پاڻهيِن محبوبُ.
    نوٽ؛
    آخر ۾ هڪ ننڍڙي وضاحت ته رسول ڪريم صه جن کي محبوب خدا چيو وڃي ٿو
    جنهن جو خالق الله پاڪ آهي رسول ڪريم صه جن اها حسين ترين تخليق آهن اها اعظيم ترين هستي آهن جنهن جو طالب خد خدا آهي، الله پاڪ طرفان رسول ڪريم صه(پنهنجي پرين) کي پسڻ ڄڻ پنهنجو پاڻ کي پسڻ آهي ۽ پاڻ ئي پنهنجو محبوب ٿيڻ آهي. احد ۽ احمد ۾ صرف ميم جو فرق آهي. جنهن کي اڄ ڏينهن تائين ڪير به سمجهي ناهي سگهيو.
    اَحَدُ، اَحَمَدُ پاڻ ۾، وچان مِيمُ فرقُ
    آهي مُسۡتَغَرۡقُ، عالَمُ انهيءَ ڳالهه ۾

    ........................................................................
    پاڻَهيِن پَسَي پاڻَ کي، پاڻهيِن محبوبُ،
    پاڻهيِن خَلقَي خُوبُ، پاڻهيِن طَالِبُ تَنِّ جو.
    پهرين سٽ لفظ (6) پ،ا،ڻ،ه،ي،ن،س،ک،م،ح،ب - اکر (11) ورجائو سان ٽوٽل (25)
    ٻئين سٽ ۾لفظ (7)خ،ل،ق،و،ط،ت،ج - نوان اکر (7) ورجاءُ سان ٽوٽل (27)
    **بيت ۾ آيل اکرن جي ورجاءُ جي نشاندهي**
    پ6،ا6،ڻ5،ه4،ي7،ن5،س1،ک1،م1،ح1،ب4،خ2،ل2،ق1،و3،ط1،ت1،ج1
    **بيت ۾ آيل اکر ترتيب وار**
    1) ا
    2) ب
    3) پ
    4) ت
    5) ج
    6) ح
    7) خ
    8) س
    9) ط
    10) ق
    11) ک
    12) ل
    13) م
    14) ن
    15) ڻ
    16) و
    17) ه
    18) ي
    نقطن وارا اکر 9
    بغير نقطن وارا 9

    **بيت ۾ آيل اکر سٽ وار
    پهرين سٽ
    1) پاڻَهيِن
    2) پَسَي
    3) پاڻَ
    4) کي،
    5) پاڻهيِن
    6) محبوبُ
    ٻئين سٽ
    7) پاڻهيِن
    8) خَلقَي
    9) خُوبُ
    10) پاڻهيِن
    11) طَالِبُ
    12) تَنِّ
    13) جو.
    پاڻهين (4)
    ٽوٽل لفظ 10
    ورجاءُ سان گڏ 13
    **بيت جي شمارياتي سمري**
    سٽون 2
    لفظ 10
    ورجاءَ سان ڪل 13
    اکر 18
    ورجاءُ سان ٽوٽل اکر52
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو