ڇا سمنڊ سنڌ کي ڳڙڪائي ويندو؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڇا سمنڊ سنڌ کي ڳڙڪائي ويندو؟​

    حيدر ملاح
    سرڪاري انگن اکرن مطابق ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي ڪل 3 لک 9 سئُو 41 ايڪڙ آباد زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي ۽ هر ڏينهن تي سراسري طور 80 ايڪڙ آباد زمين سمنڊ ڳڙڪائي وڃي ٿو. ٺٽي ضلعي جي 6 تعلقن مان کاري ڇاڻ تعلقي جي 100 سيڪڙو زمين، گهوڙاٻاڙي جي 21 هزار 5 سئُو 25 ايڪڙ زمين يعني ڪل 59 سيڪڙو حصو ڪيٽي بندر جي 86 سيڪڙو زمين، شاهبندر تعلقي جي 57 سيڪڙو ۽ جاتي تعلقي جي 80 سيڪڙو زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي.

    پاڪستان جي ڪل سامونڊي پٽي 1050 چورس ميل آهي. جنهن مان ان پٽيءَ جا 350 ميل سنڌ ۾ آهن، اها ساحلي پٽي ڪراچي کان ٺٽي ۽ بدين تائين موجود آهي.

    1960 ۾ ايوب خان جي آمريتي دؤر ۾ ڀارت سان سنڌ طاس معاهدو ڪندي 3 درياءَ ڀارت کي وڪرو ڪيا ويا، انهن ملندڙ پئسن سان چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسه پنجند لنڪ ڪئنال ۽ تربيلا ڊيم تعمير ڪرايا ويا، جنهن ڪري سنڌو درياءَ ۾ پاڻي گهٽ کان گهٽ ٿيندو رهيو.

    1960 کان اڳ انڊس ڊيلٽا ۾ 35 ملين ايڪڙ فوٽ کان به وڌيڪ پاڻي ويندو هو، بدين جا 5 لک مهاڻا انڊس ڊيلٽا تي انحصار ڪندا هئا. تقريبن 6 لک ايڪڙن تي مشتمل تمر جا ٻيلا هوندا هئا، رتي جا ٻيلا جهينگن ۽ سامونڊي جيوت لاءِ نرسريءَ جو ڪم ڪندا آهن، جهينگو مڇي تمام وڏي تعداد ۾ ملڪ کان ٻاهر ايڪسپورٽ ڪئي ويندي هئي.

    ٺٽي ۽ بدين تعلقن جي 9 تعلقن شاهبندر، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، گهوڙاٻاري، ساڪرو، جاتي، ماتلي، ٽنڊو باگو، گولاڙچي تعلقن جي سرڪاري انگن اکرن موجب 13 لک ايڪڙ ۽(iucn) جي تازي رپورٽ مطابق 27 لک ايڪڙ زمين سمنڊ کائي ويو آهي.

    سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي هٿرادو پيدا ڪيل کوٽ سبب هيٺيان نقصان ٿيا آهن.

    ٺٽي ۽ بدين ضلعي ۾ پيدا ٿيندڙ ڳاڙها چانور، ڪمند، ڀاڄيون، ڪيلا، گدرا، ڇانهيون، پان جا پن، ڪڻڪ سارين جا ٿيندڙ فصل ختم ٿي ويا آهن.

    ٺٽي ۽ بدين ضلعي جي 85 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي آهي.

    ٺٽي ضلعي جا تقريبن 400 ڳوٺ سنڌ جي نقشي تان گم ٿي سمنڊ حوالي ٿي ويا آهن.

    بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ سبب سندن زندگي ۾ ڏک ۽ تڪليفون وڌيون آهن.

    ڪوٽڙي (ڊائون اسٽريم) ۾ پاڻي جي کوٽ سبب آبي جيوت، پلو، مڇي ۽ جهينگي جو نسل تباه ٿيو آهي.

    درياءَ جي ٻنهي پاسي موجوده

    44 لک ايڪڙ ڪچي جي زندگي سخت متاثر ٿي آهي، درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي موجود 6 لک ايڪڙ ٻيلو مان اڍائي لک ايڪڙ ٻيلو ختم ٿي ويو آهي.

    4 لک ايڪڙ زمين تي ڳوٺ، مال جا وٿاڻ، رستا، تلاءُ ۽ ڍنڍون ختم ٿي ويون آهن.

    اڍائي هزار قدرتي ڍنڍون ختم ٿي ويون آهن.

    40 کان 45 لک مينهون، ڳئون، ڍڳا ۽ ٻيو ٻيلي ۾ هئا جن جو ٻيلو ۾ مفت جو چارو موجود هو.

    ڍنڍن کان 3 هزار ٽن ساليانو مڇي پيداوار

    ٿيندي هئي، جيڪا سڄي سنڌ جي خوراڪ جو گهرجون پوريون ڪندي هئي ۽ سنڌ کان ٻاهر پڻ مڇي موڪلي ويندي هئي.

    40 کان 45 لک مينهن ۽ ڍڳين مان ڪراچي کان ڪشمور تائين گوشت مهيا ٿيندو هو ۽ چمڙي جا ڪارخانا روزگار جو ذريعو بڻجي سنڌ کي خوشحال بنائيندا هئا.

    ٻيلن جي ختم ٿيڻ جي ڪري برساتن جو موسمي سلسلو متاثر ٿيو آهي. جنهن ڪري هميشه خوف رهي ٿو ته ڪنهن وقت به تباهي وارو سائڪلون اچي سنڌ کي تباه ڪندو.

    مالوند ماڻهن جو گذر مشڪل ٿي ويو آهي.

    مکڻ، کير، گوشت ، مڇي جي پيداوار گهٽجي ويئي آهي.

    ماکي ۽ کنئر جي پيداوار اڌ کان گهٽجي ويئي آهي، نتيجي ۾ مٿين شين جي کوٽ سبب ماکي، کونئر ۽ کير جون قيمتون تيزي سان وڌي رهيون آهن.

    عمارتي ڪاٺ توڙي ٻارڻ جي ڪاٺ جي شديد کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي.

    غربت ۾ اضافو ٿيو آهي.

    تباهي جا بنيادي سبب ڇا آهن.؟

    1960ع جي سنڌ طاس معاهدي تحت دريائن جو ڀارت کي وڪرو.

    1991ع جي پاڻي ٺاه تي عمل نه ڪرڻ، جنهن تحت 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏڻ گهربو هو.

    پنجاب روزانو ڪالا باغ هيڊ ورڪس (جناح بيراج) وٽان هزار ڪيوسڪ، چشما بيراج وٽان 4 هزار 4 سئُو ڪيوسڪ، تونسا بيراج وٽان 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي غير قانوني طور پنهنجي واهن ذريعي کڻي پيو، جڏهن ته ربيع ۾ سنڌ جو حصو 40 هزار ڪيوسڪ بند ڪيو ويو آهي.

    پنجاب پنهنجا فلڊ ڪئنال ، چشما جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال پڻ ريگيولر ڪري وهائي پيو، جڏهن ته مٿيان ڪئنال صرف ٻوڏ واري صورتحال ۾ پنجاب کي وهائڻ کپن.

    سمنڊ جي تباهي کان بچاءَ جا طريقا؛

    1991ع جي پاڻي ٺاه تحت فورن 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏڻ گهرجي.

    سنڌ جي زمين کا سمنڊ کان بچائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي فوري طور تي سمنڊ آڏو بند ٻڌڻ لاءِ ڪوشٽل هاءَ وي رٿا جوڙڻ گهرجي.

    جن ماڻهن جون لکين ايڪڙ زرخيز زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، تن کي عيوضي ۾ سرڪاري زمينون ڏنيون وڃن. جيئن تربيلا ڊيم، منگلا ڊيم جي متاثرين کي سکر بيراج وٽ معاوضي ۾ زمينون ڏنيون ويو.

    ڪوسٽل هاءِ وي سان گڏ لکين ايڪڙن تي تمر جا ٻيلا پوکي انڊس ڊيلٽا کي پڻ بچائي سگهجي ٿو.

    ڪوسٽل هاءِ وي رٿاجوڙي هڪ طرف سمنڊ کي بند ٻڌي سگهجي ٿو ٻيئي طرف (wind energy) لاءِ (wind mills) لڳائي هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. سنڌ جي توانائي جو مسئلو پڻ حل ٿي سگهي ٿو.
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا سمنڊ سنڌ کي ڳڙڪائي ويندو؟

    سائين ڪوسٽل هاءِ واري تجويز تمام بهترين آهي، ڇو ته اها ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ آزمائي وئي آهي۔۔۔ باقي هاڻي مان نه ٿو سمجهان ته پاڪستان ملڪ ۾ سنڌ کي سندس حصي وارو اصلي پاڻي ملي سگهندو۔۔ اهي خواب ڏسڻ شايد هاڻي اسان کي ڇڏي ڏيڻ گهرجن۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو