سر کنڀات شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر کنڀات
    داستان پهريون

    1
    ڀَلائي آهيِن، پِريِن ڀَلائيِءَ پانهنجي،
    سَٻاجها سِرِ چَڙهيو، ڏوراپو نه ڏِين،
    مان ڏي مَديُون ٿِينِ، سڄڻَ سَڄاينِ ۾.
    2
    پيشانِيَ ۾ پِرِيَ جي، ڀلائِيَ جا ڀيرَ،
    اَڱڻ اُڪنڊِيُن جي، ڏي پاٻوهي پيرَ،
    قَمَرَ پاڙي ڪيرَ، شمس سُپيرِيَنِ سين؟

    3
    تون چَنڊَ! اُهوئي، جو هُتِ پسيِن ٿو پِرينءَ کي،
    آڏِتُ چئج اُنِ کي، ڏِيانءِ جو روئي،
    هيڪانديءَ هوئي، سانگُ مَ پوي سَڄڻين!
    4
    مَرُ هيڪاندا هُونِ پِرين، سانگُ م وڃن سيڻ!
    رهيا آهيِنِ روح ۾، نِتُ جنيِن جا نيڻ،
    وِماسِيا جن ويڻ، ٿو تاريءَ تَڳي تِنِن هِنئون.
    5
    راتِ سَهائِيءِ ڀُون سَئِين، پَٽِين وڏو پَنَڌَ،
    هلندي حبيبنِ ڏي، ڪَرَها! موڙِ مَ ڪَنڌَ،
    ٻَنڌڻُ سوئِي ٻنڌَ، جو پهُچائي! پِرِيَنِ کي.
    6
    رات سهائي ڀُون سَنئيِن، ڀائي! گُهرجي ڀلُ،
    آهر ۾ الاچِيُون، چَندن چري چلُ،
    مون توئي سين ڳالهڙي، ٻِئي ڪَنهيِن م سلُ،
    هاهُرَ ڪندو هَلُ، ته کِجايُون کرن کي.
    7
    راتِ سَهائِي، ڀُون سَئِين، پِرِتِ نَئِين، پنڌَ پورِ.
    مَيا! محبوبنِ جي، هَلِي وانءُ حُضُور،
    جي چِڻِڪَنِ چَتِ ۾، سي ڪِنءَ سڄڻَ ڏُورِ؟
    الله لَڳَ اَسُورِ، اُئان ئي ٿيِ آءُ تون.
    8
    اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِهِيَ ماهَ چَنڊَ جي،
    مون گهرِ مون پِرَيَنِ جي، اچڻ جي وائي،
    مون گهرِ واڌائي، پيئي کامَ کَرَن ۾.
    9
    اڄُ پُڻ اُمارو، چوڏِهيَ ماهَ چندَ جو،
    مون گهرِ مون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو،
    سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ پِنِيَ گَهرِ آئيو.
    10
    چوڏِهيَ چنڊُ اُڀِرِيو، اُوڻَٽِيهَ پسيسِ عامَ،
    مَٿسِ ناهِ ملامَ، جيڪي، پُڇين پُڇُ سو.
    11
    چوڏهِينءَ چَنڊَ! تون اُڀرين، سَهسين ڪَرِئين سينگار،
    پَلَڪ پريان جي نه پَڙِين، جي حيلنِ ڪَرِئين هزار،
    جهڙو تون سَڀ ڄمارَ، تهڙو دَمُ دوست جو.
    12
    سهسين سِجَنِ اُڀِري، چوراسي چنڊنِ،
    بالله ري پِرينِ، سَڀَ اونداهي ڀانِئيان.
    13
    چَنڊَ تنهنجي ذاتِ، پاڙيان نه پِريُنِ سين،
    تون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجهرو.
    14
    چَنڊَ! چٽائِي تنهنجي، سياهيَ ۾ سُورُ،
    لايان لَال لِڱنِ کي، چندنِ ڀري ٻوُرُ،
    ڪوماڻو ڪَپورُ، مون وجهائيندي پِرِيَ کي.
    15
    چَنڊَ! لڳنَئِي منڊَ، سَنجهيئي شِيخَ ٿيين،
    ڪَرِ اُنداهِي انڌ، ته ملان محبُوبَنِ کي.
    16
    چَنڊَ چُئَئِن حَقَ، جي وِڙهين جي وچِرين،
    ٻه اکِيون ٽيو نَڪُ، تو ۾ ناهِ پِرِيَنِ جِهو.
    17
    چَنڊَ چُئَئِن سچُ، جي مَٺِي نه ڀائيين،
    ڪڏهن اڀرين سنهڙو، ڪڏهن اُڀِرين ڳچُ،
    منهن ۾ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناه پيشانِي پِرِيءَ جي.
    18
    کَڻِي نيڻَ خُمار مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ،
    سورج شاخُون جهَڪيُون، ڪُوماڻو قَمرُ،
    تارا ڪَتِيُون تائب ٿيا، ديکِيندي دِلبرُ،
    جهڪو ٿيو جَوَهَرُ، جانِبِ جي جَمالَ سين.
    19
    اُنداهِيَ اَڌ رات ۾، پِرِيَ پَسايو پاڻُ،
    چنڊُ ڪَتِنِ ساڻُ، پيهي ويو پَڙِلاوَ ۾.
    20
    تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لاَلنَ! اُڀرِين،
    جَهڙي تو صُبوح، تَهڙي صافِي سَڄَڻين.
    21
    تو ڏانهن گهڻو نهاريان، تارا! تيلاهِين،
    سَڄَڻُ جيڏاهِين، تون تيڏاهِين اُڀرين.
    22
    هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سُپرِين،
    سَڄَڻَ ماکيءَ مَنڌِ، ڪَئوڙا نه ٿين ڪڏَهِين.
    23
    هُنَ تاري، هُنَ هيٺِ، هُتِ منهنجا سپرين،
    سڄڻ ماکِيَ ميٺِ، ڪوءڙا ٿينِ نه ڪڏهين.
    24
    هُنَ تاري، هُنَ جاءِ، هُتِ منهنجا سُپرين،
    سڄڻ ماکِيَ ساءِ، ڪوءڙا ٿِينِ نه ڪڏهين.
    25
    تارا، تِرَ، تِروڪِڻِيُون، هَٿِن ڦلَڙيُون،
    کوءِ! سي راتَڙِيُون، جي مون پِرينءَ پُڄاڻا پيِئيون.

    داستان ٻيون

    1
    ناسِيندي نِگاهَ، پهرين ڪج پِرينِ ڏي،
    اَحوال عاجزن جا، آکج لَڳِ اللهَ،
    روزُ نِهارينِ راهَ، اَکيُون اَوهان جي آسِري.
    2
    ناسِيندي نظرُ، پِهرِين ڪِج پِرِيَنِ ڏي،
    قَمَرَ! ڪَهِج قَرِيبَ کي، نِسَتُ آئون نِٻَرُ،
    ٻِي ڀيڻِي ناهِم ڀَرُ، اَکِيُون اوهِان جي آسَري.
    3
    ناسِيندي نِرتِ! پِهرِين ڪِج پِرِيَنِ ڏي،
    قمرَ! ڪَهِج قَرِيبَ کي، ساري ساڻُ سُرتِ،
    ٻيو ڀَروسو نه ڀِتِ، اکِيُون اَوهِان جي آسَري.
    4
    ناسِيندي نِهارَ، پِهرِين، ڪِج پِرِيَنِ ڏي،
    آئون جي ڏِيَئِن سَنِيها، چئج چنڊَ! اُڀارَ،
    ساڄَنَ! سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اوهِان جي آسَري
    5
    چَڱا چَنڊَ! چَئيجِ، سِنِيها کي سَڄِڻين،
    مَٿان اَڱڻ اُڀري، پِرينِ جي پئيج،
    جهِيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هَٿڙا.
    6
    آئون جي ڏِيَئِن سَنِيها، سي تون چنڊ پليءِ ٻَنڌَ،
    چَئج حالُ حَبِيبُ کي، نَئِي نوڙائي ڪَنڌُ،
    تو تيڏاهين پنڌُ، جيڏهن عالم آسرو.
    7
    اُڀِرُ چَنڊَ! پَسُ پِريِن، تو اوڏا، مُون ڏُور،
    سَڄَڻَ سَتا وِلھه ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُور،
    پيرين آئون نه پُڄڻي، ٻاٻُل ڏِئي نه ٻُور،
    جنهن تي چڙهي اَسُورِ، سَنجهي سَڄَڻَ سِيٽيان.
    8
    آئون اُڪَنڊِيائِي مران! پِرِين ڀلا، پَرَ ڏُورِ،
    ٻاٻَلُ ڏي نه ٻُورِ، پنڌَ نه جوڳِي پِيَڙِي
    9
    ڌَڻي! ڪَرِيندين ڪَڏهيِن، حياتيءَ هيڪاند؟
    مَنَ ۾ مُشتاقنِ جي، ڪي رنجائي راندِ،
    پِريِن ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجھُه ڳَرَهِيان ڪن سين؟
    10
    هِنئڙي سَڄَڻَ سارِيا، ڪِٿي هُوندَمِ هير؟
    اَچي لالَنِ! نه ڏِئين، مٿي پَلَنگَن پير؟
    ٿي وِرونهِڻ ويرَ، ڳُجھُه ڳَرهِيان ڪِنِ سين؟
    11
    وَڏَ ڦُڙو ۽ واءُ، ڪَرَهِي کاڏو کوڙِيو،
    کوءِ! ٻَنِ! پَلاڻِيان! اولاڻِيو نه اُٿيِي.
    12
    پلاڻيان پيو! اولاڻِيو نه اُٿيي!
    جيڏانهن وَڳُ ويو، اُڀو ترسي اوڏاهِين
    13
    ڪَرَهو نه ڪيڪانُ، پيرين آئوُن نه پُڄڻي،
    جو مون رات رَساڻي، نيئي ساجَنَ ساڻ،
    مُون نه وَهِيڻو پاڻُ، ويٺي نِيڻَ نچوئيان.
    14
    ڪرها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکون وِجهه وَڌندِيون،
    هيڪَرَ حَبيبَنِ سان، مون کي نيئي گَڏِ،
    مَڇُڻ! پونيءَ هَڏِ، آهون اُڪَنڊِيَنِ جِيون.
    15
    ڪَرها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وڌندي پاءِ،
    منهنجو هلڻ اُتَهيِن، جتي جانِبُ جاءِ،
    توکي چَندنُ چارِيان، ٻيو وڳُ لاڻِي کاءِ،
    اِئين اُٺ! اٺاءِ، جيِئن هونديءَ راتِ هُتِ مِڙُون.
    16
    ڪَسَر ڇَڏِ ڪَنواٽَ! وِکُون وِجھُ وَڌَنديُون،
    سنئيِن سُپيرينِ جي، ونگي ڀانءِ م واٽ،
    ڇَڏ جهوري ڏي جهاٽَ، ته هوندي رات هُتِ مِڙُون.
    17
    ڪَرَهَا! ڪُرُ سُڃاڻُ، پيڪو ۽ پاهجو،
    اصل آهي آهِنجو، ناليرو نَڌاڻ،
    ڪَرَها! اسان ساڻُ، ڪي چانگا ڪِج چَڱائيون
    18
    آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مان مُکڙيُون چري،
    ڪُڌاتُورو ڪَرَهو، لِڪيو لاڻي کاءِ،
    اِنَ ميي سندي ماءِ!، مُون کي ڳالهڙين
    ڳوڙها ڪيو.
    19
    مَيا! مَڃُ مِنٿَ، اَڄ منهنجي ڪَرها!
    جهاڳِيندي جَر پَٽيُون، متان ڪَرِيين ڪٿ،
    سُپيريان جي سَٿَ، مُون کي نيئي ميڙِئين.
    20
    ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيُنِ ڳُتيسَ مال،
    ڪَديفي جي ڪَرَها! هيدي پايئين حال،
    چندن چارِينءِ جالَ، جي مُون رات رساڻِيين.
    21
    ڳَل ڳانا ياقوتَ جا، موتي منجِهه مَهارَ،
    چانگا! چَندَنُ چارِينءِ، اٺئي پَهرَ اَپارَ،
    سنديَ پِيَ پَچَارَ، جي مون راتِ رَساڻِيين
    22
    مَيا! تو مُهارَ، سڄي پايان سون جي،
    چارِينءِ چَندَنَ چوٽِيُون، نايو مينديءَ ڏارَ،
    سَندي پِي چَچارَ، جي مُون رات رساڻِيين.
    23
    اُٺُ نه وڃي وَڳَ سين، چَري نه لاڻون،
    مَيي کي مجازَ، جو ٿُوهي ۾ ٿاڻُون،
    ڀَتاري ڀاڻون، مَرَندي سِينءَ نہ مَٽيو.
    24
    اُٺُ نه وَڃي وَڳُ سين، ٻڌو چَري نه ٻُورُ،
    مَيي کي مجازَ جو، ڪُڙِهه اندَرِ ڪو سُورُ،
    سو ڪو پِرايَائِين پُورُ، سُڪي جِيئن ساڻو ٿِيو.
    25
    اُٺُ نه وڃي وَڳَ سين، چَري نه چانگو،
    لَڳيس نائُڪ نينِهن جي، نيهوڙيو نانگو،
    ڇَڏي سِر سانگو، رِڙهي رَند پِرينِ جي.
    26
    وِهي مَنجههيِن وَڳَ، کَٿُوريءَ ڏارَ چَري،
    ماءِ! منهنجي ڪَرَهي، پَڌَرِ پَڳَ نه لَڳ،
    جڳَ سين جهڙو جَڳَ، هِنئين سي هُتِ چري.
    27
    ڀُورُ نه چَري ٻُورُ، ڇڏِيو تُورُ تَڪُون ڪري،
    مُونين هَڻِي موٽيو، ڪَرَهو راتِ ڪَپُورُ،
    مَيو ٿيو مَعمُورُ، چَندَنُ چَکِي آئيو.
    28
    پيشانِيَ ۾ پرينِ جي، چانگي رَکيو چِتُ،
    نيٽَ ڇِنايو نِتُ، اُڀو اوڏاهِين اُسري.
    29
    اَڄ نه اَڳئينءَ ڍارَ، ڪَرَهو جيئن ڪالھه هو،
    اَڱڻِ آيو نه ڪري، پاهوڙي پچارَ،
    جيڪُس مَنجھه قَطار، ڪا وَل چِنائين وِه جي.
    30
    مَيي ماڪائي، وِڌو واتُ وَلين کي،
    خبر ٿِي کيٽَ ڌَڻينِ کي، وِڏوڙا واهي،
    ڪَرَهي ڪاڪَتَ ڇڏي، وَريس نه وائي،
    چانگي چَرِيائي، ويئي ويچاري وِسري.
    31
    مِٺِيُون لَهِي مُهاءِ، جي تو چانگا چِنِيُون،
    وَلَڙِيون وِهَ ساءِ، اَڃا تو مُهَندِيُون.
    32
    وَٽي سيٽَ سُوٽَ، پاءِ پنهنجي ڪَرَهي،
    وَليُون واسَ وَرِنيُون، پَهريُون مَٿي پَٽَ،
    چانگي چَکي چَٽَ، ته پوءِ نه رَهَندو پَئندَ ري.
    33
    ڪين جو ڪيڏاهِين، چانگوچَکِي آئِيو،
    تاڻِيو تيڏاهِين، نيٽ ڇنايو نِڪري.
    34
    ڪَرهي کي ڪئين، وِڌَمِ پَئندَ پَلَڻَ جا،
    ليڙو لاڻيءَ کي چَري، نِيرَ ساڻ نَئيِن،
    چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحب! وِجھُه سَنئيِن،
    اوباهيوس ائيِن! لُطفَ ساڻُ لطَيفُ چئي.
    35
    ڪرها! توکي ڪامَ، مون سچو پَسِي سَڃِيِي،
    مانَ پَرُوڙي مامَ، ساگَاهي سَئِينءَ وَهين.
    36
    کَنڀاتِڙي تَڙِ وَرِي، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ،
    مانَ اَچِهُون ڪاءِ، سُواڌائِي سَڄَڻين.
    37
    چانگي چَئي چُڪياسِ، مَٿان اڪ نه اُلهي!
    جنهن ولِ گهڻا وِهاٽيا، اُنَ سين آر لَڳياسِ،
    چوڌاري چَندَنَ وَڻَ، پَچي پوڄ پياس،
    رُاڙي رَتُ ڪَياسِ، هِنَ ڪُڌاتورُي ڪرهي.
    38
    اُٿي اَڙائيِنس، ڇڏيو ته ڇيڪ ٿيو،
    کارايان، کِڙِيو وڃي، پلاڻي پائيِنس،
    ڏانوڻِ تنهن ڏانئيِنسِ، جِئن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻو.
    39
    دُودستي، دوپيرَ، سيِني سَنگهَرَ رُڪَ جي،
    ماءِ! مُنهنجي ڪَرَهي، تازي ڦلَنِ هيرَ،
    تنهن ڪامڻ ڪَندي ڪير؟ جو مُونهِين وَٽِ مَسَ رَهي!
    40
    ڪنين ڪامَڻَ ڪَياءِ؟ ڪيِئن ڀَنڀولِئين ڪَرَها!
    اَکيُن مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پير گَٺاءِ!
    وڳَ ڪِ وِسرِياءِ؟ ٻَڌو جِئن گهاڻي وَهيِن.
    41
    هوسُ وَڏيرو وَڳَ جو، مِڙِنِي ۾، مَهندارَ!
    چُنِمَ ٿي چاڳُ منجهان، موڙِيو مَڃَرَ ٽارَ،
    لِکِئي جي لَغَارَ، آڻي ٻَڌمُ اَکِيا.
    42
    نَوَ نِيَرَ ڀائي، جان مون هِيَڙو جَهليو،
    وِئَڙو ڇِنائي، پويِنءَ رات پِرِيَنِ ڏي.
    43
    نَوَ نِيَرَ، ڏَهَ ڏاوَڻِيون، پَنِدرَه پَيِنڌ پياس،
    جڏهن سڄڻَ يادِ پِياسِ، ڇِرِڪَ ڇِنايئين هيڪَڙي.
    44
    کائي نه کَٽَڻَهارَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪري،
    اَگَرَ اوڏو نه وَڃي، سَرَ کَنڊَ لَهي نه سارَ،
    لاڻي جي لَغارَ، مَيو مَتارو ڪيو.
    45
    چانگا! چَندَنُ نه چَرين، مَيا! پِئين نه موڪَ،
    اَگَرَ اوڏو نه وَڃيِن، ٿُڪيو ڇَڏِئين ٿوڪَ،
    لاڻي وِچان لوڪَ، تو ڪَهڙي اَکَرِ آئڙي؟.

    46
    جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺيُون، پَنجين لَکين پاءُ،
    مَيو تنهن ماڳاءُ، ڏيهاڻي ڏارَ چَري.
    47
    جئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺِيون، پنجين لکين پَنُ،
    تئان ڇاڻي ڇُڳِيون، مَيي رتو مَنُ،
    تهِ وَلِ سندو پَنُ، ڪوماڻو ڪوڙين لهي.
    48
    لَکِ لاکِيڻو، ڪَرَهو، ڪوڙين، ڏيئي ڳِڌومِ
    اَڱڻِ سونهَو ٿيومِ، مُلِ مهانگو مَ چئو.
    49
    لَکِ لاکيڻو ڪرهو، ڪوڙين ڏيئي ڇوڙِ،
    اِها سِٽِ سيدُ چئي، جِهين تِهِين جوڙِ،
    تُرتُ رَسائي توڙِ، جُه ڀَلاڻيو ته مڙي
    50
    لَک لاکيِڻو ڪَرَهو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهِ،
    ايلاچِيون آهُرَ ۾، پُوڄَ مَيي کي پاءِ،
    ڪَٿَ نه ڪَندو ڪاءِ، جُه پَلاڻيو ته پِرِينءَ مِڙي.

    سرکنڀات سان وابسته مضمون
    1)شاه جي سر کنڀات ۾ جماليات جو ذڪر
     
    آخري ترميم: ‏2 جون 2021

هن صفحي کي مشهور ڪريو