سِوِڪِ سينٽر لاڙڪاڻو ۽ اسان جا ڏوهاري رويا... آصف رضا موريو

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    شيخ زيد ڪالوني روڊ ۽ شيخ زيد ڪالوني ڏي ويندڙ رستي جي ساڄي ڪنڊ تي وسيع و عريض ايراضي تي ٺهيل هي شاندار ۽ شهر جي خوبصورت ترين جنهن ۾ هاڻي سٽي اسڪول قائم آهي سا عمارت محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي ٻئي دورِ حڪومت دوران 97-1996ع ۾ سوڪ سينٽر پرائيويٽ ڪمپني لميٽيڊ پاران تيار ڪئي وئي هئي جڏهن ته ان جهازي سائز سينٽر جي اڏاوت نيشنل ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ مڪمل ڪئي هئي.
    ان عمارت جا ٻه طبقا آهن. پهريون طبقو ۽ ٻيو طبقي ۾ تهه خانو (Basement) ۽ گرائونڊ فلور پڻ آهي. دي سوڪ سينٽر جي عمارت ۾ سوين دوڪانن جوڙيا ويا هيا جيڪي نه رڳو لاڙڪاڻو شهر پر ضلعي ۽ قريبي ضلعن جي آبادين جي سهولت لاءِ اڏايو ويو. هن عمارت ۾ موجود وڏن دوڪانن جي قيمت ست هزار ۽ ننڍن دوڪانن جي قيمت ٽي هزار رپيه مقرر ڪئي وئي هئي.
    هي خوبصورت ۽ وشال اڏاوت جنهن مقصد ڪارڻ تيار ڪئي وئي هئي تنهن قومي فائدي کي پاسيرو رکندي جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سرڪارِ وقت 2001ع ۾ اها عمارت نيشنل انشورنس ڪمپني لميٽيڊ (اين اي سي ايل) کي وڪڻي ڏني جن وري دي سٽي اسڪول انتظاميه کي ڪرائي تي چاڙهي ڇڏي جتي هنن ساڳي سال پنهنجو ڪيمپس قائم ڪري ورتو.
    گرومنگٽ روڊ گلبرگ ٽئين لاهور جي 31 انڊسٽريئل ايريا ۾ هيڊآفيس رکندڙ هي اسڪول 1978ع ۾ قائم ٿيو جنهن جو هن وقت سي اي او اورنگزيب فيروز آهي. دي سٽي اسڪول سسٽم پاڪستان ۾انتهائي مهانگي پرائيويٽ اسڪولن جو وڏي ۾ وڏو نيٽ ورڪ آهي جنهن جا پاڪستان جي ستونجاهه شهرن ۾ 178 کان مٿي اسڪول هلي رهيا آهن.
    اين آئي سي ايل جو مقصد سرڪاري ۽ نيم سرڪاري تنظيمن کي معاشي لاگت تي انشورنس فراهم ڪرڻي هئي ته جيئين غير ملڪي زرمبادلي جي داخله کي گهٽائڻ سان گڏ بيروني انشورنس تي گهٽ انحصار ڪرڻ، ٽيڪسن ۽ منافعن ذريعي سرڪاري خزاني ۾ نمايان شرڪت ۽ وڌ ۾ وڌ منافعو حاصل ڪرڻ لاءِ عوام سان نجي شعبن ۾ عقلمندي سان سرمائي ڪاري ڪرڻ شامل هيو.
    ان دور ۾ ڪنهن تجارتي اخبار جي رپورٽ منهنجي سامهون آئي هئي ته “اين آئي سي ايل 325 ملڪيتن جو ويمو ڪرايو هيو جڏهن ته ڪافي ٻيون ملڪيتون پائيپ لائين ۾ هيون جن مان لاهور ۾ ويهه ڪينال جو پلاٽ، شاهدين بلڊنگ مال لاهور جو ڪمرشل پلاٽ نمبر 128، اپر مال لاهور، ايس آئي ايچ بلڊنگ لاهور، اين آئي سي بلڊنگ ڪراچي، اين آئي سي هائوس ڪراچي، ڪورنگي ٽائون شپ ڪراچي، اين آئي سي بلڊنگ اسلام آباد ۾ ڏهه ايڪڙ ايراضي، سوڪ سينٽر لاڙڪاڻو ۽ ٻيون پوڙ ساريون شاندار عمارتون شامل هيون.
    جهڙي طرح ڪراچي جي حسن اسڪوائر، گلشن اقبال وارو سوڪ سينٽر نه رڳو ڪراچي وارن لاءِ پر سنڌ جي تمام شهرين لاءِ سهولتن جو حب آهي جتي ڪراچي انتظاميه جو سرڪاري هيڊڪوارٽر هئڻ سان گڏ، ميئرڪراچي جو دفتر، ڪي ڊي اي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر سنڌ پوليس وغيره وغيره جهڙيون هزارين آفيسون آهن اهڙي ريت سوڪ سينٽرلاڙڪاڻو جي عمارت محترمه بينظيرڀٽو جو پنهنجي شهر جي ماڻهن کي ڏنل خاص تحفو هيو جتي (سوڪ سينٽر ۾) عام ماڻهن کي تمام سرڪاري ادارن جي آفيسن پٽاندر (هڪ عمارت ۾) تمام ممڪن سهولتون مهيا ڪرڻ جو خواب پڻ شامل هيو.
    ڪيتري نه کل جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪو سوڪ سينٽر عام غريب ماڻهن جون بنيادي ضرورتون سستي اگهه تي پوريون ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هيو اتي قائم ڪيل پاڪستان جي مهانگي ترين دي سٽي اسڪول ۾ غريب ته ڇا پر وچين طبقي جا ٺاهوڪا شهري ۽ چڱا ڀلا آفيسر به پنهنجا ٻار پڙهائڻ جي حيثيت ڪونه ٿا ڀانئن.
    مان اربابِ اختيار کي مودباڻي درخواست رکان ٿو ته لاڙڪاڻو واسين ۽ لاڙڪاڻو سان سلهاڙيل تمام ضلعن جي ڪروڙين آبادين جي شهري حقن کي مجروح ڪندي جيڪا عمارت دي سٽي اسڪول کي ڪرائي تي ڏني وئي آهي تنهن کي واپس سوڪ سينٽر جو درجو ڏئي پنهنجي عوام جي بهتري ۽ چڱ ڀلائي کي عام ڪرڻ جو عملي قدم کنيو وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو