قديم دنيائن جي مهندار شهر مهين جو دڙو جي بچاو ۽ مڃتا طور نڪتل ڊاڪ ٽڪٽون... آصف رضا موريو

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    مهين جو جو دڙو جو قديم ۽ شاندار شهرعيسا مسيح جي پيدائش کان 2500 کان 1500 اڳ واري دور ۾ آباد ٿيو جتي قديم دنيائن جي هن ترقي يافته تهذيب جي سلسلي پٽاندر هڪ منظم شهر جي پرورش سنڌ جي عظيم خطي ۾ ٿي جنهن کي آثارِقديمه جا ماهر ان دور جو “ميٽروپول شهر” سڏين ٿا جن جي شهري منصوبه بندي جا بيمثال نمونا، ڪشاديون گهٽيون ۽ ڪئي منزله گهر هوندا هيا. ان شهر جا رهواسي زراعت، باغباني، عمارت سازي ۽ تجارت سان گڏ بيشمار قديم و جديد هنرمندين ۾ پڻ طاق هوندا هيا.
    پاڪستان سان گڏ پر دنيا ڀر مان مهين جو دڙو جي حفاظت جي بين الاقوامي اپيلن طور جيڪي اقدامات ٿيندا رهيا آهن انهن مان “مهين جو دڙو کي بچايو” جي عنوان سان هن شهر جي آثارن متعلق “عوامي آگاهي طور” يادگاري ٽڪيٽن جو سلسلو ڪيئي سالن کان هلندو اچي ٿو.
    “مهين جو دڙو بچايو” سيريز جون حڪومتِ پاڪستان پهريون پنج ڊاڪ ٽڪيٽون 29 فيبروري 1976ع ۾ ڪڍيون ۽ انهن جي ٻي سيريز 31 مئي 1976ع تي پڌري ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو. مهين جو دڙو جي عالمي ورثي جي يادگار سيريز طور اهڙيون ٽڪيٽون يونيسيف جهڙن ادارن کان علاوه دنيا ڀر جي تاريخ ۽ آثارِ قديمه سان همدردي ۽ پيار رکندڙ ملڪ پڻ هن قديم شهر جي تصويرن سان مزين ڊاڪ ٽڪيٽون منظرِ عام تي آڻيندا رهن ٿا.
    اسان کي گهرجي ته پنهنجي تاريخي اثاثن جي جيتري ٿي سگهي نه رڳو حفاظت ڪريون پر ان جي اهميت کي دنيا ڀر ۾ اجاگر ڪرڻ کان هڙان وڙان نه گهٽايون جو مهين جو دڙو جهڙا آثار نه رڳو اسان جي تهذيبي، هنرمندي، تمدني، تاريخي منظرن ۽ پسمنظرن جي نمائندگي ڪن ٿا پر اسان جي زميني ۽ زماني قدامت جي گواهي پڻ ڏين ٿا. ان کان علاوه دنيا ڀر جي مڙني قديم تاريخي ورثن جي ڀڳل ٽٽل، ڀريل ۽ ميساريل آثارن ۾ هن وقت به تمام انسانن جي عالمي ورثي طور هڪ ٻئي جي تهذيبن جون دليون پڻ ڌڙڪنديون آهن.
    اچو ته اهڙن آثارن کي ماٺارڻ، تباهڻ ۽ ميسارڻ بجاءِ زنده رکڻ جا مناسب اپاوءَ وٺي بچائڻ جون ڪوششون ڪندي اسان سڀ پنهنجي پنهنجي تاريخ، تهذيب جي پوءِ واري ڪندي پنهنجي قديمي ۽ مهذب هئڻ جي شاهدين جو تحفظ ڪيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو