هڪ دفعو ٻيهر اسان جو ملڪ ٻه واٽي تي بيٺو آهي.... آصف رضا موريو

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ان ٻه واٽي مان هڪ سلامتي جو رستو آهي ۽ ٻيو تباهي جو. رهنمائن جي صحيح فڪر ۽ درست فيصلن سان قومن جو مستقبل روشن ٿيندو آهي پر اسان جي رهنمائن ۾ پيسي ۽ پاور جي لالچ سبب منفي رحجان وڌي ويجهي رهيا آهن.جنهن سان عوام ۾ مايوسي پکڙجي رهي آهي.
    سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي حقن جي حوالي سان اميد ۽ نا اميدي جي جنگ هلي رهي آهي. قوم جي اڪثريت پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پريشان آهي خاص طور تي سنڌ جو عوام جن جي حقن واسطي ڪجهه مانجهي مرد ظلم جي طوفانن جو منهن موڙڻ لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ نڪري آيا آهن جي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ سر ڌڙ جي بازي کيڏڻ لاءِ تيار آهن.
    بدقسمتي سان اسان جي اڳواڻن کي عوام جي طاقت جو اندازو ئي ڪونهي. جيڪڏهن اهي تاريخ پڙهي ڏسندا ته انهن کي خبر پوندي ته عوام جي پي پناهه قوت اڳيان شيطان صفت، اخلاق باخته ۽ بدترين آمر به ڪڏهن بيهي ڪونه سگهيا آهن.
    سنڌ، سنڌين جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن جي بقا لاءِ مختلف ڌڙن ۾ اتحاد به نظر اچي رهيو آهي ۽ سماج ۾ رهندڙ مختلف ڌڙن اندر جنم وٺندڙ اخوت انقلابن کي جنم ڏيندي آهي.
    جيڪڏهن حڪومتِ وقت عوام جي اصولي موقفن جي حمايت ڪندي مظبوط فيصلا نه ڪيا ته انهن کي عوام جي مظبوط ارادن ۽ جدوجهد کي برداشت ڪرڻو پوندو.
    حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اسان جي رهنمائن لاءِ ملڪ رياض جهڙا بدعنوان عنصر ملڪ جي سلامتي، امن امان ۽ ڪروڙين عوام جي حقي حاصلات کان وڌيڪ اتم ۽ اهم آهن.
    عوام جي جائز حقن جي ڦر مار تي اسان جا اڳواڻ ۽ حڪمران ائين بي ڌياني ۽ ڪن لاٽاري سان وقت گذاري رهيا آهن ڄڻ ته انهن ۾ پنهنجي عوام جي حقن متعلق انصاف تي مبني اخلاقي فيصلا ڪرڻ جي قوت به نه رهي هجي.
    اهي پنهنجي پنهنجي لالچن پٽاندر مجموعي طور تي ايترا ته بيحس ٿي چڪا آهن جو کين حالات جي سنگيني جو احساس به نه رهيو آهي يا وري اقتدار جي لالچ ۾ ايترا ته انڌا ٿي چڪا آهن جو کين زميني حقيقتن تي سندن نظر ئي نه ٿي پوي..
    پنهنجي ملڪ جي رهنمائن طرفان مڙهيل اهڙي هٺ ڌرمي ۽ اک ٻوٽ واري صورتحال ۾ عوام آخر ڪيسيتائين پر امن احتجاجن تي راضي رهندو جن مان ڪو کڙ تيل نه نڪرندي ڏسي ان مايوس پر مڇريل عوام وٽ ٻيو ڪهڙو رستو هوندو......؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو