ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ادب جو عاشق ۽سنڌي ٻوليءَ جو شاعر...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ادب جو عاشق ۽ سنڌي ٻوليءَ جو شاعر :
    فقير محمد سنڌي..

    ڪي ئي ڀيرا پاڻ ئي پنهنجو در مون کڙڪايو،
    مون پئي ڀانيو اندران ئي ايندو منهنجو آواز.
    ( نارائڻ شيام )
    سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار رزاق مهر جو زندگيءَ بابت خاڪو آهي ته : "زندگيءَ سان مڙس ماڻهو ٿي لڙجي يا نه ته ان جي هٿان چپ چاپ شڪست قبول ڪري ڇڏجي، دنيا ۾جيئڻ جا رڳو اهي ٻه رستا آهن، ٽيون رستو ڪوبه ڪونھي ".
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ جو اهو شاعر ۽ ليکڪ آهي، جنھن ادب ۽ پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مڙس ماڻهو ٿي گذاريو آهي. جنھن جي زندگي جو مختصر جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو .
    زندگي جو مختصر خاڪو :
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريدآباد، تعلقي باقراڻي، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. خانداني لحاظ کان سندس لاڳاپو زميندار ۽ تعليم يافته خاندان سان آهي. هن 1972ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري مان ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1984ع ۾ ڪميشن جو امتحان ڏئي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪيائين. آر. ايم. او (ايڊمنسٽريشن) ايل. ايم. سي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو (1989ع-1988ع) رهيو. ان کان سواءِ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد، ايڊيشنل پوليس سرجن جناح اسپتال ڪراچي ۽ ايم. ايس چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻي ۾ پنھنجا فرائض سر انجام ڏنا .
    ذوالفقار سيال 1971ع ڌاري لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئـي. سندس ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن جـي ’ٻارن جي صفحن‘ ۾ ڇـپـجـــنــديـون رهيون. چـانـڊوڪــي پـبليڪيشن لاڙڪاڻي جو (1976ع-1974ع) جو ايڊيٽر ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ’سنگت‘ مخزن جو چيف ايڊيٽر (2008ع- 2006ع) رهيو آهي.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ 1972ع ۾ ان جو سيڪريٽري بڻيو. ان کانپوءِ 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ايل. ايم. سي جو سيڪريٽري ٿيو. 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي ۽ 2006ع ۾ ٻن سالن لاءِ سنگت مرڪز جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. گهڻي عرصي جي وٿي کان پوءِ ٻيھر سنڌي ادبي سنگت مرڪز تي( 2018-2019) لاءِ سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي پنھنجو خدمتون سرانجام ڏنيون.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سٺو ڪمپيئر به رهيو آهي ۽ ٽي. وي جي ڪيترن پروگرامن جي ميزبان جي حيثيت سان ڪمپئرنگ ڪري چڪو آهي. هن ڪيترن سنڌي ۽ اردو ڊرامن (’ڪن ۽ ڪنارا‘، ’پرهه کانپوءِ‘، ’غازي عبدالقيوم شهيد‘، ’درد ڪو جو زبان ملي‘) ۾ اداڪاري به ڪئي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ جو اهو خوش نصيب شاعر آهي جنھن جي شاعري ڪافي فنڪارن ڳائي آهي. ملڪ جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان ذوالفقار سيال جا گيت نشر ٿين ٿا جيڪا شاعر ۽ ليکڪ لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي.
    ڊاڪٽر حياتيءَ جي روشن باب کي مستقل مزاجي سان جاري رکيو آهي، جنھن مان پنهنجي ذاتي زندگي ۽ سنڌي ادب کي ڪٿي به بي زبان ٿيئڻ ڪونه ڏنو آهي. تاريخ ۽ ادب جي وارثي ڪندو رهي ٿو.
    علم ته آهي هيرن کاڻ،
    پڙهي پرائي پاڻ سڃاڻ .
    علم سڏي سڀني کي چئي ٿو،
    آءُ، تون پنهنجي منزل ماڻ.
    سنڌ جي ناليواري شاعر تاجل بيوس، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي منظوم ڀيٽا هن ريت پيش ڪئي آهي.
    شاعر ذوالفقار،
    ڪرايا جنھن سنڌ کي،
    سورنهن سينگار.
    ذوالفقار سيال،
    منھنجي سنڌ ساڻيھ جو،
    مستقبل ۽ حال.
    مون ذلفي جي ڪاڻ،
    آندي آ ڀٽ شاھ ۽،
    سنڌوءَ جي سرهاڻ.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي من ۾ فطرت جو حسين سنگم جڙيل آهي جيڪو ٻاراڻي ادب لاءِ هر ويل پاڻ آڇيندو رهي ٿو. جيئن هي ٻارن لاءِ لکيل نظم.
    منھنجو گڏڙو، منھنجي گڏڙي،
    پنھنجي آهي دنيا ننڍڙي.
    روز گُڏين جي شادي ٿئي ٿي
    روز هتي ڪا ڄڃ اچي ٿي.
    ڪاڄ، خوشيون ۽ ڀت ٿين ٿا،
    راڄ جا ماڻھو، گڏ ٿين ٿا.
    سهرا ڳائن، لانئون لائن،
    پنھنجي گڏڙين کي پرڻائين.
    روز مٺايون، مانيون کائن،
    ائين پنھنجي دل وندرائن.
    گُڏڙا ۽ گُڏڙيون پرڻائن،
    گڏجي سڏجي راند رچائن.
    ڏکين حالتن ۽ ڪرب واري ماحول کي ڏسي شاعر جو قلم جمڀش ۾ اچي ٿو وڃي. سماج جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي لفظن جي روپ ۾ هن ريت ٿو بيان ڪري.
    وري ظلم جي انتها ٿي وئي آ،
    وري ڪربلا ڪَرَ موڙي اٺي آ،
    وري ڳوٺ جا ڳوٺ ميسارجي ويا،
    وري تير نيزي جي بازي لڳي آ.
    ڇپيل ڪتاب :
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن .جنهن ۾، (1) ’رڻ سڄـــو ئــي رت ڦڙا‘1977ع سنڌ اڪيڊمي حيدرآباد ، (2) ’ڳاڙها هٿ پيلا چهرا‘ (3) ’چهرا چنڊ گلابن جھڙا‘ (4) ’بارش کانپوءِ)(‘ 5) اکر اکر سرهاڻ،2002ع( ٻارن لاءِ شاعري ) 6) آئينه ۽عڪس(7) لفظن جا رانديڪا ،1989ع( ٻارن لاءِ شاعري )(8) سنڌي شاعريءَ جو سفر ( 9) پنهنجي ٻولي، پياري ٻولي2014ع( ٻارن لاءِ شاعري )،( 10) ماڻهو اُجرا رستا ميرا( 11) منهنجي ديس جا ٻار 1982ع( ٻارن لاءِ شاعري )( 12)گلڙن جھڙا گيت،1986ع( ٻارن لاءِ شاعري )( 13)مکڙين مالها 1979ع( ٻارن لاءِ شاعري )( 14)دعائون، 2010ع( ٻارن لاءِ شاعري )( 15)گل مکڙيون، 2006ع( ٻارن لاءِ شاعري )( 16)گيت کيڏوڻا 1987ع( ٻارن لاءِ شاعري )( 17)ننڍڙا فرشتا پياريون پريون 2019ع( ٻارن لاءِ شاعري )( 18)چنڊ به منهنجو رانديڪو 2020ع( ٻارن لاءِ شاعري ) (19)لفظ لفظ خوشبو 2020ع( شاعري )( 20)منهنجو ننڍپڻ 2020ع( ننڍپڻ جي يادگيري نثر ) ۽ (21) منھنجو گڏڙو - منھنجي گڏڙي2021ع( ٻارن لاءِ شاعري )سنڌي ادب جي کيتر ۾ شامل آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ادبي پورهئي تي ساجد سنڌي، "ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ادب ۽شخصيت"2019ع جي عنوان سان شاندار نموني جي سھيڙ ڪئي آهي جنھن مان سنڌي ادب جا ليکاري آساني سان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي زندگي ۽ ادبي پورهئي تي لکي ۽ پڙهي سگهن ٿا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا جذبا سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لا هر ويل ءِ جوان آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا ڪجھ ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن. "الا آڱر ٽانڊا"( شاعري) "پنھنجي دنيا ڌار"( ٻارن لاءِ شاعري ) ۽ "ڊاڪٽر ذوالفقار سيال فن ۽ فڪر" شامل آهن.
    دنيا جي اندر شاعر حسين لحمن کي جمالياتي روپ جو پاسو وٺرائي لفظن کي رقص ڪرائيندا آهن. اهڙي وجداني ڪيفيت کي ذوالفقار سيال سچائي سان پيش ڪري ٿو.
    تنھنجا حسين عڪس ٿو اکين ۾ سانڍيان،
    توکي زمانو مون کان لڪائي ته ڇا ڪريان.
    مولانا ابو ڪلام آزاد جو عمل لاءِ خاڪو آهي ته :
    "دنيا ۾ هر فڪر ۽ هر عمل لاءِ ٻه ئي رستا آهن. هڪڙو رستو اميد جو ۽ ٻيو نااميديءَ جو".
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال وٽ اميد جو ڪرڻو ڏينهون ڏينهن روشن آهي، نااميدي جو تصور ڊاڪٽر ذوالفقار وٽ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي تڏهن ته چوي ٿو.
    پيار ۽ سونهن جو نالو تيسين هن دنيا ۾ قائم رهندو،
    جيسين هوندا" ذلف "اسان جي سهڻي ساجن پارا ماڻهو.
    آخر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ لطيف سائين جون سٽون ته :
    چڱا چنڊ چئيج سنيها کي سڄڻين،
    مَٿا اڱڻ اُڀري، پرين جي پئيج،
    جھيڻو ڳالھائيج، پيرين وجهي هٿڙا.

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو