سنڌ جا تيل ۽ گئس جا وسيلا نصير ميمڻ هن وقت جڏهن دنيا توانائيءَ جي بحران جو شڪار آهي ۽ پاڪستان ۾ توانائيءَ جا وسيلا محدود ٿي رهيا آهن. سنڌ صوبو توانائيءَ جي ٻن بنيادي اهم ذريعن يعني تيل ۽ گئس جي حوالي سان ملڪي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. بدقسمتيءَ سان ملڪي توانائيءَ جا ايڏا وڏا وسيلا فراهم ڪندڙ صوبو اڄ ترقيءَ جي هر اهڃاڻ ۾ پٺتي پيل آهي. سنڌ ملڪي تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ ڪيترو شيئر ڏئي رهيو آهي. ان جي هڪ جهلڪ هيٺين جدولن مان ڏسي سگهجي ٿي. جدول: (1) 07-2006ع ۾ ملڪي تيل جي پيداوار جا وچور سيڪڙو تيل جي پيداوار (ملين بيرل) صوبو 56.36 13.87 سنڌ 31.91 7.85 پنجاب 11.61 2.80 پختونخواهه 0.1 0.024 بلوچستان 24.61 ڪل جدول: (2) 07-2006ع ۾ ملڪي گئس جي پيداوار جا وچور سيڪڙو گئس جي پيداوار (ملين ڪيوبڪ فوٽ) صوبو 70.77 1،000،415 سنڌ 4.58 68،608 پنجاب 1.86 26،370 پختونخواهه 22.5 318،188 بلوچستان 1،413،581 ڪل انهن جدولن کي غور سان ڏسي هيٺيان نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. 1. سنڌ تيل جي ملڪي پيداور ۾ سمورن صوبن کان وڌيڪ يعني 56 سيڪڙو فراهم ڪري ٿي. 2. سنڌ گئس جي ملڪي پيداوار ۾ سمورن صوبن کان وڌيڪ يعني اٽڪل 71 سيڪڙو فراهم ڪري ٿي. 3. سنڌ ۽ بلوچستان گڏجي گئس جي ملڪي پيداوار جو اٽڪل 93 سيڪڙو فراهم ڪن ٿا. 4. ان حساب سان ڏسجي ته تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ اڄ ملڪي پيداوار جو وڏي ۾ وڏو حصو سنڌ صوبو فراهم ڪري رهيو آهي. هاڻي اچو ته هڪ نظر ان حقيقت تي وجهون ته موٽ ۾ سنڌ کي ڇا پيو ملي. ياد رهي ته توانائي جو واهپو دنيا ۾ ترقيءَ جي اهم اهڃاڻ طور مڃيو وڃي ٿو. يعني جتي توانائي جو واهپو وڌيڪ ٿيندو اتي لازمي طور ترقيءَ جو عمل به وڌيڪ هوندو. جدول نمبر 3 ۾ انگن اکرن سان اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته صوبا گئس جي پيداوار جو ڪيترو حصو پنهنجي واهپي ۾ آڻن ٿا. هي انگ به ساڳي دستاويز تان ورتا ويا آهن، جن جو حوالو جدول 1 ۽ 2 ۾ ڏنو ويو آهي. جدول نمبر 3 ۾ نهايت اهم نتيجا نظر اچن ٿا، جن کي لفظن ۾ هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو. پيداوار ۽ واهپي جو تناسب سيڪڙو گئس جو واهپو ملين ڪيوبڪ فوٽ) گئس جي پيداوار (ملين ڪيوبڪ فوٽ) صوبو 45.91 459،369 1،000،415 سنڌ 930 638،008 68،608 پنجاب 161 42،480 26،370 پختونخواهه 25.81 82،138 318،188 بلوچستان سنڌ جيتري گئس پيدا ڪري ٿي، ان جو اڌ کان به گهٽ صوبي اندر استعمال ٿئي ٿو ۽ باقي صوبي کان ٻاهر استعمال ٿئي ٿو. بلوچستان جيتري گئس پيدا ڪري ٿو، ان جو مس چوٿون حصو استعمال ڪري ٿو، باقي ٽي حصا صوبي کان ٻاهر استعمال ٿين ٿا. پنجاب جيتري گئس پيدا ڪري ٿو، ان کان نائوڻ تي وڌيڪ استعمال ڪري ٿو، يعني اهو پنهنجي گئس جي ضرورتن جو وڏو حصو ٻين صوبن (يعني سنڌ ۽ بلوچستان) مان استعمال ڪري ٿو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته بلوچستان کي پنهنجي گئس جي پيداوار جو ننڍو حصو استعمال لاءِ ملي ٿو، ان حقيقت کي جدول نمبر 4 ۾ وڌيڪ سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو. جدول نمبر4 : گئس جي واهپي جا صوبي وار وچور ڪل بلوچستان پختونخواهه پنجاب سنڌ واهپي جي نوعيت 4,789,306 164,354 (3%) 343,377 (7%) 2,525,831 (53%) 1،755،744 (37%) گهريلو 66,896 1,707 (3%) 7,719 (12%) 38,206 (57%) 19,264 (29%) ڪاروباري 7,609 44 (1%) 463 (6%) 3,962 (52%) 3,140 (41%) صنعتي 4,863,811 166,105 351,559 2,567,999 1,778,148 ڪل انهن سڀني انگن اکرن مان اها ڳالهه چٽي ٿي وڃي ته سنڌ ۽ بلوچستان قدرتي وسيلن ۾ وڏو حصو ڏيڻ جي باوجود انهن جي فائدن کان محروم آهن. اهو ته هو قدرتي وسيلن جي سڌي استعمال جو معاملو ٻئي طرف اچو ته ڏسون ته تيل ۽ گئس مان ٿيندڙ آمدني مان صوبن کي ڇا ٿو ملي. پاڪستان جي وفاقي سرشتي اندر تيل ۽ گئس جا سمورا اختيار وفاق جبري طور پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن. نتيجي ۾ تيل ۽ گئس جون فيلڊز ليز ڪرڻ جو اختيار به پيٽروليم واري وزارت جي انتظام هيٺ هلندڙ ڊائريڪٽوريٽ آف پيٽروليم ڪنسيشنز وٽ آهي. هيءَ ڊائريڪٽوريٽ ڏيهي پرڏيهي ڪمپنين کي تيل ۽ گئس جي فيلڊز جي ليز ڏيڻ ۽ ان ڏس ۾ سمورا شرط وغيره مقرر ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. ان حوالي سان صوبائي سرڪار کي ڪٿي به وچ تي نه آندو ويندو آهي. صوبائي حڪومت کي رڳو ان ڊائريڪٽوريٽ جي نوٽيفڪيشن وسيلي پتو پوندو آهي ته صوبي جي فلاڻي علائقي کي تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ فلاڻي ڪمپني حوالي ڪيو ويو آهي. اهو بلڪل ڪالونيل دور وارو ڍانچو آهي، جنهن ۾ زمين توڙي ان جي اندر وسيلن جي تاريخي مالڪي رکندڙن کي سندن وسيلو وڪرو ٿيڻ جو رڳو اطلاع ڏنو ويندو آهي. اهڙي طرح تيل يا گيس ملڻ جي صورت ۾ وفاق سڌوسنئون ان جو مالڪ بنجي ويندو آهي ۽ صوبن کي پيٽروليم واري وزارت جو نوٽيفڪيشن وسيلي اهڙي خبر پهچندي آهي. وفاقي حڪومت تيل ۽ گئس مان جيڪي آمدني حاصل ڪندي آهي، ان تي ساڍا ٻارنهن سيڪڙو رائلٽي صوبن کي ڏني ويندي آهي، اڳتي هلي صوبو ان رقم کي صوبائي ورڇ واري فارمولي هيٺ ورهائيندو آهي، جنهن ۾ تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ يونين ڪائونسل، تعلقي يا ضلعي لاءِ ڪابه الڳ رائلٽي شامل نه هوندي آهي. صوبائي ورڇ ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو واري فارمولي هيٺ سگهارن ضلعن کي صوبائي ترقياتي بجيٽ جو وڏو حصو ملي ويندو آهي. ناري، ڪاڇي ۽ ساحلي علائقن جهڙا ڏتڙيل ضلعا اربين رپين جو تيل ۽ گئس پيدا ڪرڻ باوجود ساڳي حال ۾ رهندا آهن. اصولي طور تيل ۽ گئس جي ايڏي وڏي دولت ملڪي ناڻي ۾ ڏيندڙ صوبا سنڌ، بلوچستان ملڪ جا امير ترين صوبا هجڻ گهرجن ها پر انهن جي سماجي ۽ معاشي پسماندگي جو ڪهڙو حال آهي، اچو ته ان لاءِ ڪجهه عالمي ساک وارن ادارن جي انگن اکرن تي نظر وجهون. يونائيٽيڊ ڊولپمينٽ پروگرام (UNDP) طرفان 2003ع ۾ پاڪستان اندر انساني ترقيءَ واري صورتحال تي جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ 91 ضلعن جي وڌيڪ تيل اپائيندڙ ضلعو بدين 91 مان 60هين نمبر تي بيٺل هو. ساڳي رپورٽ موجب انساني ترقيءَ جي ماپي واري پيماني تي آيل مٿين 30 ضلعن ۾ سنڌ جا رڳو 3 ضلعا شامل هئا، جن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد به شامل هئا. ساڳي طرح پهرين 30 ضلعن ۾ بلوچستان جا به رڳو 30 ضلعا هئا. ان رپورٽ ۾ ڪيل درجي بندي ۾ ڊيرا بگٽي سڀني کان آخر ۾ هو، جيڪو 1952ع کان هن ملڪ کي گئس جي دولت وسيلي ترقي ڏيندو رهيو آهي. انساني ترقيءَ بابت کوجنا ڪندڙ هڪ ٻئي جڳ مشهور اداري سوشل پاليسي ڊولپمينٽ سينٽر (SPDC) پنهنجي 2001ع ۾ جاري ڪيل سالياني رپورٽ“Social Development in Pakistan Growth,Ineaqutiy and poverty”۾ ڄاڻايو ته سنڌ جا پنجاهه سيڪڙو ضلعا تمام گهڻي محرومي واري خاني ۾ اچن ٿا. ساڳي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته بلوچستان جي 88 سيڪڙو آبادي تمام گهڻي محروميءَ واري زندگي گذاري ٿي. پاڪستان سرڪار طرفان ملينيم ڊولپمينٽ گولز (MDGS) بابت 2006ع ۾ جاري ڪيل رپورٽ ۾ انساني ترقيءَ جي مختلف اهڃاڻن جي حوالي سان ملڪ جي سمورن ضلعن جي درجي بندي ڪئي ويئي آهي. ان درجي بنديءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انساني ترقيءَ جي ستن اهڃاڻن جي حوالي سان پهرين ڏهن نمبرن تي ايندڙ ضلعن ۾ 71 سيڪڙو ضلعا پنجاب جا، 11 سيڪڙو سرحد جا، 10 سيڪڙو سنڌ جا ۽ صرف 7 سيڪڙو بلوچستان سان تعلق رکن ٿا. انساني ترقي جي حوالي سان تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ ضلعن جي حوالي سان تفصيل ۾ وڃڻ سان پتو پوندو ته انهن علائقن ۾ حڪومت وسيلا ته ڪڍندي رهي آهي پر موٽ ۾ انهن کي بري طرح نظرانداز ڪيو ويو آهي. ناجائزين جو ٻيو اهم پاسو آهي تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ ڪمپنين ۾ نوڪرين جو، جيئن ته انهن ڪمپنين جون هيڊآفيسون گهڻو ڪري اسلام آباد يا ڪراچي جهڙن وڏن شهرن ۾ واقع آهن، تنهن ڪري اهم نوڪرين تي هڪ مخصوص لابيءَ جو قبضو آهي. هيڊ آفيس ۾ خاص ڪري مئنيجمينٽ ڪيڊر جي نوڪرين ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جي ماڻهن جو انگ اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ آهي، مثال طور سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ڪندڙ هڪ تمام وڏي ملٽي نيشنل ڪمپني جي اندرين ذريعن موجب ان ڪمپني جي اسلام آباد آفيس ۾ ڪل 60 ملازم آهن، جن مان رڳو ٻه سنڌي ڳالهائيندڙ آهن، جڏهن ته ساڳي ڪمپني جي ڪراچي آفيس ۾ 176 ملازم آهن، جن مان رڳو 10 سنڌي ڳالهائيندڙ آهن. ان هڪ جهلڪ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ڪمپنين جي مکيه آفيسن ۾ سنڌين جي ڪيتري نمائندگي آهي. 14 هين اپريل 2007ع ۾ پيٽروليم واري اڳوڻي وزير امان الله جدون قومي اسيمبلي ۾ ٻڌايو ته سئي سدرن گئس ڪمپني ۾ ڪل 11،613 ملازم آهن، جن ۾ سنڌ جا 3613 ملازم شامل آهن، جن ۾ 1،940 جو تعلق ڪراچي شهر سان آهي. پرائيويٽ سيڪٽر، خاص طور تي پرڏيهي ڪمپنين ۾ ته حالت ويتر خراب آهي، جتي سنڌي ماڻهن کي اهو چئي نه ٿو رکيو وڃي ته منجهن گهربل اهليت ناهي. اهو دليل هاڻي پنهنجو وزن وڃائي چڪو آهي ۽ صاف ظاهر آهي ته هڪ مخصوص لابي انهن ادارن تي قابض آهي، جيڪا سنڌين کي انهن ڪمپنين ۾ پير رکڻ نه ٿي ڏئي. نان مئنيجمينٽ ڪيڊر وارين نوڪرين ۾ به هڪ وڏو انگ غيرمقامي ماڻهن جو رکيو وڃي ٿو، مختلف ڪم ٺيڪي تي وڏن شهرن جي ڪمپنين حوالي ڪري تيل ۽ گئس واريون ڪمپنيون اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ته انهن نوڪرين ۾ سندن وس ناهي. مثال طور اڪثر ڪري انهن ڪمپنين جي فيلڊن ۽ عملي جي کاڌي پيتي جي فراهمي ءَ وارو ڪم ٺيڪي تي ڏنل هوندو آهي، نتيجي ۾ اتي ويٽر به غيرمقامي ڪم ڪري رهيا هوندا آهن، باقي هنرمند ڪمن ۾ سنڌين کي ٻاهر رکڻ جو بهانو هنن وٽ ٺهيو ٺڪيو رکيو آهي ته ناري ۽ ڪاڇي ۾ ڀلا مقامي پلمبر ۽ فٽر ڪٿان آڻيون، انهن ڪمپنين کي جڏهن انهن علائقن ۾ ڏهاڪن تائين تيل ۽ گئس پيدا ڪرڻ جو ڪم جاري رکڻو آهي ته اصولي طور اها سندن ذميواري بڻجي ٿي ته اهي مقامي ماڻهن جي گهربل تربيت ڪري کين ننڍين نوڪرين ۾ اوليت ڏين پر ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ڪمپنين کانسواءِ ڪابه ڪمپني ائين ڪرڻ لاءِ ڪو باقاقاعده انتظام نه ٿي
جواب: سنڌ جا تيل ۽ گئس جا وسيلا سائين سنڌ ۾ جيترا به وسيلا آهن، انهن جي پيداوار حاصل ڪندڙ ڪمپنين ۾ اعلى عهدن تي صرف ۽ صرف پنجاب جا ۽ وفاق جا ماڻهو قبضو ڪيو ويٺا آهن۔۔۔
جواب: سنڌ جا تيل ۽ گئس جا وسيلا ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾ ۔۔۔ سسئيءَ کي ڏيرن نهوڙيو، مارئيءَ کي عمر بادشاهه ڏکويو، سنڌ کي ڀائرن ئي ٻوڙيو ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پئي ۔۔۔ اسين صوفي منش ماڻهون آهيون، درگاهه ته نذر نياز مان ڪم ٽپائي ويندا سون، اسانجو ڇا گيس، تيل ۽ ڪوئلي ۽ معدني وسائل سان ڀل پيا ڀائر ڀينگ ڪن ۔۔۔ ڪجهه مهينا اڳ مون ادي مست کي نالي بدلائڻ واري رسم تي هڪ ٽوٽڪو موڪليو هو، جيڪو موقعي مناسبت سان وري ونڊ ٿو ڪيان ۔۔۔ هڪ همراهه جو نالو هو محمد نواز سو دل ۾ خيال آيس ته نالو بدلائي رکان مهمانواز، سو ڪيائين بسم الله، پڙهو ڏياري ماڻهن کي، شهر وارن کي اطلاع ڪرايائين ته کيس اڄ کان مهمانواز سڏيو، پڙهيو ۽ سمجهيو وڃي ۔۔۔ ڪجهه ڏينهن ۾ مهمان اچڻ شروع ٿيا ته همراهه مهمانن کي ڪمرن ۾ ويهاريو، ٻيا مهمان آيا ته کين اڱڻ تي ويهاريائين، ٽيان مهمان آيا ته کين ٻاهر پڌر تي کٽون وڇائي جڳهه ڏنائين، چوٿان مهمان آيا ته پاڻ آل و اولاد سان گهر کان ٻاهر نڪري بيٺو ۔۔۔ هاڻ کيس خيال آيو ته يار منهنجو نالو محمد نواز ئي سٺو هيو، مهمانوازيءَ تي وڃي ڪنڌ ورتو آهي ۔۔۔ ٻي ڏينهن تي پڙهو گهمرايائين ته منهنجو نالو محمد نواز آهي مون مهمانوازيءَ وارو پٽڪو لاهي ڇڏيو آهي ۔۔۔ سو ادا اسان سنڌين به پاڻ سان ساڳئي جٺ ڪئي آهي ۔۔۔ هاڻ اهو ڀائريءَ وارو پٽڪو جيستائين نه لاهينداسون تيستائين جان نه ڇٽندي بلڪه گهر ته ڇا شهر ئي ڇڏڻا پوندا جيڪي اسان هاڻ به ڇڏيندا وڃون ۔۔۔ الله ڀلي ڪري اسان سنڌ وارن جو، جي تڪڙ ۾ ڳالهه نه سمجهياسون ته پوءِ وقت ٽپي ويندو ۽ پوءِ ڀنگ ۽ ڀوتار ۔۔۔ يا وري ڏنڊو يا ڏهڪاءُ
جواب: سنڌ جا تيل ۽ گئس جا وسيلا سائين بروبر اها ڳالهه ٿي هوندي۔۔ مست ته مست آهي نه ڪيئن ٿو ڪري سگهي۔۔