سر سھڻي داستان پهريون سهڻي 1 وَهَ تِکَ واهُڙَ تِکَ، جِت نِينهُن تِکَ نرالي، جَن کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالي، وارِيين سي والي!، هِنئڙو جَنين هَٿِ ڪيو. 2 آنڌِيءَ وَڇُون، ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِيا لَهي نه تِکَ، صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، ڏِيلَ پنهنجي ڏِکَ، واهُڙُ تَنِين وِکَ، جَنِ سانڀارا سُپِرِين. 3 واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ اڳي ٿيو، گهَرِ ويٺيون گهڻا ڪريو، سَرَتيُون! سڱ سنوان، صُورت جا ساهَڙَ جِي، سا جَي ڏٺي آن، هُوندَ نه پَليو مان، گهڙو سڀ گهڙا کڻي. 4 جيڏِيُون! ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساهَڙَ ڄامَ جِي، سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪينَ ڪِين، ڪاندَن پاسي ڪي، مُنهائِي آڳي، گِهڙو سَڀِ گهڙا کَڻِي. 5 ڏِٺِي جَنِ هيڪارَ، صُورَتَ ساهَڙَ ڄامَ جِي، سُکِ ٿي سُتِيُون ڪِينَ ڪِين، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ، گهڙِيون گَهڙِنِئا ڌارَ، ڪاهي پييون ڪُنَ ۾. 6 ساهَڙُ مون جيئن، سَرَتِيُون! جَي ڏِسو سَڀيئِي، ته سُمَهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، پاسو وَرَ ڏيئِي، مُنها اَڳيئِي، گِهڙو سَڀِ گَهڙا کَڻِي. 7 جِيڪِي ڏِٺو مان، سو جَي ڏٺو جيڏِيين، گَهرَ وَرَنِ سان، هُنڌ گَهڻِنِ گهوري ڇَڏِيا. 8 گَهڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گِهڙَنِ گَهڻيئي، سَڀَڪا چئي “آن سُوهَڻِي، لئي پِرِيان پيئِي،” صُباحَ سَڀيئِي، پَسبِيُون پاتارَ ۾. 9 ڪَنڌيءَ اُڀيُون ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهَڙُ“ ڪَنِ، ڪنين سانگو ساه جو، ڪي ”گهورِيَس“ ڪيو گهڙنِ، ساهَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گِهڙنِ جي. 10 وڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچين ٿي ويلا ڪَري، گِهڙي گَهڙو هٿِ ڪَري، سُڻي سانجهيءَ ٻانگ، سيئي ڍونڍي سانگَ، جتي ساهَڙُ سپِريِن. 11 گهڙي گهَڙو هٿ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ، ”سُر در قدمِ يار فدا شد چه بجا شد،“ وَصلَ اِهو ئي وَنگُ، راتِ جنيِن جو رَنگُ، اَلا! سي اُڪارِيين. 12 گهِڙي گهَڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ، ”وَاِمَامَن خَافَ مَقَاَمَ رَبِه“، اِيُ لَنگهيائِين لَنگهُه، سڪَندِينِ کي سَيدُ چَئي، ڪِينَ جَهليندو جَهنگُ، راتِ جِنيِن جو رَنگُ، اَلا! سي اُڪاريين. 13 گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪَري، چيلھ ٻَڌِي چوتو، منهنجو مَنُ ميهار کي، پارِ وَڃِي پَهُتو، گوتَي ۾ گوتو، مون کي مُحِبَ ميهار جو. 14 گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائين ٻاهُون، ويچارِيءَ وَڏِيُون ڪِيُون، وَچِ دَرِيا داهُون، موٽُ مُحِبَ! پاهُون، تاڪُنِ تَڪِي آهِيان. 15 گِهڙي گهڙو هَٿِ ڪري، اِلاهي تُهارَ! ڄَنگَھ ڄَرڪي واتَ ۾، سِسيءَ کي سيسارَ، چُوڙا ٻيڙا چِڪَ ۾، لُڙ ۾ لڙِهيس وارَ، لکين چُهٽيس لوهِڻيُون، ٿيلهيُون، ٿَرَنئُون ڌارَ، مِڙِيا مَڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سُهڻي! 16 مِنهن جِنهِن جي مُون، ڏِٺو مُنهن ميهارَ جو، آهِمِ ساهَ سَئُون، سو ڪَيئن گهَڙو گهورِيان؟ 17 گهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، مَرُ چُور ٿِئي چُوڙو، ”طالِب المَوليٰ مُذکَرُ“، اِيُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو، ڪوڙِهيو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميهارُ مَنَ ۾. 18 گهڙو ڀَڳو تہ گهورِيو، مَرُ ٻِيڙَ ٿيئي ٻاهِين، طالِبُ اَلۡمَوليٰ مُذَڪّر، اِيَ پَرِ اَساهِين، پُئان مَ پاهِين، مون ميهارُ مَنَ ۾، 19 گهڙو ڀَڳو تہ گهورِيو، پاڻان هو حِجابُ، واڄَٽُ وڄي وُجُودَ ۾، رهيو رُوحَ رَبابُ، ساهَڙُ رِءَ ثوابُ، آئُون گهڻوئي گهورِيان. 20 گهڙو ڀَڳو تہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ هِنيان! اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِيهاڻي ڏِيان، ميهارَن مِيان، سَئون سُونهايَم پيچِرو. 21 گهڙو ڀَڳو تہ گهورِيو، آسَرَ مَ لاهيج، ”لاتَقنطوا مِن رحمتَہ الله“، تُرَهي اِن تَريج، حَبيباڻي هيج، پَسِين مُنهُن ميهارُ جو. 22 گَهڙو ڀَڳو، مُنڌ مُئِي ويا وَسيلا، سارَ ڇَڏِيائين سِيرَ ۾، هَيءَ! رَهِيا حِيلا، سُهڻِيءَ جا سِيلا، وَحۡدَتَ سَڀِ وِڃائِيا. 23 گهڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئي، وَسِيلا وِيا، تِنهان پوءِ سُئا، سُهڻيءَ سَڏ ميهارَ جا. 24 جَڏهن وَسِيلَنِ، لوڙهي ڇَڏِي لُڙَ ۾، پارارا پِرِيَنِ، تَڏهن پُڇِي سُوهَڻِي. 25 پاڻُ مَ کَڻجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِڃاءِ، عِشقَ ساڻُ اُٺاءِ، پيرُ پِريان جي پارَ ڏي. 26 پاڻُ مَ کَڻج پاڻَ سين، وَسيلا وِسارِ، لُڙُ لَنگهائي سُهڻي!، پِرتِ وِجهنديءَ پارِ، سي تُرتُ لَنگهيِنديُون تارِ، اُڪنڍَ اَڳہُ جن سين. 27 پاڻُ مَ کَڻج پاڻَ سين، رِءَ وَسيلي وانءُ، مَٿان سائر، پِرتِ وٺجي پانءُ، نِينهن ڳِهندي نانءُ، وَنءُ پِريان جي پارَ ڏي. 28 پاڻُ مَ کڻجِ پاڻَ سين، رِءَ وَسيلي وَڌُ، لالَنُ جنِين لَڌُ، عِشقُ جَنيِن کي اَڳَ ۾. 29 پاڻ مَ کڻجِ پاڻَ سين، رِءَ وَسيلي وَڃُ، ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾، 30 ڪونهي آڳھ اَهڙو، جهڙي مُحبت من، اُڀيون اورئين پارَ ڏي، ڪُوڙيُون ڪَکَ پُڇَنِ، نَدي تنِ نَيڙُ ٿئي، جي رِيءَ تُرَهي تَرَنِ، سِڪَ رَساڻي سُهڻي!، اَصلِ عاشقَنِ، سي جهليُون ڪينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميهارَ کي. 31 پُڇَنِ جي ميهارَ کي، پُڇي سي ميهارُ، تُرَهو تنين بارُ، عشق جنين کي آڪِرو. 32 عِشقُ جنين کي آڪَرو، ترَهو مَٿي تَنِ، جي ساهَڙَ کي سَڪَنِ، تَنِين جَرُ جَنڊُ ٿيي. 33 تُرَهو آڇ مَ تَنِ کي، جَنِ عِشقَ سين آگاهَ، پُڇي مَسَ مَلاحَ، ساهَڙَ مَڻِي سُوهَڻِي. 34 ساهَڙُ، سا سُهڻي، سائر پڻِ سوئي، آهي نِجوئي، ڳُجھ ڳجهاندَرَ ڳالهڙي. داستان ٻيون سهڻي 1 ڪَرَڳَلَ ڪُوچَ ڪُنَ گهڻا، جِتي جَرَ واڳُو جِئائِين، پاڻُ اُڇلي آبَ ۾، وَهَ سِرِ وِڌائِين، لَهريُون لَنگهِيائين، لطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي. 2 ڪَرَڳَلَ ڪُوچَ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ دَڙڪو مَنجِھ دَرياهَ، اَچيو اُتاهين گِهڙَي، سانگو ڪري نہ ساهَ، ساهَڙَ جِي صَلاحَ، ٻارِ لَنگهايَسِ ٻاجَھ سين. 3 دَهشتَ دَمُّ دَرياهَ ۾، جِتِ هَيبَتَ هُلاچو، وِرڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي ويو ڪَچو؟ ساهَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُمِ، سِيرَ ۾. 4 دَهشَتَ دَمُّ دَرياهَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ، بيحَدِ باڳُو بَحرَ ۾، هيبَتَناڪِ هَزارَ، سارِيان ڪانَ سرِيرَ ۾، طاقَتَ توهان ڌارَ، ساهَڙ ڄامَ! سَتارَ!، سِگهو رَسجِ سِيرَ ۾. 5 دَهشتَ دَمُّ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪَرِينِ، ٻِڇَلِ ٻانڊِي ٻارِ ۾، اُتِ لَهرِيُون لوڏا ڏِينِ، سَناوَرَ سامِيا، اُتِ سِيڻايا نہ سَنڊِينِ، جِتِ ويريُون واٽَ نہ ڏِينِ، اُتِ، ساهَڙَ! سِيرَ لَنگهائيين. 6 دَهشَتَ دَم دَرياهَ ۾، جِتِ ڪَڙڪو ڪُنُ ڪري، توڏِي تاڪُن وِچَ ۾، مٿان ويَر وَري، آءُ، ساهَڙَ! منهنجا سُپرِين، پِرِتان پيرَ ڀَري، هادي هَٿ ڌري، اونهي مان اُڪارئيين. 7 دَهشتَ دَمُّ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جا ڪَڙَڪا، سَهي ڪِينَ سَمُونڊَ جا، ماندِي دِلِ دَڙڪا، ساهَڙَ! تون سُڻُ ڪا، فَرِيادِي فَقَيرِ جِي. 8 دَهشَتَ دَم دَرياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙِڪو، آهيمِ اُنَهيِن پارَ جو، دِلِ اندر دَڙڪو، ڀڃي سِڪَ سَيدَ چَئي، سِير سَندو سَڙڪو، والي! ڪج وَڙُڪو، تہ ٻارِ لَنگهيان ٻاجھ سين. 9 دَهشتَ دَمُّ دَرِياهَ ۾، جِتِ لُڙَ، لَهرِيُون، لَسَ ليٽَ، آڻيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڊِي ٻوڙي ٻيٽَ، جِتِ چِڪَڻِ جِي چَپَيۡٽَ، اُتِ ساهَڙَ! سِيرَ لنگهاءِ تون. 10 دَهشتَ دَمُّ دَرِياهَ ۾، جِتِ تِکِيُون تَوارُون، منهنجيون منَ ميهار کي، پَهُچَنِ پُڪارون، لَهُ، ساهَڙَ! سَنڀارُون، تہ لَهرِنِ لوڏِي نه مَران. 11 دَهشَتَ دَم دَرياهَ ۾، جِتِ جايُون جانارَنِ، نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نه مَلاحَنِ، دَرَندا دَرياهَ ۾، واڪا ڪيو وَرَنِ، سَڄا ٻيڙا ٻارَ ۾، هَليا هيٺ وڃن، پُرزو پيدا نہ ٿئي، تَختو منجهان تِنِ، ڪو جو قَهرُ ڪُنَنِ ۾، ويا ڪينَ وَرَنِ، اُتي اَڻَتارُنِ، ساهَڙَ! سِيرَ لَنگهاءِ تُون. 12 دَرَهَڙَ ڌَنس دَرياهَ ۾، جِتِ لَهريُون ڪَنِ لوڙا، سَئين اَچي سمُونڊَ جا، ٿيا سِيڻايا سوڙا، جي تارُو هُئا توڙا، تن هَرٻو ڀانيو هيڪڙو. داستان ٽيون سھڻي 1 تَڙَ تَڪَڙِ تارِ گهِڙڻ، اِيُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ڏَهَ ڏَهَ ڀِيرا ڏِينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ، عقُل مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينهَن نِهوڙِيا. 2 گهيڙان ڪَري نہ گهُورَ، تَڙُ تَڪَڙِ کان نہ لَهي، جنهن کي سِڪَ ساهَڙَ جي، پُورَنِ مٿي پُورَ، ڪاريءَ رات ڪُنَنِ ۾، وَهَمَن ِڪي وَهلُورَ، جنهن کي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تنهن کي نَدِي ناهِ نِگاهَ ۾. 3 جِئان گِهڙي تِئان گهيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙيون، ڏَمَ سين جُسو ظاهِراَ، مَنَ ميهارَ سين ميڙُ، سا نَدي ڀانئي نيڙُ، جنهن کي سِڪَ ساهَڙَ جي. 4 جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙيون، جن کي سِڪَ ساهَڙَ جي، گهيڙَ نه پُڇَنِ گهاٽَ، جن کي عِشقَ جي اُساٽَ، سي واهُڙُ ڀانئِينِ وِکَڙي. 5 ڪنهن جنهن گِهيڙَ گِهڙَي، جئن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ، سالُم ويئي سُهڻي، ڪُنَنِ ڪِين نہ ڪَيوسِ، اُهِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ، حَقان حَقُ ٿِيوسِ، هُئي طالِبِ حَقَ جي. 6 هُئي طالِبِ حَقَ جي، توڏِي لاڪُون توڙَ، نہ مَلاحُ نہ مَڪُڙي، نَڪي ٻَڌي نوڙَ، پاڻي پِنيءَ ٻوڙَ، سُهڻيءَ ليکي سِيرَ ۾. 7 توڏِي توڙائين، نِينهن نوازِي سُهڻي، ڳِچيءَ هارُ حَبِيبَ جو، لائقُ لَڌائِين، سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏانهن عالَمَ آسِرو. 8 توڏِي! تُهائِين جَي، سي هتي ڇَڏِ حِرَصَ، ساهَڙَ ڌاران سُهڻي! کوٽِيُون ڪَنِ کِرَسَ، وَڏي اِيَ وِرَسَ، جيئن ڏَمَ وَٽِ ڏِينهن گُذارِيين. 9 توڏِي کي تعظيم ٻين سڀنئا آڳري، اوڏِي ٿي الف کي، من گڏيائين سين ميم، جيلاھ ذات حليم، ملي تي ميھار کي. 10 ساري سِکُ سَبَقُ، شرِيعَتَ سَندو سُهڻي! طَرِيقَتان تِکو وَهي، حَقِيقَتَ جو حَقُ، مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلُ عاشِقنِ کي. 11 صَبُرُ شاڪِرَنِ، آهي اوطاقُنِ ۾، جي وَصلُ ٿيا وِصالَ ۾، سي ذرو ظاهرُ نه ڪَنِ، وِييَتَ واهَرَ تَرَنِ، هِنئڙا جنَ هَڄِي ويا. 12 پَلِ پَلِ ٿي پَلِي، ڏَمَ ڏِيهاڻِي ڪيتَرو، پَسِي دَورُ دَرِياهَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي، ڪارِيءَ راتِ قَرِيبَ ڏي، منجهان حُبَّ هَلِي، نه ڪنهن جهولَ جَهلِي، هُئِي سَمُنَ پُورِي سُوهَڻِي. 13 جهولَ نہ جَهلِي سُهَڻِي، سائِر سَٽَ سَندِياسِ، جنهن اِهَڙِي ڄائي عاجِزا، سا مَرُ مَرَڪي ماسِ، پَسين جي پِياسِ، ته ڪِينۡ عِشقُ آڻِيين. 14 نَڪا جهولَ جَهليسِ، نہ تانگھو نہ تارِ ڪِينۡ، ڏَمُ ڏِيهاڻِي ڪيتَرو، پَرِ ۾ ٿو پَليسِ، تان تان جِيُّ جَليسِ، ملي جان نه ميهارَ کي. 15 سِھَ سِيارو، پاڻِي پارو، جِت جُهڙُ، جَهڪَ ۽ جهولَ، مَنَ اندَرِ ميهارَ جا، هِيَنئڙِيءَ اَچَنِ هولَ، جيلاه ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تي اَڙانگا آرَ تَران. 16 سِياري سِھَ راتِ ۾، جا گهِڙي وَسندي مِينهَن، هَلو تہ پُڇُون سُهڻي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينهَن، جنهن کي راتو ڏِينهَن، ميهارُ ئي مَنَ ۾. 17 سانوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، هيءَ سَرَھِي سِياري، تَنُ وڌائِين تارِ ۾، اَرواحَ جي آري، مُحبَتي ماري، ڪونهي دادُ دَرياه ۾. 18 ٻانڊِي جي ٻيلِي ٿيين، ته حالُ ڳَرَهِيان هِيُّ، سَگهو ساعَتَ نہ جِندَڙو، جَرَ ريَ منهنجو جِيُّ، ساوَڻُ سِيارو ڀائيان، وَهِ پِريان جي وِيُّ، پارِ جِنَين جو پِيُّ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي. 19 واهُڙَ! ڀَريُون مَ پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيڻو، سدا سانوَڻَ ڏينهڙَا، هِئن نہ هُونداءِ، وهاڻيءَ وينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان لھِي. 20 واهُڙَ! وَهين مَ ڇالَ! سُڪِي ٻيلاٽِيُون ٿِيين! پَسان تنهنجي پيٽَ ۾، لاڻا، لُوتَ، لِيارَ، جِنهن تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون. 21 ڪَڙِ ڪَڙِ، ڪُنَ! مَ وَڄُ، ٻانڊِي ٻوڙِ مَ ٻارِ ۾، مون تي جا ميهارَ جِي، سا ڪيئن ڌُئان ڌڄُ؟ توءِ گهڙَندِيَسِ اَڄُ، جي اُبَتا آرَ ڪَرِين. 22 آدا!ڙي! ٻانڊِي! توکي ڪَڙهان ڪِ پاڻ کي؟ سوڌِي خَبَرَ سَڄَڻين، تو ڪا تَڙِ آندِي؟ تون پاتارِيا پانڌِي، اَسان پَنڌُ پِرِيَنِ ڏي. 23 مُحبَتي ميهارَ جون، دِل اَندرِ دُونهيُون، آڻيو وجهي آرَ ۾، لُهاڻو لُوهيُون، جي ساهڙ جون سُونهيون، سِير سِراڙو تن کي. داستان چوٿون سھڻي 1 اَدِيُون! سڀ اَندامَ، چَڙَنِ منهنجا چورِيا، لارُنِ جا لَئون لايئي، سا ڪيئن آڇِيان عام، لَڳِيَسِ جنهن جي لامَ، سو دلاسا دوست مُنجي. 2 چئوڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا، سُتي سَنڀارَنِ جو، پِيُمِ ڪَنِّ پَڙاءُ، وِهَڻُ مون نہ وَڙاءَ، سُڻِئو جهانءِ جِهڄي هِيُون. 3 چَڙَنِ چوري آهيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪِيَّ؟ ساريان ساهڙ ڄامَ کي، ڏه ڏه ڀيرا ڏينهن، ميهارَ مَرَڻُ سِيَّ، نِيَرُ پاتُمِ نينهَن جو، 4 ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، جِتِ ڪارِيهَرَ ڪَڙڪا، مَئي مَتي مهراڻَ ۾، اَچنِ دُپارا دَڙڪا، ويندي ساهَڙَ سامهان، جهولَ ڏَنسِ جهَڙڪا، کَرِڪِنِ جا کَڙڪا، سُونهان ٿِيَڙَسِ سِير ۾. 5 کَرِڪِنِ خوشِ ڪِياسِ، مَحَبَتِي ميهار جَي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِيءَ جي، آڌِيءَ اُٿيياسِ، سُتي جاڳاياس، سانڀَرَ سُپيرِيَنِ جَي، 6 جِياريَسِ سَنڀارَ، ڪُھُ ڪَرِيندَمِ گڏجي؟ ويروتارَ وُجودَ ۾، پِرِينِ جي پَچارَ، سي سڄڻَ هُونِ نہ ڌارَ، جي هِنئين ۾ حَلُ ٿيا. 7 ٻيلي پارِ ٻُرِي، مون کي چَڙَنِ چورِيو، مُحبتِي ميهارَ جِي، سُتي شاخَ چُرِي، مَٿي جهوڪَ جُهرِي، پوَندِيَس پاريچَنِ جي. 8 هُنَ ڀَرِ سُيمِ هُوءِ، سُتي سَنڀارَن جِي، چِتُ چَڙَنِ چورِيو، جَئونڪَ ٿِيَڙَمِ جوءِ، مُحبتِي ميهارَ جي، باللهِ پِيِيمِ بوءِ، وڃي رُوءِ بَرُوءِ، ديکيان دوستَ ميهارَ کي. 9 هُنَ ڀَرِ سُيِمَ هاڪَ، سُتي سَنڀارَنِ جِي، محبتي مِيهار جَي، چَڙَنِ چوريا چاڪَ، اُنِين جِي اوطاقَ، وڃَڻُ واجِبُ مون پيو. 10 ڪيڏاهن گَهنڊَ گُڙَنِ؟ ڪيڏانهن اُٿِي ويئيون؟ تيڏانهن ٿِيُون چَرَنِ، جيڏاهن پُٺِ مِيهارَ جِي. 11 ڪِٿي ٿِيو ميهارُ؟ ڪِٿي ٿو گَهنڊَ گُڙي؟ ڪِٿي دُونهي دوستَ جِي؟ ڪِٿي پَرِيون پارُ؟ جنهن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيون. 12 وَڇِنِ سين ويٺِي، سورَ وِياڇَي سُهَڻي، آن ڪا ٿي ڏيٺِي، مينهِنِ جَي ميهارَ سين؟ 13 پُڄيو پِينگهَنِ پاندَ، ويٺِي روءِ وَڇِنِ سين، ڪُھ ڪَرِيندِيَسِ ڪاندَ؟ گهرُ ڀڳو تان گهوريو. 14 ڳِچِيءَ پايو ٻانهن، ويٺِي روئي وَڇِنِ سين، لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئيِن جي چرو ڪانھ، آئون اوهان جِي دانهن، سدا ڀُڻان سَنَرِي. 15 ڀيليا جِتِ ڀَڳِيُون، آيُون اُتِ وَرِي، ڪانهي ٻِي ڳَرِي، مينهن کي ميهارَ رِي. 16 ميهاران مِرِڪَ، پِيتائين پِريمَ جِي، تنهن مُنڌَ مَتوالي ڪِي، سَنديءَ ساءِ سُرِڪَ، لَڳِيَسِ ڪام ڪِرِڪَ، لوهان تِکي لَطِيفُ چئي. 17 ميهاران مَهِي، پيتائين پريم جِي، اُرِڪَ سُرِڪَ سيدُ چئي، لَڳِيَسِ ڏوتُ ڏَهِي، سگهي تان نہ سَهِي مِلي جان نه ميهارَ کي. 18 مَري تان مَ ميهارُ، وَٿاڻُ وِلَهو مَ ٿئي، وَڇِنِ جي وَڇارُ جو، وِنگو ٿِئي مَ وار، ساهَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي مِهڻو. 19 مينهون هِنَ ميهارَ جيون الا! سڀ بَچَنِ، وَڇُون جي ڪِيرَنِ سين، سدا ٿيون سُونَهنِ، مُونکي ماڻِڪِيَنِ، تاڻَي هنيو تارِ ۾. 20 مينهون هن ميهارَ جيون، الا! سَڀ جِيَنِ، ڪارِيون، ڪَڪِيون، ڪُنڍِيُون، وارا ڪيو وِيَنِ، جُوءِ جا جانارن جِي، ٻيلا ٻهَه ٻهَه ڪَنِ، اچِي ريلَ رَهَنِ، مون سانڀارا سُپِرِين. 21 چاهَڪَ چَرِي، تارِ تَرِي، آيُون مَٿي، آرَ، ڪوڙيين ڪَرَ کَڻَندِيون، سُڻِي سڏ ڌڙار، مينهون ساڻُ ميهارَ، پَرَچِي پارِ لنگهنديون. 22 چاهَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ٻيٽَ، لُڙَ لَنگهِينديُون ليٽَ، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي. 23 چاهَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ڪُنَ، ڪوڙِيين ڪَرَ کَڻَنديُون، ساهَڙَ جي سَمَنَ، مينهُون ساڻُ اَمنَ، پَرچي پارِ لَنگهنديُون. 24 چاهَڪَ چَري تارِ تَري، آيُون مَٿي کوھ، سڻي سڏ ساهَڙَ جو، راضي ٿيندن روح، مينهُون ساڻُ صبوح، پَرچي پارِ لَنگهنديُون. داستان پنجون سهڻي 2 ساندَهِ سَڀُ دَرِياهُ، پِري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڪَنڀي هِيُون ڪَمَا حَقَّہَ، آرَ مَٿي اَرِواحُ، دِلاسَي دارَيَن جي، سانچيو سانچي ساهُ، جي توهُ ٿيئي توڏانهن، ته وِيَر وَهِيڻُون ناهِ ڪِينۡ. 6 آڌيءَ اُڌاڻا، سَرَتِيُون! سُکَ ميهارَ جا، لَنگِهي سِيرَ سوان ٿيا، ساهَڙَ سيباڻا، ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان مانَ پِرِيَنِ جا. 7 آڌِيءَ اُڏاڻو، هِيَڙو مون هٿَنِ مان، وَهِ پَئِي، واهُڙَ تَري، ساهَڙَ سيباڻو، ڀيڄَ ڀِنِيءُ ڀاڻو، پيءَ جو پَسِي آئيو. 10 پَسُ! پَسَڻا پَرَي ٿيا، اورَي سَندُنِ آرُ، دَرِياهَ ريءَ سهاڙُ، ڏِسَڻُ گهڻون ڏُهلو. 11 ڪاڏي وَڃان؟ ووءِ! جِنۡ وَهَڻُ وَڇارَنِ مَٽِيو، ڏوڌِي پُڇِي ڏيهه جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ، شِڪَستِي سيدُ چي، چيهان ڪَرِيو چوءِ: “ساهَڙَ! سانگُ سندوءِ اچِي اوراهُم ٿيي.” 13 ڏَمُ ڏِيهاڻي ڏي، سندا ميهار ميهڻا، جَهِلَيم ٿي جهولي ۾، پلءِ پائيو سي، مَرُ جان چاليهه چئي، سَڱا سُپرِيَنِ جي. 18 ڪيرَ ڪُنَ؟ آئون ڪيرَ؟ ڪيرَ ڏَمَرَ سَهي ڏَمُ جا؟ قَضا رِءُ ڪيرَ ڌَرَي؟ مَٿي پاڻيَ پيرَ، ڀينَر! ڀَنِيءَ ويرَ، لڌو تي ٿِي لوڙِيان. 19 جي ٻُڏان ته ٻَنَ، اولِجان اُنَ پارَ ڏي، ڪَنڌِيءَ اچيو سَپِرِين، مانَ “ٻَرِ! ٻَرِ! ڪَنِّ، مُيائِي سين تَنِّ جيڪَرَ اُٿِي نِڪَران. 22 ڳورا ٻئِي پارَ، هِيون، حَيرَتَ ۾ پيو، وِهان ته ويرَمَ ٿيي نينهن ۾ پوءِ نِهارَ، وَڃان ته واڪو ٿيئي، پاڙي پوءِ پچارَ، هُتِ ٿِي وَعدي وارَ، هِتِ سوٽون ڏينم سَرَتيون. داستان ڇهون سهڻي داستان ڇهون ويڊيو 2 سُهڻِيءَ کي سينگارَ، اَڻَ لکيا اڳي هُئا، ڪُنۡ فَيَڪُونُ ڪانَ هُئِي، نَڪا ٻِي پَچارَ، مَرَڪِي ساڻُ ميهارَ، لايائين لنءُ لَطِيفُ چئي. 5 “اَلَسۡتُ” اَرواحَنِ کي، جڏهن چيائين جِيَّ، “قَالُوۡا بَليٰ” قَلبَ ۾، ٿِيو، تَفاءُ لُ تِيَّ، محبتي ميهارَ جي، آئون نِهوڙِي نيهَه سَرَتِيون! ساهَڙَ سِيَ، هَلَڻُ مون حَقُّ ٿيو. 7 “اَلَسۡتُ” اَرواحَنِ کي، جڏهن فرمايو فتاحَ، هو مَنَ ڪاڍو ميهار ڏي، سهڻي سِڪَڻَ ساهَ، دِلو دورَ دَرِياهَ جي، ڪيو ارادي اداهَ، جيڪين آيُسِ ڏانهن الله، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾، 8 “اَلَسۡتُ” ارواحنِ کي، جڏهن فائقَ فرمايو، هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سهڻي کي ساعيو، دلو دور درياهه جو، اوڏاهين آيو، جيڪين هادِيءَ هلايو، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾. 9 “اَلَسۡتُ” ارواحنِ کي، جڏهن چيائين، هو من ڪاڍو ميهارَ ڏي، سهڻي سدائين، جيڪين آيُسِ اوڏاهين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾. 12 کامان پَچان، نه مران، سَڙان سارِيءَ راتِ، ٻَنِ ٻيائيءَ کي وِجهي، ڪَرِ پريان جي تاتِ، سيخون سنديون سڄڻين، اُڀِرَنِ آڌِيءَ راتِ، نه ڪِيۡنِ هَٿِ نه ساٿِ، ڏِهاڻيو چَنگِ چَڙهان. 15 ڪارِي، راتِ، ڪَچو گَهڙو، مٿان وَسي مينهن، هڪو ڀوءُ بيراهَ جو، ٻيو سانڀارا سينهُه، شال مَ ڇِڄِي نينهن، گهڙان، گهوريو ڄِندَڙو! 18 سَهَسين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌ ٻوڙِيو مِهراڻُ، وَهَ وِڃايو پاڻُ، هَڻِي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين. 22 سُڪِيءَ جي سانباهَ ۾، جڏهن ٻُڏِيون جي، ساهَڙُ تَنِين کي، ٻيلي بِنِين ڪَنڌِيين. سر سھڻي داستان 8 مڪمل 1 ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي هاتِڪَ هَٿَ وِجهَنِ، پَسو لَڄَ لَطِيفُ چئي، ڪيڏي کي ڪَکَنِ، توڻي ڪَنڌيءَ ڪَنِ، ناتِ ساڻنِ وڃن سِيرَ ۾. 2 ڪَچي ڪانِي ڪانهَن، ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان، يا لَنگهائي، لطيفُ چئي يا ڌُرِيان ڪري دانهن ڪَما حَقُّہ، ڪَکَنِ جِي، آهي ڳالِ آڳانهَن، جيڪِينۡ ڏي ٻُڏَنِ کي ٻانهَن، ناتِ ساڻُنِ وَڃَي سِيرَ ۾. 3 جان ڪِيۡن ڪَنڌِيءَ ڪانهَن، تان تاڻي ٻَڌجِ تُرَهو، هَٿُ پِرِيان جي هَٿَ ۾، ٻي کي ڏِج مَ ٻانهن، سَندِي ڪَپَرَ دانهن، ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي؟ 4 هاواڻا هُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارُنڀارَ جا، لَهِرِيُون، لُڙَ لطيف چئي، ڀيلي تي ڀُلَنِ، جي ڪَچي ساڻُ ڪَهَنِ، آڪو تَنِ اوباهِيين. 5 آهِيين هُتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَهو تارِ جو، لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئي، جَهليا جُنگَ جُواڻَ، اُونهي تَڙِ آگَهٽِيا، آڏي پائي آڻَ، جي پيا مُنهن مَهراڻَ، تن ٻانڊِيُنِ ٻيٽُ نه اُڄَهي. 6 ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي! ڳِنِئيو اُٿِيين، ڪِ تو ڪَنِين نه سُئِي؟ ڀيلي تي ڀُلِڪارَ، لوڙهِيا لَکَ، لطيفُ چئي، ڪوڙِيين ڪارُنڀارَ، اُڪارِيين، آڌارَ! آرا آڪي واريين. 7 ڪَچي ساڻُ ڪَهي، پَڪو پُڇِي نه سُهڻي، لَنگهيو، لُڙُ، لَطِيفُ چئي، وڇارَنِ وَهي، سا ڪيئن نيه نَهي؟ جنهن کي نِينهَن نَڌُو کڻي. 8 اُونهي ۾ اوهَرِي، ڪَهي ڪَچي ساڻُ، سُپَڪَ جو، سيدُ چئي، پُڇي نه پَرِياڻُ، عِشقُ وارِيُون، عبدالطيف چئي، سَڌَ نه کَڻَنِ ساڻُ، جَنِين پاسي پاڻُ، سي اَوَتَڙا اُکِتِيُون. 9 اَنگَ پَسِي رَنگُ، ڪِيو ڪو جو دَورُ دِلي، ٻَرِ! ٻَرِ! ٻيلي نه ٿيو، ڪَچو مَنجِهه ڪِلي، تَران ٿِي تارِ گهڻون، تنهنجي، بَحرَ! بِلي سو ميهارومِ مِلي، آهيان جنهن جي آسَري. 10 ڀايُمِ نه ڀيلو، مون کي ڌاءَ ڌُتاريو، آڪي مَٿي اُسَرِي، رُوحَ ڏِنو ريلو، تيلاهِين ويلو، پِيوئُمِ واهُڙَ وِچَ ۾. 11 ڪڍيا جي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خوش ٿِي، پاڻيءَ چِٽَ پُسائيا، ڌاءَ نه جَهلي ڌَمالَ، سُپَڪَ ڀانيا سُهڻيءَ، جوڀَنَ جي جَمال، آڪي جا اَحوالَ، مَعلُومُ ٿيا مَهراڻَ ۾. 12 ڪَچو تان ڪوهُ؟ پَڪو نَظَرُ پِرِيُنِ جو، ساهَڙُ منهنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئي ڏوهُ، جي ڇَٽو جي ڇوهُ، ته پُورِينديَس پارِ مَڻِي. 13 آڪو ته آڪو ڪَچو آيُمِ ڪَمِ، جِيءَ جَنِين جا جَمِ، پڪا سي پُڇَندِيُون. 14 پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي نِهائين، مون کي تيائين، ڀيلو ڀاڱي آئيو. 15 ڪَچي ڪَٽُ نه جَهليو، ڀيلو پيو ڀُرِي، سارَ ڇڏِيائِين سِيرَ ۾، ٻانهُنِ کان ٻُرِي، لَٽي لهريُون ويئِيُون، چوڌاري چُرِي، هِنئڙي مَنجھه هُرِي، ماهِيَتَ مَلَڪَ اَلمَوتَ جي. 16 ڪَچي ڪَٽُ نه جهليو، ڀيلو پيو ڀَڄِي، ماهِيَتَ مَلَڪَ الۡمَوۡتَ جِي، مَنجِهه وَجُودَ وَڄِي، ساهَڙَ کي سَڄِي، آڪي جي اَحوالَ جِي. 17 ڪَچي ڪَٽُ نه جهليو، ڀيلو سَهي نه ڀَرُ، هَٿين، پيرين، آڱُرِيين، ٻانهنِ ڇَڏِيو ٻَرُ، ساهَڙ! سِگهو وَرُ، پييَس منهن مهراڻَ جَي. 18 ڀيلي ڀُلائي، پَسي چِٽَ چَري ٿئي، ”ٻَرِ! ٻَرِ! ٻُڏي سُهڻي!“ وِيرن ۾ وائي، ڪَچي ڪيرائي، لال لَهرنِ وِچ ۾. 19 پڪو کَڻجِ پاڻَ سين، چڱو چِٽائي، ڪَچو ڏيجِ ڪُلالِ کي، مُنهن تي موٽائي، سو سُڻُ هِنئين سين سُهڻي!، جيڪي فائق فرمائي، موجُون مُنجهائي، مارِينئي مهراڻ جون. 20 ڪو جو وَرِيو واءُ، جَيئن ٻَرُ ٻانهُنِ ڇَڏِيو، آڳي اِنَ تڙاء، اُنداهِيائِي، اُڪِران. 21 هَڻَندي ٿَڪَمِ هَٿَ، هِنئڙي حُجُون ڇَڏِيُون، لَکُ لَهرنِ گڏيو، موجُون وَرِيُون مَٿَ، نِيَمِ ڪُنَّ قُوَّتَ، ڀِرُ، ڀَليرا سُپِرِين! 22 هنئڙي حُجُون ڇَڏِيون، قُوَّتَ رَهِيَم ڪانَ، مون تي موٽج، مون پِرِين! ساهَڙَ ڄام سُڄاڻَ! آهيان گهڻون اَڄاڻَ، ڀِرُ، ڀَليرا سُپِرين! 23 ڀُر ڀَلِيرا سُپِرِين!، ڀَلا ۾ بيراهَ، تو رِيءَ تاري ناهِ ڪا، والي! تو رِيءَ واهَ، ساهَڙَ جي صلاحَ، تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان. 24 تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صُلِح ساهَڙَ جو، اُت آڏو اَچي ڪِينَ ڪي، ٻيلِيپَو ٻِئي جو، ميهَرَ! ڪج منهنجو، ڪو اوڪرُ ڪَنهِين آر تان. سر سھڻي داستان 9 مڪمل 1 جَرِ ٿَرِ تِکَ تنوارَ، وَڻِ ٽِڻِ وائي هيڪَڙِي، سَڀيئي شيءِ ٿيا، سُورِيءَ سزاوارَ، هَمَہَ مَنصُورَ هَزارَ، ڪَهڙا چاڙهيو چاڙهئين؟ 2 سَڀَتِ پَچارَ پِرِينِ جي، سَڀَتِ هوتُ حُضورُ، مُلِڪُ مِڙوئي مَنصُورُ، ڪُهي ڪُهِندين ڪيترا؟. 3 لَهرنِ لَکَ لِباسَ، پاڻي پَسَڻُ هيڪڙو، اُونهي تنهن عَمِيقَ جِي، واري ڇڏ وِماسَ، جِتِ ناهي نِهايَتَ نِينهَن جِي، کوءِ اُتِ پنهنجي کاسَ، تَڙَنِ جِي تلاسَ، لاهِ ته لالَن لڳ ٿئين. 4 مَرج وَٽِ ميهارَ، مَتان موٽين، سُهڻي، ساهَڙَ جا سينگارَ، متان ڏَمَ ڏيکارِيين. 5 چُونِمِ جي هيڪارَ: “مَ وَنءُ موٽي، سُهڻي!” دُونهِين پاسي دوسَ جي، گهاريان سَڀَ ڄَمارَ، ٻانڌِيَڻا ٻيهارَ، هُوندَ نه لِڱين لائيان. 6 وڃان ڪِينَ وَري، هُوندَ رِءَ چَئي رهي رَهان، دُونهِينءَ پاسي دوسَ جي، ماڳَهِين پَئان مَرِي، صورَتَ نه سُنهن ڪا، ڪِيسِ چِتَ چَرِي، وِصالان فِراق جي، سُڄي ڳالھه ڳرِي، تيلاهِين تَرِي، مُنهن ڳِنِيو موٽيو وڃان. 7 جي قِيامَ مِڙَنِ، ته ڪَرَ اوڏا سُپَرِين، تِهان پَري سُڄَن، واڌايُون وِصالَ جون. 8 آئون ڪِ نه ڄاڻان اِيئن؟ ته جَرَ گِهڙيي جوکو ٿئي، قَضا جا ڪَرِيمَ جي، تَنهن کان ڪَنڌُ ڪڍبو ڪِيئن؟ هِڪُ لِکِئي ٻئي نِينهَن، آڻي اَوِلَيسَ اول ۾. 9 نہ ڪانيءَ نہ ڪانهِن، نڪو ڏوهُ قَلَمَ جو، اَنگُ اُتيئي لِکِيُو، جِتِ نه رَسِي ٻانهَن، ڪَنهن کي ڏيان دانهَن؟ قَضا قَلَمُ وهائيو. 10 تَڙَنِ جا طَعنا، سَهَنگا ڏِيَنِمِ سَرَتِيون، دَرِياهَ ديوانا! سُڻَ حقيقت حالَ جِي. 11 تَران لئي طَعني، مَٿي وَهَ واڪا ڪيو، آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾، دَرِياهَ ديواني، قَلَمَ جي ڪاني، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾. 12 تَران تان مَران، وَران تان وَهُ وِتُرو، هِينئڙَي ۾هوتَنِ جا، اَچَنِ گُهورَ گهڻان، پَسيو پاڙي وارِيون، ڏِسِيو ڏوهَ ڏران، وِچان ڪيئن وران؟ ڪَنڌِيءَ منهنجو ڪارَڻِي. 13 نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ، عَدَدُ ناهِ عِشقَ، پُڄاڻي پاڻَ لَهي. 14 عَدَدُ ناهِ عِشقَ جو، سُڻي ٿِيُ ساڻي، ڪانهي پُڄَاڻي، مَهَندان مُنڌَ! ميهارَ جي. 15 سِڪَ تنهنجي سپرين! جِيئن تران تيئن تارِ، تُنهِين رَهِيو رُوحَ ۾، تُنهِين اَکِنِيا ٻارِ، پِرِين! تنهنجي پارِ، مون واجهائيندي وَريهَہ ٿيا. 17 سِڪَ تنهنجي، سُپِرِين! اَندر ٿي اَجَهلَ، ٻَرڪيو ٻاهر نڪري، کُوري کانئي کَلَ، ريءَ سِيراهيءَ سَلَ، مون کي ڏنا سَڄَڻين. 18 سِڪَ تنهنجي سُپرِين! اَندَرِ ٿِي اَجهاڳَ، منجهين ڀَرِيا ماڳَ، پَلٽِيا پارِيون ڪري. 19 ڪين تران ڪين تار مون، ڪين سَگهان ڪين سَگھ، آڏو ڏيج مَ لَڳُ، مون هيڪلِيءَ وَلَها!. 20 سِڪَ سِڪَندِيَنِ لاءِ، وِڇوڙيا ميڙِ پِرِين، ايڏِي سَگهَه، سَچا ڌَڻِي! توهِين کي جُڳَاءِ، تَنُ جَنِين جو طالِبُو، مِهرَ تَنِين کي پاءِ، ميڙائي جو، ماءِ! ڪانگُ لَوَندو ڪَڏهِين؟ 21 ڏِٺي ٿِيمِ ڏينهن ڪُهُہ ڄاڻان ڪِهَڙا، پِرِين؟ نيڻَ ڀَرجِي نينهن، پَلٽيا پارِيُون ڪَري. 22 ڏِٺي ڏينهن ٿيام ڪُهُہ ڄاڻان ڪِهڙا پِرِين؟ وَلِنِ جيئن وَرَيامِ، گُوندَرَ غَمَ پِرِيَنِ جا. 23 ڏِٺي ڏِينهَن ٿِيام، ڪُهُہ ڄاڻا ڪهڙا پَرِين؟ سَهسين سِجَ اُلَهي، واجهائيندي ويامِ، تنين سالَ ٿِيامَ، جنِين ساعَتَ نه سَهان. 24 گَهَرُ نه وَرُ، نه وَٿُ ڪا، آهِمِ مَنِ ميهارُ، اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ، پِرِين! تُنهنجو پارُ، پَسان مانَ پَرِ ڪَهِين سر سھڻي ابيات متفرقہ مڪمل 1 ساهَڙَ ڌارا سُهڻِي، آڌوتِي آهي، ڪُنڍِيُون جو ڪاهي، پاسي تهِين پاڪَ ٿيئي. 2 ساهَڙَ ڌارا سُهڻِي، نِسورِي ناپاڪَ، نَجاسَتَ ناهِ ڪَري، اُنِين جِي اوطاقَ، هوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِين پاڪَ ٿيئي. 3 ساهَڙَ ڌارا سُهڻِي، هِيءَ تان جُنِبي جوءِ، هِنَ پاڻِيءَ سين پنهنجو، مُورِ نہ مٿو ڌوءِ، جي پرِيءَ پاسي هوءِ، ته ڪَرَ توڏِيءَ تَڙُ ڪيو. 4 ساهَڙَ ڌارا سُهڻِي، هِيءَ تان جُهڪِي زالَ، توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿيو، هَيءَ! هِيڻِيءَ جِي حالَ، جَڏِي رِءَ جمالَ، آگهِي ٿِي آهُون ڪَري. 5 ساهَڙَ ڌارا سُهڻِي، آهي ۾ آزارَ، ڏَمَ پاسي ۾ ڏکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ، توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ، جي پَسي منهن ميهارَ، ته سگهيائي سَگهِي ٿيئي. 6 متان گهڙين سهڻي اَڄُ دَرياهَ ۾ دَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، ڪهڙو اٿئي ڪَمُ؟ مَتان جاڳي ڏَمُ، پُڇي پاڙي وارِيين. 7 پُڇِي پاڙي وارِيُون، ڪوهُ ڪَرِيندو ڏَمُ؟ ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، آه ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، گهوريو مُحِبَ ميهارَ تان. 8 ڏِيهاڻِي، ڏَمَرُ ڪَري، مَٿي مَحَبَتَ مُون، تنهن کي اَچِي تُون، پِرِيَم! ڪوهُ نه پَلِيين؟ 9 جان جان هُئِي جيئري، وِرِچِي نه ويٺي، وَڃي ڀُونءِ پيٺِي، سِڪَندي کي سَڄَڻين. 10 جان جان هُئِي جِيَئري، ويٺِي نه ويساندِ، لُڙهِي، لهرِنِ پاندِ، مُيائي ميهارَ ڏي. 11 وَرُ اُنداهِي راتِڙَي، چانڊوڻي چانڊان، اوري ميهاران منهن مَ پَسان ڪو ٻيو. 12 سدا پُچَ مَ، سُهڻِي! اُنداهِيءَ اَڌ راتِ، پِريان ڏي پِرڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏينھن کي. 13 سائِرَ ٻوڙِي سُهڻِي، نه ڍوري، نه ڍَنڍَ، اَکِينِ منَجهِه اُڪَنڍَ، مُيائِي ميهارَ ڏي. 14 ساهَڙُ سُڪِيءَ ۾ ٿيو، پاڻِيءَ مَنجههَ پُنو، سندو ڪَچَ ڪُنو، تارِ تَرندو ڪيتَرو؟ 15 ساوَڻَ لَهريُون، ٿَرَ وارِي، ترِ وارَ، اِنَهائِي اَپارَ، مون سين ڀَلي ڀالَ ڪيا. 16 نه موُن نانَاڻِيا، کَٽِيو، نَڪِي ڏاڏاڻيا، پِرِيَنِ جي پارا، موُن سين وَڏائِي وَڙَ ٿَيا. سر سهڻي سان وابسته مضمون 1)سر سهڻيء ۾ معرفت جا موت.. شفيق الرحمان شاڪر