سر سسئي شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر سسئي
    داستان پھريون سسئي
    1
    اَولِ آّخَرِآهِه، هَلَڻُ منهنجو هوتَ ڏي،
    پورِهيو سَندو پورِهِيَتين، والي! ڪِيمَ وِڃاءِ،
    سو مون ٿورو لاءِ، جيئن جيئري مِلان جَتَ کي.
    2
    ڏَري ۽ ڏاري، سَٽَ سُورَنِ جي سَسُئي،
    پييائِي پُنهُونءَ ڏي، نِرمَل نِهاري،
    لالَنَ جِي، لَطِيفُ چئي، سُونهَن سَتِي ساري،
    پِرِيَتَڻُو پاري، مارَڳَ ۾ مُنڌَ مُئِي.
    3
    جي سِجهائِي سِڪَ، ته پُڻِ سِڪي سَسُئي،
    پِيتائِين پُنهُونءَ سين، هَڏِ نَه ڀَڳِيَسِ هِڪَ،
    اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏني پاڻَ اُڃَ ٿِئي.
    4
    پَسِي جهاجَهہ جَمالَ جِي، جَنِين پِيتِي پِڪَ،
    اَپَرِ اُڳانجهو ٿِيو، سُورُ اُنين.کي سِڪَ،
    هَڏِ نه ڀَڳِيَنِ هِڪَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
    5
    مَحَبَتَ جَنِ جي مَنَ ۾، تَنِ تَشنَگِي تارِ،
    پِي پِيالو اُڃَ جو، اُڃَ سين اُڃَ اُٿِيارِ،
    پُنهُون پاڻَ پِيارِ، ته اُڃَ سين اُڃَ اُجهائِيان
    6
    مَحَبَتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ،
    پِيَڻَ پَرَچا ناهِه ڪو، ڪنهن جنهن ڏاهِه ڏَنڀَنِ،
    تنهن نِهايِتَ ناهِه ڪا، جنهن سُڃا سُڃ وَڃَنِ،
    تيلانهن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
    7
    سَدا سائِرَ سِيرَ ۾، اَندَرَ لَهِي نَه اُڃَ،
    پَسَڻُ جو پِرِينءَجو، سا سَڀائِي سُڃ،
    تيلانهن مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
    8
    ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ مَرُ قَبُولِي سَسُئِي،
    اَندَرِ جَنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃَيو اُنِ کِي.
    9
    پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ،
    ساهان اوڏو سُپِرِين، لوچي تان نَه لَهَنِ،
    دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهون ڪَنِ مُٺَنِ جيئن.
    10
    سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمُجِهيو، اوري آرِيءَ ساڻُ،
    ڪَري پيکُ پُنهونءَ سين، پاڌارِيائِين پاڻُ،
    ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
    11
    لَڳي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئِي لَهَسِيو،
    اُڀَنِ مَنجهان آئِيو، ’هَئي هَئي!‘ جو هُڳاءُ،
    طُيُورَن تَنواريو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
    رَسِيو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،
    مِرُوئَنِ مَوتُ قَبُولِيو، اَپَرِ اَفسوساءُ،
    بَرَ پُڻِ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِيا آرِيءَ لئي گَهڻُو.

    12
    مَهِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيج،
    ڪُٻيلِياڻي! ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ هَلائيج،
    پاڻان ڌارَ پِرِيتَڻُو،* سَسُئي! ساڻُ کَڻيج،
    اوڏِي عَزازيلَ کي، ويجِهي تان مَ وَڃيجِ،
    نا اُميدي نيجِ، ته اوڏِي ٿِيين اُميدَ کي.
    13
    مَهِندِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي هَلُ،
    عُذرَخواهِيُون، عاجِزِيُون، سَسُئي! ڪنهن مَ سَلُ،
    ڏُونگَرَ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئون رِيءَ ڪونِهي لَلُ،
    اِيءُ ڀَلائِيءَ جو ڀَلُ، جيئن پاسي ٿِيئَڻُ پاڻُ کان.
    14
    وِيهُه مَ، مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، ڪرِ ڪو واڪو وَسُ،
    ليڙَنِ جو، لطِيفُ چي، ڏُونگَرَ ڏِيندَءِ ڏَسُ،
    پُنهون اُٿِي پَسُ، سِرَ ڀَرِ هَلِي، سَسُئِي!
    15
    وِيهُه مَ، مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، ڪرِ ڪو واڪو وَسُ،
    ٻانِهِي ٻاروچَنِ جِي، گولِي! ڇَڏِ مَ گَسُ،
    ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسو، پُوندَءِ هوت پُنهونءَ جو.
    16
    وِيهُه مَ، مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هاڙيٖ هَڏِ مَ هَلُ،
    ڪُوڙِي ڪِج مَ ڪَڏِهين، سَچي ڳالِهه مَ سَلُ،
    جانِب لئي مَ جَلُ، سُورُ وِسارِ مَ سَسُئِي.
    17
    نا اُميديءَ جي نِجُهري، پيهِي پَسُ اَللهُ،
    چِٽو رَبانِي راهُه، مُرادُن مَخِفِي ڪيو.
    18
    سُکين ٿِيءُ مَ سَنَرِي، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ،
    پَٽِي ڪَرِ مَ پانهنجو، گهوري! اَڏِ مَ گهَرُ،
    مارِي! هَڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻِ جِيءُ جِيارِيين.
    19
    سُکين ٿِئي نه سَنَرِي، ڏُکين تان نه ڏري،
    اوري هَڏِ نه اُڀئي، پُري تان نه پَري،
    سَرَتُيون! ٿو نه سَري، ٻِنهي رِيءَ ٻانڀَڻِ کي.

    داستان 2 سسئي
    1
    پَسِي ڏُونگرَ، ڏاهِہ! جِمَ هَلَڻَ ۾ هِيڻِي وَهين،
    لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاهِہ،
    پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي! بَلوچاڻِي باهِہ،
    اِن وڙائِتي ور جي، آسَرَ هڏِ م لاهِہ،
    جو اَکِنِئُون اوڏو آهِہ، سو پِرِين پَرانهُون مَ چئو.
    2
    هِتان کَڻِي هُتِ، جَنِ رَکِيو سي رَسِيُون،
    ساڄَنُ سُونهَن سُرِتِ، وِکانئي ويجهو گهڻُو.
    3
    جيڪُس يادِ ڪِياسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾،
    جَلَدُ جَرِيدي پَنڌَ ۾، اَدِيُون! اَڄ ٿِياسِ،
    وَڃِي ڪيچ پُنِياس، ٻاروچاڻِي ٻاجَهہ سين.
    4
    واقِفَ نَہ وَڻِڪارَ جِي، بارِي سُڄَنِ بَرَ،
    وَرُ وَسِيلا سُپِرِين ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
    لَهِج، لَعلُ لَطِيفُ چئي، ڪانڌ! مُئيءَ جِي ڪَرَ،
    وِلَهِي ڪَري، وَرَ، مَڇُڻِ مارَڳِ ڇَڏِيين.
    5
    واقِفِ نہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳَ نَہ ڏيھ ڏِٺوم
    ڏُونگَرَ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ رِيءُ ڪُٺومِ،
    جيلانهن مُحِبُ مِٺومِ ، تي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
    6
    واقِفَ نَہ وَڻِڪارَ جِي، پاڻِيءُ کَنيُمِ نہ پاءُ،
    جَبَلَ جَلدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
    لَڳي لُڪَ، لَطِيفُ چئي، مَعذُورِن مَٿاءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جِتِ، هوتَ! هيڪَلِي آهيان.
    7
    واقِفِ نَہ وَڻِڪارَ جِي، جِتِ جَبَلُ جوراڻُو،
    اُتي عَبدُاللطِيفُ چئي، سُڄي سَفَرُ سَٽاڻُو،
    پِهروئي پاڻُو، سَوَلو ڪَرِيين ساٿَ جو.
    8
    وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ جائُو، جَمُرَ، جَرَ،
    ڪوسا تَپَنِ ڪَڪِرا، ٻي دَمِدَمِ تَپي ڌَرَ،
    ويچارِي ڏي وَرَ، پيرُ نہ لَهي پرينءَ جو.
    9
    وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا،
    اُتي عَبدُاللّطِيفُ چئي، ڪِيا هيڪَلِيَنِ حِيلا،
    جِتِ ڪُڙَمَ نہ قَبِيلا، اُتِ رَسِج، رَهَبَرَ! راهَہ ۾.
    10
    ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَہ ڏِٺو ڪَڏِهِين،
    مِهَر نَہ هُئِي ماڙُهين، هو سَڀُ هِندوڪارُ،
    جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ، سَرِتِيُون!
    11
    واقِفَ جي وَڻِڪارِ جا، وَنءُ تَنِين جي سَڏِ،
    ساٿِينِ سان، سَيّدَ چئي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
    نيئِي نِماڻيءَ نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي آڏِ،
    سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، ته ڪاهي رَسِين ڪيچَ کي
    12
    وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، چِٻُون جِتِ چِيها،
    مَنِزَل دُورَ، مَنُ تَنَها، اُتِ ٻولِيُون ڪَنِ ٻِيها،
    رائي پيرَ رَتُ ڪِيا، لَڳِي لُڪَ ڏِيها،
    لَڪَنِ جُا لِيها، لوڙِهيا لالُ لَطِيفُ چئي.

    داستان ٽيون سسئي
    1
    پُنهُون ڇَڏِيو پوءِ، جانِبُ جَبَلِ ڳوليين،
    تيلاهِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاهِين تون جوءِ،
    ساڄَنُ سُڃَ نِهارِيين، ڏُکي! ڏوهُہ ڪِيوءِ،
    هاڙهي هوتُ نہ هوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِيَنِ کي.
    2
    وَرِي پُڇُ ويٺِيَنِ کي، سَندا پُنهُونءَ پارَ،
    ساجنُ سَڀَ ڄَمارَ، ڏُکِي! ڏورِج ڏِيلَ ۾.
    3
    ڪونِهي اُتِ ڪوهِيارُ، جِتِ تو، ڀورِي! ڀانئيو،
    پَنڌُ مَ ڪَرِ پَهاڙَ ڏي، وُجُودُ ئي وَڻِڪارُ،
    ڌارِيان ڀانئيج ڌارَ، پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ تُون.
    4
    سَڀَئِي ساري، سَسُئِي! گَهرَ ڪُنڊُون تُون گهورِ،
    وَڃِي ڏُورِ مَ ڏورِ، دَران مَنجِھ دوسِتُ ٿِيو.
    5
    درَان مَنجهه دوسِتُ ٿِيو، موٽِي پُڇُ پاهِين،
    عَبَثُ اَڳاهِين، وَڃِيو ڪُوڪين ڪانڌَ کي.
    6
    وؤڙِيَم سَڀِ وَٿاڻَ، يار ڪارَڻِ جَتَ جي،
    ”وَاللهُ بِڪُلِ شَيءِ مُحِيط“ اِيءَ آرِياڻِيءَ اُهڃِاڻَ،
    سَڀَ ۾ پُنُهون پاڻَ، ڪِيِنهي ٻِيو ٻَروچ ري.
    7
    جان پيهي ڏِٺُمِ پاڻَ ۾، ڪَري روحَ رِهاڻِ،
    تان نَه ڪو ڏُونگرُ ڏيهَه ۾ نَه ڪا ڪيچِيَنِ ڪاڻِ،
    پُنهُون ٿِيَسِ پاڻ، سَسُئِي تان سُورَ هئا.
    8
    پَرَ گهران پاسو ڪَري، پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ،
    سو تان تونهِين ساڻُ، جنهن لئي جَفائون ڪَرين.
    9
    سوئي کَڻِيو ساڻُ، سوئِي ڏورِيين سَسُئِي،
    ڪَڏهِين ڪَنهِين نه ڪِيو، ڄُلَڻَ مَنجهان ڄاڻُ،
    پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ، تَه تُون تِيائِين لَهين.
    10
    جي تُون ڏورِئين ڏُورِ، سو سَدا آهي ساڻُ تو،
    لالَنَ لئي، لَطِيفُ چئي، مَنجِهين ٿِيءُ، مَعذورِ،
    مَنجهان پَنءِ پَروڙِ، تو مَنجِهه آهِسِ تَڪِيو.

    11
    وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، هِتِ نه ڳولِين هوتَ کي،
    لِڪو ڪِينَ، لَطيفُ چئي، ٻاروچو ٻي پارِ،
    ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهُونءَ سين پارِ،
    نايو نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
    12
    ڪُوڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، هوتُ نه پُڇَنِ هتهِين،
    جَنِ پُنهُونءَ سين پيچُ، تَنِ پيرين پَنڌُ وِسارِيو.
    13
    هَلُ هِنئين سين هوتَ ڏي، پيرين پَنڌ وِسارِ،
    قاصِيداڻِي ڪارِ، ڪِينَ رَساڻي ڪيچَ کي.
    14
    هَلُ هِنئين سين هوتَ ڏي، پيرين ڪَرِ مَ پَنڌُ،
    رائي پُڇُ مَ رَندُ، رِڙهُه، رُوحانِي سَسُئِي!
    15
    هَلُ هِنئين سين هوتَ ڏي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلَ،
    آرِياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿيو.
    16
    هلُ هِنئين سين هوت ڏي، ڇَپَرِ ڇُلُ مَ تُون،
    مَنجهان لَڌو مُون، ڪوهِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
    17
    هَلُ هِنئين سين هوتَ ڏي، سِسِي کَڻُ مَ ساڻُ،
    جَنِين ڀانئيو پاڻُ، سي آرِياڻِيان اوري رَهِيُون.
    18
    ڪجي پَنڌُ، پُڇان تو، ڪيچَيَنِ ڪارَڻِ ڪيئن؟
    بيخُود هَلِج بَرَ ۾، آئُون ٿو چُئان ايئن،
    سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ، مَتان، مُٺِي! ڇڏِيين.
    19
    مَتان، مُٺِي! ڇَڏِيين، پِرِيَتَڻُو پاڻان،
    ڄاپَنِ جيئن ڄاڻان، تون پُڻِ هوئجِ تَنِ جيئن.
    20
    مَتان، مُٺِي! ڇَڏِيين، پاڻان پِرِيَتَڻُو،
    کَٿُورِيءَ ڪَڻُو، مَڙِهي مَڙِهِجِ مُنهن ۾.

    داستان چوٿون سسئي
    1
    هيجُ نہ هوندو جَنِ، سي ڪيئنءَ وِندُرِ وِينديُون،
    وِيهو وِچِ رَهَنِ، سَهسِين سَڌنِ وارِيُون.
    2
    سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نه باسي ڪا،
    جيهِيءَ تيهِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشَ ڪانِهي جا،
    مُون سين هَلِي سا، جا جِيءُ مِٺو نَه ڪَري.
    3
    ڪيچِ نه جُنبَڻَ جاءِ، تَه ڪا هَلي هوتَ ڏي،
    مُون سين هَلي ساءِ، جا جِيءُ مِٺو نَه ڪَري.
    4
    آتَڻَ ۾ پِرِياڻُ، هو سَڀَنِي جيڏيين،
    مُون سَڀاڳِيءَ ساڻُ، ڪيرَ ڇُلَندِي ڇَپَرين.
    5
    سُکَنِ وارِي سَڌَ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري،
    اَندَرُ جَنِين اَڌَ ڏُونگَر سي ڏورِينديُون.
    6
    ڏُونگَر نه ڏوري، سِڪَڻَ جونسَڌُون ڪَري،
    ويٺِي گهرِ گهوري، مَٿان پِريَنِ ڄندَڙو.
    7
    وَريتِيُون وَرو، آئُون نه وَرَندِي وَرَ ري،
    جا ڏي هِنَ جَبَلَ جو، تانگِهيندِيَس تَرو،
    جَتنِ ساڻُ ذَرو، نينهَن نِبيرَڻَ نه ٿِئي.
    8
    وَڃو سَڀ وَرِي، اَئِين جي وَرَنِ وارِيُون،
    ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهه ڳَرِي،
    ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگَرَ سي ڏوريندِيُون.
    9
    وَڃو سَڀِ موٽِي، اَئِين جي وَرَنِ وارِيُون،
    ڪانَه هَلندِي ڪيچَ ڏي، ڪَريو مَ کوٽِي،
    ڪَڍِيَمِ ڪاڇوٽِي، وِڌُمِ جوڳُ جَتَنِ لئي.
    10
    اَڄُ مَلِيندِيَسِ، ماءِ! ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،
    جِيجان! جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلَ مَ پاءِ،
    هوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنِرَ پائيان.
    11
    عِناتا! اُتاهِين، جانِي جَڙي ٻَنڌُ،
    آهي گهڻُو اَهُکو، فَقِيريءَ جو فَنڊُ،
    چَکين ته چَرِيو ٿِيين مَيخاني جو مَنڌُ،
    ڪِينَ ڪڍبو ڪَنڌُ مَنجهان سَڱَ سيد چئي.
    12
    مُون کي ڀانئي ڀاڄُ، ڏيرَ ڏُوراڻا هَلِيا،
    اَڳِيان اُٿِي اُنِ جي، خُوبَ نه پَڪَمِ کاڄَ،
    ميڙي آپ سَرَتِيُون، نَه ڪي ڳايَمِ ڳاڄَ،
    سا مُون هَٿان نه ٿِي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
    آيَلِ! آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
    13
    تو جو ٻولُ، ٻَروچَ! ويهِي ڪِيو وَڻِڪارَ ۾،
    سوئِي پارِج، هوتَ! وِلَهِيءَ مُون مَعذُورِ سين.
    14
    پِهرِين تُون پاريج، پارَڻُ پوءِ پُنهُونءَ تي،
    ٻولُ مَ وِسارِيجِ، هُو جو ڪِيوءِ هوتَ سين
    15
    توسين ٻولَ ٻَهُون، سَهَسين ساڄَنُ جي ڪَري،
    ڪَندِيين توءِ ڪَهُون، جي نالو ڳِيَڙُءِ نِينهَن جو.
    16
    سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمَهين سَسُئِي!
    ڪَندِيين ڪُهُہ ڪيڻانِ، جُهہ سي اُنِ اورانگِهيا.
    17
    سِڄَ لَٿي، سَسُئِي، رَتَ وَرَڻو روءِ،
    پَهِي نه پانڌِي ڪو، جنهن ڪَرَ پُڇي لوءِ،
    مُوڙهِي وَڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪانَه ڪَري.
    18
    ڇُلان، مَنجِهمِ ڇاڪَ، پُران، پُونِمِ پُرڪَڻا،
    مَتان ڪا مُنڌ ڪَري، موٽَڻَ جِي مذاق،
    چِتُ سَندو مُون چاڪَ، هاڙهي هَڏِ هَڻِي ڪِيو.
    19
    پيرين پِيَمِ پُرڪَڻا، رَهه ۾ گَهڻو رُنومِ،
    پاراتو پِرِيَنِ کي، تَپِي تان نَه ڏِنومِ،
    چُڪِي تي چَيومِ، ”سُواهَرُو“سَڄَڻِين.
    20
    چُڪِيءَ کي چَئِي، ڪا جاڳائي جيڏِيُون!
    وِيئڙو ساٿُ وَهِي، تو نِنڊا ئِي نه لَهي.
    21
    چُڪَيسِ سَڀِ چَئِي، ماڙُهو شَهرَ ڀَنڀورَ جا،
    سا موٽي ڪِينَ مُئِي، جنهن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِيا.
    22
    موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪي چَيَسِ جيڏِيين،
    پَرِيٽ پِهرين پُورَ، نيئِي پَهُچائِي پُنهونءَ کي.
    23
    موٽَڻَ جِي مَصلِحَتُ، مُون کي ڏِيو مَ، جيڏِيُون!
    نِهارِيندِيَسِ نِڪَرِي، آرِياڻِي اَلبَتَ،
    ڪَندِيَسِ اوٽَ عَيبَ جِي، لَڪَنِ ڏيئِي لَتَ،
    سَرَتِيُون! شَرِيڪَتَ، آئُون ڪيئن آگَنِ سين ڪَرِيان؟
    24
    موٽِي مَران مَ، ماءِ! موٽَڻَ کان اَڳي مَران!
    لُڇِي لالَڻ لاءِ، شالَ پُونديَسِ پيرَ تي!
    25
    نِماڻِيءَ جي نِجُهري، رُئَڻُ ۽ راڙو،
    ڪُٺلِ جي قَلبَ ۾، قُرِبَ جو ڪاڙهو،
    هوتَنِ لَئي هاڙِهو، سَڀُ رَڱِيندِيَسِ رَتَ سين.

    داستان پنجون سسئي
    1
    ڀَڄِي جان ڀَنڀورَ کان ڏُونگَرُ ڏورِيو مُون،
    ڪاهي رَسيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهُون،
    سَڀَت آهِيين تُون، قَضا ڪَندِين ڪَنِ سين؟
    2
    پيهِي جان پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِهاڻِ،
    ته نَڪو ڏُونگَرُ ڏيهَه ۾، نَڪا ڪيچِيَنِ ڪاڻِ،
    پُنهُون ٿِيَسِ پاڻِ، سَسُئِي تان سُورَ هُئا.
    3
    ڏِنا جِيَئڻَ لَئي، جيڏيُون! ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ،
    ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، تان سُورَ مِڙيئِي سُکَ،
    لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهُون ٿِيَسِ پاڻِهين.
    4
    پُنهُون ٿِيَسِ پاڻهين، وِيو سَسُئِيءَ جو شَرمُ،
    هيڪَلِيُون هَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ،
    جو وِندُرَ ۾ وَرَمُ، سو سَودو سَرِيُسِ هِتَهِين.
    5
    پُنهُون ٿِيَسِ پاڻِهِين، وِيو سَسُئِيءَ جو سِينگارُ،
    ”مَن عَرَفَ نَفسہُ، فَقَد عَرَف رَبّہُ“، اِهوئي آچارُ،
    جو وِندُرَ ۾ واپارُ، سو سَودو سرِيُسِ هِتَهِين.
    6
    پُنهُون ٿِيَس پاڻِهِين، ويئي سَسُئِيءَ جِي سُونهن،
    ”خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُورِتہ“اِيءَ وَڻَنِ مَنجِهه وِرُونهَن،
    چَريءَ مَنجهان چُونهن، کَڻِي هوتُ هَنجِ ڪيو.
    7
    ويئي سُونهَن سَسُئِيءَ جِي، پنهون ٿِيَسِ پاڻَ،
    سَڀَنِ جِي، سَيِدُ چئي، آهي اُتِ اُماڻَ،
    ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجِيبَنِ کي.
    8
    وَهَمَ وِرساياسِ، نات پُنهون آئُون پاڻ هُئِي،
    پاڻ وِڃايُمِ پانهنجو، پِئِي پِرِيان جي پاسِ،
    رَتِي عِلمَ نَه راسِ، ڌاران پَسَڻَ پِرِينءَ جي.
    9
    قافَئُون ڪاهِيندِياس، موٽان تان ڪُرَ مِيهَڻُو،
    ٻانهِي ٻاروچَنِ جي، سَڱُ نه ساهِيندِياسِ،
    ”اَلفِراقُ اَشَدُ مِنَ المَوتِ“، هِتي نه هُوندِياس،
    آهَہ نَہ لاهِيندِياس، جيئري جَتُ ڏِسي مَران!
    10
    جيئڻُ جَتَ ڌارا مَعذُورِ جو مَسَ ٿِئي،
    چانگَنِ سِرِ چَڙهِي وِيا، ساٿِي سَوارا،
    اَکِيُون اوتارا، پَسِيو رُونِ پُنهونءَ جا.
    11
    هيڪَرَ هُئَڻُ ڇَڏِ، ته اوڏِي ٿِيين عَجيبَ کي،
    ”مَارَاَيتُ شَيئاً اِلاّ وَرَايتُ اللهَ“، نيئي اَجها اوڏاهِين اَڏِ،
    تَه هوتُ تونهِين کان هَڏِ، پِرِين پاسي نَه ٿِئي.
    12
    هوتُ تنهنجي هَنجَ ۾، پُڇين ڪوهُه پَهِي،
    ”وفِي اَنفُسِڪُم، اَفَلا تُبصِرُونَ“ سوجهي ڪَرِ سَهِي،
    ڪڏهن ڪانَه وَهي، هوتُ ڳولَڻَ هَٽَ تي.
    13
    هوتُ تُنهنجي هَنجَ ۾، پُڇين ڪوهه پَرِياڻ؟
    ”وَ نَحنُ اَقرَبُ اِلَيہِ مِن حَبلِ الوّرِيدِ“ تنهنجو تونَهِين ساڻُ،
    پنهنجو آهي پاڻُ، آڏو عَجيبَنِ کي.
    14
    وَؤڙِيَمِ سَڀِ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جَتَ جي،
    ”اللهُ بِڪُلِ شَيءِ مُحِيطُ“ اِي آرياڻِي اُهڃَاڻَ،
    سَڀَ ۾ پُنهون پاڻُ، ڪِينهي ٻِيو ٻَروچَ ري.
    15
    ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِهان ڪيئن ماٺِ ڪَري؟
    اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي،
    ”اَلعِشقُ نارُ اَللهِ المُوقَدَه“، کوري جيئن کاڻِي،
    آهي آرِياڻِي، ٻِيو سَرِتِيون! سُڄي ڪِينَ ڪِين.
    16
    سَرَتِيُون! سَڀوئِي ٿِيو، اَندَرِ آرِياڻِي،
    ويٺِي پَسان پاڻَ ۾، ڏونگَرُ ڏِهاڻِي،
    هُيَسِ هوتَنَ- هاڻِي، تي ڪيچِي گَڏِيَمِ ڪَهَه ۾.
    17
    ڪَڍَ پُنهُونءَ ڏي ڪاهي، چاٽيءَ رُوحُ چَرِيو ڪِيو،
    اُٿئي ويٺي اوڏِهين، سُتي پُڻ ساهي،
    ”اَلعشِقُ حِجابُ بَينَ العاشِقِ وَالمَعشوقِ“ لاشَڪُ ٿِي لاهي،
    آرِياڻِي آهي، ٻِيو سَرَتِيُون! سُڄي ڪِينَ ڪين.
    18
    ڀينَرُ! آئُون ڀورِي، مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو،
    ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا، جهڄَڻُ ۽ جهورِي،
    لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِينديُون.

    داستان 6 سسئي
    1
    جَڏائيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي،
    مَنگَلُ منهنجي مَنَ ۾، ٻارِيو هوتَ حَمامُ،
    آرَکِ ٿِيو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.
    2
    دَردُ نه لَهي دارُئين، زُلفَ زورِ ڏِنومِ،
    ڪاڪُلُ ڪالَهه ڏِٺومِ، رُخساري
    تي رُوپَ سين.
    3
    ڀَنڀو جو ڀَنڀور ۾، ڪاڪُلُ ڏِٺُمِ ڪالَ,
    هَئي تَنِين جي حال، زُلفُ جي زافُ ڪِيُون.
    4
    پَرِيندي پاڻ وِيو، زلف ڪِيَسِ زافُ،
    سَندو ڪاڪُلُ ڪافُ، ماري معذُورِنِ کي.
    5
    هاڻِ نَه جِيان، جيڏِيون! زُلفَ زافُ ڪِياسِ،
    ڪاڪُلُ آئُون ڪُٺِياسِ، ڀَنڀو جو ڀَنڀورَ ۾.

    6
    ڪاڪُلُ ڪُٺِي جا، ڪفنُ تنهن ڪِينَ ٿِئي،
    مَنجِهه شَهادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪَري.
    7
    ڏَکا ڏونگَرَ ڄام! مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي،
    توتي لَڄ، لَطِيفُ چئي، آهي سَندِي عامَ،
    مارِ مَ، چَئِي مَعذُورِ کي، وَنهِيا ڪانڌ! ڪَلامَ،
    پَرچِجِ پيادِينِ سين، اَللهَ لَڳِ، علامَ!
    جا نَوازِي آنهَنجي نامَ، سا هوتَ! مَ ڇَڏِجِ هيڪَلِي.
    8
    ڏَمَرَ، ڏونگَر ڄامَ! سَکَرَ، پاڻَ شَرِيڪَ سين،
    ڪيهِي ڪُلفَتَ تنهن سين، جا گولِي آنهنجي گامَ،
    وَرِجِ تُون، وَرِيام! منهنجو اَچَڻُ آن ڳَري.
    9
    ڏَکا، ڏُونگَرَ! لاهِه آئُون اَڳُ مُئِي آهِيان،
    آرِياڻِيءَ سين آهِه، ذاتي سَڱُ ضَعيفِ جو.
    10
    پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، ڏُونگَر مَٿي ڏي،
    ڦَٽِيا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، سِيرُون ٿِئَيَڙا سي،
    جَهِڙي تَهِڙي حالَ سين، پُري پُنهُونءَ ڏي،
    وَڃي مانَ وَري، ٻانِهي ٻَنڌَڻُ جنهن سين.
    11
    پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
    پاڻُ نَه پَسي ڦَٽِيو، ڪَڙَهي ڪيچِيَنِ کي،
    هاڙهو هوتَ پَري، ڪُهه ڄاڻان ڪيئن لَنگِهيا.
    12
    سُمَهڻا ساڙو، جيڏِيُون! جيڏوئي ٿِيو،
    پِرِيَن سين پاڙو، مُنھنجو نِنڊَ نِبيرِيو.

    داستان ستون سسئي
    1
    ڏُورِ مَ ڏيهِه وِيو، پيرُ تُنهِنجي پِرِينءَ جو،
    ويهَڻُ واٽَڙِيَنِ تي، ڪيچِينِ رِي ڪِهو؟
    وِندُرِ جو وِيو، سو، اَللهَ! واري آڻيين!
    2
    وِندُرِ جي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَنڌَنِ سَندرا،
    ٻِيُون ڪوهه ٻَنڌَنِ، ڇوڙي جي ڇَڏِيندِيُون.
    3
    ڏيهُه ڏيهائِين ڏُورِ، پَرَڏيهان پَري ٿِيا،
    سيَڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراهين پُور،
    تُون وَڃِين هوتَ حُضُورِ، منهنجو جيئن جيلانهِين ٿِئي.
    4
    هيڪاندي هوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿِيا،
    ساهُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهُون وِيو پوئِي،
    رَهُه قَضا دَمَ ڪوئي، ته هيڪَرَ هيڪاندِي ٿِيان.
    5
    هَڏِ نه ساهه سُڌيرُ، دِلِ دَرماندِي دوسَت ري،
    پائي وِيئڙا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ،
    جِيءُ. جُسو، جاگيرُ، هاڻي مِلڪَ هوتَ جِي.
    6
    عُمِرِ سَڀِ عِشقَ سين، پُنهُون جي پُڇَنِ،
    رِيسَ ريذالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
    مارَڳِ جي مَرَنِ، وَڏو طالِعُ تَنِ جو.
    7
    وَڏو طالِعُ تو، جيئن لَڳِينءَ پيرِ پُنهُونءَ جي،
    سَسُئِي! اِنَ سُتُونَ کي، رويو رويو رو،
    ويٺِي هِتِ مَ هو، هَلين ته هوتُ لَهِين.
    8
    ويٺيَنِ ناهِه وَراڪو، سُتِيَن ڪونِهي سَنگُ،
    هوتُ هَلَندِنِ کَٽِيو، جَنِ اَنگُهنِ چاڙهيو اَنگُ،
    باسي ڀَئِي ڀَنگُ، رِڙهِي ڄامَ رَسِيُون.
    9
    ويٺي وَرَ نَه پُونَ، سُتي مِلَنِ نه سُپِرِين،
    جي مَٿي رَندَنِ رُونِ، ساڄَنُ مِلي تَنِ کي.
    10
    ڪَڙهي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پُنهُونءَ جو،
    سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لَئي جَڙي،
    لَڪَنِ سِرِ، لَطِيفُ چئي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي،
    پَڻين تان نَه پَڙي، جي عُمِرِ سَڀِ ايئن ڪَري.
    11
    ڪِ ڪي ڪَڙِيان پيرَ، ڪِ ڪَڙهان ڪيچَ ڌَڻِيَنِ لِئه؟
    اِيُ ڏئُون ڏيئِي ڏيرَ، پاڻان پرانهان وِيا.
    12
    ڪَڙُهه پُڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ لَئي، ڪَڙِ پُڻِ پيرَ سَندانِ،
    اِنَهِين پَرِ اُتانِ، پُوندين، مُنڌ! پهاڙَ ۾.
    13
    سُورنِ سِجهائي، چيلهِه ٻَڌِيو چوٽِيين چَڙهي،
    سَڱَ پِرِيان جي سَسُئِي، ميڙي مِلائي،
    لَڌائيين، لَطِيفُ چي، لالَنُ لالائي،
    ٻانڀڻِ ٻاڏائي، حَبِئان وارِيو هوتَ کي.
    14
    رائي ڪئي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽانڪِيو چَڙِهي،
    لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، هَلِي ڏانهن حُضُورَ،
    رَهِيا سَڀ رُڃَنِ ۾، سَسُئِيءَ جا سالُورَ،
    ساڄَنُ ميڙِيُسِ سُورَ، سُکَ نه ميڙِيُسِ سُپِرِين.
    15
    مَنجهان پَنءَ پَرُوڙِ، سَڀَ مَ پُڇِج، سَسُئِي!
    ويهي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجِهجِ ڌُوڙِ،
    تَه تُون ماڻِيين مُوڙِ، جي پَندِ اِهائِي پارِيين.
    16
    لُڇي ڪِينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌ اَندوهَه ۾،
    پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لالَڻ جو، لَطِيفُ چي.
    17
    ٻَرِيائِي ته ٻارِ، ڦُوڪِ تَه لَڳي اَنبَرين،
    هِتي جي هُئَڻَ جِيُون، وَٿُون سَڀِ وِسارِ،
    سَمُوري سَرڪارِ، نيئِي رَکِجِ ناهِه ۾.
    18
    قَدُ ٻَڌِي، تُون ڪيئن، پهچندينءَ پُنهُونءَ سين،
    جيئن سِينُون ساهيين، سَسُئِي! ٿِيين تَهِوارُون تيئن،
    مُٺِي! ٿِيُ مِسڪِين، هِمّتَ هوتُ وِڃائِيو.
    19
    ٻَلَرِلَڳو ٻاڻُ، پَسُوءَ جوءِ جَرا ٿِي،
    سا مُنڌَ مَري نه جِئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻُ،
    سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀوڙي سَيّدُ چئي.

    داستان اٺون سسئي
    1
    اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، اَسُونهِين آهِيان،
    لُڙڪَ لَعلَ، لَطِيفُ چئي، وَرَ لَئي وَهايان،
    هيجان هَنجُهون حَبَ ۾، هوتَنِ لَئي هارِيان،
    جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهُون پَهايان،
    پِيهان، پَچايان، جي مان نِهو پاڻَ سين.
    2
    اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي آهِيان اَسُونهِين،
    پَرَڏيهِي پِرِيَنِ ڪِيا، مَرَڻَ لئي مُونهِين،
    سَسُئيءَ کي، سَيّدُ چئي، تَنگُن ۾ تُونهِين،
    هارِي! ڪيئن هُونهِين، رِيءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَرين؟
    3
    اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، اَسُونهِين آئُون،
    چيٽا، چُورَ چُنجُن ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،
    موٽُ پُنهُون! پانهُون، مَتان، مُحِبَ! مَرِي رَهان.
    4
    اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، اوڳِي، اَوائِي،
    ڪِينَ ٽُهارِي ٽَڪَرِيين، ساڻَسِ سَڳائِي،
    لاڳاپَنِ، لَطِيفُ چئي، مُنڌَ رائي رَهائِي،
    جَلَڻُ، جَڏائِي، آرِي! لاهِه اَصِيلِ تان.
    5
    اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، گَمَنِ گُماٽِي،
    سا ڪيئن ويهي ويسَرِي، جا گهائِي، گُهماٽِي،
    پيئِي پيشِ پُنهُونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
    جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙهَندِي سَسُئِي.
    6
    اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، سَڌَرِ ٿِي سَچِي،
    سُپَڪَ ٿِي، سَيّدَ چئي، پَهڻَنِ مَنجِهه پَچِي،
    مَعذورِ کي، مارو ڪِيو، اولاڪَن اَچِي،
    مَنجهان راهَه رَچِي، ٿِيَڙي لالُ، لَطِيفُ چئي.
    7
    اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، ويچارِي نه وَري،
    لالَنَ ڏي، لَطِيفُ چئي، پُري پيرَ ڀَري،
    ڪَمِيڻي ڪَري، ڪارُون ڪيچ ڌَڻِيُنِ کي.
    8
    اَچِي عزِرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي،
    ٿِي دَوڙائي دَلِيلَ، ته پُنهُونءَ ماڻهُو موڪَلِيو.
    9
    مُنڪِرَ ۽ نَڪِيرَ کي، جَڏِهن ڏِٺائِين،
    اَڳِيان اُٿِي، اُنِ کي، پُنهُون پُڇِيائين،
    اَدا! اِهائِين، ڪو وِيو ساٿُ سَڄَڻَ جو؟
    10
    ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچَيَنِ ڪَڪَرا،
    رائو مِڙوئي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
    لانچي لَڪَ، لَطيفُ چئي، اُٿِي ڏُونگَرَ ڏورِ،
    جَتُ وڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ تان اوڏِي ٿِيين.
    11
    پَئِي ٿِي پَئمالُ، سا مُنڌَ مَري، نه جِيئي،
    بُري هِنَ ڀَنڀَورَ سين، هَڏِ نَه ڳَرَهي حالُ،
    لالَنَ، جو، لَطِيفُ چئي، وِساري نَه وِصالُ،
    ڀِرِي، ڪِجا ڀالُ، هِيءَ ڏاهِه ڏورِيندِي ڪيتَرو؟
    12
    جَهٽ پِٽي، پِهُه جَهنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي،
    سُورُ سُٻِيلِي سَسُئِي! لَڪَ تِهِين سين لَنگِهه،
    ته سُپيرِيان جي سَنگ، مُنڌَ! ميڙائو تو ٿئي.
    13
    ٿَڪِيائِي، ٿَرَ ٿيل، چَڙهُه چُڪِيائِي، چوٽيين،
    هَلَندي هوتَ پُنهُونءَ ڏي، ڀُونءِ مِڙيئي ڀيلِ،
    اُٿِي رائو ريلِ، ويٺَنِ تان وارِي وَري.
    14
    هِيءَ گِسِي، هِيءُ گَسُ، هِيءُ پَهَڻُ، هِيءُ پيچِرو،
    ويچارِيءَ وَڏو ڪِيو، وِيندَنِ پٺِيءَ وَسُ،
    ليڙَن جو، لَطِيفُ چئي، ڏُونگَرَ اَئي ڏَسُ،
    جَڳَ ۾ رَهِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ، ٿِي سَردارَ جي.
    15
    ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ويهَه مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،
    چَڙِهي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پُنهونءَ جو پَسُ،
    ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندئي هوتَ پُنهُونءَ جو.
    16
    سيڻَنِ ڪارَڻِ، سَسُئِي! وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
    جِمَ وِرچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگَنِ گَسُ،
    ڏوٿِي ڏيندَئي ڏَسُ، اَڳِيان ٻاروچَنِ جو.

    داستان نائون سسئي
    1
    ويهُہ مَ وِساري، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جِي،
    نِرِمَلُ نِهاري، هَلَندِنِ تان هَٿِ ڪيو.
    2
    اَوَجَهڙِ اَسُونهِنِ، ڏيهُہ گَهڻوئِي ڏورِيو،
    سَڳَرِ رِيءَ سُونهَنِ، پَهُتِي ڪانَہ پَنڌُ ڪَري.
    3
    واءِ! وِڃاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جنهن پَنڌُ ڪَرِيان،
    ڇَٽا! ڇَپَرِ پِرينءَ جو، پيرُ پَرِنيان تو،
    بَرِ بورائو جو، سو، لَڳِي، مَتان لَٽِيين!
    4
    واءِ وِڃايَمِ ڪالَهه، پُٺِيءَ جنهن پَنڌُ ڪَرِيان،
    وَڃَڻُ مُون وانٽي پِيو، هوتَنِ ڪَارَڻِ حالَ،
    جَبَلُ ڏورِيان جالَ، ڪارَڻِ پيرَ پُنهُونءَ جي.
    5
    کُهِجِ مَ، اُجَها کيهَہ، گَردَ پسُ گُنگَنِ جِي،
    ڏُکِي! مَنجهان ڏيهَہ، نِڪِرُ ناھ ڪُلهي
    ڪَري.
    6
    ڏُورِ مَ تو ڏوريج، صَبُرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي!
    پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِهَڻُ وِساريج،
    سُکنِ جا، سَيّدُ چئي لاڳاپا لاهيج،
    هِينئين ساڻُ هَليج، تَه پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
    7
    ويٺِيَسِ، وِک نَه اُپُڙي، تُون آرِياڻِي آءُ،
    چُڪِيءَ توسين چاءُ، پاسي ڀَرِ پيئِي رِڙهي.
    8
    کُهِي جا کَنيائِين، وِکَ تنهن ويجِهي ڪَئِي،
    ڇِڪي ڇِنائِين، پَنڌ مِڙوئي پَٻَ جو.
    9
    سَئو ڪوهَ ڪري سَڀَڪا، تُون کُهِي کَڻِجِ وِکَ،
    تاڻِج مَنجهان تِکَ، تَه پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
    10
    وِيو جاڳائي جَتُ، ويرِي ڪنهن وِلات جو،
    سَندو سُورَنِ خَطُ، ڏِنُم هوتَ هَٿَنِ سين.
    11
    ڏُهِلا مُون ڏينهن ٿيا، پييَمِ، ڄامَ! ڄَيُون،
    ڪَندي پَنڌُ پَهاڙَ ڏي، ٿِيئڙمِ رُوحَ رَيُون،
    لُڇِيو ٿِيان، لَطِيفُ چئي، ڪارَڻِ دوسِتَ دَهيُون،
    ڀانِيان لَڪَ لَيُون، جي سُورَ پِرِيان جا ساڻُ مُون.
    12
    هيڪَلِيائي هاڻِ، پورِيندِيَس پُنهُونءَ ڏي،
    ڪَندِيَسِ ڪوهِيارَلَ سين، رُچِي رُوحَ رِهاڻِ،
    رُلِي ڇُلِي ڇَپَرِين، ڪنهن پَرِ لاهِيان ڪاڻِ،
    آهِيان گهڻُو اَڄاڻِ، پَرَ سُورَ پرِيان جا ساڻُ مُون.
    13
    هيڪَلِيائي هيل، پُوريندِيَسِ پُنهُونءَ ڏي،
    آڏا ڏُونگَرَ لَڪَيُون، سُورِيُون سُڄَنِ سيلَ،
    تَه ڪَرَ ٻيلِي آهِنِ ٻيل، جي سُورَ پِرِيان جا ساڻُ مُون.
    14
    دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرِچِي تان نَه وِهي
    لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، پَهَڻَنِ مَنجِهہ پهي،
    سَندي نينهن نهي، ڪئي سَرِفرازُ سَسُئِي.

    داستان ڏھون سسئي
    1
    آءُ اوراهُون، سُپِرِين! وَڃُ مَ اَڳانهُون،
    ٿَڪِي کَڻي ٿَرَنِ ‎۾، ٻاڪارِيو ٻانهُون،
    دَرد جون دانهُون، مُون مارِيندِيُون، موٽُ تُون.
    2
    آءُ اوراهُون، سُپِرِين! وَڃُ مَ پِيءَ پَري،
    مُون ڏِٺِي، مُون وِسَهو، وِرِچِي تان نَه وَري،
    ڌاران مَنهَن مَري، ڏُکِيءَ جي ڏيکارِيين!
    3
    آءُ اوراهُون سُپِرِين! پَري وَڃُ مَ، پِيءَ!
    موٽُ، مَرَندِيَسِ ڇَپَرين، تون جِيارو جِيءُ،
    هوتَ! مَ ڇَڏِج هِيءَ، پُنهُون! پِيادِي پَنڌَ ۾.
    4
    آءُ اوراهُون سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏيج مَ ڏاگهُہ،
    وَٽِ ڇَڏي مُون واگُهه، آرِي! وِئين عِشقَ جو.
    5
    آءُ اوراهُون سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏاگُهه مَ ڏيج،
    پيهِي گهِر پُڇيج، تَه هوتَ! هَلاڪَتَ نه ٿِئي.
    6
    مَڇُڻ، وَرَ! وِساريين، آرِي! لَڳ اَللهُ،
    توکي سارِيو ساهُ، اُڪنڊِيو آهُون ڪَري.
    7
    مَڇُڻِ، وَرَ! وِسارِيين! صَبرُ آئون نه سھان،
    توکي نِهارِيان، آءُ مُنهنجا سُپِرِين!
    8
    هَٿان هَڏِ نَه ڇَڏِيان، صَبرُ شُڪرانو،
    ذَوقَ زَمانو، مُون وَرَ وِيو وِسَرِي.
    9
    صَبرَ ۽ شُڪرَ کي، ڪاڏي آئُون ڪَندِي،
    آهِيان جنهن سَندِي، سو تَه گُهرجي ساڻُ مُون.
    10
    صَبرَ ۽ شُڪرَ کي، وَٺِي آئُون ويٺِي،
    ڏُکِيءَ سين ڏيٺي، ڪا ڪِج اَچِي ڪَڏِهِين.
    11
    صَبرَ ۽ شُڪَر کي، هَٿِ ڪيو مُون هاڻِ،
    پِرِيَمِ! اَچِي پاڻِ، پَٽِيءَ کي پُڇيج تُون.
    12
    ناهِه جَمِعيّتَ جانِ کي، هوتَ پُڄاڻان هاڻِ،
    اَللهُ! سيئِي آڻِ، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
    13
    ناهِه جَمعيّتَ جانِ کي، پنهون پُڄاڻان هِتِ،
    پُنهُون جِيءَ پِرِتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
    14
    ناهِه جَمعيّتَ جانِ کي، پُنهُونءَ پُڄاڻان،
    سي مُون سيباڻان، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
    15
    ناهِه جَمعيّت جانِ کي، هوتَ پُڄاڻان هيرَ،
    ساڄَنَ ڪارَڻِ سيرَ، وؤڙِيندِيَس وِندُرَ جان.

    داستان 11 سسئي
    1
    ڪَنُ ٿِيءُ!، ڪيچِيَنِ ڪُڇِيو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ،
    اِشارَتُون اُنِ جون، سُڪُوتان سُڄَنِ،
    وَٽان ويهِي تَنِ، سُڻُ تَه سوزُ پِرائِيين.
    2
    سُڻُ تَه سوزُ پِرائِيين، ’آءُ‘ چَيائون اَڄُ،
    ٻولِي ٻي نَه سِکِيا، ’پاڻان‘ چُوندءِ ’ڀَڄُ‘
    واڄي وَٽِ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَه ٻِيائِي لَهي.
    3
    ٻُڌُ تَه ٻِيائي لَهي، ’آئون‘ اُتِ نَه آهِ،
    ڪُڇَڻَ ڪَنڍِي لاهِ، ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِيو.

    4
    ڪَنُ ٿِيءَ، ڪيچِيَنِ ڪُڇيو، ڪُڇُ مَ، ڪُڇِيائُون،
    رَهِي نَه رَتِيءَ جيتَرِي اُنِين وَٽِ ’آئون‘،
    وَڍي وِڌائُون، هو جو وَڻُ ’هُئَڻ‘ جو.
    5
    ڪَڏِهن پَئِجي ڪَنُ ٿِي، ڪڏهن ٿِيجي واتُ،
    ڪَڏِهن ٿِيجي ڪاتُ، ڪَڏِهن ٿِيجي ٻَڪَرو.
    7
    ڪامُون مُڇيجاهُ، گَهڻيون گُهرِجَنِ ، اوٺِيا!
    هي وَڻَ نَه لَهَنداهُ، هُو وَڻَ اوڏاهِين گَهڻا.

    6
    ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱڻِ آرِيءَ ڄامَ جي،
    دِيَتَ آهي دوسُ، مارڳَ ۾ مُيَنِ جي.
    7
    ڪامُون مُڇيجاهُ، گَهڻيون گُهرِجَنِ ، اوٺِيا!
    هي وَڻَ نَه لَهَنداهُ، هُو وَڻَ اوڏاهِين گَهڻا.
    8
    اَکِيُون لَٽَ اوراٽِيُون، ڪنهن پَرِ ڪَڙِيان پيرُ؟
    لَٽَ لاهِيندو ڪيرُ، مُون جيهِي مَعذُورِ کي.
    9
    اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جون، اَنڌِيءَ سين آهِينِ،
    هو جي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مون سُونهائِينِ،
    ڏِسِيو ڏيکارِين، پيشانِي پُنهُونءَ جِي.
    10
    اَکِيُون آريءَ ڄامَ جون، آهِين اَنڌِيءَ ساڻُ،
    پَسِي ڪَندِيُون پاڻُ، پيشانِي پُنهُونءَ جِي.
    11
    سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ رِيءَ، هَلَڻَ رِيءَ مَ هَلُ،
    جَلَڻَ رِيءَ مَ جَلُ، روئَڻَ رِيءَ مَتان رُئين.

    ابيات متفرقہ سسئي
    1
    اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو؟
    وِيو جاڳائي، جيڏِيُون! بِرهُ، هِيءُ بيباڪُ،
    چُرِڦُرِ ڪاري چاڪُ،* سُورُ سُمَهاري ڪِينَ ڪِين!
    2
    سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، هَڏَ پُڻِ ڏُکَنِ هوتَ لَئي،
    پِرِينِ جي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَه ڏِينِ،
    جي ماڻُهنِ کي مارِين، تَنِ سُورَنِ کي سَڏَ ڪَرِيان!
    3
    صَدا وِڌِيمَ سُورَ جِي، اَڳِيان ڪوهِياري،
    جو نِجَسَ نِکاري، سو پُنهُون وِڌُمِ پاندَ ۾.
    4
    جان ساماڻِيئن، سَسُئِي، تان ويسُ وِڙَن جو ڪَرِ،
    لاهي لَڄَ، لَطِيفُ چئي، ٿِيُ بيگارِياڻِي بَر،
    تَه ويندِين پوئِي وَرِ، اَڳِيان هوتُ حُضُورَ ۾.
    5
    سَسُئِي کي سَڏُ ٿِيو، آسان اولاڻُو،
    پَنڌ نَه پُڄاڻُو، اَڻَ ڪوٺِي ڪانه ڪَري.
    6
    پَسو! پَرائنِ، سُورَنِ آڏِي سَسُئِي،
    پَرايا پنهنجن، وِجَهنِ ويچارِيءَ تي.
    7
    مُنڌَ نَه مَنجهان تَنِ، پَسِي لَڪَ لُڏَنِ جي،
    جا پَرِ کاهوڙِيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي.
    8
    مُنڌَ! مَ مَنَھِ ويهُ، اُڀِي اَوسِرُ اُسَ ۾،
    تو سيئِي سيڻَ ڪِيا، ڏُورِ جَنِين جو ڏيهُ،
    پاڙي پاڙي پيهُ، وَتُ پُڇَندِي پِرِينءَ کي.
    9
    ٻيلي ناهِ ڀَنڀورَ ۾، تِنهن سَسُئِيءَ جو سَهِي،
    ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، ڪَندا ايئن ڪَهِي،
    لَنگهائِي، لَطِيفُ چئي، کَڻِجِ، ڄامَ! کُهِي،
    هِي مَعذُورِ هَڏِ مُئِي، تُون، ڪامِلَ! وَڃُ مَ ڪيڏَهِين.
    10
    اولاڪَنِ اَچِي، مَعذُورِ تي مارو ڪِيو،
    مَتان وَرَ وِسارِيين، مَنجهان ڪُرَ ڪَچِي،
    سُپَڪِ ٿِي سُورَنِ سين، پَهُچَندِينءَ پَچِي،
    لاهي لاڳاپا، لَنگھ تُون، سيڻَنِ ڏانهن سَچِي،
    مَنجهان راهَ رَچِي، ٿيندِينءَ لَعلَ، لَطِيفُ چئي.

    سر سسئي سان وابسته مضمون
    1) سر سسئيء ۾ سلوڪ جي سمجھاڻي.. شفيق الرحمان شاڪر
     
    آخري ترميم: ‏2 جون 2021

هن صفحي کي مشهور ڪريو