سر معذوري شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر معذوري داستان پھريون
    1
    هَلَندي هوتَ پُنهونءَ ڏي، کُهِجَنِ ڪي کوٽِيُون،
    پَهَڻُ تَنِين پَٽُ ٿِئي، جي لئي لالَنَ لوٺِيُون،
    سَڀِ سَهليُون سِڪَ کي، چُنجُون ۽ چوٽيُون،
    ٻانڀَڻِ! ٿِيءُ ٻوٽِيُون، ته ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا.
    2
    ڪُتا کِينَئِي ڪيچَ جا، سَندا جي پُنهُونءَ،
    اَگھِين هوند اَسونهَن، جي جانارَنِ يادِ پُئين.
    3
    تَنِ پيئِي جانارَنِ يادِ، جي پارِيَلَ پُنهُونءَ ڄام جا،
    سَندِي لالَنَ لاڌِ، مُئِيا پوءِ مُنڌَ ٿِي.
    4
    جاڳايَسِ جَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبَنِ جي،
    بَهِي بَهڪِي اُٿِيو، گِهڏِي مَنجهان گُهورَ،
    سَڀِ لاهِيندو سُورَ، گِرِي هِنَ غَرِيبِ تان.
    5
    نَڪِي آهِيُون چُوهَڙا، نَڪِي آهِيُون چورَ،
    هاگاما ۽ هورَ، ڪُتا! ڪَرِيين ڪَنِ تي؟
    6
    ڪُتو چئي، ”قَرِيبَ جا، آهِيُون ساڌَ سَهِي،
    پِهرِين بات بَهِي، پُڇُون پوءِ پانڌِيَنِ کي.“
    7
    ڪُهين، تہ آپُ ڪُهُ، ڏَسِ مَ چُوهَڙِيان،
    سَندا آهيڙِيان، آن نه سَهَندِي هَٿَڙا.
    8
    ڪُتو طالِبُ ڍونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ،
    چُهٽِي آهي چِيڙَ، ڪارايي جي ڪَنَ ۾.
    9
    ڪُتو ڪُرِٽي هَڏِيُون، جُوان مَردُ جِگرُ کاءِ،
    ”اَلدُنِيَا جِيفَت وَ طُلّابهَا کِلَاب“، ايئن هِنئين سين لاءِ.
    10
    جُهه يارُ ڏِٺائُون يارَ جو، پُٺِيءَ پيرُ ڪَڙِينِ،
    ڦِرِيا نه فَرمانَ کان، اُنهيءَ ۾ آهينِ،
    ڏِسِي نَه ڏاڙِهين، شَبانَ جي سَڳَ کي.
    11
    سَگِبانَ سِينڍارِيا، بَڇِيا، تي بَهَنِ،
    ڦِريا نه فَرمانَ کان، مُلُهه نه موتِيَئڙَنِ،
    ڪونهي ڏوهُه ڪُتَنِ، ڏاڪارِيا، ڏاڙِهينِ ٿا.
    12
    ڏَکا، ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،
    پُڙَندا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
    سَڳائِيءَ جِي، سَيّدُ چئي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،
    هوند نه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِيو.
    13
    ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، هِتي آيم، هيئَن،
    رَفاقَتَ راکَنِ جي، پَهُتَيسِ پاهَڙَ سِيئَن،
    ماڻهو مُلاحظو تنهن جو، ڪيچِ نه ڪندا ڪيئن،
    ذاِتِ نسورِيائِي نِيئَن، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ ٿِيو.
    14
    سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرَکَنڊيِن پيياسِ،
    ڪيرَ بِرَهَمِڻِ ڪَنِ جِي، ڪيرُ ڄاڻي ڪيڻاسِ،
    هوند نه سِنڌِ سُياسِ، هِنَ پُرئين ڪِيَسِ پَڌَرِي.

    داستان ٻيون معذوري
    1
    ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناهِ، بُکِيءَ کِلَ نَہ اُڄَهي،
    اُگهاڙِيءَ وِهانءُ، وِيو ويچارِيءَ وِسَرِي.
    2
    اَدِيُون! وَرُ اُگهاڙَ، وِهانءُ جنهن وِسارِيو،
    جيڏِيُون! ڇَڏي جاڙَ، سَڀَ نَنگُيون ٿِي نِڪَرو.
    3
    سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، لالَچِ ڇَڏي لوڀَ،
    سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نه ٿِئي.
    4
    سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، پَڙهَڻَ ڇَڏي پوءِ،
    مَھند مِڙَنِئان هوءِ، ڪَهي جا ڪِينَ کَڻِي.
    5
    ڪَهي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ پُهتِي سا،
    وِهي ويڙِهجِي جا، وَصلُ تنهن وِڃائِيو.
    6
    وَصلُ تنهن وِڃائِيو، سِينڌَ سُرمي سِيئن،
    سا لُوٺِي لِيلا جيئن، مَڻيو جنهن مِٽُ ڪيو.
    7
    هُوندِيان هوتُ پَري، اوڏو آ اَڻَ هُوندِ کي،
    ساڄَنُ تَنِ سَري، ’لا‘ سين لَڏِينِ جي.
    8
    لائي خَنجَرُ ’لا‘ جو، هَئي! خَچَرَ کي هَڻُ،
    سَڌُنِ جون سَيّدُ چئي، وَٿُون سَڀ وِڪَڻُ،
    پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تَه هَلَڻَ ۾ هورِي وَهين.
    9
    هورِنِ هاڙهو لَنگِهيو، ٿِيءُ جَرِيدِي جوءِ!
    هُوندِ جَنِين سين هوءِ، هوتَ نَه هُوندو تَنِ سين.
    10
    هورِنِ هاڙهو لَنگِهيو، مُٺِي! مُوسَٽُ ڇَڏِ،
    ’لا‘ سين اُٿِي لَڏِ، ’ڪِينَ‘ رساڻِي ڪيچَ کي.
    11
    هورِنِ هاڙهو لَنگِهيو، ڳورِيُون پاسي ڳوٺَ،
    ڪيچِ تَنِين کي ڪوٺَ، ’ڪِينَ‘ جَنِين جي ڪَڇَ ۾.
    13
    نه ڪا هِتِ، نه هُتِ، ڪا ڳَورِيءَ سَندِي ڳالِ،
    ڪِينَ پُهتِي مالِ، حالِ، پَهُتِي هوتَ کي.

    داستان 3 معذوري
    1
    هَلندي هاڙو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوهَہ پِيامِ،
    اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري، گُوندَرِ گُذَرِيامِ،
    لَڪِيُون، لَڪَ لَطِيفُ چئي، اورانگَهڻُ آيامِ،
    پُرَڻُ پُنهُونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيامِ،
    مَٿِسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِهان تان نَہ وَسِ پِيو.
    2
    هَلَندي هاڙو مَڻِي، ڏَڪَنِ منهنجا ڏوهَ،
    هو اوڇَڻَ سِرِ اُٺَنِ تي، هِيءَ پَنڌِ پَڇاڙي پوءِ،
    ليڙَنِ رِي، لَطِيفُ چئي، ڪيئن ڪَرِيندِيَسِ ڪوهَ،
    اَڳِيان رائو سُڄي روهَ، وِهان تان نه وَسِ پِيو.
    3
    هَلَندي هاڙو مَڻِي، سِسِي ڏِيندِيَسِ ساهُ،
    لِڱنِ تان، لَطِيفُ چئي، پارِي نِيُمِ پاهُ،
    ڪَندو ٻاجَهه اَللهُ، وِهان تان نه وَسِ پِيو،
    4
    هَلَندي هاڙو مَڻِي، گَسان تان مَ گُسان،
    لَڪَنِ تان، لَطِيفُ چئي، رِڙهِي مانَ رَسان،
    پُنهُون شالَ پَسان، وِهان تان نه وَسِ پِيو.
    5
    ڀائِي حالَ هَلِي وِيا، ڪنهن کي سُورُ سَلان؟
    کَڻِيو لَڄَ، لَطِيفُ چئي، لَڪَنِ مَنجهه لُڇان،
    پانڌِي ڪيرُ پُڇان، وِهان تان نه وَسِ پِيو.
    6
    وَڌو ڪِيمَ، وَڻاهُ! اُونچا، ڏُونگَرَ! مَ ٿِيو،
    ٽِمو مَ، نيڻاهُ! تَہ پيرُ نِهارِيان پِرِين جو.
    7
    وارو مُون، وَڻاهُ! ڪا سُڌِ سُونهَپَ جِي نه ڏِيو؟
    اِيءَ اِهائِي ڳالَهڙِي، شَجَرَ! سُڻيجاهُ،
    چوٽِيءَ چاڙهيجاهُ، ته مُوڙِھِيءَ ڪو مُنهن ٿِئي.
    8
    وارو مُون، وَڻَراه! ڪا سُڌِ سونهَپَ جِي نہ ڏِيو؟
    وِجِهي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجهاءِ،
    مَنجهان پاڻَ پِيادِيُون، هادِي ٿِي هَلاءِ،
    پِرِيان کي پَهُچاءِ، ته لَڳِي لُوٺو نه ٿِيين.
    9
    وارو مُون وَڻِڪارَ، ڪا سُڌِ سونهَپَ جِي نَه ڏِيو؟
    آهي اَسُونهِيَنءَ جِي، مَٿي تو مَيارَ،،
    وِڙهِيا ويراڳِڻِ سين، لَڪَنِ جا لِيارَ،
    ڪَرِيان ٿِي ڪُوَارَ، ڪَنڊَنِ، ڪانڊيرَنِ جِي.
    10
    ڪَنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڻِي لَکَ لَڳَنِ،
    آڱرِ، آڱوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ،
    وِيندي ڏاہ پِرِيَنِ، جُتِي جاتِ نه پائِيان.
    11
    جُتِي سي پائِيندِيُون، جَنِين پيرَ پِرِيَن،
    لاٿِيُون سَڀِ پَرِين، سَسُئِيءَ سُپِرِيَنِ کي.

    داستان 4 معذوري
    1
    مَرِي، جِيءُ ته ماڻِيين، جانِبَ جو جَمالُ،
    ٿِيين هوند حَلالُ، جي پَندِ اِهائِي پارِيين.
    2
    مَرُ، ته موچارِي ٿِيين، اَجَلان اَڳي اَڄُ،
    جان ڪِي هُئينءَ جيئرِي، ته مُنڌَ! ڀنڀوران ڀَڄُ،
    پُنهُونءَ ساڻُ پَهَڄُ، تَه مَلَڪَ المَوت ماڻِيين.
    3
    مَرُ ته موچارِي ٿِيين جِيئَڻ آڏو جَتَ،
    هارِي! ڪَرِ هِمَتَ، تَه ڏيئِي دَمُ دوسُ لَهِين.
    4
    مَرُ ته موچارِي ٿِيين، ويهِي وِجُهه مَ ويرُ،
    دِلِ ۾ آڻِ مَ دَورُ تُون، ڦِرَڻَ سَندو ڦيرُ،
    توڻِي لَهين نه پيرُ، توءِ راحَتَ آهِ رِڙهَڻَ ۾.
    5
    مَرُ ته موچارِي ٿِيين، ويهِي جِيءُ مَ جوءِ،
    مُنڌَ! مَرَڻان پوءِ، پَهُچَندِينءَ پُنهُونءَ کي.
    6
    اَجَلان اَڳي، سَسُئِي! مُنڌَ جِيَئرِيائِي مَرُ،
    ٽولِيان تنهن مَ ٽَرُ، جنهن رُوحُ وِڃايو راهَ ۾.
    7
    مَرَڻان اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِينِ نه ماتِ،
    هوندا سي حَياتِ، جِيئَڻان اَڳي جي جِيا.
    8
    جيئڻا اَڳي جي جِيا، جُڳِ جُڳِ سي جيئَنِ،
    اُوءِ موٽِي ڪِينَ مَرَنِ، مَرَڻان اَڳي جي مُئا.
    9
    اُونچو اُتاهُون گَهڻُو، جيئڻَ کي جَبَلُ،
    مَرَڻ! مُون سين هَلُ، تَه پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
    10
    تو سَڱُ، ساهَ گَهڻَنِ سين، جيئَڻَ! گوشي جاءُ،
    مَرَڻَ! مُون سين آءُ، تَه پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
    11
    تو ساماڻي سَسُئِي! مَرَڻُ ڪِيو مُردارُ،
    ڪُپَرِ سين ڪوهِيارُ، لُوٺِي! تو لَڄائِيو.
    12
    پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي، مَرِي نه ڄاتوءِ،
    ’مُوتُوا‘ مُنڌَ نه سوءِ ڪَنڌُ ڪُڄاڙِيا ڪاٽِيين؟

    داستان پنجون معذوري
    1
    هٿين، پيرين، مُونَڙِيين، هَلِجِ ساڻ هنئين،
    عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباهي نئين،
    جان جان ٿِي جِيئين، تان پاڙِجِ ڪو مَ پُنهُونءَ سين.
    2
    هَٿين، پيرين، مُونَڙِيين، ڪَهِجِ ڀَرِ ڪَپارَ،
    مَتان، ڇورِي! ڇَڏِيين، پِريتَڻِي پَچارَ،
    توکي سَنَدَ سَسُئِي! سَندِي لَنئُون لَغارَ،
    جي هونَئِي هوتَ هَزارَ، ته پاڙِجِ ڪو مَ پُنهُونءَ سين.
    3
    هَٿين، پيرين، مُونَڙِيين، ڪَهِجِ ڀَرِ قدام،
    وِچ وَسِيلو ناهه ڪو، اوري آرِيءَ ڄامَ،
    هينئين لائي هامَ، پاڙج ڪو مَ پُنهُونءَ سين.
    4
    هَٿين پيرين مُونَڙيين، پُرِي ڪِج پَرَکَ
    قَدَمُ ڪيچ ڌڻِين ڏي، پاءِ وڌندي وِکَ،
    جي هُونَئِي هوتَنِ لَکَ، ته پاڙجِ ڪو مَ پنهونءَ سين.
    5
    هَٿين، پيرين، مُونَڙِيين، سِرِج ساهَ پَساهَ،
    هوتُ گَڏِبُئِي حَبَ ۾ رَهَبَرُ مَٿي راهَ،
    جان جان ساڻئِي ساهَ، ته پاڙِج ڪو مَ پُنهُونءَ سين.
    6
    ٿَڌِيءَ ٿَڪِي نه وِهي، تَتِيءَ ڪَري تاڻَ،
    وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ،
    پُڇي پَهَه پَکِينِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرِياڻَ،
    ڏِنَسِ ڏيهَه وَڻَنِ جا، تَنِ اَللهَ لَڳِ اُهڃاڻَ،
    مانَ پَرَچِي پاڻَ، اَچِي آرِياڻِي وَرِي.
    7
    توڻِي وِلاڙُون ڪَرين، توڻِي هَلين وِکَ،
    لِکِيي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نه ٿِيي.
    8
    لِکِيو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِياڙِيءَ نَه ٿِئي،
    پارِيو ويٺِي پارِ، جيڪين لالَنَ لِکِيو لوحَ ۾.
    9
    جِتي جيتَريُون، لِکِيُون لوحَ قَلَمَ ۾،
    تِتي تيتَرِيُون، گَهڙِيُون گهارَڻُ آئِيُون.
    10
    ڪِيائِين ڪيچِيَنِ لئي، جُسو جَلاوَتَ،
    ڇَڏي، پيٺِي ڇَپَرين، هارِي سَڀِ حُجَتَ،
    هُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.
    11
    ڏُکِيءَ ڏورَڻُ پاڻَ تي، ويچارِيءَ وِڌو،
    ڏِيلُ جنهن جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو
    هُئڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.
    12
    پَنڌ نه پَنڌَنِ جيتَرو، ڪئين سُڄَندِي ڪِيهَه؟
    جيڪَرَ ڪَرِيان رِيهَه، پَرَ چوندا مُنڌَ چَرِي ٿِي.
    13
    چُونِمِ مَرُ، ”چَرِي ٿِي“، پَرَ جي سَڏُ سُڻِين،
    مَرُ مُنهِين کي ڏِين، ماڙهُو اَچِيو مِيهَڻا.
    14
    ماڙهُو ڏيئِي مِيهَڻا، مُون کي ڪَندا ڪوهُ؟
    جنهن ڇورِيءَ ۾ ڇوهُ، سا پِٿُون ٿِيندِي پيرَ تي.

    داستان 6 معذوري
    1
    جَهلِي تان نَه رَهان، ڌاران پَسَڻَ پِرينءَ جي،
    اَپَرِ عاجِزِ آهِيان، لالَنُ جان نَه لَهان،
    فَردا مُون ڦِٽِي ڪِي، وَاعدي ڏي نَه وَهان،
    صُباحَ سِين نه سَهان، خواه ميڙِيين، خواهِ مارِيين.
    2
    فَردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪِي، نَقدُ کَنيو نارِ،
    هِيءَ جا واڳَ وِلَهِيءَ جِي، ويرَمَ ڏي مَ وارِ،
    جيڪِين مُٺِيءَ مارِ، جيڪِين ميڙ مُٺِيءَ کي.
    3
    مُٺِي ٿِي مُدَعا گُهري، موتُ ٿِيو مَوجُودُ،
    اَچين تَه اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،
    جيڪِين ني وُجُودُ، جيڪِين ميڙِ مُٺِيءَ کي.
    4
    جيڪِين ميڙِ مُٺِي کي، جيڪِين مُٺِيءَ مارِ،
    ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، هيڪَرَ هوتُ اکين سين
    5
    ڏُکِي ٿِي ڏَڌورَ، لَهَسِي لَئون پُنهُونءَ جي،
    ڏيئي آڳ اَتور، سَڀَ نَه کانئي سَسُئي
    6
    ڏُکِي! ڏِکَ وِسارِ، سيڄ ڦِٽِي ڪَرِ سَسُئِي
    پَٽِيين پيرُ نِهارِ، تَه آرِياڻِي اُتان لَهين.
    7
    ڏُکِي! ڏُکُ مَٿي ڪَري، وانءُ ڇَپَرِ پيهِي،
    گَڏِبَئِي ڏيھِي، سُوڌِيُون ڏِيندَئي خَبَرُون.
    8
    ڏُکِيءَ ڏيهاڻِي، مُٺِيءَ مَٿي هَٿَڙا،
    تِنهن پَرِ نه کاڻِي، جِنهن پَرِ جِئي، جيڏِيون!
    9
    ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳَرو، سَسُئِي! آڻِ مَ شَڪُ،
    ٿِيءُ ٻانِهِي، ڀَرِ اوئِيُون، لُڏُ مَ، پَسِي لَڪُ،
    وَرُ پُنهُونءَ سين پَلَڪُ، کوءِ ٻارَهَن ماهَ ٻِيَنِ سين!
    10
    هَر دَمُ هوتَ پُنهُونءَ جو، ڏِسَڻُ ڀانئج ڏِکَ،
    وَرُ پُنهُونءَ ساڻُ پَلَڪَ! ٻَنِ ٻارهن وَرِهَيه ٻِيَنِ سين.
    11
    ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَمَ نه سَهي،
    ڏيئي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ،
    ھَڏِ نه هوندو هيءُ، ساهُہ پِرِيان تان صَدَقو!
    12
    ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِيءَ آهُون پُون،
    ڏاري جو ڏُونگَرَ کي، سو ڪِين چَيو چُونِ،
    آرِيءَ جي اَرِمانَ ۾، ماڻهُو، مِرُون رُونِ،
    اِنَ پَرِ سيئِي هُونِ، هينئڙا جَنِ هَڄِي وِيا.
    13
    ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَسو! پِٽُون پُون،
    مُئي پُڄاڻان مُنڌَ کي، روجَهہ رُڃُنِ ۾ رُونِ،
    ڀُوڻان اِيَهين چُونِ، تَہ مُئِيءَ اَسان کي مارِيو.
    14
    ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگرين، اوڇِنگارُون اَچَنِ،
    هَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪِيو ڪيچَين،
    جي هَٿان هوتَ مَرَنِ، هوتُ تَنِين جي هَنجَ ۾.
    15
    ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ،
    وَٽان ويهِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِيا.
    16
    وَڍِيءَ سي واڍوڙِيا، رَتُ نه ڏِٺو جَنِ،
    مَوتُ قَبُوِليو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.
    17
    ڪنهن جنهن ڏُکا ڏي، پارانڀا کي پانڌِيين،
    سُورَ ڀَرِيائِين سي، ڳالِهه ڪيائِين جَنِ سين.
    18
    ڪو جو وَڍِيءَ وَڍُ، جيئن وِڻُ وَڍِيائِين وَڍَ سين،
    ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِٺِي سي ڏُکِيا ٿِيا.
    19
    وَڍَيَلِ ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري،
    هُنَ پَنَ پنهنجا سارِيا، هِيءَ هَنجُون هَڏَنِ لئي هاري.
    20
    ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڻِي وَسَنِ مينهَڙا،
    صاحِبَ هَٿِ سُڪارُ، هِنَ وَسِ آهِينِ هَٿَڙا.
    21
    ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارَ، سيڻَنِ ڏيهُہ سُڪارِيو،
    ٻاروچاڻُو ٻارُ، سَڀوئِي سُواءَ سين.

    داستان ستون معذوري
    1
    آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏينهن ٿِيا،
    راتين روزَ وِيا، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ ري!
    2
    آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، سهَسَين سِڄَ وِيا،
    هَلَڻَ ويرَ هِئا، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان!
    3
    آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَهين سِڄَ
    آئُون جي ڏيَئين سَنِيها، نيئِي پِرِيان کي ڏِجِ،
    وَڃِي ڪيچِ چَئِج، ته ويچاري واٽَ مُئِي!
    4
    آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، پويُون ٿِيو پَساهه،
    سِڪان ٿِي سَڪَراتَ ۾، رويو پُڇان راهه،
    شالَ مَ وَڃِيمِ ساهه، ڌاران پَسَڻَ پِرِينءَ جي!
    5
    آئُون نه گَڏِي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تان ويئِي،
    وِلَهِيءَ ڏينهن وِڃائِيا، سَرِتِيُون! سَڀيئِي،
    پِيرِيءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آرِيءَ ڏي کَڻي!
    6
    آئُون نَه گَڏِي پرينءَ کي، جوڀَنُ وِيو جاڙَ،
    آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙهِيڪا ۽ چاڙَ،
    مُون مُٺِيءَ کان نَه ٿِئي، وَڏَپَڻَ مَنجِهه وِلاڙَ،
    عُمِرِ سَڀ اَواڙَ وييَم، تي واڪا ڪَرِيان!

    6
    آئُون نَه گَڏِي پرينءَ کي، جوڀَنُ وِيو جاڙَ،
    آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙهِيڪا ۽ چاڙَ،
    مُون مُٺِيءَ کان نَه ٿِئي، وَڏَپَڻَ مَنجِهه وِلاڙَ،
    عُمِرِ سَڀ اَواڙَ وييَم، تي واڪا ڪَرِيان!

    7
    آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، هِيءُ پُڻِ ڏينهن وِيو،
    نِهوڙي ناڀُنِ سين، مُون کي نينهن نِيو،
    مُٺِيءَ مَوتُ ٿِيو، ”پِيُ، پِيُ“ ڪَندي پَنڌَ ۾!
    8
    آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، آيو عزِرائِيلُ،
    جو راڻي سين، جيڏِيُون! نه ڪو قالُ نه قيلُ،
    آيو مَوتَ دَلِيلُ، ماريندو مُرادَ کان!
    9
    آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، مَٿان آيو مَوتُ،
    واجهائيندي وَرِهَيہ ٿِيا، هَڏِ نه گڏِيُمِ هوتَ،
    جيڪُسِ ٿِينديَسِ فَوتُ، فَنا هِنَ فِراقُ ۾.
    10
    وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڳِجُهنِ ٿيندي ڳاهُ،
    سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙهِيو، پِرِيان لَئي پَساهُ،
    هُو مِرُون، هيُ ماهُ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکِيو.
    11
    وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، رَئِي پَسِيو روءِ:
    ”وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪنهن پَرِ ڪَهِي لاهِيان!“
    12
    وِلاڙيو وَڻين چَڙهي، اُونچَنِ مَٿي اَڄُ،
    لالَنَ ڪارَڻِ لَڄُ، باسِيائِين بردارَ جو.
    13
    وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڏِيو پَٽولي لانگَ،
    ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ، سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جيئن.
    14
    وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، پَسو سَگَهه سَندياس
    آڌِيءَ وَڃِيو اَکُڙي، نَه ڪو پِيءَ نَه ماسِ،
    سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
    15
    وِلاڙيو وَڻين چَڙهي، ڏاڍو ڏوري ڏُورِ،
    سُپيرِيان جي سُور، پَري پَڙاڏا ڪَري
    16
    پَري پَڙاڏا ڪَري، اوري نه آهي،
    ڪَمتَرِ ڪا ڪاهي، پَهُچي هِنَ پَٽَيءَ کي.
    17
    رُڃَنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ،
    وَلوَلو ۽ وُوڪَ، اِيءَ تان آهَه عِشقَ جِي.
    18
    رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ، چَتُونءَ جِي چانگارَ،
    اِيءَ عِشقَ جِي اُٻَڪارَ، نَعرو آهي نينهن جو.
    19
    رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِهَڙِي ڪَري جوءِ،
    اِيءَ نه عَورَتَ هوءِ، اِيءَ تان آهَه عِشقَ جِي.
    20
    رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪُرَڪي ڪُونجَ،
    نَعرو مَنجِهه نِڪُونجَ، اِيءَ تان آهَ عِشقُ جِي.
    21
    رُڄُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَر سارَنگِيءَ ساز،
    اِيءُ عِشقُ جو آوازُ، ماڙهُو رَکَنِ مُنڌ تي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو