سائين جي ايم سيد هن مٿان "صنعان" نالي جي چونڊ ڇو ڪئي..! ليکڪ _ديدار شام تاريخ، پنهنجو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن روپ، شڪل، ڪردار ۾ ورجاءُ ڪندي رهندي آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ اول سورمي مها راجا ڏاهر کان وٺي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد کان وٺي سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي تائين جي دور جو جائزو وٺندا سين ته سنڌ ۾ ڪيترائي انمول هيرا ۽ ڪردار سنڌ وطن جي آزاديءَ ۽ سلامتي لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ سرگرم ۽ وڙهندي نظر ايندا، ويجهي ماضي ۾ سنڌ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ تاريخ جو تسلسل بڻيل نمايان ڪردارن جو جائزو وٺنداسين ته رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪري پرچارڪ، سنڌ جي ارڏي ڪردار شهيد بشير خان قريشي جو ڪردار نمايان نظر ايندو، جنهن سنڌ جي تخت گاھ، سنڌين جي انٽرنيشنل شهر ڪراچي ۾ 23 مارچ 2012 تي لکين سنڌين جو آزاديءَ مارچ ڪري پاڻ کي تاريخ ۾ مٿانهون ڪري ڇڏيو، جنهن تي سنڌ دشمن ڌرين مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هڪ سازش تحت هن کي زهر جو پيالو ڏئي شهادت جو جام پياري ڇڏيو! پر سندس ڇڏيل پنڌ ۽ جنهڊي کي وڏي تيزي سان وري سندس پٽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي سنڀالي ورتو آهي، هن سندس پنڌ کي روڪجڻ ۽ سندس هٿ جي جهنڊي کي ڪرڻ نه ڏنو، هن 2014 ۾ ساڳي تاريخ 23 مارچ تي ساڳي شهر ساڳي هنڌ تبت سينٽر شهراھ فيصل تي لکين سنڌين جو آزادي مارچ ڪري پنهنجي والد صاحب جي نسبت سان گڏ تاريخ جي تسلسل کي برقرار رکي سنڌ جي آزاديءَ جو پرچم هٿ ۾ کڻي اُتان ئي سفر شروع ڪيو آهي، وقت جي حڪمرانن هن کي ڊيڄارڻ لاءِ 23 مارچ کان ٻه ڏينهن اڳ 21 مارچ تي سندس چاچي شهيد مقصود خان قريشي ۽ نوجوان ساٿي سلمان وڌو جو سڙيل لاش ڏنو! پر هي دم گهڙي لاءِ به نه ڌمڪيون! پنهنجي شهيد والد بشير خان قريشي جيان پنهنجي چاچي شهيد مقصود قريشي ۽ نوجوان ساٿي شهيد سلمان وڌو جو سڙيل راک جي جسمن کي 23 مارچ ۾ شامل ڪري لکين، ڪڙورين ماڻهن جو مارچ ڏانهن ڌيان ڇڪايو! هي دشمن ۽ پنهنجن جي ڪيترن ئي سازشن جو شڪار به ٿيندو رهيو آهي، پر هي سمورين سازشن جو مقابلو ڪري پنهنجي شهيد والد جي اختيار ڪيل رستي تي قائم ۽ دائم آهي، هن تي پنهنجن پاران موروثيت جا حملا ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته سنڌ جو سماج انمول پيءُ جي رستي ۽ ڪردار تي سندس پوئيرن کي هلندي پسند ڪندو آهي، جنهن لاءِ سنڌي سماج ۾ هي چوڻيون به مشهور آهن ته "شيهن جو پٽ شينهن ٿيندو آهي" يا جيڪو پنهنجي پيءُ جي نقشي قدم تي ناهي هلندو ته ان لاءِ چيو ويندو آهي ته "انبن جون سڪيون امبڙيون نٿيون لاهي سگهن" ۽ ان جهڙيون ٻيون ڪيتريون چوڻيون مشهور آهن، هي پنهنجي والد جي نقشي قدم تي هلي رهيو آهي، تنهن ڪري اهي حملا بي اثر ٿي وڃن ٿا، هن تي تقرير نه اچڻ جا به حملا ڪيا وڃن! جڏهن ته تقرير هڪ فن آهي جيڪو ڪڏهن به ماڻهو سکي وٺندو يا جدوجهد جي سفر ۾ هلندي هلندي ماڻهو وڏو مقرر ۽ تقرير باز ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري اهو مسئلو ناهي، اصل مسئلو آهي پنهنجي رستي تي هلڻ جو نقطه نظر ۽ نظريات تي استقامت سان بيهڻ جو جنهن تي هي سمورين سازشن کي منهن ڏئي بيهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، هي سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشني پنهنجي شهيد والد جي اختيار ڪيل طريقي مطابق سنڌ جي ڳوٺن، شهرن ۾ نڪري پيو آهي، هن وٽ سنڌ لاءِ سيد جو خاص پيغام ۽ شهيد والد جي نسبت هجڻ ڪري سنڌ جا لکين ماڻهو هن سان محبت ۽ پيار ڪن ٿا، هن جي قافلي ۾ شامل ڪيترائي ليڊر، مدبر، اديب، دانشور اڳواڻ ماڻهن جي پيھ ۽ لتڙ ۾ اچي وڃن ٿا ڇاڪاڻ جو هر ماڻهو هن سان ملڻ جي ڊوڙ ۽ خواهش رکي ٿو، هن سان ماڻهن جي محبت ۽ ملڻ وارو انداز ۽ منظر ساڳو شهيد بشير خان قريشي وارو آهي، هن جي شخصيت جي ڪاميابي جو سبب هي به آهي ته هن مٿان نالو سنڌ جي رھبر سائين جي ايم سيد رکيو هو، "صنعان" اسم خاص آهي، ولي ڪامل جو صوفي عالم جو خبر ناهي ته سائين جي ايم سيد ڪهڙي دور انديشيءَ، اُميد يا خاص مقصد سان پنهنجي خاص عاشق شهيد بشير خان قريشي پهرين پٽ مٿان اهو "صنعان" جو نالو رکي ٿو! صنعان وڏو فلسفي ڪامل ولي هو، سندس ٻولي عربي هئي، فلسفي ڪامل ولي جو نالو صنعان خان قريشي مٿان رکڻ ڪنهن خاص مقصد، اُميد جي حاصلات ٿي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ جو سائين جي ايم سيد جي چونڊ اجائي نٿي ٿي سگهي! ضرور ان نالي ۾ ڪا نه ڪا خاصيت ۽ خاص مقصد واري ڳالھ هوندي! اها ڳالھ به معمولي ناهي ته جنهن ٻار تي سيد پاڻ نالو صنعان رکيو هو، اهو "صنعان" اڄ سيد جي قافلي جي اڳواڻي پيو ڪري! تنهن ڪري صنعان خان قريشي ويجهي تاريخ ۾ سنڌ جو متفقہ ليڊر ٿي سنڌ جي آزاديءَ ۽ سلامتي لاءِ اهم ڪردار ثابت ٿيندو. ڇاڪاڻ جو هي هڪ ته شهيد بشير خان قريشي جو رت آهي، ٻيو سندس مٿان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو خاص نالو "صنعان" رکيل آهي. جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ ضرور اُٿل پٿل جو سبب بڻبو. Deedarshaam@gmail.com