• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خواب ھو کنڀيو ويو ڪنھن ماءُ جو- ”شاھنواز“... محمد يعقوب ڏاھري

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
تعارفي مضمون - 131.
محمد يعقوب ڏاھري.

خواب ھو کنڀيو ويو ڪنھن ماءُ جو- ”شاھنواز“.

اسپيني شاعر ۽ نقاد خوان ريمون خيمينيز جو چوڻ آھي تہ: ”شاعريءَ جي پرواز بلندين کي ڇھي وڃڻ جي ھڪ مستقل جستجو جو نالو آھي“.
ھڪ تخليقڪار جي دل جي ملڪيت فن، فڪر ۽ آرٽ ھوندا آھن، جيڪي پنھنجي معقول بَجا سان ئي سندن تخليقن کي اعلي رتبو عطا ڪن ٿا. ۽ ائين شاعريءَ کي پوءَ مختلف گھاڙيٽن جي صورت ۾ رومانوي لباس پھرايو وڃي ٿو.
ايل ڪي لوڪس لکي ٿو تہ: ”رومانس جو مطلب پھرين ڪا ھڪ ٻولي، تنھن کان پوءَ ڪنھن قسم جو ادب جيڪي ان ٻوليءَ ۾ جڙيو، تنھن کان پوءَ خيالي وصف/صفت، جنھن جو تعلق غير حقيقي ادب سان ھو“.
ھڪ تخليقڪار طور منھنجو خيال آھي تہ: ”آزادانہ طور ڪيل اظھار جي جذبن جو نانءُ بہ رومانس جي دائري ۾ اچي ٿو“.

شاعري پنھنجي داخلي جذبن، امنگن کي اظھارڻ جو سندر نانءُ آھي. جيئن شايد ايس ايلٽ تڏھن چيو ھو تہ: ”شاعر پنھنجي دور جو اعلي ترين نمائندو آُھي“.
سنڌي ادب ۾ صنف غزل تي طبع آزمائي ڪندڙ ۽ ان تي گرفت رکندڙ ڪيترن ئي شاعرن جون تخليقون پڙھيون آھن. جن ۾ شاھنواز خاصخيلي بہ ان شاعراڻي سندر ڪلا ۾ مھارت رکندڙ بھترين ڪوي آھي. ان ڳالھ کي بہ ٿورو واضع ڪندو ھلان تہ بيشڪ شاعريءَ جي دنيا ۾ غزل ھڪ حسينِ صنف آھي. جنھن جي حساسيت، حُسن ۽ جمال جي نکار لاءَ شاعر جي ڪوملتا ۽ جمال جي نگاھ جي وڌيڪ ضرورت ھوندي آھي.
۽ اگر اسان شاعريءَ ۾ رومانيت ۽ موزونيت جي حوالي سان ڏسنداسين تہ شاھنواز خاصخيلي بنيادي طور غزل جو سڄاڻ تخليقڪار/شاعر معلوم ٿيندو.
ادبي حوالي سان منھنجي ساڻس ڪا ويجھڙائپ نہ رھي آھي پر پوءَ بہ جڏھن بہ سندس شاعريءَ کي منھنجي نظرن ڇھيو تہ سندس لفظن ۾ فڪر جي تازگي ۽ تخيل جي ندرت، شعر ۾ سلاست جو گڻ ۽ رومانيت ۽ موسيقيت جي موزونيت سان ڀرپور مِلي.

ڄڻ سٽن کي ساھ ٿو ڏيڻو پوي،
شعر لفظن جي نہ آ جادوگري.

ھاءِ ھيڻا ھڏ اسان جا ٿي ويا،
دل اڃان ڀي اوتري جو اوتري.

سندن ھن انداز بيان جي موضوع کي پاڻ ھڪ نئين فڪر، احساس ۽ خيال کي ڪائناتي ترتيب ۾ سنواريو آھي. جنھن جو بنياد شايد سونھن ڏانھن اشارو ڪندي رکيو ويو آھي.

جيئن ٻين لڪل لفظن ۾ رومانيت بابت ٿيوڊور واٽس ڊنٽن جو چوڻ آھي تہ: ”رومانيت جو اڀرڻ ھڪ معجزي جي نئين سر عمل ۾ اچڻ برابر ھو“.
يا موجوده دور جي اتر سنڌ سان تعلق رکندڙ سھڻي ڪويءَ منتظر سومرو جي چواڻيءَ مطابق تہ: ”شاعريءَ نزاڪتن ۽ حسن جو جمود آھي“.

اسان وٽ اڪثر شاعرن جي شاعريءَ ۾ مخصوص لفظن جو ورجاءُ ھوندو آھي پر جڏھن اسان شاھنواز جي شاعريءَ تي گھري نظر وجھنداسين تہ سندس تخيل ورجاءَ کان نہ صرف پاڪ پر تشبيھاتي حسن، فن ۽ فڪر سان مالا مال ملندو.
شاھنواز جا رومانوي غزل نئين تشبيھن ۽ خوبصورت استعارن سان سنواريل آھن.

پاڻ سان پوڙھپ کڻي آھي پڳو،
۽ جواني جيل ۾ رھجي وئي.

سڀ کڻي سامان آيو گھر ھيس،
رات ھڪڙي ريل ۾ رھجي وئي.

سندس مٿين شعرن ۾ ڪيڏي نہ گھرائي آھي. سندس شاعريءَ ۾ اھڙا ٻيا ڪيترائي تشبيھاتي شعر موجود آھن.
سندس شاعريءَ ۾ موجود سمورا عڪس سندس ئي حسي تجربن کي ظاھر ڪن ٿا. ۽ ھڪ ٻي ڳالھ جيڪا اسان جي سماج ۾ تخليقڪارن لاءَ سمجھي وڃي ٿي تہ ننڊون ڦٽائي شعر لکندڙ ٻين جي دلين جا حال ڄاڻي وٺندا آھن. شاھنواز خاصخيليءَ جي عڪسي شاعري گھڻن شاعرن کان نرمل ۽ نياري آھي. شايد ائين ان ڪري بہ آھي، ڇو جو ھڪ شاعر طور ھُو ڄاڻي ٿو تہ انسان جي عظمت جا ڪجھ معيار بہ آھن ۽ دل جي حساسيت بہ وڏي اھميت جي حامل آھي.
شاھنواز جي شاعريءَ ۾ جذبن جي شدت جو گھرو اظھار آھي، جيڪو کيس ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ الڳ ڪري بيھاري ٿو.

تنھنجي مٽيءَ منجھان ئي ميڙيو ويو آ مون کي،
اي سنڌ! ھيءَ حياتي مون وٽ اڌار تنھنجي.

ھتي مون کي شاھنواز جي فڪر جو گھڻو تڻو انداز روسو Rouseau سان ملندڙ جلندڙ لڳي ٿو. روسو جيڪو فرانس جي انقلاب جو پيغمبر ۽ مشھور فلسفي ھو. ھن انسانن کي فطري سماج سان روشناس ڪرايو ۽ انسانن جي انفرادي شخصيت ۽ آزاديءَ جو نعرو ھنيو ۽ ان سان گڏوگڏ ھو انسان جي فطري جذبن جو قائل پڻ ھيو.
شاھنواز بہ ائين پنھنجي اردگرد جي سياسي، سماجي، معاشي حالتن کان باخبر رھندي اھڙيون ئي شاعراڻيون رچنائون پيش ڪندو رھيو آھي، جنھن شيءَ جي اُڃ کي اکيون ۽ دل شدت سان محسوس ڪن ٿيون/ڪنديون رھن ٿيون. جيڪو سچ آھي، ھڪ ڪڙي حقيقت آھي ۽ جيڪا شايد ڌرتيءَ جي دانھن بہ آھي.

خواب ھو کنڀيو ويو ڪنھن ماءُ جو،
ڳوٺ جي ڳل تان پيا ڳورھا ڳڙي.

فلپ سڊني لکيو آھي تہ: ”انسان جو ڪوئي فن اھڙو ناھي جيڪو فطرت جي ٺاھيل شين تي مبني نہ ھجي“.
مٿيون شعر شاھنواز جي شاعريءَ جو عمده مثال آھي. ان عقيدت، ان درد ۽ ان دانھن جو، جيڪا محبت ھُن کي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ تي وسندڙ ماروئڙن ۽ ماروئڙن جي درد سان آھي.
شاھنواز خاصخيليءَ جي شاعريءَ جي اھا ائپروچ ۽ جديديت سان ڀرپور صداقت وارو سھڻو ڏانءُ ٻين گھڻن شاعرن جي مقابلي ۾ اوچي قدڪاٺ تي بيھاري ٿو.

محمد يعقوب ڏاھري.

21 مئي واري رات،
وقت: 02:55 منٽن تي لکي
پورو ڪيل.
 
Back
Top