صراط بلوچ
سينيئر رڪن
سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
تعارفي مضمون - 130.
ڪيڏو اڀاڳو خواب، آيو جيءُ جھان ۾- “اسد“.
ريني ڊيڪارٽ موسيقيءَ بابت بھترين ڄاڻ ڏني آھي. حالاڪہ ھن پنھنجي فڪر ۾ جيڪو ڪجھ ڏسيو آھي، اُن جو ٿورو گھڻو حصو ئي جديد نوع ۾ جماليات جي دائري ۾ آڻڻ لائق آھي. ھونءَ بہ اگر سندس ترجمو ٿيل فڪر کي ٿورو غور و فڪر سان پڙھبو تہ پاڻ سونھن ۽ فطري جماليات کي ويراڳ ۾ قيد ڪرڻ جو بہ عجيب پسگردائي ڏانءُ رکي ٿو.
ان وقت جي اُڀرندڙ جاڳرتا واري دور ۾ جماليات ۾ اھم تبديليون آيون، جماليات کي مذھب ۽ اخلاقيات جي قديم تصور کان آجو ڪيو ويو.
ڊيڪارٽ سان گڏ اسپنوئزا، ليبنز، وولف ۽ بام گارٽن پڻ اھڙا ڏاھا ھئا جن اقليت جي بنياد تي سونھن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ اِھو پڻ بانور ڪرايو تہ اسان جڏھن سونھن بابت ڳالھايون ٿا تہ ان مان اسان جو مقصد فنونہ لطيفہ ۽ فطرتي سونھن آھي.
خوشبوءَ تنھنجي خيال جي، اڃان اندر ۾،
ڄڻ مان مندر ۾ - سامھون دُرگا دل جي.
ڪنھن بہ شاعر جي شاعريءَ تي لکڻ لاءَ جملا تڏھن پاڻھي جڙي پوندا آھن، جڏھن سونھن ۽ جماليات جو تصورُ ان شاعريءَ جو محور ھوندو آھي.
جيئن ھر عاشق شاعر ناھي ٿيندو، تيئن وري ھر شاعر عاشق ضرور ھوندو آھي. ۽ اھا شاعراڻي ارپنا سندس دل مان نڪتل جمالياتي ڏات ھوندي آھي.
تصوف موجب حقيقي حُسن يا ازلي سونھن جا طالب پنھنجي عشق جي تپش ۽ سوز وسيلي مطلق حُسن يا ڌڻيءَ جو ديدار ڪندا آھن/ڪن ٿا.
شاعري بہ ان ساڳي فڪر جو نرالو ۽ بياني نانءُ آھي. جنھن جي ھڪ بيانَي ۾ ئي ڪيئي موضوع خود ڪلام ٿي اوڳاڇيندا رھندا آھن.
بيت جي حوالي سان اسان اگر شاعريءَ جو مطالعو ڪنداسين تہ اھو پاسو گھڻو تڻو خالي ۽ گھرج پٽاندڙ لڳندو، ڇو جو سنڌي ادب ۾ تڪڙو ۽ زبردستي رائج ٿيندڙ ڌاريا وزن ۽ تور تڪ ھن ڪلاسيڪل صنف بيت جي اصلوڪي وزن يارنھن تيرنھن، تيرنھن يارنھن ماترائن کي بہ ھاڻ عروضي دائري ۾ گھيري ورتو آھي. ۽ ٻيو وري ٻين صنفن جھڙوڪ خاص ڪري صنف غزل ڏي شاعرن جو تيزيءَ سان وڌندڙ لاڙو پڻ آھي.
سونھن جي تصور ۽ ان کي عبادت طور پوڄڻ لاءَ ھر دور ۾ ڌار ڌار نقطئہ نظر سان ڏٺو ويو آھي.
بيت صنف جي بھترين تخليقڪار، اسان جي پياري دوست شاعر اسد ڪيريو سونھن جي تصور کي ڪھڙي شاعراڻي ارپنا ڏني آھي، ان لاءَ اسان کي سندس چند بيتن جي چونڊ ڪرڻي پوندي.
اُڃ مُئي رڃ ۾، پيتو ساھ سراب،
ڪيڏو اڀاڳو خواب - آيو جيءُ جھان ۾.
ڪي ڪي خيال جيءَ ۾ جھرونڪا ڏيندڙ لڳندا آھن، انھن ۾ سمايل شاعراڻي نفاست ۽ گھرائي من اندر جون ڪيئي تندون ڇيڙي ويندي آھي.
اسد جو مٿيون بيت ھڪ مڪمل داستان بيان ڪندڙ آھي. جنھن ۾ محبت جي فلسفي کان شروع ٿيندڙ عاشقاڻي انتھا تائين جا سڀ استعارا فراغتي انداز ۾ جھلڪندي نظر اچن ٿا.
سندس بيت داستاني خواب ۽ تعبير جو اھڙو گڏيل نچوڙ آھي. جيڪو حاذقن جي لاءَ تہ اشارو پر اياڻن جي عقل جي اُڃ اُجھائي لاءَ شايد ناڪافي آ.
بقول جون لينن جي تہ: ”اسان ھڪ اھڙي دنيا ۾ رھون ٿا، جتي محبت تہ لڪي ڪرڻي پوي ٿي پر تشدد، جھيڙا ۽ نفرتون سرعام ڪندا آھيون“.
شاعري ھونءَ بہ اندر جو اُھو مڌر آواز آھي، جنھن تي ڪوبہ پابندي مڙھي نہ ٿو سگھي. ۽ اگر ڏسجي تہ زنده دل تخليقڪارن جي دلين جو رتُ ستُ شاعري ئي آھي. اُھا ئي ھنن جي اھڙي پورائي گھرج آھي، جيڪا سندن سھيپو ۽ آشنائي جون سڀئي گھرجن جو پورائو ڪندي، روح جون ڪيئي تندون ڇيڙڻ لڳي ٿي.
رسول بخش پليجو جي چواڻي مطابق تہ: ”اسان کي شاعري کپي، جا اسان جي دلين کي گرمائي، اسان کي شاعري کپي، جيڪا اسانجي دماغن کي روشن ڪري، اها شاعري نہ جيڪا اسان کي هيروئن وانگر چرس وانگر سمهاري ڇڏي. اها شاعري جيڪا اسانجي دماغن ۾ نيون روشنيون پيدا ڪري، اسان کي جرئتون بخشي، اسانکي دنيا فتح ڪرڻ جا حوصلا بخشي، اسانکي پنهنجي ٻرن مان نڪري دنيائي اسٽيج تي جلوه افروز ٿيڻ جون جرئتون ۽ عظمتون بخشي“.
(ھاري ڪانفرنس ۾ چيل سندس چند الفاظ).
اسد ڪيريو پنھنجو وجودي تسلسل کي اوريندي ماضيءَ جِي حال سان عُمر ھيئن ڪڇي تاريخ جوڙي ٿو تہ:
آمِريءَ جا آثارَ، ڏسي ڇا سوچين ٿو،
منھنجي ڪُل ڄمار، اھا اٿئي اوپرا.
اگر اسان جي پياري دوست اسد ڪيريو جي شاعريءَ/بيتن کي ڪنھن نئين انداز ۾ ايڪسپلور Explore ڪبو تہ خاص ڪري عالمي نظرين ۽ تاريخي پھلوئن جي حساب سان وڏن وڏن شاعرن جي ڀيٽ ۾ سندس فڪر مٿانھون نظر ايندو.
ڀوڏيسر جي ڀُون، ڀانءَ نہ ايندئي اوٻرا،
توکي کوڙ سڌون - ماڻيان سارو ملير مان!
***
گودڙيو- ڀٽياڻي، سامھون ڪارونجھر،
پسي پاراسر - سونھن سڃاڻ سنڌ جي.
اسد ڪيريو جي شاعريءَ مان سندس شاعراڻي مثبت سوچ جو سبب، لاڳيتو ادبي مسافت جو ھئڻ آھي. سندس شاعري/بيت اڀياسي صورت ۾ ھڪڙي ثابتي آھي، تحقيقي ۽ تاريخي ڪارج جي.
اسان جي پياري دوست اسد جي شاعريءَ ۾ جيڪو تخيل ۽ تفڪر، تصور ۽ وجدان، حسيت ۽ تاثر، خوبصورت استعارا، لوازمات ۽ لفظيات موجود آھن، اُھي کيس آسي زمينيءَ جي جديد ۽ ڪلاسيڪيت واري شعري روايت سان ڳنڍين ٿا. اُھو ان ڪري تہ اسد ڪيريو ۽ آسيءَ زمينيءَ ٻنھي جي بيتن ۾ ندرت ۽ تخيل جي حَسينِ دنيا نظر اچي ٿي.
ان ڳالھ ۾ ڪوبہ شڪ ناھي تہ سندس شاعريءَ ۾ سلاست، فصاحت جو موسيقيت سان ڀرپور گڻ موجود آھي.
يورپي ڏاھن/تخليقڪارن جي حوالي سان پيٽرارڪ انسان دوستيءَ جو ابَو ڪري مڃيو ويو آھي. ڇاڪاڻ جو ھن پنھنجي شاعريءَ ۾ مذھبي ھڪ ھٿيءَ کان بيزاري ڏيکاري ۽ موجوده نظرين ۽ حالتن تي ڳالھايو. کيس قديم شاعريءَ جو شھنشاھ سڏيو ويو آھي. پوءَ کڻي جنھن جو بعد ۾ نتيجو اھو ڀوڳڻو پيو جو کيس جلا وطن ٿيڻو پيو.
ساڳي صورتحال ٿوري گھڻي اسد جي شاعريءَ ۾ بہ پرکي سگھجي ٿي، مذھبيت کان باغيت ۽ تاريخي ۽ نظرياتي پھلوئن جي چونڊ جو ڪارڻ اھو ڀوڳڻو پيو جو کيس بيت جي ھن ڀلوڙ شاعر کي سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ مان لڳ ڀڳ ٻہ اڍائي ڏھاڪا کن ھڪ ھَٺي، ھڪ سازش طور پري ڌڪيو ويو تہ جيئن شاعريءَ کان ناواقفيت ۾ گُم رھي.
نينھن جا سج، آيا من آڪاش تي،
مون ڀي پوکيا ٻج، ڄاڻ تہ گئونچ ڦُلارئا.
***
صدين جي سفر جي، ڪٿا ھي آھي،
سنڌ سَنبري ناھي، ڪڏھن ساھ سک جو.
اسد پنھنجي بيتن ۾ ڪارونجھر مٿان ڪڪر وسڻ ۽ ساونرين ٿرياڻين جي ڇير جي ڇم ڇم کي بہ بخوبي ڳايو آھي.
چئونرن ۾ چولڙيون، ڇم ڇم ڇير وڄي،
کنوڻ ڪا کڄي، ڪارونجھر جي پار ڏي.
اسد ڪيريو جي شاعريءَ کي اگر سنجيدگيءَ سان پڙھيو وڃي تہ سندس بيتن ۾ پيٽرارڪ جي ڳالھين/شاعريءَ واري ساڳي وجوديت، ٻکندي پکيڙ لڳندي. جيئن سارتر چوندو ھو تہ:”انسان دوستي ئي اصل ۾ وجوديت آھي“. اسد ڪيريو جي شاعريءَ کي ڌرتي، ٻولي ۽ نظرياتي پھلوئن جي روشنيءَ ۾ ڏسبو تہ پيٽرارڪ جي فلسفي جي شاھدي ملندي.
ساروڻين کي ساري لکڻ، مٽيءَ ۽ ماڻھپي کي مذھبن کان مٿانھون ڪري اسد پنھنجي فڪر کي ڪشادو ڪيو آھي. سندس بيتن ۾ سماجي وارتائن جو چٽو درد تہ نظر اچي ئي ٿو پر ساڳي وقت سندس شاعراڻو فلسفو انيڪ حسينِ اڇوتن، نڪور خيالن ۽ تشبيھن سان جنجھيل پڻ آھي.
محمد يعقوب ڏاھري.
ٽائيم: پئوڻي ٽين بجي،
منجھند جو،
لکي پورو ڪيل.
16 مئي 20ع