صراط بلوچ
سينيئر رڪن
سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
تعارفي مضمون - 129.
گھڻن شاعرن جي شاعريءَ ۾ لفظن جو ھڪ وڏو جھان آباد ھوندو آھي. ڇو تہ لفظ ئي ٻوليءَ جو بنياد ھوندا آھن.
لاطيني آمريڪا جو عظيم شاعر اوڪتاويو پاز لکي ٿو تہ: ”شاعريءَ جا بنيادي جزا، تاريخ، سماج ۽ زبان آھن. شاعر اُھو شخص ھوندو آھي، جنھن جي ذات پنھنجن لفظن سان، وحدت بڻجي ويندي آھي، تنھنڪري رڳو شاعر ئي نئين مڪالمي کي ممڪن بڻائي سگھي ٿو“.
ھڪ اعلي ۽ وڏي پايي جي شاعراڻي ڪلام ۾ جيڪي گڻ ھجڻ کپن، اُھي گڻ، معنوي استعارا، تشبيھون، ترڪيبون ۽ تمثيلون اسان کي ھينئر جديد سنڌي شاعريءَ جي بھترين تخليقڪار ”علي ذاھد عباسيءَ“ جي شاعريءَ ۾ پڙھڻ لاءَ ملنديون. سندس شاعري مقصديت ۽ تخليقي قالبيت ۾ ڀرپور ملندي.
علي ذاھد جي شاعريءَ ۾ جماليات، سياسي، سماجي ۽ قومي شعور، فڪر ۽ احساس جو توازن موجود آھي.
گوتم ڏئي ويو ٿس ڪو گيان اهنسا جو،
زاهد ۾ پاٻوھ ازل کان جاڳي ٿو.
شاعر جي اندر ۾ احساس، سامونڊي لھرن وانگر اڀرندا، اٿندا ۽ ڊھندا آھن. اِھا سندس اندر جي انوکي ۽ سندر ڪائنات ھوندي آھي، جنھن ۾ شاعريءَ جو ڪيئي انيڪ دنيائون وسنديون آھن.
شيخ اياز ڪٿي لکيو آھي تہ: ”حُسن جو احساس موت جي شڪست آھي“.
بقا جي بات ناهي ڪا، فنا جو فلسفو آهيان،
ٽِڪي پيو وقت آ مون ۾، جُڳن جو ڦير آهيان مان.
علي ذاھد جي شاعريءَ ۾ جيڪي منظر آھن، سي سندس گھري مشاھدن جا ساکي آھن، نہ صرف ايترو پر خوبصورت استعارن ۽ باڪمال ترڪيبن جو استعمال پڻ بھترين ۽ انوکو آھي. سندس غزلن ۾ انيڪ موضوع، ڪيفيتون، ۽ منظر سمايل آھن. دنياوي رنگن کان ويندي تصوف جي گيڙو رتن، رنگن ۾ اشعار ڀرپور ۽ باڪمال ملن ٿا.
ھڪ شاعر جو اھوئي خاص ڪمال ھوندو آھي تہ ھُو دنياوي رنگن کي پنھنجي فڪر ۽ ادراڪ سان پرکي ڏسندو آھي. اُن ڪري سماجي عڪس، سجاڳي ويرتا ۽ ڪرب ناڪ، لونءَ ڪانڊاريندڙ تصويرون بہ شعري بيان ۾ ڏيکاريندو آھي.
مان عدم جي جاڳ آھيان،
ڀاڳ آھيان.
ڌرتتيءَ ۾ ڇانوَ وانگر
ٿو رلان مان ڏانوَ وانگر،
منھنجو ڪوئي ڪير ناھي،
پر نہ دل ۾ مير آھي.
ھونءَ بہ شاعري دلين تي ڌاڪ ڄمائيندڙ ۽ مترنم سدا ساز طور رھي آھي. شاعريءَ جون لھرون روح جي تندن کي ڇيڙينديون آھن.
اگر ڏِسجي تہ فڪر انساني زندگيءَ ۾ اھم ترين عنصر سمجھيو وڃي ٿو، ڇو تہ فڪري رمز سڀني نچوڙي تتن کي ڳنڍيندڙ ھوندي آھي.
* علي ذاھد جي شاعريءَ ۾ عشق:
علي ذاھد پنھنجي فڪر ۾، عشق کي انساني زندگيءَ لاءَ تمام اھم ۽ اتم سمجھي ٿو. ڇو تہ پاڻ ان ڳالھ کي سمجھي ٿو تہ اِھو اُھو ئي فھم آھي، جنھن سان جاڳ ۾ سُڌ ملي ٿي ۽ جيڪو ذات صفات ۾ ڏات بنجي حقيقتن سان ھمڪنار ٿي ڪلامَ چورائي ٿو.
تنوير عباسيءَ جي چوڻ مطابق تہ: ”ھر دور جي شاعري ان دور لاءَ جديد ھوندي آھي“.
حُسن جي ھِن شھر جو مان سنگتراش
مون سڀئي قصا لکيا،
ڇيڻيءَ سان مان لکان تاريخ ٿو،
پٿرن مٿان،
سونھن کي مون بندگي آھي ڏني،
موت کي مون زندگي آھي ڏني.
ڊاڪٽر واسديو لکي ٿو تہ: ”لوڪ ادب اسان جي زندگيءَ جو مھا ساگر آھي، جنھن ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل آھي“.
شاعريءَ ۾ ڌيان ڇڪائيندڙ روايتن جو رائج ٿيڻ، ان حساب سان اگر ٿوري گھڻي سنڌي ادب جي نثر تي نظر وجھنداسين تہ کوڙ سارا اھڙا شاعراڻا مثال ملندا، جن ۾ کوڙ سارن شاعرن نيون نيون روايتون شاعريءَ ۾ منطقي گفتار ۽ عروضي مقدار ۾ رائج ڪيون. جنھن کي ھاڻوڪي دور ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جو نالو پڻ ڏنو وڃي ٿو.
ٿڙڪندا، ٿاٻڙجندا
ھُو بڻيا راھي اڄاتي ماڳ جا.
جيئن تنوير عباسي پنھنجي ھڪ مضمون ”جديد سنڌي شاعري“ ۾ لکي ٿو تہ: ”ھر دور ۾ ڪي شاعراڻيون روايتون ڇنڊجي ڇڻي وينديون آھن، تہ وري ڪن نين روايتن جو بنياد پوندو آھي. موت سدائين زندگيءَ جي خوراڪ رھيو آھي. نہ فقط مادي دنيا ۾ زندگي موت جي سھاري تي پلجي ٿي پر ذھني دنيا ۾ ڪي ادبي نظريا مرجھايو ۽ مريو وڃن تہ ڪي جيئرا اُٿن. ھڪ افق تي ڪيئي سج نڪرن ٿا، ٺاھ ۽ ڊاھ فطرت جو ازلي اصول آھي“.
علي ذاھد جي تخليقن ۾ ڪلاسيقي روايتن سان گڏوگڏ نئين حسيت، جدت توڙي باڪمال لفظياتي جھان آباد آھي. ڇو تہ پاڻ شاعريءَ جي سڀني پاسن کان بخوبي واقف آھي. ان ڪري سندس اشعار فطري رواني، غنايت، محاڪات ۽ قافين جي جڙت وارين خوبين سان مالا مال ملندا.
جيئن رومانيت شاعريءَ جو حُسناڪي لباس آھي. تيئن علي ذاھد جي شاعري پنھنجي بنيادي موضوعن ۾ رومانيت جي رنگن سان ڀرپور ملندي.
اسان سمجهي وڃون ها پر، اسان کي هوش ڪاٿي هو؟
وڏي شاطر هئي، ڳالهين ڳرين جا کيپ چاڙهي وئي.
هُيو زاهد! نہ پوڄاري، مندر سان لونءَ لڳس اهڙي،
ڪيو جادو ڪو پوڄارڻ، چڙين جا کيپ چاڙهي وئي.
شيخ اياز مطابق: ”جڏھن اسان پيار کي دائمي بڻائڻ چاھيون ٿا تہ اھو بيزاريءَ ۾ بدلجي وڃي ٿو يا ڪنھن آفت ۾ بدلجي انتقام وٺي ٿو. پيار لاءَ جدائي ضروري آھي اُھا دونھين دکائي رکي ٿي. آنڌ مانڌ جون گھڙيون پيار جو کيپ ان جي سک دائڪ ڀانواٽي ان ۾ منووِڪار (Passion) جو تکو ڏنگ مون کي وڻندو آھي“.
علي ذاھد جي مٿئين شعرن ۽ شيخ اياز جي چوڻيءَ جي احساسن کي اگر ٿوري گھري نظر وجھبي تہ خيال جي شدت گھڻي اوپري ۽ اَڻ جھنجھيل نہ لڳندي. ھونءَ بہ علي ذاھد عباسيءَ جي شاعريءَ کي پڙھڻ کان پوءَ اُن ۾ اسلوب ۽ ھيئت جي انوکائپ جا ڪيئي مثال ڏسي ۽ پڙھي سگھجن ٿا. سندس شاعريءَ کي پڙھڻ کان پوءَ اھا ڳالھ واضع ٿي ويندي تہ علي ذاھد شاعريءَ جي غنائيت واري پھلوءَ تي خاص ڌيان ڏنو آھي.
علي ذاھد وٽ پنھنجو الڳ احساس، فن ۽ لھجو آھي. ھُن پيش رو تلقيد بدران گھڻو تڻو الڳ ٿي آڪاش طرف اڏامڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
موضوعاتي حوالي سان سندس شاعري ۾ فڪري اُڀار تہ ڪٿي ڪٿي وري تصوف جو غلبو نظر اچي ٿو.
علي ذاھد پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ بھترين شاعر آھي يا ٻين لفظن ۾ ھيئن چئجي تہ سندس اندر ۾ وڏو تخليقڪار لڪل آھي، جيڪو مختلف وقتن تي مختلف ڪيفيتن ۾ ڪيئي انوکا شاعراڻا روپ ڌاري نروار ٿي بيھندو آھي.
مان تاريخ جي رٿ تي اڏري،
ڪاڳر جي آڳنڌ لهان ٿو،
۽ پو هڪڙو نظم لکان ٿو،
نظم سمورو عشق لڳي ٿو
جنهن ۾ ڪي ئي راز رکان ٿو
آزاديءَ جا، امن جا سُک جا
ڪي ئي نوان اتهاس لکان ٿو
جيڪي مون کان پوءِ رچڻا هن،
جيڪي مون کان پوءِ نچڻا هن،
…
محمد يعقوب ڏاھري.
اپريل جي پھرين ھفتي،
ڏکڻ جي، آديسي ھوائن ۾،
ٽائيم: رات جو 02:55 منٽن تي
لکي پورو ڪيل.