صراط بلوچ
سينيئر رڪن
سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
تعارفي مضمون - 128.
فيض احمد فيض ھڪ جاءَ تي لکيو آھي تہ: ”شاعر جو تجربو جيترو گھرو ۽ ھمہ گير ھوندو، اوترو ئي وڌيڪ منجھس متاثر ڪرڻ جي صلاحيت ھوندي“.
آئون فيض احمد فيض جي ڳالھ سان اِن ڪري بہ متفق آھيان، ڇو جو آئون سمجھان ٿو تہ ھڪ تخليقڪار، بطور ھڪ شاعر جي شاعري، زندگيءَ جي پيڙاءَ ۽ ذات جي تجربن ۽ مشاھدن جو حاصل نچوڙ ھوندي آھي.
شاعري اُھا رمز آھي، جيڪا پنھنجي ھر تندُ ۾ ڪيئي موسيقيت ڀريا منظر سمائڻ جي سگھ رکي ٿي. عبيدالله عليم جي اھا راءَ ڪيڏي نہ ڪارائتي آھي تہ: ”شاعري انساني وجود جي ھڪ اھڙي خوشبوءَ آھي، جنھن کي رڳو محسوس ڪري سگھجي ٿو. شاعر جي زندگي ۽ ذات جي باري ۾، سندس معاشري ۽ ڪلچر جي باري ۾ حساب لڳائي سگھجي ٿو پر شعر جي ڪيفيت ۽ ذائقي کي منتقل نہ ٿو ڪري سگھجي، فقط محسوس ڪري سگھجي ٿو“.
تو وفا جو نه ڏيئو آ ٻاريو ڪڏهين،
مان اڪيلو پنهنجي ڏات ۾ ٿو لُڇان.
ڏِسجي تہ تخليقڪار جي تخيل کي ھر ماڻھو پنھنجي خيال، سمجھ ۽ ادراڪ آھر سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ۽ اُن شعر ۾ موجود فڪري پنڌ کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
مٿئين شعر جي سطحي بلوغت تي ڳالھائڻ کان اڳ ۾ ھت اِھا شيءَ واضع ڪندو ھلان تہ غزل جو مٿيون بند، اسان جي کل ڀوڳ، مذاق، مستي سھندڙ کلڻي ملڻي يار ”ڄام آدرش“ جو آھي. جنھن جي طبيعت سدائين محبت ۽ موج مستين سان درياءَ دل رھي آھي. ڄام آدرش در اصل پنھنجي سٻاجھڙائپ رکندڙ محبتي ماڻھو آھي. جنھن جي شاعري پڙھڻ سان ڪڏھن ڪڏھن ائين لڳندو آھي تہ ھُن تنھائين کي ھمسفر بڻائي دردن کي جيئن ڳلي لاتو ھجي.
ڪيڏي وحشت وڪوڙي وئي شهر کي،
پنهنجي ڪمري_دري جهات ۾ ٿو لُڇان.
آءَ اي رچرڊس (I.A Richards) چيو ھو تہ: ”ڏاھپ سان اسين شين کي معلوم ڪندا آھيون ۽ شاعريءَ سان محسوس. ڏاھپ جو ڪم تلاش ۽ تحقيق آھي ۽ شاعريءَ جو ڪم تعمير ۽ تخليق آھي“.
ھڪ شاعر جو ڀرپور تعارف يا تہ سندس شاعري پڙھڻ کان پوءَ يا تہ کيس اسٽيج تي ٻڌڻ کان پوءَ سامھون اچي ٿو. توڙي جو اسان جو پيارو دوست ڄام آدرش شاعريءَ جي پنڌ جو پراڻو پانڌيئڙو رھيو آھي. سندس شاعري ۾ گھرو تخيل، تفڪر، فھم، ادراڪ ۽ انوکي ڏات ڀريون رمزون موجود آھن.
تنھنجو موھن دڙو ڪائي
ھا تاريخ جي ورقن ۾
سمائي ائين سگھجي ٿو،
جيئن ھا تو سنديون ڪي ئي
سِڪون من ۾ سمائجن ٿيون.
ڄام آدرش جا اُھي احساس جن کي پاڻ نظمي تشخيصيت ۾ پيش ڪندو آيو آھي. سي دراصل گھڻو تڻو اختصار جي گھرائي ۽ محوراتي جمود ۾ بيٺل نظر اچن ٿا.
ڄام جي اشعارن ۾ جيڪي منظر آھن، اُھي سندس مشاھدي جا ساکي آھن.
سندس شاعري رومانيت سان ڀرپور ملي ٿي.
اردو ادب جو بھترين مصنف ۽ تنقيد نگار انور سديد رومانيت بابت چوي ٿو تہ: ”رومانيت انھي داخلي قوت جو نالو آھي، جيڪا نامعلوم کي معلوم ڪرڻ ۽ نئين شيءَ جي تخليق ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي“.
جيڪڏھن ڏسجي تہ رومانوي وصف کي ادب ۾ رومانيت لاءَ تخيل، احساسن ۽ جذبن کي بنيادي عنصر قرار ڏنو ويو آھي.
جڏھن تہ ڊاڪٽر غفور ميمڻ وري چوي ٿو تہ: ”رومانيت صرف داخليت يا فراريت ناھي، بلڪہ زندگيءَ جو مخصوص رويو آھي. جنھن ۾ آزاد انفراديت، ذات جو تحفظ ۽ بغاوت جو عنصر بہ موجود آھي“.
اصل ۾ شاعر انھن ئي موسمن ۾ آڪاش جو سفر ڪندا آھن. اھا اندروني موسم جنھن ۾ سندن تخليق طرز طور اڳتي وڌندي ھلندي آھي.
اسان جو پيارو دوست ڄام آدرش بنيادي طور نظم جو شاعر آھي پر جڏھن ٿوري نظر سندس غزلن تي وجھبي تہ اُھي بہ اوترا ئي حسين، جمال ۽ ڪوملتا سان مالامال ملندا.
اونداهين ۾ اڪثر مون چين آهي پاتو،
ڪندو قيد مونکي آهي، هي رنگ روشنيءَ جو.
خيالن جي ندرت ۽ نزاڪت شاعريءَ جو حقيقي سونھن آھي. ۽ اھا ئي ڪلاسيڪيت ۽ جدت ھوندي آھي، جيڪا شعر مان ھر نئين پڙھندڙ جي احساس کي بہ ڇُھي.
شاعري حُسن جي تخليق ۽ ترنم جو تفسير آھي. ۽ شاعري ۽ ان جي موسيقيت تي لکڻ جو ڏانءُ مصوري جيان آھي. پر اگر عاشقاڻي نظر سان شاعريءَ کي فوڪس ڪبو تہ اُھا خوبصورت موضوع سنگ تراشيءَ جھڙو سُندر ۽ ڏکيو فھم پڻ معلوم ٿيندي.
ڄام آدرش جي تخيلاتي ڪلام ۾ خيالن جو تسلسل گھڻو ڪشش ڪندڙ ۽ تذ معلوم ٿيندو، اِھا ئي وجہ آھي جو سندس لکڻ جو آرٽسٽڪ انداز عام رواجي شاعرن جي مقابلي بنھ نرالو ۽ منفرد رھيو آھي.
۽ ائين ئي سندس نظمن جو مضارع، مڪمل مفھوم تي آڌاريل معلوم تہ ٿيندو پر ھر شعر پنھنجي الڳ بيھڪ ۽ مجسم جو ڏيک ڏيندو.
متان سوچين تہ تو مون کي
سارو جيون روئاريو آ،
ڀلي ڪيڏو روئان مان ۽
ڪيڏو ڀٽڪان لڇان ويٺو.
مگر تنھنجي سوچ کان آجو
رھڻ توکي ڀي جائز آ،
مگر تنھن تڙپ جو سنگم،
ڇڙي من ۾ پيو آھي،
اداسيءَ جي تون آڳر تي،
ڇالئہ تنھا آھين ويٺو،
اھو برداشت کان ٻاھر،
مٺا! مون کي لڳو آھي.
اھڙا ڪيئي خيال ۽ تصور ڄام جي شاعريءَ ۾ موجود آھن، جن مان سندس ڪيفيتن ۽ الجھيل الجھنن جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
* ڄام آدرش جي شاعريءَ تي تنقيدي نظر:
ھُونءَ تہ سندس خيالن جي فڪر جي تازگي ۽ اُڇل کان ڪو بہ پڙھندڙ انڪاري ناھي پر ڪٿي ڪٿي سندس شاعراڻو تصور سماجي بي حسي، رشتن جي ناپداري، بي معنوي خيالن ۽ مخصوص استعارن جي ور چڙھي ٿو وڃي.
منھنجي سمجھ ۾ سندس انھن خيالن کي اگر ٿوري بہ طرز ڏبي تہ اُھي اڇوتا، حسينِ ۽ رنگ برنگي نون منظرن جا دلفريب رنگَ ٿي جڙي پوندا.
ياد جا ڄــــام بادل ٽميا مون مٿان،
پنهنجي ڳوڙهن جي برسات ۾ ٿو لُڇان.
مثال: بادل ٽمڻ وارو استعارو، الفاظي لڳندڙ آھي. ڇو تہ بادل وسندا ۽ برسندا آھن. ۽ انھن جي وسڻ يا انھن جي وڏ ڦڙي وسڻ ڪري ئي ڪو ڇپر، ڪا ڇتِ ٽمندي آھي.
باقي سندس سڄي شاعري گھڻي ڀاڱي سڀني گھرجن کان پاڪ ۽ مٿانھين آھي.
* ڄام آدرش جي شاعريءَ جو ادبي پس منظر ۽ موسيقيت:
شعري ادب جي اوسر ھڪ مسلسل عمل ۾ رھي آھي. ۽ ھر شاعر پنھنجي دور جي سماجي، اقتصادي، سياسي توڙي ادبي ڌارائن ۽ وارتائن ۾ ڪيفيتي انداز ۾ وھندو ۽ ٽڪرائيندو رھي ٿو. جنھن سان سندس شعري اسلوبيت ۾ نواڻ ۽ جدت، انفراديت رونما ٿيندي رھي ٿي.
۽ ھت اھي سڀ حالتون ڄام آدرش جي ذات سان بہ منسلڪ رھيون آھن/ھونديون. اُن ڪري سندس شعرُ فني پختگيءَ، ذڪري، معنوي، ادبي ۽ لساني خوبين سان مالا مال رھيو آھي ۽ ان سان گڏوگڏ سندس شاعري سماجي ۽ اخلاقي پاسداريءَ جي ترجماني ڪندڙ معلوم ٿيندي، نہ صرف ايترو پر اُن ۾ فطرتي حُسن، نواڻ سان ڀرپور منظر پيش ڪندي جھلڪندي معلوم ٿيندا.
عشق جي ۡحقيقت کي سمجھڻ ڏاڍو اھنجو ڪم آھي. پر جڏھن اسين ڄام آدرش جي شاعريءَ کي پڙھنداسين تہ اُن ۾ اِن موضوع جا مرڪزي نقطا نروار ٿيندي محسوس ٿيندا. جن جو سڌي يا اَڻ سڌي طرح ڄام آدرش جي ڪيفيتن سان جڙاءَ ضرور ھوندو.
ڄام آدرش جي شاعريءَ ۾ حُسناڪي رواني توڙي شعري تفسير جي تصوير موجود آھي. سندس شاعريءَ ۾ جيڪو فڪر ۽ ادراڪ آھي اُھو تازگيءَ ۽ موسيقيت سان ڀرپور آھي.
مجموعي طور ڄام جي شاعري فني ۽ موضوعاتي تقاضائن پٽاندڙ روايتي انداز تي مڪمل حاوي ۽ موسيقت ۽ موزونيت سان سرشار آھي.
نَغارا نينهن جا وڄندا،
نيون سُوريون وري سَجنديون،
ٻھڪي ٻيٽ ھي پوندا،
وري ڪُڏندو ھي ڪارونجھر.
بقول اسپيني شاعر ۽ نقاد خوان ريمون خيمينز جي چواڻي موجب تہ: ”شاعريءَ جي پرواز بلندين کي ڇھي وڃڻ جي ھڪ مستقل جستجوءَ جو نالو آھي“.
ڄام جي خيالن جي اِھا پرواز سھڻي نموني سچ جي پچار پرکي سگھجي ٿي. ڇو تہ سندس شاعراڻا عڪس سماجي وارتائن ۽ حسي تجربن کي ظاھر ڪن ٿا. سندس تخليقون ٻين سڀني شاعرن کان سُندر ۽ نياريون آھن.
…
محمد يعقوب ڏاھري.
پھرين اپريل 21ع
ٽائيم: 45: 02 تي،
منجھند جو لکي پورو ڪيل.