• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حبيب جي شاعريءَ تي ھڪ نظر…!محمد يعقوب ڏاھري.

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
تعارفي مضمون - 127.
ھڪ تخليقڪار جي حيثيت سان آئون ان ڳالھ کي چڱي ريت سمجھان ٿو تہ ڪنھن بہ وسيع نظر ۽ گھري فڪر رکندڙ شاعر وٽ لفظن جي ڪا کوٽ يا ڪمي ناھي ھوندي. ھڪ شاعر جي ڪيفيت ۾ وسندڙ فڪر تخيل کي انوکين علامتن، ترڪيبن، اشارن ۽ ڪناين وسيلي ظاھر ڪري ٿو. مختلف وقتن تي ڏات جي انوکي رمز ڪيفيتن تي طاري ٿيندڙ، تجنيسون، تلميحون ۽ استعارن سان سرشار لفظ جو ذخيرو سندس شاعريءَ کي ويتر خوبصورت بڻائي ٿو. ھُونءَ بہ انھن ڪيفيتن ۾ وسندڙ اعلي شعر تخليقن جا معجزا ھوندا آھن.
شاعريءَ جي حقيقتن تان پردو کڻندي شبليءَ ”شعر العجم“ ۾ ھڪ جاءَ تي لکيو آھي تہ ”شاعري وجداني ۽ ذوق چيز آھي“.
اسان وٽ کوڙ سارا اھڙا شاعر موجود آھن، جن تي تمام گھٽ بلڪہ نہ ھئڻ جي برابر لکيو ويو آھي. حالاڪہ جن جي شاعريءَ کي جڏھن پڙھجي ٿو تہ ھُوءَ پنھنجي فن ۽ فڪر ۾ ھڪ مقام رکندڙ افلاڪي آواز جيان ھوندي آھي. جنھن جي لفظن ۾ انقلاب ۽ تاريخ جا ڪيئي منظر جھلڪندي نظر ايندا.
اھڙن جديد سنڌي شاعرن عروضيت/پدن ۽ قاعدگيءَ جي واقفيت سان گڏوگڏ رومانوي روايت، انقلابيت، مزاحمت ۽ سماجي وارتائن کي پنھنجي شاعريءَ جو اھم موضوع بڻايو.
انھن جديد سنڌي شاعرن ۾ ھڪڙو نانءُ حبيب متوءَ جو بہ ملندو، جنھن جي شاعري انھن سڀني شعري قاعدگين جي رنگن سان ڀرپور ملندي.
سندس شاعريءَ ۾ سماج جي وارتائن، پيڙيل طبقي جي اھنجن ۽ عذابن کي پسي سگھجي ٿو. سندس شاعري سماج جي اُھا عڪسيت آھي، جنھن ۾ ڏتڙيل سماج جا چٽا رنگ/عڪس ڏسي سگھجن ٿا.
اڃان مس ڪلي هئي کلي شاخ تي،
مروڙي ۽ ٽوڙي سا زوري وئي.
بکايل گهٽي ۾ ئي رڙندو رهيو،
مٿان ناچڻيءَ گهور گهوري وئي.
لازمي آ تہ ھي سڀ اُھي ڏٺل وائٺل مشاھدا آھن، جن کي پاڻ تخيل جي روپ ۾ شاعراڻي سنوار ڏني.
ڊاڪٽر الھداد ٻوھيي استاد بخاريءَ جي ڪتاب ”او تون جو تون“ جي مھاڳ ۾ لکيو آھي ”سچ پچ تہ اھا شاعري، جيڪا ڪنھن کي سڏي نہ ٿي سگھي، ڪنھن کي پيار نہ ٿي ڪري، ڪنھن سان بہ سچي ناھي، ڪنھن کي بہ جياري ۽ اٿاري نہ ٿي سگھي سا بڪواس آھي“. پر جڏھن اسان پنھنجي پياري دوست حبيب متوءَ جي شاعريءَ کي پڙھون ٿا تہ ھُوءَ پاڻ ڏانھن سڏي ٿي، اگھور ننڊ ستل کي اٿاري ٿي ۽ ڪنھن مرده دل کي سحري قوت بخشيندي جياري ۽ ھُن ۾ زنده دل جذبو جاڳائي ٿي.
سندس شاعريءَ ۾ سماج جون اُھي حقيقتون سمايل آھن، جيڪي معاشري جي ڏتڙيل ۽ بي حسيءَ واري ڪارج کي ظاھر ڪن ٿيون.
تاريڪ خيال گهاٽا ڪارا قُلوب سارا،
لهجا شديد زهري جيئڻ جنجال ٿي ويو.
واڳوءَ جي وات ۾ آ ڦاٿي وڃي نياڻي،
ڏوري پئي ڏهاڳڻ نائون آ سال ٿي ويو.
مضبوط ڍال سمجهي بي خوف ڀيڻ ٿي وئي،
پر ڀاءُ بيحسيءَ جو بڇڙو مثال ٿي ويو.
* حبيب متوءَ جي شاعريءَ ۾ موسيقيت:
فيض احمد فيض اعلي شاعريءَ جي خوبين تي ڳالھائيندي پنھنجي ھڪ مضمون ۾ لکيو آھي تہ ”سھڻو شعر اُھو آھي جيڪو نہ فقط فن جي معيار تي، پر زندگيءَ جي معيار تي بہ پورو لھي سگھي“.
حبيب متوءَ جي ڏات/ شاعريءَ ۾ رمزيت حوالي سان ڪوبہ جھول باقي ڏسڻ/پڙھڻ ۾ نہ ٿو اچي. بلڪہ سندس شاعريءَ جو سفر پنھنجي جوت ۽ جوھر ۾ گھڻ رخو، وسيع ۽ وشال ان ڪري بہ آھي ڇو جو سندس تخيل ۽ ان ۾ جزيات جي تشريح، توضيح وسيع، سندس شاعري شعوري ۽ فڪري اوسر کي عيان ڪندڙ، موزونيت ۽ موسيقيت سان سرشار آھي.
ھُونءَ بہ ھڪ تخليقڪار پنھنجي من اندر سدا زنده فڪر، تصورَ ۽ احساسن جي انوکي دنيا رکي ٿو. ۽ ھُو پنھنجي اُن تخليقي دنيا ۾ ڪيئي خيال، تصور، جذبا ۽ احساس اوتي ٿو.
* حبيب متوءَ جي شاعري تي تنقيدي نظر:
جيتري حد تائين سنڌي شاعريءَ تي تنقيدي نظر جو سوال اُڀري ٿو تہ تنقيد جي عڪس ۾ ڏٺو/محسوس ڪيو ويو آھي تہ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ حوالي سان تنقيد تمام گھٽ، معمولي ۽ غير معياري حد تائين ڪئي وئي آھي. حالاڪہ تنقيد براءَ اصلاح ۾ اڇائي ۽ فن جي رجحانيت تي نظر ثاني سان گڏ اھي ٻئي شيون شامل ھونديون آھن. پر ھت اسان وٽ تخليقڪار جي شخصيت کي اڳيان رکندي، سندس ذات تي گھڻي ۽ پوءَ سندس ڏات تي ھلڪي تنقيد ڪئي ويندي آھي. اھو ئي سبب آھي جو تنقيد نقطا چيني ۾ صورت مٽائيندي پنھنجو اصل توازن وڃائي چڪي آھي.
اھا ئي خاص وجہ آھي جو سنڌي ادب توڙي شاعري تنقيد جي ميدان ۾ اڄ بہ ھمعصر جي ڀيٽ ۾ پٺتي بيٺل نظر اچي ٿي. اُن جي ھڪ وجہ اڄ ڪلھ جي جديد شاعرن ۾ برداشت قوت جو گھٽ ۽ مطالعي/اڀياس جو گھٽ ھجڻ بہ آھي.
حالاڪہ ڏٺو وڃي تہ تنقيد فن، فڪر، وزن ۽ اسلوب کي ڄاڻيندڙ ھڪ گھرو علم آھي.
حبيب متوءَ جي شاعري ۽ شخصيت، سندس ڏات توڙي ذات، برداشتي قوت/مادو رکندڙ ۽ سندس تخيلاتي ڪلام/ڏات ۾ تحقيق اصولن تحت، فن، فڪر ۽ عروض ۾ باقاعدگيءَ سان ڀرپور ملندا. سندس ذات منافقت کان پاڪ ۽ سندس تخيل ۽ خيال، وزن، عروضي اصلاح کان پاڪ ملندو
آڙاھ ۾ پڄري ٿو ۽ پيڙيو بہ وڃي ٿو،
ظلمت جي زندانن نہ عذابن مان ٿو ڄاڻي.
هر راڳ الستي ۾ رچي ٿو ۽ مچي ٿو،
دولاب جي راڳن نہ ربابن مان ٿو ڄاڻي.
مسجود ٿي محبوب جي قدمن ۾ رهي ٿو،
سنسار جي نازن نہ اندازن مان ٿو ڄاڻي.
لالچ جي فسانن ۾ نہ الجهي ٿو ذرو ڀي،
ڌنوان ٿي ڌن مان نہ حسابن مان ٿو ڄاڻي.
ايذرا پائونڊ جو ادبي عقيدو ھو تہ ”ساري دنيا جو ادب، آرٽ ۽ فڪر انسان جو گڏيل ورثو آھي“. اسان کي گھرجي تہ اُن گڏيل ورثي جي حفاظت ڪندي وقت بوقت استعمال ۾ آڻي زنده رکندا اچون.
اسان جي پياري دوست حبيب متوءَ جي تخيل نہ صرف باڪمال ۽ ھر حوالي سان شاھڪار آھي پر سندس مختلف ڪيفيتن ۾ لٿل خيال، ھن کي خود شناسائي ۽ خود بي شعوري مان خود شناسائي ۽ خود شعوريءَ ۾ آڻين ٿا.
ھينئر اسين کڻي مڃون يا نہ يا اسان جي ان ڳالھ جي مڃڻ جو ڪو جواز بہ ڪونھي پر ڪيترائي فلاسافر مڃيندا آھن تہ ماڻھوءَ جي اندر ۾ ڄائي ڄم کان علم پوشيده ھوندو آھي. پر ھن کي ان جو شعور نہ ھوندو آھي، جڏھن ھن کي ڪا ڄاڻ ملندي آھي، تڏھن ائين محسوس ٿيندو آھي تہ اھا ڄاڻ پھريان بہ کيس ھئي ۽ ان اَڻ ڄاڻائيءَ جو پردو ھٽي پري ٿي ويندو آھي ۽ ڪيفيتون ان سُتل ڏات کي اجاگر ڪندي، دل تي افلاڪي خيال اتارينديون آھن. اھو ھڪ اھڙو رمز ڀريو احساس ھوندو آھي جنھن ۾ دلين تي لھندڙ خيال لفظن کي اُڀاري جلا بخشين ٿا ۽ ائين سندس شاعراڻو ادراڪ افلاڪ کي ائپروچ رکي ٿو.
اھڙو ئي ساڳيو حادثو اسان جي ٻھڳڻي تخليقڪار حبيب متوءَ جي دل سان بہ ٿيو ضرور ھوندو تڏھن تہ سندس شاعراڻن خيالن ۾ تخليقي ميٺاج ۽ دلڪشي آھي.
وليم ورڊس ورٿ شاعريءَ بابت اھڙي ئي ڳالھ ڪئي آھي تہ ”شاعري اجھل ۽ ڇلڪندڙ طاقتور احساسن جو نالو آھي“.
ان حوالي سان حبيب متوءَ جي شاعريءَ ۾ بہ سخت پيڙاءَ ۽ اذيتن جي عڪسيت تہ ڪٿي وري رومانوي رنگ ڀريل پڻ نظر اچن ٿا. اھڙا ڪيئي خيال ۽ تصور حبيب جي شاعريءَ ۾ موجود آھن، سندس انھن خيالن ۾ داخلي جذبا ۽ ڪيفيتون بہ شامل آھن تہ وري ڪٿي ڪٿي منجھن خارجي حالتن وارا منظر بہ نظر اچن ٿا.
انھن سڀني پھلوئن کي سامھون رکندي اھو بہ چئي سگھجي ٿو تہ حبيب جي شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ موج ۽ مستيءَ واري ڳالھ بہ ڪيل آھي. جنھن سبب ڪري سندس شاعريءَ جو لھجو ۽ محاورو ٻين شاعرن کان وڌيڪ سھڻو ۽ منفرد آھي.
محمد يعقوب ڏاھري.
اتر جي ھوائن ۾،
جنوريءَ جي سرد رات،
ٽائيم: 01:15 منٽن تي لکيل.
تاريخ: 21/02ع.
 
Back
Top