• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

”ڌرتي ڇا ڇا دانُ ڪري وئي“- شيخ اياز.....محمد يعقوب ڏاھري

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
تعارفي مضمون - 126.
وائيس ڊنلٽن جي شاعريءَ بابت راءَ آھي تہ ”شاعري جذباتي ۽ مترنم زبان ۾ انساني شعور جي محسوس ۽ جمالياتي اظھار جو نالو آھي“.
ھيستائين شاعريءَ پنھنجي تاريخ ۾ ڪيئي توضيحون ۽ تشريحون پيش ڪرائيندي رھي آھي.
شاعري مشاھداتي پرک رکندڙ علم آھي، جنھن ۾ نظرين ۽ تحقيق جا پھلو شامل ھوندا آھن.
بقول سائين جي ايم سيد جي تہ: ”تاريخ مون کي نظرين ۽ عقيدن جي زماني ۾ حقيقتن جي آڌار تي ٿيندڙ تبديلين جي خبر ڏني، تاريخ مون کي آگاھ ڪيو تہ ويد، بائيبل، مھا ڀارت، قرآن شريف ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ۽ سائنس سڀ زماني جي لکيل ورھين جي تجربي ۽ تبديلين مان حاصل ٿيا“.
شاعريءَ جي ھڪ تشريح اِھا بہ آھي تہ لفظن جي اُھا لئي، ترنم، موسيقيت ۽ موزونيت جيڪا پڙھندڙ جي دلين تي سحر طاري ڪري ٿي وجھي. شاعريءَ جي تاثر جو تعلق بنيادي طرح جماليات سان ھوندو آھي.
سنڌ جي ڏات ڌڻين جي حوالي سان مھا ڪوي شيخ اياز اُھو خوشنصيب شاعر آھي، جنھن جي شاعريءَ تي سندس حياتيءَ ۾ ۽ سندس وفات کان پوءَ بہ تمام گھڻو لکيو ويو آھي.
ان کي موڙ نہ توڙ آ،
تنھنجو پنڌ وڏو،
منھنجو جيءُ جڏو،
پوءَ بہ رڙھندو ٿو رھي.
ھُو ادب جي اُڀ جو چمڪندڙ چنڊ آھي. ھن ھومر، ورجل، شيڪسپيئر ۽ سقراط، برٽينڊسل، ماياڪو وسڪي، مائوزي تنگ، شو پنھائر، ايپيقيورس، نٽشي، فردوس، رومي، جامي، حافظ ۽ خيام جي فڪر جي پروڙ ھئي. ھُن ڪبير، تلسي ۽ ميران جي فڪر کي پرکيو. ۽ پاڻ، لطيف، سچل ۽ سامي جي ڏسيل واٽ کي سمجھي چڪو ھو.
آءُ اسان جي ويڙھي ۾،
ساھ ڏيان تو سيڙھي آنءُ،
ڪنھن وٽ اھڙي ول نہ واسُ،
ڪنھن وٽ اھڙو ٿاڪُ نہ ٿانءُ.
شيخ جي شاعريءَ کي پڙھڻ کان پوءَ ڪوبہ پڙھندڙ اھو اندازو لڳائي سگھي ٿو تہ ھُن وٽ ڏات جا وسيع جھان آباد ھئا/آھن. سندس شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ فن، تخليقي تجربن، تشبيھن، علامتن جي استعمال ھجڻ سان گڏ سندس مٿانھين ۽ فڪري خوبي ٻولي تي گرفت حاصل ھئي/آھي. پاڻ شاعريءَ کي ڪنھن بہ لھجي، ڪنھن بہ پاسي کڻي ويندڙ ۽ وري ھميشہ لئہ روا رائج ڪندڙ ٽرينڊ ميڪر تخليقڪار ۽ مھا ڪوي آھي.
منھنجي سمجھ ۾ رومانيت لاءَ تخيل، احساس ۽ جذبن کي ئي عنصر قرار ڏنو ويو آھي. انسان جيترو وڌيڪ تخيلاتي ھوندو، شين مان احساساتي ۽ جذباتي رشتو اوترو ئي مضبوط ھوندو ۽ ھو اوترو ئي نيون نيون تخليقون ڪندو رھندو.
ان ڳالھ ۾ ڪوبہ شڪ ناھي تہ شيخ اياز ھڪ ٽرينڊ ميڪر شاعر آھي. سندس ڏات ۾ ملويَل جيترا فڪري يا تخيلاتي پاسا آھن، ٻوليءَ جو اسلوب، فن، فڪر، ترڪيبون، انوکيون منفرد ۽ باڪمال تخليقي آھن.
ھونءَ تہ پل پل ڪوڙو سڪو،
ڪنھن ڪنھن پل کي ڪنچن - ڪايا.
ڪنھن ڪنھن پلَ جي مُٺ ۾ آھي،
کھنبي جھـــڙي جــــــيون مايا.
شيخ اياز سنڌيءَ جو پھريون شاعر آھي، جنھن شعوري طرح ماضيءَ ڏانھن موٽ کاڌي ۽ حال جي قومي ڪسمپرسي واري حالت ۾ ماضيءَ کان پنھنجي قومي عظمتن جا راز سلايا. شيخ اياز جي ماضيءَ ڏانھن موٽ جو سبب ھن جي قومي عظمت جي مجروح احساس مان وٺندڙ شدت پسنديءَ واري قوم پرستي ھو.
شيخ اياز ڀٽائيءَ جي ڪيترن ئي بيتن سان اختلاف واريندي انھن جي مد مقابل جواب پڻ لکيا. اسين ڪيترائي ڀيرا کڻي اياز کي ماڪسزم ۽ سوشلزم جا ويس وڳا پارايون پر ڀٽائي روحانيت واري طرز جو شاعر آھي. توڙي جو کڻي شاعرَ جمالياتي فڪر رکندڙ ھوندا بہ آھن.
ڀٽائيءَ پنھنجي عقيدي جي حوالي سان چيو:
ستر ڪج ستار، آءُ اگھاڙي آھيان،
ڍڪين ڍڪڻھار، ڏيئي پاند پناھ جو. (شاھ).
پر شيخ اياز اھو تصور رد ڪندي چيو تہ اوگھڙ اھڙو سچ آھي، جنھن کي پناھ جي پاند ڍڪڻ مٿس ميار آھي.
ڍڪ نہ ڍڪڻھار، آءُ اگھاڙو ئي چڱو،
مٿان سچ ميار، ھر ڪو پاند پناھ جو. (اياز).
ويدانيت جي معني آھي ”ويدن جو انت“. يعني جيڪا ڏاھپ ويدن ۾ ڏسيل آھي. اھا ويدانيت ۾ مڪمل ٿي وئي. ويدانيت جو بنيادي تصور اپنشدن جي ”باراين سوتر“، جنھن کي برھم سوتر بہ چوندا آھن ۾ ڏنل آھي.
شيخ اياز سامي جي ويدانيت ۽ مايا کي ھيٺين ٽن حوالن سان رد ڪيو.
1. انسان جي جسماني سونھن ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ خوشي مايا ٿي نہ ٿي سگھي.
2. جيڪڏھن ھر شيءَ مايا آھي تہ ماڻھوءَ سان جيڪو ظلم ڪري ٿو ان کي بہ مايا مڃڻو پوندو ۽ مايا جي خلاف جدوجھد اجائي آھي جو اھا جدوجھد بہ مايا آھي.
3. ھن ڪائنات جو وجود ۽ ان جي سونھن جو برھم نہ پر مادي جو ڪرشمو آھي.
اياز لاءَ انساني جسم جي سونھن ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ خوشي وڏي ۾ وڏو سچ آھي. ھي جيڪو سونھن جو ساگر آھي تنھن کان ڪير بہ انڪار نہ ٿو ڪري سگھي. سونھن جو ھي ساگر وڏو سنسار آھي، ھڪ سچ آھي. پاڻ ساميءَ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو تہ:
ھي جو ساگر سونھن جو، انھي کان انڪار،
سامين پنھنجي سوچ تي، تون ئي پنھنجو ڄار،
سچو آ سنسار، جوٺ سندءَ جيءَ ۾.
حالاڪہ ساميءَ جا ٽي اکر مايا، اوديا ۽ نرواڻ. ويدانتي فلاسافيءَ ۾ ھڪ معنوي ۽ پسمنظر ۾ استعمال ٿيندا آھن. انڪري ساميءَ جي سلوڪن ۽ انھن جي جواب ۾ لکيل اياز جي سلوڪن کي سمجھڻ لاءَ ويدانيت کان واقف ٿيڻ ضروري ھو.
شيخ اياز جا نظم مختلف ھئيتن ۽ گھاڙيٽن ۾ چيل آھن. سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان نظم جي دنيا جو خالق چيو وڃي ٿو. پاڻ نظم جي فني تجربن دوران شاعريءَ جي غنائيت واري پھلوءَ تي خاص ڌيان ڏنو آھي.
سندس نظمن ۾ رڌم، رواني، موسيقيت ۽ لئي سمايل آھي، جنھن ۾ جيڪا سُھائي آھي، تنھنجي جھلڪ پري کان پرکي سگھجي ٿي.
او انسان او انسان
ڪنھن کي ٿو مارين!
ھي ماڻھوءَ جو ٻچڙو آھي.
ھي پٿر کان ڏاڍو آ
ڪونپل کان ڀي ڪچڙو آھي!
او حيوان
او حيوان
ڪنھن کي ٿو مارين…!
منظوم ڊراما ۽ موسيقيت:
سنڌي ادب ۾ اگر ڊرامن لکڻ جي حوالي سان ذڪر ڇڙندو تہ ٻن قسمن جا ڊراما، ڪاڳر تي تحريرون بنجي سامھون ايندا.
ھڪ راڳ ناٽڪ ۽ ٻيو نرتيہ ناٽڪ: منظوم ڊرامائي ليکڪن ۾ اياز جو نالو وڏي اھميت جو حامل آھي. جنھن سنڌي ادب کي ٽي منظوم ڊراما ارپيا.
دودي سومري جو موت،
رني ڪوٽ جا ڌاڙيل،
ڀڳت سنگھ کي ڦاسي،
ھي سندس اُھي سُر آھن. جن جي موسيقيت ۽ نھايت ئي ڀرپور ۽ سنگيت سان سرشار ملي ٿي. سندس ناٽڪ جا منظوم مڪالما نغمگي ۽ مڌرتا سان ٽمٽار آھن.
شيخ اياز وٽ لفظن جي موسيقيت جو ڪمال جھان آھي. سندس لفظ جيڪي رقص جي زبان ائين سمجھائين ٿا، جيئن ھنن کي پڙھڻ کان پوءَ ڪوئي پاڻ گنگنائي.
سوري مٿي سڏڙا، ڏاڍا ڪالھ ڪَيام،
سوچي سمجھي سنڌڙي، ٻوڙي ڪَن ٻَڌام،
آڌي رات اجھام، ڏيئا منھنجي ڏات جا!
شيخ اياز جي شعري زبان، چاھي اُھي پوءَ غزل ھجن يا نظم، بيت ھجن يا دوھا يا ئي ڏيڍ سٽا، وايون ھجن يا گيت، مطلب تہ سندس ڏات ۾ رچيل سڀ تخليقون غنائيت، لفظي روانيءَ سان دل جي تار ۽ روح جون تندون ڇيڙڻ جي باڪمال سگھ رکن ٿا. سندس تخليقن ۾ لفظن ۽ سُرن جي سھڻي جڙت سان موسيقيت جي عنصر کي بہ شانائتي نموني اُڀاريو آھي.
ڌرتي ڇا ڇا دانُ ڪري وئي،
اوک ڏئي انسان ڪري وئي.
آئي تنھنجي سار تہ سپرين،
سوريءَ کي آسان ڪري وئي.
طوفانن ۾ ڪڏندي ڪشتي،
ساحل کي حيران ڪري وئي.
عشق ڪرشما ڏيکاريا، دل،
ڪفر مٿان ايمان ڪري وئي.
اياز جي شاعريءَ مان بہ جسماني محبت جو اھو ئي تصور اڀري ٿو، جيڪو ماڻھوءَ کي مڪمل تڪميل ڏئي ٿو.
يورپين نقاد ويلش اھڙن ئي قلم ڌڻين جي تخليقن کي مدنظر رکندي قومپرستيءَ جي تشريح ڪجھ ھن طرح ڪئي آھي تہ: ”قومپرستي معني آھي زبان ۽ ثقافت جو تحفظ، سياسي ۽ ثقافتي خودمختياري، سياسي آزادي ۽ اتحاد، زبان قوميت جو بنياد آھي، جو زبان ماڻھوءَ کي سندس تاريخ، ثقافت ۽ ڌرتيءَ سان ڳنڍيندي آھي. ان ڪري تاريخ جي اجتماعي شعور، اجتماعي ثقافت، ڏند ڪٿائون، ھڪ مذھب ماڻھن کي قوم جي حيثيت ڏيندا آھن“.
محمد ابراھيم جويو ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جي مھاڳ ۾ لکيو آھي تہ: ”اياز جي شعر جي فني تجربن کان مون ھميشہ پاڻ کي مجبور پئي سمجھيو آھي ۽ شايد ھي ڪم سواءَ خود اياز جي ٻي ڪنھن نقاد کان پوري طرح نہ بہ ٿي سگھي. خاص ڪري اياز جا نظم انھي لحاظ کان مون کي ڏاڍا انوکا پئي معلوم ٿيا آھن. انھن کي نظم جو ڪو بہ مروج روپ نہ آھي ۽ ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪنھن نشي ۾ آيل مصور ڪيئي رنگ ڪئنواس تي ھاري، برش جي زوردار جھٽڪن سان گھڙيءَ ۾ عجيب غريب نقش ٺاھي ورتا ھجن“.
محمد يعقوب ڏاھري.
مھا ڪويءَ کي ننڍڙي ارپنا.
27 ڊسمبر، رات 02:45
منٽن تي کي پورو ڪيل.
 
Back
Top