• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بيخودي ۾خود بياني ٿي رھي ”مهاڳ” ....محمد يعقوب ڏاھري.

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“.
تعارفي مضمون - 125.
وقت ۽ حالتون ھر دور ۾ بدلجنديون رھنديون آھن. ۽ انھن سان گڏوگڏ وک ۾ وک ملائي ھلڻ بہ دانشمندي آھي. سنڌي ادب ۽ ان ۾ شاعريءَ جا درجات، ترميون ۽ شاعراڻي جدت کي سمجھڻ بذات خود وڏو علم آھي.
اصل ۾ شاعري موسيقيت جو خوبصورت اھڙو گڻ آھي، جنھن گڻ جو ڪنھن روح ۽ ربط سان تند جڙڻ ازل کان ممڪن رھيو آھي.
ايلٽ چيو ھو تہ: ”شاعريءَ جو معراج آھي ان جو معنوي حُسن پر جڏھن اھا مفھوم جي سونھن ترنم ۽ غنائيت جي خوبيءَ سان ذھنن تائين پھچي ٿي تہ ان جو تاثر ٻيڻو ٿي ٿو وڃي“.
شاعري اھڙا افلاڪي خيال آھن، جن سان دلي اجرت ويتر وڌندي ۽ وڌندي ئي رھي ٿي. اوتري حد تائين جڏھن پوءَ اھو انسان ھميشہ لئہ حُسناڪين جو متلاشي ٿيندو وڃي ٿو. بلڪل اھا ڏات ئي آھي، جنھن ۾ سھائي صدين تائين ڌرتيءَ تي جوت بنجي جرڪندي رھي ٿي.
بقول بابا بھلا شاھ جي تہ:
”انهيءَ علم جو ڪهڙو فائدو جنهن سان پنهنجي ٻاهر تہ روشني ڦهليل آهي پر من جي اندر اوندھ ئي اونداھ ھجي“.
بابا بھلا شاھ جي انھيءَ جملي جي سُٽَ کي سُلجھائڻ لئہ اسان کي نہ رڳو علم جي من اندر لڪل ڳالھڙيءَ کي ڳولھڻو پوندو پر ان علم ۾ جيڪو اشارو ڏنل آھي. ان جي فن ۽ پختگيءَ کي چڱي طرح ساڃاھڻو پوندو.
شاعريءَ جي علم ۽ ان جي پدن، شعر جي لفظي بيھڪ، ترتيب، ورجاءَ ۽ تجنيسي خوبين تي ڳالھائڻ کان اڳ ۾ بابا بھلا شاھ جي ان جملي مان ھڪ نچوڙي سوال اُڀري ٿو تہ:
ڇا اُھو علم شاعري (ڏات) ئي آھي، جنھن سان من اندر ۽ ٻاھر روشني ڦھليل رھي سگھي ٿي؟
اصل ۾ ڪردار جي سٻاجھڙائپ، سچائي، جدوجھد لئہ البت ايترو ضرور چوندس تہ شعري آھنگ ۽ ترنم اڀارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. چئي سگھجي ٿو تہ شاعري ئي اُھو طلسماتي علم آھي. جيڪو شاعر جي وجود فنا ٿيڻ بعد بہ ڪڏھن فنا نہ ٿو ٿئي نہ صرف ايترو پر ھي علم پنھنجي رڌم رواني ۽ فڪري رفتار سان ڏات جي سرمائي روشني ڦھلائيندو رھي ٿو. ڏسجي تہ شاعراڻا ترنم اسلوب آلات ئي آھن جن کي راڳ، صُوت مطلق چوندا آھن. جن سان من اندر جي گھراين ۾ تھ ڄمائي موسيقي ڀرجي ويندي آھي.
پروفيسر پي گِري پنھنجي تنقيدي مقالي ”Appreciation of poetry“ ۾ ھنن لفظن سان سمجھاڻي ڏني آھي تہ: ”ترنم نالو آھي فڪر، تخيل ۽ ادراڪ جي مڪمل ٿيڻ دوران انھي رد عمل جو جيڪو شعر جا لفظ ذھن تي مرتب ڪندو آھي. انھيءَ کي محض نفسياتي حقيقت طور قبول ناھي ڪرڻو ڇوتہ لئي، ترنم يا رڌم بہ تخليقي عمل ۾ ايترو ڪردار ادا ڪندڙ آھي، جيترو شعر جي ساڃاھ جو تجربو ڪرڻ وقت ڪو ٻيو عنصر ڪندو آھي“.
ھڪ شاعر روح جو مصور ھوندو آھي. ھُو پنھنجي اندروني ڪيفيتن کي اشعاري لغات ۽ روانيءَ سان ڀرپور موسيقيت ۾ تحليل ڪري ڇڏيندو آھي.
اسڪاٽلينڊ جي وڏي نقاد ٿامس ڪارلائل Thomas Carlyle جي قائم ڪيل ان معيار کي بہ سامھون ضرور رکبو تہ: ”عظيم شاعري اُھا آھي، جنھن ۾ ڳائڻ جي صلاحيت ھجي“.
سائين عاجز ٻگھيو جي شاعري ھُونءَ تہ موضوعاتي حوالي سان گوناگون آھي پر ھن وٽ رومانوي رنگ، پنھنجي جمالياتي ذوق، سچن ڪردارن ۽ ڌرتيءَ جي عشق جي ڳالھ ۾ ڀرپور جوڀن نظر اچي ٿو.
جيئن جسم ۽ روح جو سٻنڌ آھي، تيئن ئي شاعري ۽ موسيقيءَ جو پاڻ ۾ گھرو ڳانڍاپو آھي.
حسنخاني تي اسان جي صنم خود ئي پھچي ويو آ،
ڪيڏو بلند منھنجو پيو ٿي نصيب آھي.
سونھن جو تصور ھر دور ۾ ڌار ڌار ساراھبو رھيو آھي. ھڪ ڳالھ ٻي بہ آھي تہ سونھن جي پيمائش لفظن ۾ ڪري تہ سگھجي ٿي پر سونھن عڪس بنديءَ جا انتھائي وسيع ۽ مٿانھين ھوندي آھي.
يعني سونھن کي پنھنجي نگاھ، وقت جي نزاڪتن ۽ حالتن ۽ گھرجن پٽاندر ڏٺو ۽ ڳايو ويو آھي.
ارسطوءَ بہ پنھنجي ڪتاب پوئٽڪس ۾ اوڻيھ ڀيرا سونھن جو ذڪر ڪيو آھي. ان مان سندس اندازو فني سونھن طور لڳائي سگھجي ٿو.
حُسن وارن تان صدقو سر آ،
نيڻ ٿا ڪن سھڻن جي ڳولا.
(عاجز ٻگھيو).
سونھن جنھن کي شاعريءَ جو لباس چئي سگھجي ٿو. سونھن پسندڙن جو خيال آھي تہ دنيا خوبصورت آھي ۽ ان ۾ ڪابہ شيءَ بدصورت ناھي. جان ڪانسٽيبل پنھنجي ھڪ تحرير ۾ لکي ٿو تہ:
There is nothing ugly, i never saw in ugly thing in my life, for let form of an object be what it may-light, shade, and perspective will always make it beautifull.
ان ساڳي خيال جي پيروي ڪندي يوناني ڏاھي فلاطيونس ۽ ان سان گڏ ڪيترن ئي ڏاھن پڻ پيش ڪئي آھي. جنھن ۾ پاڻ سونھن ۽ روحاني سونھن کي پنھنجي سندر خيالن ۾ سرجيو آھي.
Plotinus considered art to be a way of reproducing or capturing the beauty and truth of the invisible world is visible form.
جيڪڏھن عاجز سائين جي ڏات ۾ سونھن جي ساڀيان کي پڙھنداسين تہ اسان کي سندس شعري رچنائن ۾ بہ سونھن ئي سونھن نظر ايندي. تمام گھٽ تخليقڪارن جي شاعريءَ ۾ اھا شيءَ ملندي آھي تہ پنھنجي ڏانءَ ۽ فن ذريعي سونھن کي ڳائيندي اوگڻ پيش ڪندي امر ڪري ويندا آھن.
عاجز سائينءَ سچ جي ڪٿا چوندڙ بيحد سريلو ڪوي آھي. جنھن جي شعري رچنائن ۾ اسان کي سچ جي ڪڙاڻ مثل ذائقو چٽپٽي چاشنيءَ طور بہ ڪٿي ڪٿي ضرور ملندو.
”مون کي ڄاڻي ڪين ٿو ڪم ظرف آ“.
يا ساڳي غزل جا ٻہ بند ھيٺ لکجن ٿا تہ:
ظرف آيو پو بہ سڌريو ڪين ڪي،
ڪيفيت آ اوتري دل ٿي چوي.
حاڪمن کان ٿي ويو باغي آھيان،
ڇڏبي اڇلي نوڪري دل ٿي چوي.
شاعري محض لفظن جو مجموعو يا ميڙ ناھي پر شاعري خيالن سان سرشار/پابند رچنائن جي سُندر جھلڪ آھي. جنھن ۾ ھڪ تخليقڪار پنھنجي اندر جي ارپنا ڪَوري ڪاڳر تي اتاريندو آھي. ھُو پنھنجي ڪيفيتن جي اُھا زبان، جيڪا اشعارن ۾ سماجي وارتائون ڳالھائي ٿي، انھن کي پيش ڪندي سندر گھاڙيٽو ڏئي پيش ڪري ٿو.
جيڪي نباھڻ وارا ناھن،
ڏيندا سي ھَن ڌوڪا ماڻھو.
* پس منظر:
سائين عاجز ٻگھيو جي شاعريءَ جو سڄو پس منظر تاريخ، حُسن ۽ سونھن، سماجي وارتائن جي مشاھدن جي عڪاسي ڪندڙ آھي.
اگر سنجيدگيءَ سان ڏٺو وڃي تہ عاجز سائينءَ جي افڪار ۾ وجوديت ۽ رشتن جا سڀئي رنگ سمايل آھن. ھُن ھر رنگ ۾ پنھنجي ڪويتا ڳائي ۽ گنگنائي آھي، سندس فڪر ۽ فلسفي ۾ پنھنجو رنگ ڍنگ ۽ اسلوب سمايل آھي.
بحر قلزم جي بلند تقدير آ،
۽ سنڌو جي سير آ عبدالطيف.
عاجز سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي سرموڙ، بحر قلزم، ڏات جي وسيع درياءَ کي بہ ڀيٽا پيش ڪندي ڪونہ وساريو آھي. ھُو پنھنجي محسن ڪويءَ، ڌرتيءَ ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ پنھنجي ڏات جو عقيدو سمجھي ٿو.
دلاسو يار کان جي ڪارگر ملي ٿو وڃي،
خوابِ عشق مگر خوبتر ملي ٿو وڃي.
بکن جي جند ۾ وئي قوم پيسجي آ گھڻو،
خوشي آ خوب چڱو گر گذر ملي ٿو وڃي.
شاعري خود اُھا ٻولي آھي، جنھن ۾ گرامر ۽ لفاظاتي اھڙا علم آھن، جن ۾ داستان، وياڪرڻ، صرفي نحو ترڪيب، اصلاح، ورجيسون، تشبيحون، تلميحون، تمثيلون ۽ پھاڪا پڻ آھن.
عاجز سائينءَ جي ھن شاعراڻي ٻوليءَ ۾ اُھي سڀئي گڻ ۽ خوبيون سمايل آھن ۽ جن ۾ پوري تاريخ پسي سگھجي ٿي.
سندس مٿئين شعر بکن ۾ جند جو پيسجڻ ۽ خوشي خواب آ درگذري وارا گڏيل استعارا علامت طور نھايت ئي سندر ۽ محوراتي طور پيش الفاظن ۾ بيھاريا ويا آھن.
سڪون جام ۽ بوتل ۾ ساڳيو نہ رھيو،
مزو شراب مان خوب اثر ملي ٿو وڃي.
محبوبَ ساقيءَ جي صورت ۾ پشم جھڙن ڪنوارن ھٿن سان پيتل شراب عاشقن لاءَ حرام نہ ٿو رھي. جڏھن لال گلابي لبن جو نشو عاشق جا چپ ڇھن ٿا تہ پوري ڪائنات سنگيت جي ستن سُرن جِي جُنبش ۾ اچي ٿي وڃي ۽ ان نينھن نشي جي مخموري عالم ۾ سڪون جام بوتل ۾ ڪٿي ٿو پوءَ ساڳيو اثرانداز رھي؟
لڪڻ ڇپڻ جو ھو عادي رھيو آ وقت کئون،
تڏھن اسان سان صنم مختصر ملي ٿو وڃي.
سموري عمر ڏکن ۾ گذاري مون آ ڇڏي،
وفا جو بدلو جفا جو ڏمر ملي ٿو وڃي.
سچي عاشق جي قسمت ۾ عشق جون سوين آوارگيون ۽ رولاڪين محبتن جو دِينُ ۽ انصاف جي دَينِ ۽ ورھاست ھونديون آھن. جن ۾ ازل کان پيار پياسا عاشق لذت ۽ درد فراق ٻنھي وستعن ۾ ريجھي، پنھنجي مستيءَ ۾ گُم سُم، گوناگون ھوندا آھن.
وفا شعر وفائن کي آ وسيع چيو،
مسافرن کي ڪوئي ھمسفر ملي ٿو وڃي.
عاجز سائينءَ جي غزل جي ھن بند/شعر ۾ ھن وفائن کي وسيع چوڻ واري ترڪيب ۽ تمثيل شعر جي محور ۾ بيھاري پيش ڪيو آھي. ۽ مسافرن کي ھمسفر ملڻ جي ڳالھ منزل ماڻڻ جي نيشاني طور ڳايو آھي.
حياتي موت کي نذرانو ڏئي ڇو ٿا ڇڏيو،
ھجوم داد ٿئي داد گر ملي ٿو وڃي.
عاجز سائينءَ جي مٿئين بند حياتي جو موت کي نذرانو ڏيڻ واري ڳالھ بلڪل ان روحاني فلسفي سان جڙيل ۽ ملندڙ لڳي ٿي تہ زندگي موت جي امانت آھي يا وري ٻين لفظن اِن ڳالھ کي ھيئن واضع ڪجي تہ موت ٻي دنيا ۾ داخل ٿيڻ جو دروازو آھي.
غنيمت آھي ڪتابن سان دوستي او حضور،
ڪڏھن تہ فخر حياتي جو گھر ملي ٿو وڃي.
”غنيمت آھي ڪتابن سان دوستي او حضور“
ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ خيالن جي جنگ ۾ ڪتاب ھٿيارن جو ڪم ڏيندا آھن. ڪتابن جي دوستي ئي دل کي تازگي ۽ قلم کي رواني ۽ سنوارَ بخشيندي آھي.
تباھ غير آمد سان ٿي آ سنڌ سڄي،
خوشي آھي جو بچيل ڪوئي گھر ملي ٿو وڃي.
عاجز سائينءَ جي مٿئين بند جي سٽَ، سنڌ ڌرتيءَ جي موجوده حالتن/ڌاريا آبادڪاري جي چٽي عڪاسي ڪندڙ شعرُ آھي.
وفا تلاش ڪيم پر ڪٿي ملي نہ سگھي،
جفا جي بدلي خوف و خطر ملي ٿو وڃي.
ھڪ تخليقڪار/شاعر پنھنجي شاعريءَ ۾ علامتون ڳالھائيندو آھي. اگر ڏٺو وڃي تہ اسين عام گفتگو بہ تقريبن علامتن ۾ ئي ڪندا آھيون. سنڌي ٻوليءَ جي لفظ لفظ ۾ صُوتي علامت ۽ مفھوم موجود آھي. ۽ پوءَ اڳتي ھلي اُھا گفتگو/ڪچھري يا لکت، تحرير سطحي ۽ مٿڀيري بنجي وڃي ٿي.
اسان جي سماج ۾ وفا جو نہ ملڻ ۽ جفا جي بدلي خوف و خطر جو ملڻ عام رواجي پڻ آھي. توڙي جو کڻي اِھي شيون شاعريءَ ۾ ڪرتب طور نماءُ ڏيندي باڪمال لڳن ٿيون پر ٻي نظر سان ڏسجي تہ سماجي وارتائن ۾ مليل ڪڙي اذيت ۽ ھڪ ناسور بہ آھن.
خلوص اوج تسلسل ۾ پھچي جي ٿو وڃي،
يقين آھي تہ ڇورن ڇپر ملي ٿو وڃي.
پھاڙ بنجي ٿو طوفان وار دل تي ڪري،
ائين ئي بار مٿان بار ير ملي ٿو وڃي.
ھر شيءَ جا ٻہ پاسا ۽ ٻہ رخ ٿيندا آھن. ۽ ھر ڳالھ ۾ ساڳي وقت ڪيئي خصوصيتون ۽ ھڪ جھڙايون بہ ھونديون آھن. پر جڏھن عاجز سائين جي تخيلاتي صنفن کي ڏسون ٿا تہ اسان کي سندس افڪار ۾ رڳو خصوصيت ئي نظر اچي ٿي ۽ ڪٿي بہ ڪو ورجاءَ يا عام رواجيت نہ ٿي ملي. اھو ئي سندس شاعريءَ جو گڻ ۽ خوبي آھي.
”پھاڙ بنجي ٿو طوفان وار دل تي ڪري“.
سندس ھن سِٽ ۾ ڪيڏو نہ مفھوم ۽ رمز رکيل آھي. وزن طور پھاڙ ۽ طوفان جي تيرن جا وار، گھايل دل کي جھيرَ ڏيڻ وارو سندر استعارو ڏنل آھي. اھو شاعراڻو اسلوب عاجز سائينءَ ئي ڄاڻي ٿو تہ لفظي بيھڪ جي حساب سان ڪٿي ڪھڙي شيءَ رکجي؟ سندس فن، فڪر جو آرٽسٽڪ انداز بنھ نرالو، دلڪش ۽ حَسِين آھي.
سرور سيني جي عظمت اگر ٿو بنجي پوي،
ائين پو سمجھ دلين جو ئي گھر ملي ٿو وڃي.
سيني جي سرور واري عظمت طور وارو استعارو، عاجز سائين عشق جي ٽين منزل طريقت طور ٻڌايو آھي تہ ڪيئن دل جو ميرُ مٽائي صاف ڪري آرسي ڪجي، جو مالڪن جو ديدار دل جي عظمت بڻجي وڃي.
تباھي پيار محبت جي عشق آھي ڪئي،
عتاب ان جو اکين تي اگر ملي ٿو وڃي.
فراق موت جي آ روپ ۾ حيات لٽيو،
قرار لٽيو اگر ان جو در ملي ٿو وڃي.
”فراق موت جي آ روپ ۾ حيات لٽيو“،
شعر جي ھيءَ سِٽ ھڪ اھڙي اٽل حقيقت آھي. جنھن جي ڪسڪ کان ڪير بہ انڪار نہ ٿو ڪري سگھي. مون کي جيڪا سڄي غزل جو تُذبذَبي ويچارن جي وھڪرن ۾ وٺي ويندڙ لڳي ٿي. جيڪا حقيقت ھجڻ سان گڏ ڳڻيتن جا ڪيئي عڪس تازه ڪري وجھندڙ آھي. جنھن ۾ معني ۽ مفھوم ھجڻ سان گڏ، يادن جي نيري نديءَ جا منظر اکين ۾ وري سمائڻ جو ڏانءُ رکندڙ آھي/لڳي ٿي.
مريض عشق جو احساس ٿيندو آھي تڏھن،
جڏھن ڪو زخم دلين کي سڄو ملي ٿو وڃي.
مڃان ٿو گھپ انڌاريءَ ۾ روشني ٿي لڪي،
ملي قرار ٿو جيڪر قمر ملي ٿو وڃي.
سڪون ايندو حقيقي ٻگھئي کي آھي تڏھن،
سحر جو لطف اي عاجز اگر ملي ٿو وڃي.
عاجز سائينءَ جو مٿيون منفرد انداز سندس شاعريءَ کي جديد سونھري دور سان ڳنڍي بيھاري ٿو. ھينئر مان جڏھن سندس ڪتاب جو مھاڳ لکي رھيو آھيان تہ مون کي سندس ھن تخيل ۾ سياسي، سماجي ۽ تاريخي شعور واضع چِٽو ۽ اسلوبيت سان ڀرپور لڳو. عاجز سائين دل ۽ دماغ کي گڏ کڻي ھلڻ وارو شاعر آھي. سندس شاعريءَ ۾ متاثر ڪُن ڳالھ جيڪا دل کي ڇھڻ جي سگھ رکي ٿي اُھا آھي تہ پاڻ سماجي وارتائن کي پنھنجي درجبندي نظام ۾ قلمبند ڪري ٿو.
* تشريح:
حيرت جو احساس اھو آھي تہ سندس غزل ۾ مشاھداتي نظريو سندس شاعراڻو بنياد آھي. پاڻ نہ صرف دنياوي ۽ فطرتي رنگ سرجيندڙ تخليقڪار آھي بلڪہ حقيقتن ۽ برملا حقيقتن جا عڪس چٽيندڙ چٽيندڙ غزلاگو آھي.
اگر غزل جي تاريخ تي ترڇي نگاھ وجھبي تہ غزل “عورت سان ھم ڪلام، عشق و محبت ونڊڻ جو نانءُ آھي“.
تخليقڪار جي داخلي ڪيفيتن ۾ رمزن جو اسرڻ شاعري ئي ھوندي آھي. جن ۾ ھُو پنھنجي خيالن کي مٽيءَ جيان ڳوھي پروھي ۽ ٺاھي، تخليق جوڙي ٿو.
عاجز سائينءَ جي تخيلاتي پھچ تمام پختي ۽ ڪامل آھي. ھُن وٽ ڪيفيتن مان نڪرندڙ زنده احساس ڪاڳرن ٿي رقاصا ٿين ٿا ۽ ان ڏات جي سنگيت جي مدھوشيءَ ۾ ھميشہ لاءَ پنھنجي عڪسيت جوڙيندا قائم دائم رھن ٿا.
الوداع ھُن ھَو جڏھن مونکي چيو،
پوءَ اکين مان روشنائي وئي ھلي.
عاجز سائينءَ جي تخيل ۾ ڪيفيتن جي اُھا ڪڙي سچائي بہ آھي. جن منظرن کي پاڻ نہ چاھيندي بہ ڪاڳرن تي قلمبند ضرور ڪري ويٺو آھي. جن مان ڪنھن وجود جي بيوفائي سندس طبيعت کي ناساز بڻائي زخمي ضرور ڪيو ھوندو.
رات منھنجي پاڙي ۾ ترسيل ھئي،
مون سان پنھنجن ڪئي ٻيائي وئي ھلي.
انڌ جو گھوڙو جوانيءَ جو نشو،
ھٿ نہ آئي مھل ڪائي وئي ھلي.
تاريخ پنھنجو پاڻ ۾ ورجائيندي آھي. ڏات جي ڪئنواس ۾ شاعراڻن منظرن ۽ رنگن جي ارپڻ ۾ عاجز سائينءَ آرٽسٽ طور پاڻ مڃرايو آھي.
ھُن عقيدي عشق ۾ معرفتي منزل رکندڙ ۽ باذوق ڪيترن ئي ڏات ڌڻين کي پڻ ڀيٽا طور پنھنجي ڪلام ۾ ڳايو آھي. جن ۾ پير اعجاز شاھ سائينءَ لئہ ارپيل ھن غزل جا ٻہ چار شعر ھتي رکڻ مناسب سمجھندس تہ:
فڪر ھن جو ھو خدا سان ھم ڪلام،
شھنشاھ کڙڪايو در اعجاز جو.
ھاري ناري جي لبن تي پڻ غزل،
ٻڌجي پيو ٿو جھنگ جھر اعجاز جو.
اگر پنھنجي فڪر ۾ ڏسجي تہ ماديت جدلي فلسفي جو نالو آھي. ۽ علم انساني سماج جي اسرڻ، نسرڻ، وڌڻ، ويجھڻ ۽ ان جي محرڪ قوت جي ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. يعني روحانيت جي شروعاتي اسٽيج ماديت مان ئي اُھي شيون اڀري ڪامل ٿي وجد ۾ اچن ٿيون. ۽ ماديت واري سطحي زندگيءَ ۾ انسان/تخليقڪار مٿان ڪيئي سماجي وارتائون حاوي/حملاوار ٿين ٿيون، جن جا زخم وقت بوقت انسان جي جيءُ کي جھوريندا رھن ٿا.
استاد بخاري چيو ھوتہ:
گهڻو اداس نہ ٿي جو اُجهائجي نہ وڃين،
وڏو جهان آ غم جو، وڃائجي نہ وڃين۔
ٽڪر نہ ٿي متان نانگڻيون نچن توتي،
ڪڪر نہ ٿي جو گگن ۾ نچائجي نہ وڃين۔
۽ ٻين لفظن ۾ عاجز سائينءَ جي درديلي گونجار وري جيءُ بنجي جھونجاڻ مان اٿي ھئي/آھي. شاعر سماج جو آواز ھوندا آھن. سندن قلم ۾ ھزارين ڪھاڻيون سمايل ھونديون آھن، جيڪي مختلف وقتن تي اتار کائيندي، ادب جو تاريخي حصو بنجنديون رھنديون آھن.
ھت بہ عاجز سائينءَ جن اُھي مشاھدا جيڪي ھن پنھنجي اک سان ڏٺا ۽ اشعاري ورقن ۾ ھميشہ لاءَ محفوظ ڪري ڇڏيا.
قھر نازل ٿيو ستمگر جي ھٿان،
لوڙ پئي ھاڻي چري جھونجھاڻ ۾.
عزتون پيو لٽجن پيون ٿيون بار بار،
پنھنجي حالت آ بري جھونجھاڻ ۾.
پيچرا رستا پراڻا بند ڏسي،
ھينئڙو پيو آ ڏري جھونجھاڻ ۾.
ٿو ھتي انسانيت جو ڪوس ٿئي،
متي پئي آ مسخري جھونجھاڻ ۾.
ڀاءُ ٿيو ڀاءُ جو قاتل ڇا ڪجي،
دل جگر ٻئي پيا جھري جھونجھاڻ ۾.
بک ۽ بدحالي ڏٺم تنھن جي ڪري،
مون لکي آ شاعري جھونجھاڻ ۾.
(سندس طويل غزل جا چند شعر).
عاجز سائين، ڌرتيءَ جو ڀاڳوند شاعر آھي، ھُن نہ صرف شاعريءَ جا فني ۽ فڪري پاسا ھر حوالي سان وائکا پڻ ڪيا آھن ۽ نہ صرف ايترو پر سندس تخيل/غزلن ۾ ڪيئي انوکيون لفظي ترڪيبون ۽ استعارا نظر اچن ٿا.
مجموعي طور عاجز سائينءَ جي شاعري پنھنجي فن ۽ اسلوب جي حوالي سان سگھاري، فڪر ۽ تخيل لحاظ کان گھري ۽ گھڻ رخي آھي.
دوکي جي اڏاوت آھي، دل پاش رھي ٿي،
تيار ٿي محلات - رات اک نہ لڳي.
”دوکي جي اڏاوت آھي، دل باش رھي ٿي“.
دوکو جٿي يقين ۽ اعتبار جو دشمن آھي. اسان جي سماج ۾ اُتي دوکي لاءَ ھڪ ڪھاوت مشھور آھي تہ: ”ھي عقل بادام کائڻ سان نہ پر دوکو کائڻ سان آيو آھي“. يعني دوکو کائڻ سان تجربو/عقل جو اچڻ بہ روا ٿئي ٿو.
ان ڳالھ ۾ ڪوبہ شڪ ناھي تہ سائين عاجز ٻگھيو جي شاعري سنڌي ٻوليءَ ۾ مُلھائتي موڙيءَ مثال آھي. جنھن جي اھميت ۽ اوليت وقت سر وڌندي ھلندي ۽ جنھن ۾ سمايل فن ۽ فڪر، اڳتي ھلي وقت جي تقاضائن کي منھن ڏيندڙ ثابت ٿيندي.
ھي جنگ جو سامان ڪٺو ٿيندو رھي ٿو،
گڏجي ويا سڀ آلات، رات اک نہ لڳي.
آخر تہ ٽٽي غيض و غضب جو ويو جھيڙو،
دشمن کي ملي مات، رات اک نہ لڳي.
لڪ ڇپ ۾ لڙي اسان ساڻ مخالف،
گھاتن آھيون گھات، رات اک نہ لڳي.
اسان جڏھن سنڌي ادب ۾ موجود شاعرن جي شاعريءَ تي اڀياسي نظر وجھون ٿا تہ مجموعي طور ٻن قسمن جا تخليقڪار/شاعر ملن ٿا. ھڪ اُھي جن جي تخليقن/شاعريءَ ۾ سڪون ۽ راحت ملندي. يعني محبوبي مِلن جا ميلا ۽ رنگينيون.
۽ ٻيا اُھي شاعر جن جي شاعريءَ جدائي، غم روڳ، اذيتون، درد ۽ فراق. يعني محوبن جا وڇوڙا.
زندگي آھي اڌوري اي صنم توکان سواءَ،
غير آخر غير آ رھندو ھميشہ بيوفا.
سازشيءَ جي سازشن ڪيو منھنجي محنت کي فنا،
ٿي خطا ويندا رھيا آھن اسانجا حوصلا.
چيو وڃي ٿو تہ جدائيءَ ۾ ڏات ڏھوڻي ٿيندي آھي. جڏھن ان جملي تي سوچان ٿو تہ عاجز سائينءَ جي وشال ڏات حقيقي عڪس ڏيندي معلوم ٿئي ٿي. ۽ اھو سچ بہ آھي تہ عاجز سائين جو شمار انھن جدت پسند تخليقڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن جي تخليقن ۾ نہ صرف جدت پر جديديت سان گڏ ڪلاسيڪيت پر سرشار ملندي.
بحر رمل غير سالم تي سرجيل ٻہ شعر:
ڏوھي ٿي ڪورٽ ۾ پھتو آھي جج،
وئي اڏامي داد جي آھي مٽي.
ھر عقيدي تي چڙھي ڪارنھ وئي،
ڪيتري ٿي وئي پسند آ بت پرستي.
خيال شاعريءَ ۾ روح جيان ھوندو آھي ۽ جسم ۾ ريڙھ جي ھڏي جيان. عاجز سائينءَ جي شاعري خيال جي خزاني سان نہ صرف مالامال آھي پر عروضي لوازمات ۽ پدي اُڀار سان پڻ ڪٿي بہ کٽل نہ ٿي لڳي.
سي ڊي ليوز CD lewis پنھنجي مضمون the hope for poetry ۾ لکيو آھي تہ: ”شاعر ڪائنات جي اڻ ٻڌل آوازن تي ڪنُ ڌريندو آھي. سندس حواس اھي تارون آھن، جيڪي سندس تجربن کي ھن جي تخيل تائين رسائينديون آھن“.
منھنجي خيال مطابق حقيقت بہ ڪجھ ائين ئي آھي، ڇوتہ اُھي آوازن جا سنگيت جڏھن ڪيفيتن کي ڇھاءُ ڏين ٿا، ٽچ ڪن ٿا تہ شاعريءَ جي اھا صورت سامھون اچي ٿي.
عاجز سائين جي طويل غزلن ۾ ڪمال جي موسيقيت ۽ ترنم تہ آھي ئي پر ان سان گڏ سرور ۽ پر ڪيف، لطف ۽ لذت، رقص ۽ راحت سان ڀرپور آھن.
منھنجي نيت ۾، ڀلائي ٿي رھي،
بي عمل جذبات کي مارڻ تہ ڏيو.
يا ساڳي ئي غزل جو ھڪ ٻيو منفرد بند آھي تہ:
ڪانگ ٿو ڀت تي ڏئي ٽاپوليون،
ڪارڙي ڪانگل کي اڄ ٻولڻ تہ ڏيو.
عاجز سائينءَ جي خيالن ۾ ڇا تہ درياءَ جي وھڪري واري رواني آھي، ڇا تہ لفظن جي ترتيب ڏنل آھي.
ڪانگ جو ٻولڻ، دل کي ويجھي ڪنھن مھمان جي اچڻ يا سارڻ طور ڏنل استعارو ھوندو آھي. اصل ۾ اھي سڀ شيون اچڻ، پڪارڻ، سارڻ ۽ ٻولڻ، انتظار ۽ اوسيئڙا، دلين تي حڪمرانيءَ طور جيان ھوندا آھن.
اھڙي ئي ساڳي ڳالھ، جنھن ۾ سڪ، ڇڪ، بيخودي ۾ بياني ۽ سارڻ جا احساس سمايل ھجن، اوھڙي ئي رمز سمايل ڳالھڙي اتر سنڌ جي بھترين تخليقڪار محترم سائين منتظر سومرو بہ پنھنجي غزل ۾ ساڳيو تڙپ ڀريو خيال اظھاريو آھي:
بيخوديءَ ۾ خود بياني ٿي رهي،
دل تي ڪنهن جي حڪمراني ٿي رهي.
خيال ۾ تنهنجي جواني ٿي رهي،
حُسن! تنهنجي مهرباني ٿي رهي.
(منتظر سومرو).
عاجز ٻگھيو جي غزلن ۾ موسيقيت:
غزل جي صنف ھونءَ ئي غنا ۽ آلاپ جي رنگينين ۾ جڙيل رھندي آھي. سندس طويل غزل، انوکي مڌرتا ۽ موسيقيت رکن ٿا.
جيئن ڪولرج چيو ھو تہ: ”عظيم ۽ ڀرپور شاعري روح جي ھڪ تار کي لوڏيندي آھي“.
موتين مثل اشعاري لفظ، تسبيح جي سڳي جيان غزل کي پنھنجي موسيقيت ۽ روانيءَ ۾ جوڙي رکڻ جو ڏانءُ رکن ٿا.
ھُونءَ بہ شاعريءَ ۾ اُھا سگھ تڏھن ئي پيدا ٿيندي آھي. جڏھن تازي فڪر، وسعت، ھئيت، سان گڏ لفظي توازن شامل ھجي. ۽ انھن شعرن ۾ اُھو سمورو افڪار موجود ھجي، جنھن کي ڏسڻ سان ويراڳي اندازو لڳائي سگھي تہ ھي صنف راڳ جي ڪنھن بہ وقت آنڌيءَ مانجھيءَ ۾ ڳائي سگھجي ٿي.
بي قدر کي ڏنا مون ڪڍي دل جگر مگر،
قيمت وڏي آ انجي مناسب بھا نہ ٿي.
شاعري تنزلي جي اھڃاڻ ناھي بلڪہ شاعري دل جي دولت آھي ۽ اُھا باک آھي، جيڪا وجودن تي پنھنجي معطري بخشي سدا لئہ ٿڌڪار سَرھائي ويندي آھي. ۽ جنھن جي قيمت وقت گذرڻ سان گڏ خود وقت لڳائيندو آھي.
انسان فطرت جو اَڻٽٽ حصو آھي، جنھن وٽ پنھنجو شعور ۽ نظريات آھي. ھڪ تخليقڪار تي افلاڪ کان لھندڙ الھامي خيال وقتن بوقتن سندس دل مٿان فيض جي صورت ۾ وسندا رھن ٿا ۽ وقت گذرڻ سان جيئن جو تيئن پوءَ دل جي زمين سرسبز ۽ سائي ٿيندي وڃي ٿي.
رومانيت ھجي يا ترقي پسند، جماليات ھجي يا وجوديت، ڪلاسيڪيت ۽ جديديت جا سڀ پڄاڻان عڪس مون کي عاجز سائينءَ جي شاعريءَ ۾ پڙھڻ لاءَ ملن ٿا.
عاجز سائين زندگيءَ جي سڀني پھلوئن جي اُپٽار ڪئي آھي. جڏھن جڏھن درد ستم سھي وجود پرزا ٿيندي ڏٺائين تہ انھن سڀني شين کي عڪس بند ڪرڻ ۾ گھڻي دير نہ ڪيائين.
سچ جيڪو اڄوڪي دور جو وڏو عذاب بنجي بڻجي چڪو آھي. سندس تخليقن ۾ اُھو صفات اڪثر ڌرتيءَ جي ڪٿا ٻڌائيندي، جھلڪندي نظر اچي ٿو.
بحر ھزج مثمن سالم تي سرجيل غزل جا ٻہ شعر ھيٺ لکجن ٿا.
نڪا آھي پڇا ڳاڇا جو آيو سو ويو اڙجي،
ھتي دور دليرن جو ۽ ايوانن جو ڇا ٿيندو.
وڏا ڀوتار ويا قبضو ڪري ھِن ڌرتيءَ تي،
خدا ڄاڻي اسان جھڙن تہ بيگانن جو ڇا ٿيندو.
سندس شاعريءَ مان بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ سندس روح، ابتدا جي وقت کان جي انتھا تائين جو نہ صرف چڱو واقف پر گواھ بہ آھي. سندس شاعريءَ ۾ ايندڙ وقت جون اڳڪٿيون ۽ نشانيون پڙھي ۽ پرکي سگھجن ٿيون.
عاجز سائينءَ حالاڪہ جو ربائيءَ جو بھترين تخليقڪار آھي پر ھن جي شاعري خاص ڪري جڏھن غزل پڙھجن ٿا تہ انھن ۾ انسيت، محبت ۽ پنھنجائپ جون ڪيتريون ئي وجھون آھن.
محمد يعقوب ڏاھري.
سورج جو گھر- سڪرنڊ.
آچر جي صبح:
10:20 منٽن تي
لکي پورو ڪيل.
22 نومبر 20ع.
 
Back
Top