• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ونڊوز رجسٽري سبق چوٿون

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
26485571.jpg

جيڪڏهن توهان کي مٿين تصوير مطابق توهان کي سٽارٽ مينو مان يوزر اڪائونٽ کولڻو هجي ته توها سٽارٽ مينو کي ڪلڪ ڪري پوءِ ڪنٽرول پينل جو سب مينو کوليندو ۽ بعد ۾ وري سب مينو ٿي سگهي ٿو اڃان به ڪو سب مينو کولڻو پوي۔۔۔۔
ڪڏهن ڪڏهن سسٽم ۾ ميموري گهٽ هجڻ ڪري يا لوڊنگ ڪري ايترا سب مينو کلڻ ۾ دير لڳائيندا آهن پر رجسٽري ۾ ٿوري تبديلي ڪري توهان ان عمل کي تڪڙو بڻائي سگهو ٿا۔۔۔۔
سڀ کان پهريان سٽارٽ تي ڪلڪ ڪري رن ۾ وڃو Regedit لکي انٽر ڪريو رجسٽري واري ونڊوز کُلڻ کان پوءِ هن ڪِي تي پهچو
HKEY_CURRENT_USER\Control Panel\Desktop
هتي ٺهيل ٺڪيل MenuShowDelay واري انٽري تي مائوس سان ڊبل ڪلڪ ڪريو توهان ڏسندو ته هن انٽري جي ڊيفالٽ ويليو 4000 آهي جنهن کي تبديل ڪري 50 لکو۔۔۔۔۔ ۽ Ok پريس ڪري ڇڏيو۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ هيٺين تصوير ڏسو۔۔۔۔

47084040.jpg

هاڻي رجسٽري واري ونڊو کي بندڪري ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو يا وري لاگ آف ڪري لاگ آن ڪريو۔۔۔۔
هن دفعي سٽارٽ مينو ۽ انهن جا سب مينو کولي ڏسو توهان کي رفتار جي تبديلي واضح لڳندي۔۔۔۔
توهان جي سهولت لاءِ مان هن رجسٽري جي تبديلي کي رجسٽري فائيل ۾ ان ڪري ڳنڍي نه ٿو سگهان جو MenuShowDelay واري REG_SZ انٽري پهريان کان رجسٽري ۾ موجود آهي بس صرف ان جي ويليو تبديل ڪرڻي آهي۔۔۔
توهان کي سبق ڪيئن لڳو ۔۔۔۔ آگاهه ضرور ڪندا۔۔
 
شيئرنگ ته ڀلي آهي پر سمجهي ڪير۔ ادا رشيد سمون اسان کي شاگرد ئي ڪونه ٿو ڪري، بس اڇا وار ۽ اڇي ڏاڙهي ڏسيو سڀڪو ڀڄيو وڃي ادا رشيد به اسان پوڙهن کي ڪٿان ٿو کنگهي۔​
 
لڳي ٿو ادا يونس جروار به توهان کي اڄڪلهه نه ٿو کنگهي نه ته کڻي ان کان پڇي وٺو ها۔۔۔
ڀلا ڪو ٻيو کنگهندو هجي ته ان کان ئي مٿي کي تيل لڳرايو۔۔۔۔ ذهن جا پردا کليا ته سڀ سمجهي ويندو۔۔۔۔ ها ها ها۔۔۔
اصل بلڪل به ڪم نه ٿئي ته پوءِ ادا ڦلپوٽي کي عرض ڪبو ته اهو ئي توهان کي سمجهائي ڇو ته انهن ته ڳالهه سمجهي ورتي آهي۔۔۔
 
سائين نثار ناز منهنجو اڻپڙهيل دوست به انهي کي پڙهي ٿو وڃي، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي آساني سان لکيل هجي
 
السلام عليڪم ادا رشيد صاحب
شيرنگ تمام ڀلي آهي۔ ان کي نه سمجھڻ واري ڪا ڳالهه ئي ڪونهي رجسٽري تمام آسان آهي۔ ۽ رجسٽري سڀني کي سمجھڻ ؓگهرجي ڇوجو رجسٽري تمام ڪم واري چيز آهي۔
 
ادا وهاب جيڪڏهن زاهد ٻڌي وتي ئي نه ته تون ان کي اڻ پڙهيل ٿو چوي ته اصلي ڪو نه ٺهندي :D


sindhsalamatsaathsal

فقير سائين اوهان کي خبر آهي ته پوٌءِ اهو سڀ ڪجهه هتي لکي دوستن کي اهو به ٻڌائي ڇڏيو ته مان اڻ پڙهيل آهيان هاڻي اها ڳالهه ڪري جي ويٺو ته پوءِ هاڻي اسان جي ڪا مجال آهي جو اوهان جهڙي پرين پياري سان ناراضگي ڪبي۔۔۔۔۔۔۔۔


باقي ادا رشيد اوهان جي تحرير واقعي طاقت واري آهي۔۔۔۔ جس هجي ڀائڙا۔۔۔۔۔۔۔۔۔shal judy hujeen
 
ڪافي وقت اڳ مارڪيٽ مان ڪمپيوٽر خريد ڪرڻ جوسلسلورهندو هو. اتي موجود پروفيشنل انسٽاليشن ڪرڻ وقت ونڊوز رجسٽري ۾ انهيءَ قسم هٿ چراند ڪري، پوءِ اسان کي سسٽم چيڪ ڪرڻ لاءِ چوندا هئا. بس سسٽم چيڪ ڪرڻ سان ئي اصل”واهه واهه“ لڳي پئي هوندي هئي. سمجهندو هئس ته ڪمپيوٽر تمام هاءِ اسپيڊ وارو آهي.

پر هينئر....! ادي جادوگر صاحب ”ونڊوز رجسٽريءَ“ جي جادوءَ جي ڇڙي گُهمائي حيران ڪري ڇڏيو. ونڊوز رجسٽريءَ جي اهميت جي صحيح پروڙ هينئر ملي آهي. اميد ته انهيءَ سلسلي کي وقت سر جاري رکندا ايندا.
 
Back
Top