
جيڪڏهن توهان کي مٿين تصوير مطابق توهان کي سٽارٽ مينو مان يوزر اڪائونٽ کولڻو هجي ته توها سٽارٽ مينو کي ڪلڪ ڪري پوءِ ڪنٽرول پينل جو سب مينو کوليندو ۽ بعد ۾ وري سب مينو ٿي سگهي ٿو اڃان به ڪو سب مينو کولڻو پوي۔۔۔۔
ڪڏهن ڪڏهن سسٽم ۾ ميموري گهٽ هجڻ ڪري يا لوڊنگ ڪري ايترا سب مينو کلڻ ۾ دير لڳائيندا آهن پر رجسٽري ۾ ٿوري تبديلي ڪري توهان ان عمل کي تڪڙو بڻائي سگهو ٿا۔۔۔۔
سڀ کان پهريان سٽارٽ تي ڪلڪ ڪري رن ۾ وڃو Regedit لکي انٽر ڪريو رجسٽري واري ونڊوز کُلڻ کان پوءِ هن ڪِي تي پهچو
HKEY_CURRENT_USER\Control Panel\Desktop
هتي ٺهيل ٺڪيل MenuShowDelay واري انٽري تي مائوس سان ڊبل ڪلڪ ڪريو توهان ڏسندو ته هن انٽري جي ڊيفالٽ ويليو 4000 آهي جنهن کي تبديل ڪري 50 لکو۔۔۔۔۔ ۽ Ok پريس ڪري ڇڏيو۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ هيٺين تصوير ڏسو۔۔۔۔
هاڻي رجسٽري واري ونڊو کي بندڪري ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو يا وري لاگ آف ڪري لاگ آن ڪريو۔۔۔۔
هن دفعي سٽارٽ مينو ۽ انهن جا سب مينو کولي ڏسو توهان کي رفتار جي تبديلي واضح لڳندي۔۔۔۔
توهان جي سهولت لاءِ مان هن رجسٽري جي تبديلي کي رجسٽري فائيل ۾ ان ڪري ڳنڍي نه ٿو سگهان جو MenuShowDelay واري REG_SZ انٽري پهريان کان رجسٽري ۾ موجود آهي بس صرف ان جي ويليو تبديل ڪرڻي آهي۔۔۔
توهان کي سبق ڪيئن لڳو ۔۔۔۔ آگاهه ضرور ڪندا۔۔