بلبل مدينه مفسر قرآن الحاج مولانا محمد ادريس ڏاهري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عاشق ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2010۔

  1. عاشق ڏاهري

    عاشق ڏاهري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تعارف
    حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه
    الحمد لله الذي هدانا سبل السلام وارينا طرق الاسلام وجعلنا في امة خير الانام سيدنا محمد عليه الصلوة والسلام الي يوم القيام وافازنا بوسيلة سيدالابرار بدار السلام وکذالک اوصلنا الي المرام.
    اما بعد !
    الله تعالي جي حڪمتن ۽ اسرارن سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارا دنيا ۾ سڀ کان اول الله جا برگزيده رسول صلوات الله عليهم والسلام آيا جن الله جل شانه جي توحيد ۽ سندس منشا مطابق دين جي تبليغ ڪئي . هي الله تعالي جو انوکو اسلوب رهيو آهي جو جنهن وقت ۾ جيڪو ضروري هو ان مطابق اهڙو نبي موڪليائين جنهن پنهنجي دور ۾ جيڪي خرافات ۽ خاميون پنهنجي چوڌاري ڏٺيون انهن کي روڪڻ لاء تبليغ ڪئي . الله تعالي نمرود کي سمجهائڻ خاطر پنهنجي خليل حضرت ابراهيم کي موڪليو ، فرعون کي فراست سان سبق ڏيڻ واسطي پنهنجي ڪليم حضرت موسي عليه السلام کي مبعوث فرمايو ۽ حسب ضرورت انهن کي معجزا عطا فرمايا آخر ۾ الله تعالي پنهنجي منشور کي مڪمل ڪرڻ خاطر پنهنجي پياري حبيب ڪامل و اڪمل نبي حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم کي هن پوري دنيا جي لاء هدايت جو پيڪر بنائي موڪليو ان کان بعد جڏهن ته پاڻ خاتم الانبياء و خاتم المرسلين آهن ، ان ڪري نبين جو سلسلو ته ختم ٿيو ليڪن نبين واري پيغام کي جاري رکڻ لاء الله تعالي صحابه بعد ۾ تابعين انهن کان پوء تبع تابعين ۽ انهن کان بعد ان خدمت جي سعادت علماء ڪرام کي نصيب ٿي. اهوئي سبب آهي جو محبوب عليه الصلوه والسلام فرمايو ان العلماء ورثه الانبياء پوري دنيا ۾ وڏا وڏا علماء پيدا ٿيا جن پنهنجي علمي ڪاوشن ۽ ديني خدمات سان عالم اسلام ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي هتي عالم اسلام جي تمام علماء جو ذڪر ته ممڪن نه آهي البته سنڌ جيڪا اسان جي محبوب عليه الصلوة والسلام جن جي خصوصي دعائن سان نوازيل آهي ان ۾ به ڪيترائي علماء رباني پيدا ٿيا ۽ ڪيترائي صوفي بزرگ صاحب تصوف آيا هي محبوبن جي نظر عنايت جو نتيجو آهي جو باڪمال صوفي بزرگ شاه لطيف ،قلندر شهباز، شاه عنايت ، سچل سرمست ، مخدوم گرهوڙي ، مخدوم محمد زمان ، مخدوم بلال جهڙيون هستيون به سنڌ سان وابسته آهن.
    ان کان علاوه صدين کان سنڌ اهڙا باڪمال عالم پيدا ڪيا جن سنڌ سان گڏوگڏ حجاز مقدس ۾ وڃي ڪري مصطفي ڪريم صلي الله عيله وسلم جي دين جي خدمت ڪئي ، سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي برگزيده ۽ پاڪ صفت علماء به گذريا آهن جو هئا ته سادي زندگي بسر ڪرڻ وارا ۽ ٻهراڙين ۾ رهڻ وارا سنڌي ليڪن انهن جي تصنيفات ۽ تاليفات جيڪا عربي ۽ فارسي زبان ۾ آهي ، ان کي ڏسي وڏن وڏن مفڪرن ۽ اديبن جو عقل دنگ رهجيو وڃي ۽ حيرت مان چون ٿا ته هي تصنيف سنڌ جي سنڌي عالم جي آهي! ان مان ماضي جي علماء جي علم جو ڪمال ظاهر ٿئي ٿو اهڙن انمول هيرن ۾ علامه مخدوم عبدالواحد سيوستاني (سيوهاڻي) ، علامه مخدوم عبدالغفور همايوني ، علامه مخدوم محمد هاشم ٺـٽوي ، صاحب تڪبير علامه مخدوم محمد قاسم ڳڙهي ياسين وارا ، علامه مخدوم محمد جعفر بوبڪائي ، علامه ابو جعفر ديبلي ، علامه ابومعشر سنڌي ، علامه شيخ رحمت الله درٻـيلوي ، علامه محمد حيات سنڌي ، علامه ابو عطاء سنڌي ،علامه ابوالحسن ڪبير ٺـٽوي ، علامه ابوالحسن صغير مدني ، علامه مخدوم ابوالحسن ڏاهري ۽ ٻيا شامل آهن .
    مذڪوره سڀئي عالم بلند پايه جي عالم ٿي گذريا آهن، سندن خدمتون هميشه يادگار رهنديون ، انهن جون تصنيفات عالم آشڪار آهن ليڪن وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي سنڌي ڀائرن جي ديني ڪمن سان غيروابستگي جي ڪري اهڙين بزرگ هستين جي تصنيفات کي اڄ تائين منظر عام تي نه آندو ويو آهي. اها اسان جي وڏي بيقدري آهي جو اسان پنهنجن بزرگن جيڪي علم جا هيرا جواهر ورقن تي ڦهلائي ڇڏيا آهن ان کي سنڀالي گڏ ڪرڻ طرف توجه ئي ڪونه ٿا ڏيون . اگر اهڙي بي بها تصنيفات ڪنهن ٻي زبان وارن علماء جي هجي ها ته مان سمجهان ٿو ته ان زبان سان تعلق رکندڙ فلاحي ادارا ۽ سرمائيدار هن وقت تائين انهن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپرائي چڪا هجن ها.
    ياد رکڻ گهرجي ته علامه ابوالحسن ڏاهري رحمه الله عليه (وفات 12 ربيع الاول سنه 1181 هج) ايتري بلند پايه ۽ وڏي مقام جا عالم ٿي گذريا آهن جو علامه عبدالواحد سيوستاني (نعمان ثاني) رحمه الله عليه پنهنجي ڪتاب "فتاويٰ واحدي " ۾ ۽ مخدوم عبدالغفور همايوني رحمه الله عليه "فتاويٰ همايوني" ۾ علامه ابوالحسن ڏاهري جي قول کي حواله طور نقل ڪيو آهي ، ان کان علاوه سنڌ جي نامور عالم علامه مخدوم محمد هاشم ٺـٽوي عليه الرحمه پڻ علامه مخدوم ابوالحسن ڏاهري کان ڪجهه مسئلن جي حل دريافت ڪرڻ ۾ خط و ڪتابت ڪئي آهي. ان مان سندن علمي تبحر هئڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو جو پنهنجي وقت جا وڏا وڏا علماء به سندن علمي استعداد کي مڃيندا هئا ۽ کانئڻ علمي استفاده حاصل ڪندا هئا. ليڪن افسوس جو مخدوم ابوالحسن ڏاهري عليه الرحمه جي شخصيت ٻين صوبن ۾ ته درڪنار پنهنجي صوبي سنڌ ۾ به گم نام جي حيثيت ۾ آهن ، حالانڪ هن بزرگ جي تصنيفات ڪا عام معمولي تصنيفات نه آهي ، مخدوم ابوالحسن ڏاهري رحمه الله عليه جي هڪ تصنيف "ينابيع الحيٰوة الابدية في طريق الطلاب النقشبندية" آهي انجو ته مثال ملڻ مشڪل آهي ، هڪ انمول خزانو آهي . جناب علامه غلام مصطفيٰ قاسمي رحمه الله عليه (متوفي 9 ڊسمبر 2003ع ) جيڪو وڏو محقق ٿي گذريو آهي ڪيترن ئي ماڻهن سندن نگراني ۾ Ph.D جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن اهو پنهنجي تحقيق جي مطابق مقالات قاسمي ۾ لکي ٿو ته ابوالحسن ڏاهري جو تصوف متعلق مذڪوره لکيل ڪتاب"ينابيع" امام غزالي عليه الرحمه جي مشهور ڪتاب ڪيمياء سعادت کان بهترآهي سندن لکيل عبارت هن ريت آهي . "ينابيع تصوف اندر ٽن جلدن ۾ ڦهليل هڪ وڏو ڪتاب آهي جنهن ۾ تصوف جي اڪيچار مسئلن تي تحقيق پيش ڪئي وئي آهي هن ڪتاب بابت اسان جي همعصر عالمن ، اديبن جي راء آهي ته هي ڪتاب امام غزاليء جي مشهور عالم ڪتاب ڪيمياء سعادت کان بهترآهي." (مقالات قاسمي ص 387 )
    ان کان علاوه علامه موصوف جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب تصنيف ٿيل آهن جن ۾ "ڪچڪول نامه" هن ۾ علم ڪلام جي ڪجهه مکيه مسئلن ۽ تصوف جي چند اصطلاحن جي وضاحت ڪئي وئي آهي. سرسري طور هن رسالي ۾ الله جي واٽ ، شريعت ۽ طريقت ۾ فرق ، حقيقت جي سمجهاڻي ، معرفت جي وضاحت ، نور جو بيان ، ڪشف ، ناسوت ، ملڪوت ، جبروت ،لاهوت ، نور محمدي ۽ عالم ارواح جو بيان آهي. ٻيو ڪتاب "رفع الفرية والمرية" فقهي ڪتاب عربي ۾ آهي ۽ هڪ رسالو "نبراس تصاريف فارسيه" جيڪو فارسي گرامر جي بنيادي ڪتاب آمدنامه وانگر آهي اهو رسالو سائين ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري جن سنڌي ترجمي سان گڏ پنهنجي خرچ تي ڇپائي شايع ڪيو آهي . مخدوم صاحب جي ڪتاب ينابيع تي ايڊيٽنگ ڪري ڊاڪٽر ابوالفتح صغير 1871ع ۾ ڊاڪٽر A.W هاليپوٽو جي نگراني ۾ Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هن وقت جناب ڊاڪٽر ادريس سومرو ڪنڊياري وارا هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪري رهيا آهن.
    ان کان علاوه حضرت مخدوم صاحب جو هڪ ٻيو ڪتاب "سراج المصلي" منظوم فارسي نماز جي مسئلن تي تمام بهترين ڪتاب آهي جنهن جي ترجمي ۽ تحقيق تي اسان جي هڪ عزيز جناب علامه مولانا حافظ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جن جي نگراني ۾ 1995ع ۾ Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي ڊاڪٽر صاحب هن وقت ڊسمبر 2009 ۾ گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ پرنسپال جا فرائض سرانجام ڏئي رهيا آهن.
    ان مان علامه ابوالحسن ڏاهري رحمت الله عليه جي علمي عظمت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو . انکان علاوه سنڌ جي مشهور محدثن ۾ ڏاهري محدث به ٿي گذريا آهن جن علم حديث ۾ علمي خدمتون سرانجام ڏنيون ، اهڙن بزرگن ۾ شيخ الحديث علامه ابوجعفر عبدالله بن حڪيم ڏاهري پڻ هڪ آهي. جنهن جو تذڪرو علامه محمد بن احمد ذهبي (متوفي 748 هج ) پنهنجي عربي تاليف "ميزان الاعتدال في نقد الرجال" ۾ ڪيو آهي . حافظ ابو جعفر محمد بن عمروالعقيلي المڪي علامه ابوبڪر ڏاهري جي چئن روايتن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي.
    ڏاهري قوم ۾ اهڙيون اهڙيون هستيون ٿي گذريون آهن ليڪن دين کان دوري ۽ عدم دلچسپي جي ڪري انهن عالمن جي علمي ذخائر کي منظر عام تي نه آندو ويو جيڪڏهن اهڙو تساهل ۽ سستي رهي ته شايد ڪجهه عرصي بعد انهن ڪتابن (جيڪي علم جا خزانا آهن) جو وجود به نه ملي سگهندو. مان گذارش ڪندس انهن سرمائيدار حضرات کي جن کي الله تعالي دولت سان نوازيو آهي ته اهي اڳتي اچن ۽ هن ديني خدمت ۾ حصه وٺن ۽ اهڙن بزرگن جي ورثه جي حفاظت ڪن. بزرگن جي تصنيفات کي شايع ڪرائين. ان سان اوهان جي دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين مسلمان ڀائرن کي ديني معلومات ۾ رهنمائي پڻ حاصل ٿيندي.
    دور حاضر جي لحاظ سان ڏٺو وڃي ته جيئن ماضي ۾ علماء دين سان عوام جو بي توجهي وارو سلوڪ رهيو اهڙو ئي سلوڪ حضرت پير طريقت رهبر شريعت استاذي المحترم حضرت قبله علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري نقشبندي دامت برڪاتهم العاليه جن جي شخصيت سان ٿي رهيو آهي حضرت قبله سائين جن به راتين جون ننڊون قربان ديني ڪتاب تصنيف ڪرڻ جي عظيم خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن حضرت قبله سائين جن سنڌي زبان ۾ ڪافي تصنيفات ڪئي آهي جو سنڌي زبان ۾ ديني ڪتاب خاص ڪري سني مڪتب فڪر جا تمام گهٽ ملن ٿا ، ان ڪمي کي مد نظر رکندي حضرت قبله سائين جن رات ڏينهن محنت ڪري ڪافي ڪجهه مواد سني حضرات جي عقائد کي پخته ڪرڻ لاء مهيا ڪري ڏنو آهي. ڪجهه دوستن جي فرمائش تي پاڻ پنهنجي ڪتابن کي اردو ۾ ڇپرائڻ جو به سلسلو شروع ڪيو آهي. تانته اهل السنت والجماعت اردو زبان پڙهندڙن دوست پڻ استفاده ڪري سگهن. ان سلسلي ۾ پاڻ الدولة الڪبري شرح اسمآء الحسني ۽ سيرت صديق اڪبر جو اردو ۾ ترجمه ڪري شايع ڪري چڪا آهن ۽ ٻين ڪتابن تي به ڪم هلي رهيو آهي. انهن ڪاوشن ذريعي اميد آهي ته سنڌي چاهي اردو پڙهندڙن عوام اهل سنت کي يڪسان فائدو پهچندو.
    توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته پير طريقت رهبر شريعت حضرت قبله سائين علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري نقشبندي دامت برڪاتهم العاليه جن سفر جون صعوبتون ، ڪمپيوٽر آپريٽرن جا ناز وانداز برداشت ڪري وڏي جدوجهد کان پوء هڪ ڪتاب منظر عام تي آڻين ٿا انهن تڪليفن ۽ انتظار جو قدر ان کي هوندو جيڪو ڪڏهن ان مرحلي کان گذريو هوندو. اوهان هڪ شادي ڪارڊ ڇپرايو ٿا ته ان ۾ ڪيترو انتظار ۽ پريشاني ٿئي ٿي ، اوهان چاهيندو ته ڪارڊ به عمدو هجي جو سڀني کي پسند اچي ۽ ان ۾ لکيل مضمون پڻ معياري هجي ۽ ظاهري زيب و زينت سان به آراسته هجي ، ته پوء اوهان ئي انصاف ڪيو ته هڪ صفحه ڇپائڻ لاء ڪيتري سوچ ۽ فڪر جي درڪار هوندي آهي ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن ڪو ٻه اڍائي سو پيجن جو ڪتاب ڇپرائيندو ته ان کي ڪيترو وقت درڪار هوندو ڪيتري جانفشاني سان ڪم ڪرڻو پيو هوندو، ڪيتري غور و فڪر کان ڪم ورتو هوندائين ، ڪتاب جو مواد بهتر هجي ، سر ورق به عمده هجي ٽائيٽل به دلفريب هجي ، مضمون ۾ لکت جون غلطيون به نه هجن انهن سڀني ڳالهين کي ترتيب ڏيڻ لاء سخت محنت جي ضرورت هوندي آهي ۽ الحمد لله حضرت قبله سائين پير طريقت رهبر شريعت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري نقشبندي مد ظله العالي جن سڀني ڪتابن ۾ انهن ڳالهين جو تمام باريڪ بيني سان اهتمام ڪيو ويندو آهي ، اوهان پاڻ ئي ڏسندو ته توهان کي اهي ڳالهيون نمايان نظر اينديون ، درياه کان ٻاهر بيهي ترڻ جي دعوىٰ ڪرڻ آسان ڪم آهي ، ليڪن اهو ڪم ڪيترو مشڪل آهي اهو اهوئي سمجهي سگهي ٿو جيڪو درياء ۾ لهي پاڻي جي تيزي ۽ سختي برداشت ڪري ڪُنن جي ڀنورن کان بچي پار پهتو هوندو. ليڪن افسوس آهي جو سڀ مراحلا طئي ڪرڻ بعد جڏهن ڪتاب اسان جي سامهون اچي ٿو ۽ اسان کي خريد ڪرڻ لاء چيو وڃي ٿو ته اسان بغير سوچڻ سمجهڻ جي سو عذر پيش ڪنداسين ، ادا مون وٽ ته وقت بالڪل نه آهي ، مان ته واندوئي نه آهيان ڪتاب ڪهڙي وقت ۾ پڙهندس ؟ اخبارون رسالا ۽ ڊائجسٽ پڙهڻ لاء ته ڪافي وقت ميسر ٿيووڃي ليڪن ديني ڪتابن مطالعي ڪرڻ لاء وقت بالڪل نه هوندو آهي ٿورو غور ڪجي ته اسان کي مسلمان هجڻ جي ناتي سان وڌيڪ اسلامي لٽريچر مطالعي جي ضرورت آهي يا اخباري اشتهارات، سياسي بيان بازي ۽ ڪوڙين ، وقتي طور خوش ڪندڙ ، کلائڻ وارين خبرن پڙهڻ جي ؟ ڇا اسان کان قبر ۽ حشر ۾ اهو پڇيو ويندو ته تو اخبارون ڪيتريون پڙهيون رسالا ڇونه مطالع ڪيا ؟ اسان کان ته اسلام جي متعلق پڇيو ويندو ته اوهان کي اسلام متعلق ڇا ٿا ڄاڻو ۽ ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪيا عمل به ته ڄاڻ حاصل ڪرڻ بعد ئي ممڪن ٿيندو، ۽ اها معلومات ديني ڪتابن مان فراهم ٿيندي آهي.
    ڪو صاحب چوندو ته ڪتاب تمام گهڻو مهانگو آهي ، جيئن مون مٿي عرض ڪيو ته اوهان خود محنت ڪري ڇپرايو ته اوهان کي مهانگي سستي جي چڱي طرح خبر پئجي ويندي ، هڪ ڪتاب ڪتاب ڇپرائڻ تي هزارين روپيا خرچ ٿيندو آهي ، ليڪن اسان هڪ ڪتاب جو 50 يا 100 روپيا هديو ڏيڻ ۾ ڪيٻائيندا آهيون، ڇا ڪنهن دوست کي ماني کارائڻ ۽ خدمت ڪرڻ ۾ ايترو خرچ نه اچي ويندو آهي ، روزانه چانهه سگريٽ وغيره تي ڪيترو خرچ ڪري ويهندا آهيون ، اهو سڀ اوهان جي نظر ۾ جائز ۽ ضروري آهي ، باقي ڪتاب خريد ڪرڻ ۾ جيڪا رقم صرف ٿيندي اها ناجائز آهي، ۽ اوهان ان کي فالتو خرچ سمجهو ٿا ، ليڪن پير طريقت رهبر شريعت حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمه الله عيله فرمائن ٿا "جيڪو شخص الله تعالي جي رضا خاطر مهانگا ڪتاب خريد ڪندو ته ان شخص جي اولاد ۾ علم باقي رهندو."
    (ملفوظات شريف پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي مترجم سنڌي ص 164 )
    توهان ئي فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن هر ڪوئي اهو بهانو ڪري جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوء اسان کي ٻيا ڪتاب ڪهڙي طرح ميسر ٿيندا، لازما هڪ ڪتاب فروخت ٿيندو ته ان مان ٻيو ڪتاب ڇپائي سگهبو ۽ اهڙي طرح اهو نشر واشاعت جو سلسلو جاري رهندو ۽ هن صدقه جاريه ۾ اوهان جو به حصو به شامل هوندو ڇو ته هي ديني ڪتاب خريد ڪرڻ پڻ صدقه جاريه جو هڪ قسم آهي. اوهان ڪتاب خريد ڪري دنيا مان رحلت ڪري ويا ڪنهن ٻئي ان ڪتاب مان استفاده ڪيو ته ان جو ثواب اوهان کي به ملندو رهندو ، اسان جيڪڏهن ٻي ڪا ديني خدمت سرانجام نه ٿا ڏئي سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ هن خدمت ۾ حصو وٺون هي به اسان جي ديني خدمت ئي شمار ٿيندي جو اسان جي مشترڪه خريداري مان ديني ڪتاب شايع ٿيندا رهندا ۽ اسلامي لٽريچر جيڪو اڪثر و بيشتر عربي ۽ فارسي زبان ۾ آهي، اهو اسان کي پنهنجي زبان ۾ ملندو رهندو.
    جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اهو ڪمائي جو طريقوآهي ته پوء اوهان به همت ڪيو ۽ ڪو هڪ ديني ڪتاب ڇپائي ۽ ان مان آمدني حاصل ڪريو، منهنجي خيال ۾ ان ڪم لاء ڪوبه جلدي تيار نه ٿيندو ، جيڪڏهن ايترو نه ٿا ڪري سگهو ته پوء پنهنجي علماء جي خدمات ڏسو انهن جو قدر ڪيو . بيمارين ، اچانڪ حادثن ۽ ٻين دنياوي ضرورتن ۾ هزارين روپيه ٿي ويندا آهن ڪڏهن ڪنهن جي خوشامند ڪندي به گهڻو ڪجهه خرچ ڪري ويهندا آهيون ۽ خرچ ڪرڻ بعد انهن پئسن مان اسان ٻيهر وري فائدو به حاصل نه ڪري سگهندا آهيون لڪين ڪتاب هڪ اهڙي دولت ۽ سرمايو آهي جو پوري زندگي پاڻ به ان مان فائدو حاصل ڪندا رهو ۽ اوهان جي زندگي کان پوء اوهان جو اولاد ۽ ٻيا دوست و احباب پڻ ان مان فائدو حاصل ڪري اوهان کي پنهنجي دعائن سان نوازيندا رهندا . ڪافي اهڙا ناياب ڪتاب آهن جيڪي پراڻي دور ۾ ڇپيا ۽ اڄ ڪلهه انهن جو ملڻ محال آهي جيتوڻيڪ انهن جي سخت ضرورت محسوس ٿئي ٿي ، ليڪن ملي نه ٿا سگهن، ٿي سگهي ٿو ته هي ڪتاب به بعد ۾ ناپيد ٿي وڃن ان ڪري موقعو هٿ کان وڃڻ نه ڏيو ۽ پهرين فرصت ۾ هي ديني ڪم ڪري وٺو، يا ته خود خريد ڪري ۽ خود پڙهو يا ڪنهن اهڙي غريب شخص کي خريد ڪري ڏيو جنهن کي اسلامي لٽريچر مطالعي ڪرڻ جو ته شوق آهي ، ليڪن ان وٽ خريد ڪرڻ جي طاقت نه آهي، اهو پڙهي اوهان کي دعائون ڏيندو رهندو.
    حضرت پيرطريقت رهبرشريعت قبله علامه محمد ادريس ڏاهري نقشبندي فقط ڪتابن لکڻ تائين محدود نه آهن، ليڪن سندن ٻيون خدمات به عالم آشڪار آهن. پاڻ سنڌ ته ڇا بلوچستان ، پنجاب بلڪه پوري پاڪستان ۾ انسانن جي دلين ۾ عشق مصطفيٰ صلي الله عيله وسلم جي شمع هميشه روشن رکڻ خاطر خاطر تبليغي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. پنهنجي ملڪ کانسواء پاڻ لنڊن، دبئي ، عراق ، ايران ،عربستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن به ان سلسلي ۾ سفر ڪري چڪا آهن. ان کان علاوه دين جي هر شعبي ۾ سندن قدم وڌندي نظر اچي ٿو ، قبله سائين جي قريب رهڻ ڪري سندن جذبن کان ڪافي آشنائي آهي ، حضرت قبله سائين جن جي دلي خواهش آهي ته دين متين جي معاملي ۾ تبليغي ، تحريري ، تدريسي ، مقصد ته هر خدمت ۾ قدم پوئتي نه هٽڻ نه گهرجي . پاڻ اڪيلي سر به هڪ وڏي انجمن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ليڪن جيڪڏهن اسان سڀ ملي ڪري سندن ساٿ ڏيون ۽ مستقل معاونت ڪيون ته بيشتر ديني خدمتون منظر عام تي اينديون.
    جيئن مون مٿي عرض ڪيو ته سنڌ تي الله تعالي جل شانه ۽ سرڪار دو عالم عليه الصلٰـوه والسلام جن جي خصوصي عنايت رهي آهي ۽ اڄ تائين قائم آهي جو قبله سائين پير طريقت رهبر شريعت مخدوم سيدي وسندي حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري نقشبندي دامت برڪاتهم العاليه جهڙي برگزيده شخصيت جو جنم به هن ڀلاري سنڌ ۾ ٿيو. حضرت قبله سائين جن تي مدني تاجدار عليه الصلٰوه والسلام جي خصوصي عنايت آهي ، قبله سائين جن کي جهڙي طرح الله تعالي محبوب آواز سان نوازيو آهي اهڙي طرح علمي ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن . سندن تقرير ، تصينف ، تدريس مقصد ته هر شعبي ۾ سائين جن پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي نه فقط ايترو بلڪه سلوڪ و طريقت جي سلسلي ۾ به ٽن سلسلن کان فيضياب ٿي ڪري خلافت جو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن.
    نقشبندي سلسلي ۾ پاڻ سنڌ جي مشهور بزرگ حضرت خواجه خواجگان پير طريقت رهبر شريعت حضرت الله بخش نقشبندي غفاري عرف حضرت سهڻا سائين رحمه الله عليه جن جا خليفه مجاز آهن. حضرت سهڻا سائين رحمه الله عليه قبله سائين جن کي 18 ربيع الثاني 1405 هج تي خرقه خلافت سان گڏ سند خلافت سان نوازيو. علوي سلسلي ۾ حضرت قبله سائين جن کي مدينه طيبه جي ڪامل اڪمل ولي حضرت شيخ زين ابراهيم سميط علوي حسيني جن جي دست شفقت سان اجازت ۽ سند حاصل ٿي. شاذلي سلسلي ۾ مدينه منوره جي مشهور صوفي ۽ سالڪ بزرگ حضرت شيخ فهمي عليه الرحمه جن کان کين زباني اجازت عنايت ٿي . دلائل الخيرات ۽ قصيده برده شريف جي اجازت ۽ سند به حضرت قبله سائين جن کي مدينه شريف جي رهڻ واري بزرگ حضرت شيخ محمد حسين رمزي عليه الرحمه 26 ذوالحج 1392 هج تي مرحمت فرمائي.
    مذڪوره سندن کي تبرڪ خاطر هتي لکجي ٿو ان کان پوء انهن جا عڪس پڻ لڳايا ويا آهن .
    اجازت نامه
    حضرات نقشبنديه مجدديه فضليه غفاريه عاليه
    يا ايها الذين اٰمنوا اتقوا الله وابتغوا اليه الوسيلة وجاهدوا في سبيله لعلکم تفلحون. (1)
    بسم الله الرحمٰن الرحيم
    الحمد لله رب العٰــلمين والصلٰـوة والسلام علي حبيبه سيد المرسيلين وآله الطاهرين واصحابه الطيبين اجمعين الي يوم الدين اما بعد!
    مي گويد فقير لا شيء الله بخش نقشبندي غفاري الله آبادي که اين عاجز خاکسار ، ذره بيمقدار ، در سلسله خاندان نقشبنديه مجدديه فضليه داخل شده علم سلوک تا دائره لا تعين از حضرت قطب الارشاد خواجه خواجگان پير پيران مجدد منور مائة اربعة عشر نائب خير البشر عليه و آله من الصلٰـوة افضلها و من التحيات اکملها سيدي و سندي قبله عالم محمد عبدالغفار قلبي و روحي فداه ابي و امي فداه حاصل نموده و شرف اجازت از آنحضرت قرة عينين محبوب رباني يافته وبرائي تحقيق سلسله شريف موجود است. پس ازين عاجز لا شيء برادر طريقت جناب مولانا محمد ادريس صاحب داهري سندهي علم سلوک وجذب و حالات و واردات صحيحه حاصل نموده و تکميل تعيلم طريقة عاليه تا دائرة لا تعين حاصل کرده او را برائي تعيلم اسم ذات و علم سلوک برائي طالبان موليٰ و برائي خدمت اسلام بموجب ضرورت اجازة داده شد و طالبان راه حق جل و علا را مناسب است که زود فيض ظاهري و باطني ازين شيخ کامل حاصل نمايند و هيچ خطره وشک در دل خود نيارند که جناب خليفه صاحب موصوف لله في الله خدمت اسلام وبرادران اسلام ميکند.

    18 ربيع الثاني 1405 هج
    لا شيء فقير
    الله بخش نقشبندي غفاري.
    ترجمه اجازت نامه
    نقشبندي مجدد فضلي غفاري بزرگن جي طرفان
    يا ايها الذين اٰمنوا اتقوا الله وابتغوا اليه الوسيلة وجاهدوا في سبيله لعلکم تفلحون. (1)
    اي ايمان وارو! الله کان ڊڄو ۽ ان ڏانهن وسيلو طلب ڪيو ۽ انجي راه ۾ جهاد ڪيو ، تانته توهان ڪامياب ٿيو.
    المجاهد من جاهد نفسه في طاعة الله
    مجاهد اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس سان الله جي تابعداري ڪرڻ ۾ جهاد ڪري.
    سڀ تعريفون الله تعالي لاء ثابت آهن جيڪو جهانن جي پالڻهار آهي ۽ رحمتون ۽ سلام ان جي حبيب ، رسولن جي سردار تي ۽ ان جي پاڪ اولاد تي ۽ سڀني صاف صحابن تي قيامت جي ڏينهن تائين آهن. حمد ۽ صلٰـوة کان بعد فقير ، حقير لا شيء (حضرت خواجه) الله بخش نقشبندي ، غفاري الله آبادي فرمائين ٿا ته هن عاجز خاڪسار ذره بي مقدار خاندان نقشبندي ، مجددي ، فضلي جي سلسلي ۾ داخل ٿي ڪري لا تعين جي دائري تائين حضرت قطب الارشاد خواجه خواجگان مرشدن جي مرشد ، وڏي ۽ فرياد ٻڌندڙ ، چوڏهين صدي جي روشن ڪندڙ ديني ڳالهين جي نئين ڪندڙ حضور عليه وعلي آله من الصلٰـوة افضلها و من التحيات اکملها جي نائب سيدي وسنَـدي قبله عالم محمد عبدالغفار (منهنجي دل، روح ، ماء ۽ پيء انهن تان قربان ٿين) جن کان سلوڪ جو علم حاصل ڪيو ۽ انهن حضرات اکين جي ٺار الله جي پياري کان اجازت جو شرف حاصل ڪيو ۽ تحقيق جي لاء سلسله شريف موجود آهي. پوء هن لا شيء ، عاجز کان طريقت جي ڀاء (اوهان جي خادمن جي خادم) جناب مولانا مولوي محمد ادريس ڏاهري سنڌي سلوڪ ۽ جذب جو علم ۽ صحيح حالات ۽ واردات حاصل ڪري ۽ (ان) بلند طريقي جي لا تعين دائره تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. اسم ذات ۽ سلوڪ جي علم ۾ موليٰ جي طلب ڪرڻ وارن کي تعليم ڏيڻ ۽ اسلام جي خدمت ڪرڻ جي ضرورت جي مطابق کين اجازت ڏنل آهي . الله تعالي جي راه جي طالبن کي مناسب آهي ته ظاهري ۽ باطني فيض هن ڪامل شيخ کان حاصل ڪن ۽ ڪوبه شڪ شبهو ۽ خطرو دل ۾ نه آڻين ، جو خليفه موصوف لله في الله اسلام ۽ برادران اسلام جي خدمت ڪري ٿو.

    18 ربيع الثاني سن 1405 هج
    دستخط ۽ اسم مبارڪ
    لا شيء فقير
    الله بخش
    نقشبندي غفاري

    سند الاجازت
    الحمد لله رب العٰـلمين والصلٰـوة والسلام علٰـي اشرف المرسلين سيدنا محمد واٰله واصحابه اجمعين. وبعد :
    فقد اجزت الشيخ الفاضل مولوي محمد ادريس اعلي الله مرتقاه فيما تجوز لي روايته من علم المنقول والمعقول وفي طريقة السادة بني عدوي و السلف الفحول کما اجازني بذالک مشائخي الائمة الاعلام بسندهم المتصل الي النبي عليه افضل الصلـٰوة والسلام کما هو مذکور و مثبت في کتاب " عقد اليواقيت الجوهرية " للامام العارف بالله الرباني عيد روس بن عمر الحبشي نفعنا الله به و بسائر عبادالله الصالحين فقد حصلت لي الاجازة الصحيحة في الکتاب المذکور من شيخي العلامة محمد بن سالم بن حفيظ عن والده عن مؤلف الکتاب و اوصي المجاز المذکور بتقوي الله في السر والعلن بخشية الله تعاليٰ فيما ظهر و بطن ( انما يخشي الله من عباده العلماء)
    و في الحديث " کفٰي بالمرء علما ان يخشي الله و کفيٰ بالمرء اثما ان يعجب بنفسه " .

    وکتبه الفقير اليٰ فضل ربه القدير
    زين ابرهيم سميط العلوي الحسيني
    بالمدينة المنورة
    10 جمادي الاخريٰ سن 1412هج
    المدينة المنورة تاريخ 26 ذي الحجة الحرام سن 1397 هج اجازت نامه قرات دلائل الخيرات و قصيده برده شريف.
    بسم الله الرحمٰن الرحيم
    الحمد لله رب العٰـلمين والصلٰـوة والسلام عليٰ سيدنا محمد وآله و اصحابه و بارک وسلم اما بعد:
    سبب تحرير جو اهو جو جناب حاجي محمد ادريس ولد محمد رب رکيو صاحب سنڌيء مون کان دلائل الخيرات ۽ قصيده برده شريف پڙهڻ جي اجازت طلب ڪئي جڏهن ته موصوف صاحب اسان جي مجلس ۾ شريڪ ٿيندا رهندا آهن ۽ کين ان جو مستحق سمجهيوسين ان ڪري پنهنجي مشائخ عظام جناب مرحوم شيخ خيرالدين صاحب زاده قنڌاري هادي رحمة الله عليه ۽ منهنجي شيخ مرحوم ابو السعود محمد سعدالله مکي مدفون جنت المعليٰ رحمة الله عليه ۽ منهنجي شيخ مرحوم يوسف بن علي ملک باشلي المدني مدفون جنت البقيع مدينه منوره رحمة الله عليه ۽ منهنجي شيخ مرحُوم ابو محمد سليمان الجزولي رحمة الله عليهم اجمعين جي واسطي سان کين دلائل الخيرات ۽ قصيده برده شريف پڙهڻ جي اجازت ڏيان ٿو ۽ اميد رکان ٿو ته هر ختم تي منهنجي لاء ۽ منهنجي اولاد لاء حسن خاتمه بجوار نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم نصيب فرمائڻ جي دعا ڪري مشڪور فرمائيندا. والسلام والحمد لله رب العاليمن.
    خادم دلائل الخيرات و قصيده برده شريف ، طالب دعا
    محمد حسين صديق پوسٽ بکس نمبر 5 مدينه منوره
    حضرت قبلا استاد سائين جن کي اڪثر مون ڏٺو آهي ته پاڻ باوضو رهندا آهن . سفر يا حضر ۾ تحرير يا تدريس کان فارغ وقت تسبيح و تهليل ۽ ورد و وظائف ۾ بسر ڪندا آهن. حضرت قبله استاذي المحترم جن جي اعليٰ شخصيت، علمي ڪماليت، زهد ۽ اخلاقي رويي جي متعلق لکڻ لاء مون وٽ الفاظ موجود نه آهن. مان سندن شاگردن ۽ معتقدن ۾ ادنيٰ درجه جو طالب علم آهيان ليڪن هي سندن خصوصي ڪرم نوازي آهي جو پاڻ مون کي پدري شفقت سان نوازيندا رهندا آهن. "چھوٹا منہ اور بڑی بات "جي مصداق تحت مون وٽ مفڪرانه لفظن جو ذخيرو موجود نه آهي ۽ مصنوعي لفظن واري تعريف کان سندن شخصيت تمام گهڻو بالاتر آهي. مان حقيقي اخلاص ۽ دلي عقيدت سان چوان ٿو ته ٻهراڙي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهي ڪري علم جو ايترو وڏو بي ڪنار بحر بنجڻ ان ۾ يقينا حضرت قبله سائين جن جي مٿان محبوب عليه الصلٰــوة والسلام جن جي خاص نظرعنايت شامل آهي ۽ کين وهبي عنايت سان نوازيو ويو آهي.
    اڪثر ائين ڏٺو ۽ ٻڌو ويو آهي ته هڪ ئي انسان ۾ سڀني سهڻين وصفن جي ملڻ تمام مشڪل هوندو آهي. اگر ڪنهن ۾ تصنيف جي صلاحيت هوندي آهي ته اهو عوام الناس کي خطاب ڪرڻ جي قابل نه هوندو آهي ، ڪنهن کي تقرير ڪرڻ جو سٺو انداز ۽ لفظي ذخيرو ته هوندو آهي ليڪن آواز سندس ساٿ نه ڏيندو آهي، ڪنهن کي آواز جهڙي نعمت ميسر هوندي آهي ليڪن ٻين جي تقرير نقل ڪرڻ ان جي مجبوري هوندي آهي، تصنيف جي ميدان ۾ به ڪو نثر نويس هوندو ته شاعري جا گر اهو ڪونه ڄاڻندو هوندو، جيڪڏهن ڪو شاعري ۾ ماهر هوندو ته مضمون نويسي کان عاري هوندو. الحمد لله حضرت قبله سائين جن ۾ اهي سڀئي خوبيون ڪمال درجه سان گڏ سمايل آهن. الله تبارڪ وتعالي جي عنايت سان پاڻ بهترين مقرر هئڻ سان گڏوگڏ بيمثال مصنف ۽ بي بدل مدرس به آهن. سندن شاعري ۾ به اهو لطف و سرور سمايل آهي جو هر صاحب علم ٻڌي لطف اندوز ٿيندو آهي. قبله سائين جن جي شاعري "مجموعه اشعار" جي نالي سان منظر عام تي اچي چڪي آهي ليڪن ضخيم مواد اڃا به قلمي صورت ۾ سائين جن جي لائبريري ۾ موجود آهي انشآء الله جلدي رهيل مواد به ڪتابي صورت ۾ منظر عام تي اچي ويندو.
    سائين جن جي تقرير پر تاثير ۾ مٺاس، روانگي، تسلسل، بلاغت وفصاحت، دليلن جي پختگي، عبارت ۾ اعراب جي شائستگي ۽ مخصوص انداز بيان خاص ڪري عربي، اردو، فارسي،سرائيڪي چاهي سنڌي ۾ شعر پڙهڻ جو منفرد انداز حضرت قبله سائين جن جو خصوصي اعزاز آهي. موجوده دور ۾ اهڙو ڪو عالم منهنجي نظر ۾ نه آهي جو حضرت قبله سائين جن وانگر سهڻي ۽ مٺي آواز ۾ شعر پڙهي سگهي يا اهڙي انوکي انداز ۾ هر موضوع تي خطاب ڪري سگهي .
    این سعادت بزوز بازو نیست
    تانہ بخشد خدائے بخشندہ
    پنهنجي خيال ۾ ته هرڪو ميان مٺو هوندو آهي. ليڪن
    مشک آن کہ خود ببوید نہ کہ عطار بگوید کہ مشک است
    يعني مشڪ آهي جو پاڻهي خوشبوء ڪري نه جو عطر وڪڻندڙ چوي ته هي مشڪ آهي ان مصداق وانگر خوبي اها چئبي جيڪا پاڻهي نمايان نظر اچي نه خود ثنائي ڪري پاڻ کي ٻين جي سامهون چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري ليڪن حقيقت کان خالي هجي ، ماشآءالله سائين جن ۾ همه اوصاف نمايان نظر اچن ٿا سندن پياري آواز ۽ عبارت جي خوش اسلوبي جا پنهنجا ته ڇاپر مخالف پڻ مداح آهن ۽ ان ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا ته علامه ڏاهري صاحب جن کي مٺي آواز سان گڏ علم به آهي. ۽ حق اهو آهي جو مخالف به ان جي گواهي ڏين. حضرت قبلا سائين جن سان گفتگو ڪرڻ ۾ لطف ئي نرالو آهي . سندن خوش اخلاقي ۽ حليم طبعي مان هر هڪ ائين سمجهندو آهي ته حضرت صاحب جن جو مون سان تعلق ٻين جي بنست وڌيڪ آهي. مونکي وڌيڪ شفقت سان نوازين ٿا. اها سندن مزاج جي سخاوت آهي. ليڪن اسان کي خيال رکڻ گهرجي ۽ بزرگن جي شفقت ۽ نرم مزاجي جو غلط فائدو نه وٺڻ گهرجي بلڪه سندن آرام جي وقت ۾ کين صحيح آرام جو موقعو ڏيون ، ساڻن فالتو گفتگو جي بجاء ڪارآمد ۽ مقصد واري ڳالهه ٻولهه ڪجي تانته سندن قيمتي وقت ضايع نه ٿئي. ڇو ته حضرت قبله سائين جن اڪثر رات جو جلسن ۾ ديني تبليغ جا فرائض سرانجام ڏيندا رهندا آهن ، ڏينهن جو درس وتدريس کان علاوه تصنيف و تاليف ۾ مصروف هوندا آهن ان کان علاوه شب بيداري به سندن معمولات مان آهي. لهٰـذا سندن وقت جو پورو پورو خيال ڪيو وڃي ۽ قدر ڪيو وڃي .
    حضرت قبله سائين جن جي خواهش آهي ته دين متين جو هر ڪم ڪيان اهو ثبوت اوهان کي هن مان ملندو جو پاڻ تنها 2 مدرسا هلائي رهيا آهن ان کان علاوه تدريس جا فرائض پڻ سرانجام ڏئي رهيا آهن. وعظ و تبليغ ته سندن مقدر ۾ لکجي چڪو آهي هن وقت عمر جي تقاضا مطابق حضرت قبله سائين جن مسلسل جلسا ڪرڻ نه ٿا چاهين ليڪن ماڻهو کين مجبور ٿا ڪن جو سندن جهڙو مقرر اهل سنت جماعت ۾ ٻيو نه آهي ان ڪري پاڻ مجبورٿي سندن عرض قبول ڪن ٿا ليڪن انهن دوستن کي به گهرجي ته سندن ٽائيم جو خيال رکن جو هن وقت سائين جن جي عمر جي تقاضا آهي ته پاڻ آرام ڪن پر اگر مهرباني فرمائي ٽائيم ڏين ته ائين نه ٿئي جو مقامي نعت خوان نعتن پڙهڻ ۾ شروع ٿين ته بس ئي نه ڪن تانجو ڪافي ٽائيم سائين جن کي انتظار ڪرائي بعد ۾ کين تقرير جو ٽائيم ڏجي اها سراسر نا انصافي آهي جو اسان توهان ته هڪ اڌ رات فقط پنهنجي شهر جي جلسن ۾ شرڪت ڪيون ٿا پر اهي به جيڪڏهن لاڳيتا پروگرام هوندا ته ٿڪجي پونداسين ته ادا ٻه ٽي پروگرام ٻڌا آهن لاڳيتا نه ٿي ويهي سگهون پوء سائين جن ته مسلسل رات ڏينهن پروگرام ڪن پوء به انهن جو خيال نه ڪجي بلڪ پنهنجي مرضيء سان انتظار ڪرائي بعد ۾ کين ٽائيم ڏجي اها سراسر نا انصافي ٿيندي اسان کي پنهنجن بزرگن جو احترام ڪرڻ گهرجي سندن حڪم جي تعميل ڪرڻ گهرجي. سائين جن انهن تمام تر مصروفيات ۽ خدمات سان گڏو گڏ دور ِ حاضر جي جيڪا اهم ضرورت آهي اها آهي اسلامي لٽريچر جو فروغ ، ان سلسلي ۾ پاڻ جيتري جان فشاني کان ڪم ڪري رهيا آهن اهو به ڪنهن کان لڪل نه آهي. چند سالن جي عرصي ۾ حضرت قبله سائين جن تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ، تصنيف جي ميدان ۾ به کين ايتري ديني محبت دامنگير رهي ٿي جو پاڻ چاهين ٿا جو بجاء هڪ هٿ جي گهڻا هٿ هجن جو هر موضوع تي بغير وقفي جي هلندا رهن. الله تبارڪ وتعاليٰ جناب حضرت قبله سائين جن کي خضري حياتي عطا فرمائي ۽ سندن صحت کي سلامت رکي (آمين) جو پاڻ پنهنجي عظيم مشن ۾ ڪامياب ٿين الله تعاليٰ کان اها به دعا آهي ته اسان کي به همت ۽ صحت عطا فرمائي جو اسان سڀ سندن هن مشن ۾ معاونت ڪري سگهون.
    حضرت قبله سائين پير طريقت رهبر شريعت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري نقشبندي دامت برکاتهم العاليه جن جون ڪافي ڪاوشون منظر عام تي اچي چڪيون آهن جن جو مختصر تعارف هيٺ پيش ڪجي ٿو.
    1. تفسير احسن البيان : قرآن ڪريم جو سنڌي زبان ۾ تفسير مڪمل بهترين ٽائيٽل سان ٻه دفعا ڇپجي چڪو آهي. هن تفسير ۾ اهل سنت والجماعت جي عقائد کي قرآن ڪريم جي آيات مان صاف صاف ثابت ڪيو ويو آهي سائين جن جي زندگي جو هي تمام عظيم ڪارنامون آهي.
    2. مناقب الصالحين : اولياء ڪرام جي شان ۾ هي ننڍو ڪتاب سن 1982ع ۾ شايع ٿيو.
    3. الاربعين في فضائل الخلفاء الراشدين : خلفاء الراشدين رضوان الله عليهم اجمعين جن جي شان ۾ 40 حديثون 1983ع ۾ شايع ٿيو.
    4. احسن التشريح لبردة المديح : قصيده برده شريف جو سنڌي ۾ ترجمون ۽ شرح ۽ مخصوص شعرن جي پڙهڻ جا فوائد 1984ع ۾ شايع ٿيو.
    5. جام تصوف : تصوف جي متعلق هي رسالو 1985ع ۾ شايع ٿيو.
    6. الدوله الڪبريٰ شرح اسماء الحسنيٰ : الله تبارڪ وتعاليٰ جي نالن مبارڪن جي معنيٰ ۽ پڙهڻ جون برڪتون 1986ع ۾ شايع ٿيو.
    7. سيرت بادشاه بغدادي : سيدي و مرشدي حضرت عبدالقادر جيلاني ، غوث صمداني ، محبوب سبحاني ، قطب رباني رحمة الله عليه جي زندگي جو احوال ۽ سندن ڪرامتن جو ذڪر 1986ع شايع ٿيو.
    8. تحفة الحجاج : چار حصن ۾ حج جي متعلق مختصر احڪام ۽ دعائون 1987ع ۾ شايع ٿيو.
    9. التحفة المرضية القصيدة الغوثية : حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه جي عربي قصيده جو سنڌي ۾ ترجمون ۽ تشريح 1987ع ۾ شايع ٿيو.
    10. الله جو احسان شرح قصيدة نعمان : امام اعظم حضرت امام ابوحنيفه رحمة الله عليه جي عربي قصيده جو سنڌي ۾ شرح 1991ع ۾ شايع ٿيو.
    11. ترجمه مدح نامه سنڌ : مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمة جي فارسي ڪتاب "مدح نامه سنڌ" جو سنڌي ترجمه 1991ع ۾ شايع ٿيو.
    12. احسن التحقيق في سيرت الصديق : حضرت صديق اڪبر رضي الله تعالي عنه جي زندگي مبارڪ جو احوال ، اولاد ، سيرت ۽ شان مبارڪ 1992ع ۾ شايع ٿيو.
    13. قادري تحفه : حضرت غوث اعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه جن جو ٻڌايل درود سنڌي ۾ ترجمه سان گڏ 1992ع شايع ٿيو.
    14. سيرت اويس قرني : سيدنا اويس قرني رضي الله عنه جي زندگي جو احوال 1992ع ۾ شايع ٿيو.
    15. مومنن جي ماء سيده عائشه صديقه رضي الله عنها : ام المومنين سيده عائشه صديقه رضي الله تعالي عنها جي سيرت ۽ شان 1994ع ۾ شايع ٿيو.
    16. ماڻڪ موتي لال : قصيده برده شريف ، قصيده نعمان ۽ قصيده غوثيه ٽنهي ڪتابن جو مجموعه 1995ع ۾ شايع ٿيو.
    17. فضائل مسواک : ڏندڻ ڏيڻ جا ديني دنيوي فائده ۽ سنت طريقه سان ڏندڻ ڏيڻ جا احڪام 1996ع ۾ شايع ٿيو.
    18. التحريرالمقبول في اخبار اولاد الرسول صلي الله عليه وسلم : حضور اڪرم نور مجسم عليه الصلٰوة والسلام جي اولاد و اطهار 3 فرزندن ۽ 4 نياڻين جو مڪمل احوال 1996ع ۾ شايع ٿيو.
    19. ترجمه رساله نور : حضرت مخدوم ابوالحسن ڏاهري رحمة الله عليه جي نور مصطفيٰ عليه الصلٰوة والسلام جي متعلق جي لکيل فارسي رساله جو سنڌي ترجمه 1997ع ۾ شايع ٿيو.
    20. سيرت الحسنين : جگر گوشانِ رسول فرزندان بتولِ حضرت امام حسن ۽ حضرت امام حسين رضي الله تعالي عنهما جن جي زندگي مبارڪ جو احوال ۽ انهن جا فضائل 1998ع ۾ شايع ٿيو.
    1. تفسير احسن البيان : قرآن ڪريم جو سنڌي زبان ۾ تفسير مڪمل بهترين ٽائيٽل سان ٻه دفعا ڇپجي چڪو آهي. هن تفسير ۾ اهل سنت والجماعت جي عقائد کي قرآن ڪريم جي آيات مان صاف صاف ثابت ڪيو ويو آهي سائين جن جي زندگي جو هي تمام عظيم ڪارنامون آهي.
    2. مناقب الصالحين : اولياء ڪرام جي شان ۾ هي ننڍو ڪتاب سن 1982ع ۾ شايع ٿيو.
    3. الاربعين في فضائل الخلفاء الراشدين : خلفاء الراشدين رضوان الله عليهم اجمعين جن جي شان ۾ 40 حديثون 1983ع ۾ شايع ٿيو.
    4. احسن التشريح لبردة المديح : قصيده برده شريف جو سنڌي ۾ ترجمون ۽ شرح ۽ مخصوص شعرن جي پڙهڻ جا فوائد 1984ع ۾ شايع ٿيو.
    5. جام تصوف : تصوف جي متعلق هي رسالو 1985ع ۾ شايع ٿيو.
    6. الدوله الڪبريٰ شرح اسماء الحسنيٰ : الله تبارڪ وتعاليٰ جي نالن مبارڪن جي معنيٰ ۽ پڙهڻ جون برڪتون 1986ع ۾ شايع ٿيو.
    7. سيرت بادشاه بغدادي : سيدي و مرشدي حضرت عبدالقادر جيلاني ، غوث صمداني ، محبوب سبحاني ، قطب رباني رحمة الله عليه جي زندگي جو احوال ۽ سندن ڪرامتن جو ذڪر 1986ع شايع ٿيو.
    8. تحفة الحجاج : چار حصن ۾ حج جي متعلق مختصر احڪام ۽ دعائون 1987ع ۾ شايع ٿيو.
    9. التحفة المرضية القصيدة الغوثية : حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه جي عربي قصيده جو سنڌي ۾ ترجمون ۽ تشريح 1987ع ۾ شايع ٿيو.
    10. الله جو احسان شرح قصيدة نعمان : امام اعظم حضرت امام ابوحنيفه رحمة الله عليه جي عربي قصيده جو سنڌي ۾ شرح 1991ع ۾ شايع ٿيو.
    11. ترجمه مدح نامه سنڌ : مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمة جي فارسي ڪتاب "مدح نامه سنڌ" جو سنڌي ترجمه 1991ع ۾ شايع ٿيو.
    12. احسن التحقيق في سيرت الصديق : حضرت صديق اڪبر رضي الله تعالي عنه جي زندگي مبارڪ جو احوال ، اولاد ، سيرت ۽ شان مبارڪ 1992ع ۾ شايع ٿيو.
    13. قادري تحفه : حضرت غوث اعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه جن جو ٻڌايل درود سنڌي ۾ ترجمه سان گڏ 1992ع شايع ٿيو.
    14. سيرت اويس قرني : سيدنا اويس قرني رضي الله عنه جي زندگي جو احوال 1992ع ۾ شايع ٿيو.
    15. مومنن جي ماء سيده عائشه صديقه رضي الله عنها : ام المومنين سيده عائشه صديقه رضي الله تعالي عنها جي سيرت ۽ شان 1994ع ۾ شايع ٿيو.
    16. ماڻڪ موتي لال : قصيده برده شريف ، قصيده نعمان ۽ قصيده غوثيه ٽنهي ڪتابن جو مجموعه 1995ع ۾ شايع ٿيو.
    17. فضائل مسواک : ڏندڻ ڏيڻ جا ديني دنيوي فائده ۽ سنت طريقه سان ڏندڻ ڏيڻ جا احڪام 1996ع ۾ شايع ٿيو.
    18. التحريرالمقبول في اخبار اولاد الرسول صلي الله عليه وسلم : حضور اڪرم نور مجسم عليه الصلٰوة والسلام جي اولاد و اطهار 3 فرزندن ۽ 4 نياڻين جو مڪمل احوال 1996ع ۾ شايع ٿيو.
    19. ترجمه رساله نور : حضرت مخدوم ابوالحسن ڏاهري رحمة الله عليه جي نور مصطفيٰ عليه الصلٰوة والسلام جي متعلق جي لکيل فارسي رساله جو سنڌي ترجمه 1997ع ۾ شايع ٿيو.
    20. سيرت الحسنين : جگر گوشانِ رسول فرزندان بتولِ حضرت امام حسن ۽ حضرت امام حسين رضي الله تعالي عنهما جن جي زندگي مبارڪ جو احوال ۽ انهن جا فضائل 1998ع ۾ شايع ٿيو.
     
  2. عاشق ڏاهري

    عاشق ڏاهري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: بلبل مدينه مفسر قرآن الحاج مولانا محمد ادريس ڏاهري

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. حافظ اسدالله

    حافظ اسدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2009
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: بلبل مدينه مفسر قرآن الحاج مولانا محمد ادريس ڏاهري

    وڏي خوشي جي ڳالهه آهي جو منهنجي ڀا عاشق ڏاهري پنهنجي والد صاحب جو تعارف تمام سهڻي انداز سان لکيو آهي جيڪو قابل تعريف آهي الله پاڪ وڌيڪ سندس حوصلو بلند ڪري ته اڃان رهيل تعارف جلدي موڪلي آمين ثم آمين طالب دعا حافظ اسدالله ڏاهري
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق ڏاهري

    عاشق ڏاهري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    وڌيڪ انشاالله اوهان جي دعائن سان اڃا تعارف جلدي موڪليندس
    فقط طالب دعا عاشق حسين ڏاهري
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بلبل مدينه مفسر قرآن الحاج مولانا محمد ادريس ڏاهري

    ادا ڏاهري صاحب توهان مولانه محمد ادريس ڏاهري صاحب تي لکيل مضمون ونڊ ڪري اسان تي احسان ڪيو آهي، مولانه صاحب کي سنڌ جو ڪهڙو ماڻهون آهي جيڪو نه سڃاڻي، مولانه ڏاهري صاحب هڪ عالم سان گڏ هڪ بااخلاق شخصيت پڻ آهن، ۽ اسان جڏهن دادو ۾ رهندا هئاسين ته مولانه محمد ادريس ڏاهري صاحب اسان جي پاڙي ( وگهيو اسٽريٽ وٽ ) جي ڏاهرين واري مسجد ۽ پائليٽ اسڪول دادو جي مسجد ۾ واعّظ ڪرڻ لاء ايندا هئا، ۽ واعّظ سان گڏ ( واعظ دوران اهڙا کل ڀوڳ وارا ٽوٽڪه ۽ قصا ۽ لطيفه پڻ ٻڌائيندا هئا جنهن سان واعظ ۾ ستل ماڻهن کي جاڳرائيندا هئا،
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: بلبل مدينه مفسر قرآن الحاج مولانا محمد ادريس ڏاهري

    سائين محترم عاشق ڏاهري صاحب۔۔۔۔ اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان اسان کي محترم قبلا الحاج مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب جن جو تعارف ڪرايو پر ان سان گڏوگڏ ڏاهري خاندان جي انهن جوانن جو به تعارف پڙهيوسين جن ۾ محترم ابوالحسن ڏاهري صاحب جن ۽ ٻيا گهڻا۔۔۔ جن دين جي لا پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون۔۔۔۔۔

    سائين محترم ابوالحسن ڏاهري صاحب جن جو ڪتاب ”سراج المصلي“ مونکي سائين محترم رحيم بخش جن تحفي طور ڏنو هئو۔۔۔۔۔

    سائين اوهان جا لک ٿورائتا آهيون جو اوهان اهڙين هستين جي باري ۾ آگاهي ڏني۔۔۔۔۔۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بلبل مدينه مفسر قرآن الحاج مولانا محمد ادريس ڏاهري

    ماشاء الله دادو ضلع ۽ خاص ڪري موري شهر جي ڏاهري حضرات ۽ بزرگان دين، اسلام لئه تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو ۽ عالماڻه ڪرادار ادا ڪيو آهي ۔۔۔۔ دادو ضلع ۾ جيترا بزرگ ۽ تاريخي اهڃاڻ آهن سنڌ جي شايد ئي ڪنهن ضلع ۾ هجن۔

    ادا عاشق جزاڪ الله خئير ۔۔۔ رب العالمين اسانکي سڌي راهه تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري۔ آمين

    اسانجو دوست رحيم بّخش ڏاهري اڄڪلهه نظر نٿو اچي ۽ ها سندس جگر گوشو بيمار هيو، الائجي ڪا خبر چار ناهي ۔۔۔؟؟؟ رب العالمين سندس ۽ اولاد طرف خئير ڪري ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو