• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجھ وڃائڻ کان پوءَ جي حاصلات- مزمل سائر.....محمد يعقوب ڏاھري

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“.
تعارفي مضمون - 124.
ڪنھن بہ تخليقڪار جي تخليقن/شاعريءَ تي ڪجھ لکڻ مھل ٻہ شيون ذھن تي تري اينديون آھن. ھڪ تعريف، آفرين ۽ ٻي تنقيد. حالاڪہ تنقيد ھڪ عملي معياري، تجزياتي، فني ۽ فڪري موضوع آھي. نہ صرف ايترو پر ھن اصلاحي علم ذريعي اشعاري محاسبن جي ترڪيبن ۽ تخليقي جزن ۽ لفظي نفاد کي اُڀار ۽ رواني نصيب ٿيندي آھي.
اھا ئي وجہ آھي جو ھر شاعر جي شاعري اُن سبب ڪري ٻن رخن ۾ بيٺل ھوندي آُھي. پر جڏھن اسان مزمل سائر جي تخليقن تي نظر وجھون ٿا تہ اُھا عروضي تڪ تور ۽ خيالي ماڻ ماپ ۾ پوري ھجڻ سان گڏوگڏ ڪلاسيڪيت ۽ تمثيليت سان جڙاءُ ڏيندڙ، پنھنجي اظھار ۽ اسلوب ۾ ندرت ۽ جدت بخشيندڙ لڳندي.
بحر رمل مثمن غير سالم جي وزن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن تي سرجيل بھترين تخليق، سُندر ۽ منفرد غزل جا ٻہ چار شعر ھيٺ پيش ڪجن ٿا.
تو چيو هو: بُت اُتي، پاڇا چِٻا ٿي ٿا وڃن،
مون چيو هو: سچ تہ آ، سپنا چِٻا ٿي ٿا وڃن.
مزمل سائر جي ھن غزل جي مطلع ۾ پرينءَ جي سار جا عڪس ۽ اولڙا نمايان طور نظر اچن ٿا.
بقول ڀٽائي سرڪار جي:
”ڏوريان ڏوريان م لھان، شال مَ ملان ھوت“.
سندس شعر ۾ تڙپ، تشنگيءَ ۽ ان ٻنھي ۾ سڪ ۽ ڀرپور لطف اندوز رمز سمايل آھي.
تو چيو هو: منظرن اندر نوان منظر ڏٺــــــــــم،
مون چيو هو: ڌيان سان پردا چِٻا ٿي ٿا وڃن.
تو چيو هو: سمنڊ اڄ ڳھندو وڃي پيو ڀونءِ کي،
مون چيو هو: ڏند ساگر جا چِٻا ٿي ٿا وڃن.
سائين مزمل سائر، ساگر جي ڏندن کي چٻا طور چيل استعارو ڪيڏو نہ پيارو ۽ ڌرتيءَ جي قربَ ۽ تعظيم طور ڏنل آھي. اصل ۾ اھا ئي حقيقي شاعري ۽ شاعراڻيت پُر سوز رمز آھي. جنھن ۾ فن ۽ فڪر پنھنجي محوراتي ليول تي بيٺل معلوم ٿي پيو. ۽ اھڙن ئي خيالن ۾ ڪٿي ڪو بہ فڪري جھول ۽ تنقيدي اصلاح باقي واجب نہ ٿي رھي. ھھڙي شاعري ئي پنھنجي موضوعاتي رڌم ۽ افڪاري حوالي سان ڀرپور ھوندي آھي.
سائين مزمل سائر جي شاعريءَ جو رومانوي لھجو ۽ پنھنجو دڳ ۽ اسلوب آھي. سندس غزلن جي شعرن ۾ ڪيڏو نہ پيارو اظھار آھي.
هن نگر ۾ فرد هرڪو خضر جي آڪھہ منجهان،
هل هتان ٻئي لوڪ، مستن جي نہ ڪا معنيٰ رهي.
ڪي اَنا ۾، خوف ۾ ڪي ايئن سنجينده بڻيل،
هت نہ ڪر ڪو ڀوڳ، ڀوڳن جي نہ ڪا معنيٰ رهي.
سچ اِھو آھي تہ مون کي سندس مٿيان شعر ڪنھن گھري تسلسل جا جُز لڳن ٿا. جن ۾ تجريديت صاف شفاف ۽ چٽي پڙھي سگھجي ٿي.
گھڻن جاين تي سندس شاعري رومانيت سان سرشار ۽ تعريفي ۽ بااستحسان ملي ٿي. اِھا سندس صنفن جي وڏي خوبي آھي جو سندس شعر رومانيت سان جڙاءُ ڏيندڙ ڀرپور تخيلاتي ڪلام آھن.
رومانيت بابت ٿيوڊور واٽس ڊنٽن جو چوڻ آھي تہ:
The Romantic revival was equivalent to the Renascence of wonder.
ترجمو:
”رومانيت جو اڀرڻ ھڪ معجزي جي نئين سر عمل ۾ اچڻ برابر ھو“.
اِھا ڳالھ سئو فيصد درست بہ آھي تہ رومانيت شاعريءَ جو حقيقي حُسن آھي. خاص طور مزمل سائر جا غزل پنھنجي بنيادي موضوع ۾ رومانوي رنگن سان ڀرپور آھن.
مزمل سائر جي غزل جو وڏي ۾ وڏو ڪمال اھو بہ آھي تہ سندس ھر شعر ۾ الڳ مفھوم ۽ رمزن ڀريو سمنڊ سمايل ھوندو آھي. تمام گھٽ تخليقڪار آھن جن جي شاعريءَ ۾ اھڙي شي فڪر ۾ جھلڪندي نظر ايندي آھي.
بحر مثمن اشتر ۾ لکيل غزل جا ٻہ شعر/بند ھيٺ پيش ڪجن ٿا:
من لڳي نہ من، سائر، ڪو گمان شيشي جو،
رُڃّ جو سمونڊ آ ڪو باغبان شيشي جو.
بابا بھلا شاھ چيو ھو:
”بھلا مٽي دا، چُلھا مٽي دا“.
جيئن بابا بھلا شاھ پنھنجي ڪلام ۾ مٽيءَ کي بار بار ڳايو آھي، تيئن ئي وري سائين مزمل سائر شيشي کي بار بار قافيي طور استعمال ڪيو آھي،
مزمل سائر سائين مٿئين شعر ۾ ڪمال جي رواني، غضب جو استعارو ڪتب آندو آھي. واقعي بہ شڪ گمان شيشي جيان نازڪ ۽ ڪمزور ھوندا آھن.
اسان جون اکيون ڪيئي اَڻ ڏٺا محسوس ڪيل منظر، من جي صاف ڪئنواس تي چِٽي وٺنديون آھن. جيڪي وقت سر پوءَ ڏات ۾ پاڻ ڇُلڪائيندا رھندا آھن.
رڃ سمونڊ ۾، شيشي جي باغبان طور ترڪيبي انداز ۽ تنوار ۾ ٻٽي استعاري طور استاد بخاريءَ کان پوءَ مزمل سائر سائين جن شعرن ۾ اھڙو سھڻو لوازمو بخشيو آھي.
پرينئڙا، نھارون جهل، ڀور ٿي نہ پئي هر شيءِ،
دل بہ، ڀون بہ شيشي جي، آسمان شيشي جو.
عشق جي تند نازڪ ۽ نفيس سُٽَ سان جڙيل ھوندي آھي. ۽ ان رشتي ۾ ٿورڙي بہ جفا - بيوفائي، ستمگري ۽ ھرجائپ جھڙي اُڏوئي کي جنم ڏئي سگھي ٿي. ھي اُھا اڏوئي آھي جيڪا پوءَ سڪ ۽ پيار جي احساس ۽ ڀروسي ۾ دَخل در معقُولات جيان وچ ۾ ڪاھي پوي ٿي. ۽ پوءَ ڪجھ بہ باقي نہ ٿو بچي.
ھر تخليقڪار/شاعر جي شاعريءَ ۾ مختلف ترڪيبون، تشبيھون، محاڪات تہ ھوندا ئي آھن. پر سائين مزمل سائر جي شاعريءَ ۾ موجود وڏي ۾ وڏو حُسن رومانيت ۽ ان سان گڏ جماليات جو ھجڻ آھي. جن جي رومانيت، سندس شاعريءَ ۾ موزونيت برقرار رکيو اچي ٿي.
اردو ادب جي بھترين مصنف ۽ تنقيدنگار انور سديد رومانيت بابت چوي ٿو تہ:
”رومانيت انھيءَ داخلي قوت جو نالو آھي، جيڪا نامعلوم کي معلوم ڪرڻ ۽ نئين شيءَ کي تخليق ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي“.
۽ آڪسفورڊ ڊڪشنري مطابق رومانيت جي ننڍڙي ۽ شارٽ ڊيفينيشن ڪجھ ھيئن ڏنل آھي.
1- Romantic feelings, attitudes or behaviour.
2- Tendency is literature, art and music, especially in the 19th century compared to classicism and realism.
يعني:
1- رومانوي خيال ورتاءُ يا رويو.
2- ادب، فن ۽ موسيقيءَ جو ھڪ لاڙو جنھن کي اڻويھين صديءَ ۾ ڪلاسيڪيت ۽ حقيقت سان ڀيٽيو وڃي.
سائين مزمل سائر جي شاعريءَ ۾ رومانويت جو ميلاپ بہ آھي تہ بنواس جا درد، وڇوڙا ۽ سُور بہ.
اِھا ئي سندس شاعريءَ ۾ سمايل وسعت آھي. جنھن ۾ ڪائمات جيڏي وشالتا آھي.
ھڪ شاعر پنھنجي ڪيفيتن جا سڀئي رنگ سميٽي، پنھنجي اندر جو آواز شاعراڻي انداز ۾ بيان ڪري ٿو تہ ھيٺئين نظم جھڙا ڪيئي سندر نظم جڙي پون ٿا.
ھي نظم مزمل سائين جي تنھائين جي ڪوڪ آُھي. ھڪ درد آھي تنھائيءَ جو ۽ سندس اڪيلائين جو.
بقول لطيف سائينءَ جي تہ:
”ڏيکارينس ڏکن، گوند گس پرينءَ جو“.
درد انسان جا وفادار ساٿي ھوندا آھن. پر درد وري جڏھن ھڪ شاعر سان ياري رکندا آھن تہ پوءَ ھُو انھن جي فڪري آڙاھ ۾ لڇي پچي عاشق، عابد، عارف تہ ڪڏھن وري ڪو ”سائر“ بنجي پوندو آھي.
ويران بيابان، اڙي چنڊ، لھي آءُ،
انسان نہ حيوان، اڙي چنڊ، لھي آءُ.
چوڌار ائين سڃّ، ائين رڃّ، ٿڪل رات،
ڪو واءُ نہ ڪو ساءُ، نہ ڪو ساز نہ ڪا بات،
اڳتي تہ گهڻا رنگ، گهڻا جهنگ، گهڻا روھ.
اڳتي تہ گهڻا مينهن، گهڻي باهه، گهڻا پوھ،
منهنجو تہ سفر ڏور، سمئہ پار، نگر پار،
پر ٿڪّ ڀڃان هيل، اچين هيٺ اگر يار.
تو ساڻ ڪيان بحر ، ڀنور، ونگ ڀري ڳالھ،
هر درد ڀريل، زخم ڏنل، رنگ ڀري ڳالھ.
ڪنهن سونھن ڪٺل، عشق مٺل، مشڪ ڀري ڳالھ،
ڪنهن رقص رچيل، لڙڪ لڙيل، مرڪ ڀري ڳالھ.
مزمل سائر سائين اُھو ڀاڳوند شاعر آھي. جنھن وٽ وسيع نظر، گھرو فڪر ۽ لفظن جي ڪابہ کوٽ ناھي. ۽ پاڻ لفظن جي حُسن کي نت نئين آرٽسٽڪ انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ مھارت رکندڙ سھڻو تخليقڪار آھي.
سندس طويل نظم جو ھي ننڍڙو حصو، ان ڳالھ جي سچي علامت آھي.
شيخ اياز لکيو آھي تہ: ”پيار ھڪ اڌمو آھي جو ٿوري دير لاءَ اوچو وٺي وڃي ٿو ۽ اندر کي اجاري ٿو. اُھو باک جي شاخن وانگر آھي، جن جي روشني تہ ھر ڪنھن ماڻي آھي پر جن تي ڪوئي پکي آکيرو نہ ٺاھي سگھيو آھي. اِھو وڄ وانگر آھي. گھنگھور گھٽائون ڏسي ڪيڏو نہ وڻي ٿو، پر جڏھن ڇڏي ٿو تہ ماڻھو تباھ ڪري ٿو ڇڏي“.
اھا حقيقت آھي تہ شاعر پيار جي انھن سڀني وھڪرن مان گذري ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ائين لڳندو آھي تہ واقعي بہ اُھا وڄ ڄڻ دل مٿان گجگوڙ ۽ ٽڙڪاءَ ڪندي ڪري آھي. ۽ نہ ڄاڻ شايد اھو سڀ ڪجھ مزمل سائر جي معصوم دل سان بہ وھيو ۽ واپريو ھوندو. ان ڳالھ ۾ ڪوبہ شڪ گمان ناھي تہ ھي سڀ اُھي ڪيفيتون ۽ ڪيفيتن ۾ سمايل پُر ذوق اذيتون آھن، جن ۾ ڪجھ وڃائڻ کان پوءَ جي حاصلات ڏات ۽ شاعريءَ ھوندي آھي.
محمد يعقوب ڏاھري.
اتر جي ھوائن ۾ لکيل.
ٽائيم: رات جو 02:45 منٽن تي
لکي پورو ڪيل.
نومبر 20/20ع،
 
Back
Top