• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فنا ٿيل احساسن جو نانءُ- ايم بي ڏاھري....محمد يعقوب ڏاھري.

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
تعارفي مضمون - 123.
ھڪ شاعر پاڻ کي ڪيفيتي ۽ ڀوڳنائن جي چڪيءَ ۾ پيسيندو آھي/پيسجندو رھندو آھي. چوتہ شاعر ان دردن ڀري دنيا جو فرد بہ آھي، جتي سندس گلاب جھڙي نازڪ دل تي وفا نہ ٿيندڙ واعدن جي روپن ۾ ڳورا ڳورا پٿر رکيا وڃن ٿا.
ھي دنيا ھونءَ بہ تضادن تي بيٺل آھي. اُھي تضاد جن ۾ پيڙھجي شاعر ڪيئي سندر ڪلام لکي ٿو.
شاعري ڪيفيتن ۾ فنا ٿي جڙندڙ احساسن جو سُندر نانءُ آھي. اھي احساسن جن جي زبان اکين وسيلي دلين تي راڳ ڪري ٿي.
زين پال سارتر چوي ٿوتہ: ”مون کي پنھنجي ئي تحرير ٻيھر پڙھڻ کان سخت نفرت آھي“. پر جيڪڏھن سارتر جي ان جملي جي ابتڙ سوچجي تہ پنھنجي تخليقن کي بار بار ضرور پڙھجي، اُھو ان ڪري ڇو جو انھن تصنيفن ۾ تضادي نظرون، رچنائن ۾ تضاد اڀاريندي، لکڻ ۾ وڌيڪ، ويتر معنوي حُسن پيدا ڪن ٿيون/ڪنديون رھن ٿيون.
جي ڏسجي تہ صنفن ۾ سچائي اھڙي ڪلا آھي، جيڪا حقيقتن جي آشنائي ڳائيندي اڪثر تضادن جي ور بہ چڙھندي آھي. پر پوءَ بہ سچ جي ڪڙاڻ سمايل انوکي ترڪيب ۽ استعارا بخوبي ھر ڪنھن کي نظر اچن ٿا.
روز لڳڻ ڌرتيءَ ڌاڙا،
خالي ٿي ويا وانڱين واڙا.
ڪيڏي ٽن جي ياري گھاٽي،
چور وڏيرا ڀائر جاڙا.
موضوعاتي لحاظ کان محترم سائين محمد بخش ڏاھري عرف (ايم بي) جي شاعري جديد دور جي تقاضائن پٽاندڙ آھي. جن ۾ سچ ۽ حقيقتن جا جھلڪندڙ من موھيندڙ ڪيئي منظر آھن. جيڪي اڄوڪي ڌرتيءَ جي دردن جي ترجماني ڪن ٿا.
محترم ايم بي سائين، سنڌ ڌرتيءَ جو ٻھڳڻو تخليقڪار آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ لفظ تڙپ، لڇ پڇ، لوچ ۽ درد ليئا پائيندي محسوس ٿين ٿا.
خواھش
اٿم تہ ڪاش
پنهنجي ڳل جي ڌرتي تي
چاھت جو
ھڪ گلاب پوکڻ ڏين.
سندس مٿئين نظم ۾ گلاب پيار جي استعاري طور استعمال ٿيل آھي. پيار جيڪو جيون جو سندر ۽ لذتي ڪيفيتن سرشار جذبو آھي.
نظم جي مٿئين اظھار ۾ ايم بي سائينءَ جي جديد انداز ۽ مروج اسلوب سان گڏ فڪري ڏانءَ ۾ ڳنڍيل محسوس ٿئي ٿو. اِھي اُھي شعري سٽون آھن، جيڪي جدت سان گڏ ڪلاسيڪيت جو سنگم تہ آھن ئي پر جديد شعري اظھار جو احاطو ڪندڙ آھن.
ايم بي سائينءَ جي شاعريءَ ۾ انيڪ حَسين خيال ۽ دلڪش منظر آھن.سندس شاعريءَ کي پڙھڻ کان پوءَ ائين لڳندو آھي. جيئن شعوري ڏات جس نوان ادراڪ کُلندا ھجن.
شعري آرٽ محسوسيات جي دنيا آھي، جنھن ۾ شاعر جو ذھن افلاڪ کان لھندڙ خيالن کي پنھنجي رڌم ۾ گھڙي ٿو. ۽ مشاھدن ۾ گھاريل درد، سُور ۽ ڌرتيءَ جو آواز وسعتي عڪس ۾ پيش ڪندو آھي.
سنڌ ڌرتي ھينئر سياسي، مذھبي ۽ وسيلائي مسئلن جي حوالي سان مونجھارن جي ور چڙھيل آھي. انھن عڪاسي ڪندڙ اشعاري خيالن کي ايم بيءَ سھڻي نموني پنھنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آھي. اِھا ڳالھ حقيقت آھي تہ ايم بي ڏاھري جديد سنڌي شاعريءَ جو اھڙو خوبصورت تخليقڪار آھي، جنھن وٽ پنھنجو ڌار حسي تجربو ۽ آرٽ آھي.
منھنجي حساب ۾ شاعريءَ پنھنجي آرٽ لاءَ وڌيڪ حساسيت گھرندي آھي. ان حوالي سان ۽ ان جي برعڪس ابتڙ اسان جي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ نوان نوان تجربا بہ ٿيندا رھيا آھن، جن ۾ پوءَ اھا فني ۽ تخليقي کوٽ محسوس ٿيندي رھي آھي.
پر ان شيءَ جي ٻي رخ ۾ اگر قاضي احمد شھر جي سھڻي تخليقڪار ايم بيءَ جي شاعريءَ کي ڏسبو، پڙھبو ۽ پرکبو تہ اُن ۾ شاعراڻي ادراڪ جي اڇل، فنائيت ۽ روانيت ۾ ڀرپور لڳندي.
اھڙي ئي بيحد پياري تخليق (غزل) جا چند شعر ھيٺ پيش ڪجن ٿا.
ھو نہ جئين نيلام سنڌڙي کي ڪري،
صاحب سرڪار تي ٿو شڪ پوي.
ايم بي سائينءَ جي شاعري ۾ تصور ۽ تخيل ۾ جي دنيا تمام گھڻي رنگين آھي. سچ جا ليڪا پائيندڙ سندس مٿيون شعر موجوده دور جي عڪاسي ڪندڙ باڪمال شعر آھي.
ڪئين ٻڏي سھڻي بچي اھو ويو،
مونکي اڄ ميھار تي ٿو شڪ پوي.
سندس شعرن ۾ استعارا جوت ۽ جوھرَ گھڻ رخا موضوعاتي ۽ وشال ڦھلاءُ رکندڙ آھن.
شاعري ۾ سندس اھو ڪمال گھري سوچ، فھم ۽ گھڻ گھري مطالعي جو آھي.
فيض احد فيض شاعريءَ جي خوبصورتيءَ تي ڳالھائيندي پنھنجي ھڪ مضمون ۾ لکيو آھي تہ: ”سھڻو شعر اھو آھي، جيڪو نہ فقط فن جي معيار تي پر زندگيءَ جي معيار تي بہ پورو لھي سگھي“.
ڇڏيو عشق حضرت آ رولاڪ رڻ ۾،
اسان سُور تنھن جا سر تي کڻياسين.
تخليقي صنفن جي تشريح ڪري سگھجي ٿي، جڏھن خيال پاڻ لکڻ لئہ مجبور ڪن. شاعري پڙھڻ سان، اُن جي تشريح لکڻ لاءَ آڱريون پاڻھي حرڪت ۾ اچن ۽ پين ۽ پنو پنھنجو ڪم شروع ڪري ڏين.
ايم بي سائينءَ جي شاعريءَ ۾ اھا ترنم موجود آھي، جيڪا ازخود قلم کي ڪاڳر تي جھومائي.
سندس شعر چاھي اھي غزل جي صورت ۾ ھجن يا نظم جي صورت ۾ اُھي رمزيت، موضونيت ۽ غنايت سان ڀرپور ۽ ٽمٽار ملندا. اھا سندس شاعريءَ جي سُندر ۽ انوکي خاصيت آھي جيڪا ويتر شاعريءَ کي خوبصورت بڻائي پيش ڪري ٿي.
گيت سريلو ڳاءَ،
محفل کي ڪو مچاءَ،
پيرن ۾ پازيب تون پاءَ.
وسڪئ جذبا آهن ڇيڙيا،
ساگر کي ڇلڪاءَ،
پيرن ۾ پازيب تون پاء.
آھين سمورو درد اگر،
سل تون ڪين لڪاءَ،
پيرن ۾ پازيب تون پاء.
منهنجو ھئ جيون آ تولئ
ھيڪر سيني لاءِ
پيرن ۾ پازيب تون پاءَ.
روئندي ھن رولاڪ پنهنجي کي،
راڻي تون ريجھاءَ،
پيرن ۾ پازيب تون پاءَ.
وائي سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف آھي، جنھن ۾ پڻ ايم بيءَ جي قلم بخوبي نڀايو آھي. سندس وائيءَ صنف ۾ حسناڪيت سان ڀرپور شاعراڻو رس ۽ چس سمايل آھي.
سندس بنيادي تخيل کي اگر وڏي غور فڪر سان پڙھجي تہ سندس ٻوليندڙ ڏات ماڻھپي کي ادراڪ ۽ زنده دل تحرڪ معلوم ٿيندي. سندس سڄي تخيل ۾ ادراڪ، تخيل جي تعميراتي رمز ۽ شعوري ارادي جي عڪسيت پسي سگھجي ٿي.

محمد يعقوب ڏاھري.
08 نومبر جي خاموش رات،
وقت: 09:10 منٽن تي
لکي پورو ڪيل.
 
Back
Top