پکين جي دنيا جي هڪ سهڻي ساهدار ڦوسڙي جون منهنجي گهر ۾ آباديون آصف رضا موريو منهنجي فارم هائوس ۾ ڦوسڙين جي توڙي جو گهڻي آبادي ڪونه آهي پر ان جي باوجود ڏهه پندرنهن مختلف قسم جون ڦوسڙيون روز نظر اينديون آهن جيڪي سريلا آواز ڪڍندي گهمندي ۽ اڏرندي منهنجي گهر کي خوبصورتي بخشينديون رهنديون آهن. مان انهن جو ٿورائتو آهيان جو اهي منهنجي گهر کي ان قابل سمجهندي ڪيترن ئي سالن کان هتي آکيرا ٺاهيندي پنهنجي نسل وڌائينديون رهن ٿيون. چهچ ڪارڙيون، ڪريمي ۽ ڀورڙي رنگ واريون خوبصورت ڦوسڙيون جهرڪي جيتريون يا وري ان کان به ٿوريون ننڍڙيون ٿين ٿيون جيڪي هن ڪائناتِ رنگ و بو جو هڪ سريلو ۽ سهڻو حصو آهن. هي پکي جنگلن، باغن، فصلن ۽ انساني آبادين جي ڀرپاسي ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي جتي وڻن، سرن، ٻوٽن، پٿريلي ماڳن ۽ ميدانن ۾ پنهنجي پڇ سان هيٺ مٿي سلاميون ڏيندي ڀرڪا کائيندي گهمندي وتندي آهي. هن من موهڻي هوائي زادي ساهدار جون آباديون دنيا ڀر ۾ موجود آهن پر پاڪستان، ڀارت، ڀوٽان، نيپال، افغانستان، ڪشمير، بنگلاديش ۽ سري لنڪا جي هر علائقي ۾ هي جهجهي تعداد ۾ رهن ٿيون جتي کيس نالانچي، دايال، ڪڪوري، پڻ ڪريٿا پڻ سڏيو وڃي ٿو جڏهن ته انگريزي زبان ۾ ان کي رابن سڏيو ويندو آهي. ڦوسڙيون گهڻو تڻو کيڙا مڪوڙا کائينديون آهن پر جڏهن سندن ٻچڙا پرورش هيٺ هوندا آهن ته ڏيڏرن ۽ ڪرڙين جا ننڍڙا بچا به ڳهي وينديون آهن. فوسڙين جو سمورو ڏينهن ڪينئن جي پٺيان ڊوڙندي گزري ويندو آهي جڏهن ته شام ڌاري روشني طرف ڪشش سبب ايندڙ مختلف ريڙهيون پائيندڙ ۽ اڏامندڙ ڪيڙا سندن پسنديده خورڪ ٿين ٿا. ڦوسڙيون پنهنجي دنيا ۾ آزاد ۽ مگن رهڻ وارو پکين منجهان آهي جيڪو مختلف جاين جڳهن وڻن ٽڙن تي لامارا ڏئي پيٽ پوڄا ۾ رڌل نظر ايندو آهي. هي سنهڙو سيپڪڙو پکي رهڻ واسطي گهر آکيري جي خفي ۾ پوي ئي ڪونه پر بچا ڄڻڻ جي موسم ۾ پنهنجي نسل جي اضافي لاءِ مختلف گاهن، ٻوٽن جي پاڙن جي تيلن ۽ کجين جي کاٻر وغيره سان گول پيالي جهڙا تمام سهڻا آکيرا ٺاهيندو آهي. سندس آکيرا پنهنجو پاڻ ۾ هنرمندي، تيڪنڪ، ڏاهپ ۽ خوبصورتي جو الڳ جهان ٿين ٿا جن کي ٺاهڻ ۾ ٻچڙن کي دشمنن کان بچاو جو پورو ماحولياتي تحفظ پڻ رکنديون آهن. ڦوسڙيون جيڪي آکيرا وڻن ۽ ٻٽن ۾ ٺاهن ٿيون اهي مٿان کليل پر وڻن جي پنن ۾ لڪل ۽ ڍڪيل ٿين ٿا پر اهي جيڪي آکيرا وڻن ۾ يا پن ۾ ٺاهينديون آهن اهي سندن هنرمندي جو ڀنڊار ٿين ٿا جن اهڙي نموني جوڙينديون آهن جو هيٺان صرف پاڻ اندر وڃي سگهن. فوسڙي جو نر لاڳ جي موسم ۾ گهڻو رومانٽڪ ٿئي ٿو ۽ هو پنهنجي ماده کي لڀائڻ جي چڪر ۾ رقص ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پرن ۽ چهري کي استعمال ڪندي مختلف تاثر ڏيندي ادائون ڏيکاريندي ان جي چوڌاري ڦرندي اڏارون ڀريندو رهندو آهي. سندس انهن مڌر ۽ پياري حرڪتن ۾ پنهنجي ساٿي ماده کي راضي ڪرڻ سان گڏ ٻين نرن کي ڀڄائڻ ۽ ويجهو نه اچڻ جون تنبيهون پڻ شامل هونديون آهن جو ڦوسڙي جي لڳ واري ماحول ۾ اڪثر نر وڙهي به پوندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ موجود ڦوسڙين جي تمام جاتين کي پنهنجا تور ڏيڻ لاءِ ڊسمبر ۽ سيپٽمبر مهينن جو سردين وارو موسم ڀائنبو آهي جڏهن ته مئي، اپريل ۽ جون جي مهيني ۾ به اهي آنا لاهينديون آهن. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ڦوسڙيون الڳ الڳ مهينن ۽ موسمن پٽاندر لڳ ڪنديون آهن جهڙوڪ سريلنڪا ۾ سندن لاءِ افزائشِ نسل جو بهترين وقت مارچ کان جون يا وري آگسٽ کان سيپٽمبر تائين هوندو آٿن. اهڙي ريت ڀارت جي ڪجهه حصن ۾ به اهي سيپٽمبر، ڊسمبر، مارچ ۽ جون جي مهينن ۾ آکيرا جوڙي آنا لاهينديون آهن. فوسڙيون آکيرا رڳو پنهنجي نسل وڌاڻ لاءِ ٺاهينديون آهن جيڪي گهر جي پهاڙين ۾، جاين جڳهن ڀتين جي سوراخن ۾، وڻن جي پورن ۾، سرن، ٻوڙن، گهاٽي ٻوٽن ٻوڙن ۾، ڪچن گهرن جي ڇت ۾ پيل شهتيرن ۽ پٽين جي وچ ۾ بچيل وٿين ۾ ۽ ايتري تائين جو رنڌڻي ۽ مارنگن ۾ به هنرمندي سان آکيرا ٺاهي ڦوسڙيون اڇڙا ڪريمي پر سائي، ناسي ۽ ڦڪي رنگ سان چهٽيل چٽڪائي رنگ جا ٽي يا چار آنا لاهينديون آهن جن تي آرو به مادي پاڻ ڪندي آهي. انهن آنن مان ڏهن کان ٻارنهن ڏينهن تائين آنا ڦوڙي اندران ٻچا نڪري ايندا آهن جن کي نر ۽ مادي ٻئي چوڳو ڏئي پرورش ڪندا آهن مگر اڪثر ڪري نر ٻچن لاء آندل غذا پهريان مادي جي حوالي ڪندو آھي جيڪا پنهنجي حصي جو ونڊ ڪڍي آکيري ۾ موجود ٻچن کي پڻ پنهنجي حساب سان کارائيندي آهي. جڏهن ٻچڙا اڏامڪ ٿيندا آهن ته پنهنجو آکيرو ڇڏي خدا تعالا جي هن خوبصورت ۽ وسيع ڪائنات جو حصو ٿي ويندا آهن. مون پنهنجي فارم هائوس ۾ ممڪن حد تائين ٻوٽن، ٻوڙن، وڻن جو سوين قسمون رکيون آهن جن ۾ پکين لاءِ هر قسم جي ڪشش هوندي سون جي تعداد ۾ نه رڳو مختلف پکي پکڻ ايندا رهن ٿا پر هتي رهڻ کائڻ، پيئڻ سان گڏ لڳ ڪن ڪري آکيرا ٺاهي نسل پڻ وڌائيندا رهن ٿا تن ۾ ڦوسڙين جو به چڱو انگ شامل آهي. منهنجي فارم هائوس ۾ ڀورڙي مادي ۽ ڪارڙي نر ڦوسڙين جي ٺاهيل هڪ آکيري ۾ انهن جي ٽن چهچ ڪارڙي ٻچن سان سيلفيون ڪڍرائڻ جو سرور ۽ سڪون صرف مان ئي ڄاڻي سگهان ٿو.