ملڪ جو وڏي ۾ وڏو غيرقانوني منصوبو بحريه ٽائون ڪراچي...آصف رضا موريو

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    6 جون جو ڌرڻو، ڪجهه ضروري وضاحتون ۽ زميني حقيقتون
    بحريه ٽائون ڪراچي جو مالڪ ملڪ رياض پنهنجي انتظاميه ذريعي گزريل ڏهاڪي سالن کان ملير واسين لاءِ راڪاس برڙ باڪاس جي خصوصي صورتحال جوڙيندي جمله سنڌ واسين لاءِ سماجي، جاگرافيائي ۽ زميني استحصال ڪندي پيسي، طاقت، سياسي حرفتين جي آشيرواد ۽ ڪجهه طاقتور سرڪاري ادارن جي ڳٺ جوڙ سان غيرقانوني، غير آئيني ۽ غيرانساني روين جو استعمال ڪندو رهيو آهي جنهن جي خلاف نه رڳو ملير جي علائقن جا متاثرين پر مجموعي طور تي سنڌ واسي عدالتن سان گڏ بيشمار سرڪاري ادارن جا دروازا کڙڪائيندا رهيا آهن. مجاز سرڪاري ادارن توڙي عدالتن (جنهن ۾ ملڪ جي اعلا عدالت سپريم ڪورٽ پڻ شامل آهي) طرفان هن منصوبي کي غيرقانوني ۽ ناجائز هجڻ جي آيل فيصلن جي باوجود وڏي هٺ ڌرمي سان ان منصوبي جا ڪرتا ڌرتا وڌائي ويجهائي رهيا آهن جنهن جي خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي طرفان تمام پارٽين کي 6 جون يعني اڄ بحريه ٽائون جي خاص دروازي اڳيان احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي.
    قريبن ٽي هزار اٺ سو اسڪوائر ڪلوميٽر جي پکيڙ ۾ واقع ڪراچي شهر سنڌ جي گادي جو هنڌ، پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر ۽ ڌرتي تي ٻارهون وڏو شهر پر دنيا جو ڇهون خطرناڪ ترين شهر مڃيو وڃي ٿو جنهن جي ملير ضلعي جي هڪ وڏي پکيڙ ۾ بحريه ٽائون نالي جديد دنيا جي مڪروهه ڪالونائيزيشن ذريعي اتان جي مقامي آبادين سان اجتمائي استحصال جا سوين سلسلا جوڙي نه رڳو انهن جي صديون پراڻي وستين، تاريخي ماڳ مڪانن، پاڻيءَ جا وهڪرن، زرخيز زمينن، آبادين، باغن، ٻيلن، ڌرمي آستانن، جهڳن، اسڪولن کي ميسارڻ سان گڏ قبرستانن کي پڻ بلڊوز ڪيو وڃي ٿو پر سنڌ جي عوام کي وڌيڪ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي نئين سر هڪ خطرناڪ شروعات ٿي رهي آهي.
    6 جون گريگوريئن ڪيلينڊر جو 157 ڏينهن جنهن کي پٺيان 208 ڏينهن سال جي پوري ٿيڻ تائين رهن ٿا. ان ڏينهن کي D ڊي جي نالي سان پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو جو سومر 6 جون 1944ع ڌاري ٻي جنگ عظيم دوران مغربي اتحادين آپريشن اوورلورڊ شروع ڪندي نارمنڊي تاريخ جو سڀ کان وڏو سامونڊي حملو ڪيو هيو جنهن سان نازي جرمني تي اتحادين جي فتح جو بڻياد رکڻ لاءِ جرمني مان مقبوضه فرانس جي آزادي جي شروعات ٿي. مان اڄ واري هن ڏينهن کي به ماضي واري ان D ڊي سان ڀيٽيندي دعا ڪيان ٿو ته سنڌ جي پرامن ماڻهن کي به اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجي حقن جي حاصلات ۾ ڪاميابي حاصل ٿئي جوسنڌي ماڻهن جو هڪ وڏو انگ جيڪو سنڌ ۾ رهندڙ تمام اصلوڪي آبادين جي نمائندگي ڪري رهيو آهي سو ٻيو ڪو حيلو وسيلو نه ڀائيندي پنهنجي زميني، تهذيبي ۽ جغرافيائي حقن جي استحصال خلاف سال جي گرم ترين ڏينهن ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ لاءِ ڪٺو ٿي رهيو آهي.
    مليرڪراچي جي اترئين حصي ۾ واقع آهي جنهن کي 14 آگسٽ 2001ع ۾ ضلعي جو درجو ڏنو ويو هيو. ملير جو مطلب سرسبز وادي يا زرخيز علائقوآهي پر ان علائقي کي اهو نالو ملير ندي جي ڪري پيو هوندو. ملڪ جي آزادي وقت سنڌين، گبول ۽ ڪلمتي بلوچن جا ان علائقي ۾ هواداري، سرسبز زرعي زمينن، مختلف ميون جي فارمن، ڀاڄين ۽ شاداب فصلن چهچيل ننڍا ننڍا ڳوٺ آباد هوندا هيا پر وقت سان گڏ پاڻي جي قلت سبب زمينن کي رهائشي علائقن ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو جنهن سان نه رڳو زرعي زمينون بنجر ٿي رهيون آهن پر خشڪ سالي ماحولياتي، فضائي ۽ زميني آلودگي ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي. ان سان گڏ ملير جي معاون خشڪ درياهن جي پيٽ مان واري ۽ بجري ڪڍڻ جا سلسلا پڻ ڪيترن سالن کان جاري و ساري هئن ڪري پاڻي جي گهٽتائي جو سبب بڻجي رهيا آهن. ملير ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان آلودگي جا ڍير پڻ آڻي ڦٽاڪيا وڃن ٿا. ان کان علاوه سيوريج جو پاڻي پڻ زميني جر کي آلوده ڪندو رهي ٿو جيڪو مقامي آبادين کي پيٽ جي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ڪندو رهي ٿو پر مڇرن جي اضافي سبب پراسرار چکنگنيا وائرس پکيڙڻ جو سبب بڻجي ٿو.
    2015ع ۾ ڪراچي جي اترئين مضافات ۾ پاڪستان جي هڪ وڏي اڏاوتي ڪمپني جڏهن پنهنجي وڏي ۾ وڏي رهائشي منصوبي بحريه ٽائون ڪراچي کي اڏائڻ جي شروعات ڪئي جنهن جي ايراضي موٽر وي کان قريبن 46000 ايڪڙ يعني 72 مربع ميل (19000 هيڪٽر) آهي ته مقامي آبادين منجهان ڪجهه ساڃاهه وند ماڻهن ان خلاف سرڪاري ادارن ۾ شڪايتون درج ڪرائڻ سان گڏ عدالتن جو دروازو پڻ کڙڪايو ته “سندن قديم آبادين جون ايراضيون ۽ زمينون غيرقانوني طور تي ڦٻايون پيون وڃن”.
    عوامي شڪايتن کي سامهون رکندي 2015ع ۾ ٿيندڙ هڪ سرڪاري اجلاس ۾ پاڪستان رينجرز پڌرو ڪيو ته “بحريه ٽائون کي سنڌ حڪومت 44،000 ايڪڙ ايراضي الاٽ ڪئي آهي”. جڏهن ته نه رڳو اها رڪارڊ ۾ تمام گهٽ هئي پر رينجرز وارن جي بيان جي الٽ بحريه ٽائون انتظاميه پنهنجي رپورٽن ۾ ڄاڻايو ته “اها زمين انهن مقامي ماڻهن کان ورتي آهي”. هڪ عبوري حڪم تحت عدالتِ عاليه فيصلو صادر ڪيو ته “ملير ترقياتي اٿارٽي بحريه ٽائون ڪراچي واري زمين غيرقانوني طور تي الاٽ ڪئي هئي” عدالت سنڌ حڪومت کي پڻ منع ڪئي ته “بحريه ٽائون کي وڌيڪ زمين الاٽ نه ڪئي وڃي”.
    1 آگسٽ 2016ع تي سپريم ڪورٽ جي هڪ حڪم تحت بحريه ٽائون ڪراچي ۽ ملير ڊولپمنٽ اٿارٽي کي 5786 ايڪڙن تي ترت بنيادن تي ڪم روڪڻ جو حڪم ڏنو هيو جو اها زمين بحريه ٽائون کي غيرقانوني طور تي الاٽ ڪئي وئي هئي. سپريم ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) کي به ان سلسلي ۾ هڪ مهيني اندر پنهنجي تحقيقات مڪمل ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو هيو.
    2018ع ۾ سپريم ڪورٽ بحريه ٽائون ڪراچي جي تحقيقات جو فيصلو ڪندي زمين جي حصول جي طريقي ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلين جو حوالو ڏيندي واضع چيو ته “حڪومت سنڌ ۽ ملير ڊويلپمنٽ اٿارٽي وڏي پيماني تي ڏانڏلي ڪندي بحريه ٽائون کي غيرقانوني طور تي هڪ وڏي ايراضي الاٽ ڪئي آهي”. ڏهن مهينن کان پوءِ 21 مارچ 2019ع سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن جي بينچ کي بحريه ٽائون طرفان عدالت ۾ 4 مئي 2018ع جي فيصلي تي عمل درآمد لاءِ 460 ارب روپين جي پيشڪش ڪئي جنهن کي قبول ڪندي سپريم ڪورٽ ڪندي آرڊر ڪڍيو هيو ته “ان رقم مان 25 ارب روپيا بحريه ٽائون کي آگسٽ 2019ع تائين پهرين قسط طور ادا ڪرڻا پوندا جڏهن ته سيپٽمبر 2019ع کان پوءِ ٽن سالن تائين هر مهيني 2.25 ارب روپين جو قسطون ادا ڪرڻيون هونديون. انهن مان جيڪڏهن ٻه قسطون به بحريه وارن جمع نه ڪرايون ته کين ڊيفالٽر سمجهيو ويندو. فيصلي جي شرطن مطابق سپريم ڪورٽ انهن جي مجوزه ايراضي 24571 ايڪڙن منجهان رڳو 16896 ايراضي کي قانوني قرار ڏنو جڏهن ته بقايا 7675 ايڪڙن واري غيرقانوني ايراضي تي به بحريه ٽائون وارا بعد ازان ڪم هلائيندا رهيا.
    بحريه ٽائون خلاف دائر هڪ پٽِشن جي ٻڌڻي ۾ ٻن ججن تي مشتمل بينچ ۾ جيڪا جسٽس خادم حسين شيخ جي سربراهي ۾ ٿي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر (ڊيزائن ۽ ڪمپلين) پڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهي ڏيندي چيو ته “بحريه ٽائون ڪراچي ۾ تمام تعميراتي سرگرميون غيرمجاز ۽ غير قانوني آهن جڏهن ته سندن “بحريه گرينس” منصوبي لاءِ به اٿارٽي کان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ ڪونه ورتو ويو هيو جيڪوايس بي سي او 1979 جي سيڪشن 5 تحت ضروري حاصل ڪبو آهي. طارق اشتياق پڻ پنهنجي وڪيل خواجه نويد احمد ذريعي عدالت ۾ درخواست ڏني ته “بحريه ٽائون وارن متعلقه حڪام جي منظورکان بغير “بحريه گرينس” منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن لاءِ انهن وٽ ايراضي به ڪونه آهي.
    اٿارٽي وارن اهو به واضع ڪيو ته “ آگسٽ 2014ع ۾ مليرڊولپمنٽ اٿارٽي ذريهه 4،696.685 ايڪڙ ايراضي جو منصوبو جاري ڪيو ويو هيو جنهن لاءِ بحريه ٽائون انتظاميه هڪ نظر ثاني شده اين او سي جاري ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي جنهن جي تڪميل نه هئڻ سبب ان تي غور نه ٿي سگهيو هيو. عدالت عاليه پنهنجي 14 جنوري 2018ع واري فيصلي ۾ ڪراچي ۾ ڇهه ماڙ کان مٿي جي اڏاوت تي پابندي عائد ڪئي هئي جنهن جو اطلاق بحريه ٽائون تي پڻ ٿئي پيومگر اهڙن فصلن جي ڀڃڪڙي ڪندي بحريه ٽائون ۾ ڇهه ماڙن کان مٿي اڏاوتون ٿي رهيون آهن. مختلف عدالتن، ادارن ۽ نيب ۾ انڪوائريون هلندڙ هئڻ جي باوجود بحريه ٽائون (پرائيويٽ) لميٽيد اين بي سي اي ۽ ٻين مجاز اختيارين طرفان جائز منظوريون ۽ اين او سي حاصل ڪرڻ کان سواءِ ئي ڪئي منزله عمارتن ۽ بنگلن جي اڏاوتون ۽ تعميراتون جاري رکندو آيو آهي.
    بحريه ٽائون ۾ هلندڙ تمام تعميراتي سرگرميون ايس بي سي اي جي بلڊنگ پلان منظوري حاصل ڪرڻ کان سواءِ هلنديون رهيون آهن جن لاءِ بحريه ٽائون کي 20 نومبر 2018ع ۾ هڪ نوٽيس پڻ موڪليو ويو هيو جڏهن ته ايس بي سي اي جي قانوني سيڪشن جي ذريعي جانچ پڙتال کان پوءِ عام ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ 28 نومبر 2018ع تي اخبارن ۾ به ان سلسلي ۾ هڪ عوامي نوٽس شايع ڪرايو ويو هيو.
    بحريه ٽائون هڪ تمام وڏوي شهر جو منصوبو آهي جنهن ۾ رهندڙ آبادين جي ضرورتن پٽاندر برسات جو پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ ٻارنهن ننڍا ڊيم پڻ تيار ڪرايا ويا آهن جن ۾ گذريل برسات جي موسم ۾ 167.6 ملين گيلن پاڻي جو ذخيرو ڪيو ويو هيو. ان کان علاوه دنيا جي وڏي ۾ وڏي مسجد، دنيا جي ٽيون وڏي ۾ وڏو ڪرڪٽ اسٽيڊيم، چار سو فٽ وڏا ويڪرا روڊ، ڪي اليڪٽرڪ جي اشتراڪ سان ڪميونٽي ڪوئلي سان هلڻ وارا ۽ ايل اين جي سان بجلي پيدا ڪرڻ وارا پلانٽ، گالف ايسوسيئيشن امريڪا جي تعاون سان 36 گولن وارو شاندار گولف ڪورس، فارم هائوس ۽ رهائشي پلاٽ وغيره وغيره. هڪ ملين کان وڌيڪ آبادي واري هن شهري منصوبي واري بحريه ٽائون کي ڪراچي ميٽرو بس روٽ ذريعي شهر جي چندريگر روڊ سان ڳنڍيو ويندو.
    هي منصوبو ڪنهن به صورت ۾ حق حلال سان ڪمائيندڙ ۽ شريف ماڻهن جي حيثيت کان مٿاهون آهي جنهن کي عام سنڌي رڳو ميوزيم جيان ٽڪيٽ ڀري ڏسڻ ويندو ۽ حرام ڪمائيندڙ طبقا اهڙي ريت عام سنڌي ماڻهن، هنرمندن، هارين، نارين جا حق ڦري اتي وڃي عياشيون ڪندا جيئن عربيه، غزني ۽ يورپ جون قومون بريصغير تي حملا ڪري ڪروڙين روپيا هتان ڦري واپس پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ وڃي عياشيون ڪنديون هيون جن کي هاڻي حاجي ۽ غازي سڏيو وڃي ٿو.
    پهرئين ڏينهن کان بحريه انتظاميه خلاف گڊاپ ۽ ڪاٺوڙي وستين جي مڪينن ۽ زمين مالڪن طرفان مزاحمت هلندي رهي آهي جيڪي ڪنهن به صورت ۾ نه رڳو پنهنجي وڏڙن جي آستانن، جاين ۽ جاگيرن تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيارنه آهن پر پنهنجي جائز موقف تان هٽڻ به کين گوارا ڪونه آهي جنهن ڪري آئي ڏينهن مقامي آبادين جون بحريه ٽائون جي نجي سيڪيورٽي محافظن سان مدڀيڙ ٿيندي رهندي آهي جنهن ۾ گهڻو تڻو پوليس ۽ انتظاميه پڻ پيسي ۽ طاقت وارن جو ساٿ ڏيندي نظر ايندي آهي. پنهنجي حقن لاءِ حاصلات لاءِ ڪن جي ڪانئرمانگرن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي پاداش ۾ پوليس طرفان پنج سو کان مٿي ڳوٺاڻن تي ايف آئي آر ڪٽيون ويون آهن.
    عدالتن جي فيصلن جي باوجود ملڪ رياض ۽ انهن جي ساٿارين جي ڪنن تي جونءِ به ڪونه ٿي رڙهي جو شايد اهي سڀئي ملڪ جي اعلا عدالتن کان به مٿاهان، ڏاڍا ۽ طاقتور آهن ان لاءِ ان مسئلي جو سدباب ڪرڻ لاءِ گڊاپ ٽائون ڪراچي جي ڳوٺ هادي بخش گبول ۾ جمع آل پارٽيز ڪانفرنس جو ڪٺ ڪٺو ٿيو جنهن ۾ بحريه ٽائون ڪراچي کي “غيرقانوني ۽ غير آئيني سمجهندي ۽ نوآباديات جي جديد شڪل” قرار ڏيندي حڪومتِ وقت کان ان جي اڏاوت تي بندش وجهڻ ۽ ان خطئه ايراضي کي اصلوڪي حيثيت ۾ واپسيءَ جو مطالبو ڪيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن واضع ڪيو ته“اهڙي غيرقانوني منصوبن کي سنڌ دشمن سمجهندي ايڪويهين صدي جي ڪولونيئل استعمار جي شڪل سمجهون ٿا جيڪا اڙهين صدي عيسوي جي استعمار کان به بدتر آهي ۽ عالمي سرمايه داري تي حملن جو حصو آهي”.
    حيرت انگيز طور تي هڪ ملڪ رياض کي سرخرو ڪرڻ لاءِ سنڌ توڙي پاڪستان جي بيشمار ادارن ۽ اڳواڻن پنهنجي منهن تي دانگي ملي چپن کي ملڪ رياض طرفان اڇلائيل هڏين سان سبي ڇڏيو آهي پر پنهنجي ڌرتي تي ٿيندڙ تاريخ جي هڪ وڏي استحصال کي روڪڻ لاءِ “اڃان ته رڻ گجي گجي” ڳائيندي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ساڃاهوند ۽ صلح پسند انسانن جا جٿا ڦڙي ڦڙي درياهه جيان بحريه ٽائون جي دروازي تي ڌرڻي لاءِ جمع ٿي رهيا آهن جن لاءِ ٻڌو آهي ته رياستي دلال پنهنجي ساٿارين جي سهڪار لاءِ رستا روڪ ڪرڻ جا بندوبست پڻ رکيا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو