• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نثري نظم عُنوان ؛ “آتش فشان“ ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
اي آتش فشان!
تون ڏاڍو ًپُرتشدد“آهين
تون “پُرامن“ ناهين!
مهرباني ڪري تون پنهنجي اندر مان
باھ جا اُلا ڪڍڻ بجاء
گلاب جا گل ٻاهر ڪڍندو ڪر…!
ڇو ته تنهنجي فطري اظهار تي
نورلهدي شاھ ۽ امرسنڌوءَ کي سخت اعتراض آهي
۽ هي سڳوريون ۽ سدوريون
جي ايم سيد جي پوڙهي پوٽي جلال شاھ کي به
“ ٿَوڪَو“ ۽ “لَوفر“ ٿيون چون
جنهن 70 سالن جي عليل اڳواڻَ کي
آنسو گيس ۽ سڌي فائرنگ وقت
ڪي درجن سوا سچار ماڻهو
کيس اسٽيج تان لاهي
ڪنهن محفوظ هنڌ ڏانهن کڻي پيا وڃن
ڇو ته اهڙن موقعن تي اڪثر اهڙا ليڊر
دشمنن هٿان مارايا به ويندا آهن!
سو اي آتش فشان…!
تون پنهنجي فطرت تبديل ڪر
ڇو ته نورالهد شاھ ۽ امرسنڌو
ڪنهن مبشر زيدي ۽ طلعت حسين سيد جيان
سچ نٿيون ڳالهائي سگهن
پر الٽو پنهنجي جهالت ۽ منافقت کي
تو مٿان مَڙهي
توکي اهو ٿيون چون
ته اي آتش فشان تون باھ جا اُلا ٻاهر نه ڪڍندو ڪر
ڇو ته اسان اياز ميلي ۾ پرامن ناچ جون قائل آهيون
۽ اسان “ پرامن“ ادبي ميلن ۾ صدارتن ڪرڻ جون
قائل آهيون
اسان نفيس ۽ نازڪڙيون
ڪنهن به “پرتشدد“منظر کي ڏسڻ
برداشت نٿيون ڪري سگهون
ها البته ڪي “پرتشدد“ منظرَ
اگر ڪن گبول ڳوٺ جي سنڌي ماڻهن
سنڌي نياڻين ۽ مائرن ڀينرن جا هجن
۽ انهن “پر تشدد “ منظرن ۾ اگر
بحريه ٽائون جا دهشتگردَ
هزارين سالن کان ويٺل سنڌي ماڻهن جا
گهر ڊاهي انهن تي بلڊوزر چڙهائي
سنڌي نياڻين جا پردا چاڪ ڪن
ته پو کڻي اهو “پرتشدد“ منظر سهي وڃبو
۽ کڻي سنڌي ماڻهن کي بي گهر ڪري
مٿن بحريه ٽائون جي
ملڪ رياض فورس جو تشدد کڻي سهي وڃبو
باقي بحريه ٽائون جي گيٽ کي ڊاهڻ جو منظر
هرگز هرگز قابل قبول ناهي
ڇو ته اسان ڏاڍيون نفيس مايون آهيون
۽ اسان کي بلاول زرداري سان
ملاقاتون به جاري رکڻيون آهن
۽ بلاول سان سيلفيون ڪڍي
فيسبڪ تي رکي انجواء به ڪرڻو آهي
۽ پنهنجا ادبي ميلا ملاکڙا
ناچ گانا
۽ صدارتون به بچائڻيون ناهن
سو اي آتش فشان…!
اميد ته تون هاڻ پنهنجي
“پرتشدد“ فطرت کي تبديل ڪري
“پرامن“ ٿي ويندين…!
۽ اندر ۾ بيٺل صدين جي باھ کي
گلاب جي گلن جي صورت ۾ ٻاهر ڪڍندين!
اميد ته تون هاڻ
“پرتشدد“ مان ڦري “پرامن“ ٿي ويندين!!
پروفيسرساجدسومرو
 
Back
Top