صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
هلو ديسَ جا ڀرجهلا ٿي ھَلو!
ھَلو؛ ڪاروان قافلا ٿي هلو!
هلو دشمنن لئه ڪا للڪار ٿيو؛
هلو ڪي ته اڄ ٿرٿلا ٿي هلو!
وطن جي مٽي ٿي سڏي پاڻَ کي؛
ٻَڌي سِرَ ڪَفنَ دادلا ٿي هلو!
هلو اڄ وطنَ وارثي ڪا ڪيو؛
وڏي دل ؛ وڏا حوصلا ٿي هلو!
هُو ڏاهر ۽ دودا سڏن ٿا پيا؛
هلو تن جا اڄ لاڏلا ٿي هلو!
هلو جنگ جوٽڻ ڪا تاريخَ جي؛
هلو عشق جا مرحلا ٿي هلو!
مُھن جي مٽي جو رکو ڪو ڀرم؛
هلو سنڌ جا سلسلا ٿي هلو!
هلوڪاڪ جي ماڪ ٿي ڪا وَسَو
هلو وَوڪَ ۽ ولولا ٿي هلو!
وَڄي ٿو طَبلُ جَنگ جو اڄ وري؛
ھَلو اڄ ته ڪي زلزلا ٿي هلو!
پروفيسرساجدسومرو
هلو ديسَ جا ڀرجهلا ٿي ھَلو!
ھَلو؛ ڪاروان قافلا ٿي هلو!
هلو دشمنن لئه ڪا للڪار ٿيو؛
هلو ڪي ته اڄ ٿرٿلا ٿي هلو!
وطن جي مٽي ٿي سڏي پاڻَ کي؛
ٻَڌي سِرَ ڪَفنَ دادلا ٿي هلو!
هلو اڄ وطنَ وارثي ڪا ڪيو؛
وڏي دل ؛ وڏا حوصلا ٿي هلو!
هُو ڏاهر ۽ دودا سڏن ٿا پيا؛
هلو تن جا اڄ لاڏلا ٿي هلو!
هلو جنگ جوٽڻ ڪا تاريخَ جي؛
هلو عشق جا مرحلا ٿي هلو!
مُھن جي مٽي جو رکو ڪو ڀرم؛
هلو سنڌ جا سلسلا ٿي هلو!
هلوڪاڪ جي ماڪ ٿي ڪا وَسَو
هلو وَوڪَ ۽ ولولا ٿي هلو!
وَڄي ٿو طَبلُ جَنگ جو اڄ وري؛
ھَلو اڄ ته ڪي زلزلا ٿي هلو!
پروفيسرساجدسومرو