بي اختياري اختيار!! سنڌ جي تاريخ اڃاري ٿر تي لکيل مضمون ۽ وڏن جا مثال هميشه کان زنده آهن. جيڪڏهن ڪو اڃايل ماڻهو پاڻي جي طلب ۾ اڃ تي قابو آڻڻ جي لاءِ ضرورت کان وڌيڪ پاڻي پئي ٿو ته کيس انهن لفظن طور ڄاتو وڃي ٿو ته شايد هي ٿر مان آيو آهي. ٿر جي رڻ پٽ ۾ پري پري تائين پاڻي جو ڪو وجود ئي نه آهي شايد ان ڪري ئي اتان جا مثال مشهور آهن. هلندڙ حالتن جي بنياد تي سڄو سنڌ ٿر جو مثال بڻجي چڪو آهي، فصل سڪڻ لڳا آهن جنهن سبب بک ۽ بدحالي ۾ لاڳيتو واڌ اچي رهي آهي. غريب هارين جي پيٽ پالڻ جو ذريعو زمين جي پوک ڪرڻ آهي، پاڻي نه هئڻ سبب غريب هاري فاقا ڪٽڻ تي مجبور آهن. آبادگار پاڻي نه هئڻ سبب سندن زمينون نا مناسب اگهن عيوض وڪرو ڪري رهيا آهن. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زرعي زمينن تي گهر اڏائي پنهنجي گذرسفر لاءِ اهي اڏايل جهوپڙيون پرديسن کي پئسن عيوض ڏئي رهيا آهن. جنهن علائقن ۾ ٽيوب ويل موجود آهن فقط اتان جا ماڻهو ئي زمين تي فصل آباد ڪري سگهن پيا. بازارن ۾ ٻاڄين جي کوٽ سبب اهي ابادگار پنهنجي مرضي جا اگهه جوڙي ڀاڄيون وڪرو ڪري رهيا آهن. ٻه سئو روپيا ڏهاڙي ڪمائڻ واري لاءِ زندگي جو گاڏو هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. پاڻي جي کوٽ سبب ڪيترائي ماڻهو بي روزگار ٿي ويا آهن، غربت ان حد تائين پهتي آهي جو بدحالي جا شڪار ٿيل ماڻهو نانگ ٿي وڃڻ جون دعائون ڪري رهيا آهن، ڇو ته نانگ کي زندهه رهڻ لاءِ مٽي کائيندو آهي ۽ مٽي جو ڪو اگهه نه آهي. سنڌ جو پاڻي ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي...؟ 1991 واري پاڻي ٺاهه موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ٿئي ها ته شايد اڄ سنڌ به غربت ۽ بدحالي واري ليڪي تي گهڻي حد تائين ضابطو آڻي سگهي ها. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻندڙ پنجاب، سنڌ ۽ سنڌين سان روايتي دشمني برقرار رکندي غير ضروري ڊيمن جا پيٽ ڀري سنڌ ڌرتي کي اڃ جي اونداهي ۾ ڌڪي رهيو آهي، جنهن جو ان کي ڪو به اختيار نه آهي. پنجان جي اها جبري راند شايد اتي جي حڪمرانن لاءِ صرف سنڌي عوام کي سنڌ سرڪار مخالف بڻائڻ جي شرارت هجي، پر انهن کي ان ڳالهه جو علم هئڻ گهرجي ته سنڌ جي پاڻي تي قبضي کانپوءِ بدحالي سبب ڪو به جاني نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار پنجاب جا واڳ ڌڻي هوندا. سنڌ جي پاڻي تي قبضي خلاف سنڌ حڪومت “ارسا” ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين وٽ دانهيو ته ان کانپوءِ ان مامري تي بحث جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيو جيڪو سنڌ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندڙ هيو ڇو ته سنڌ وٽ پنجاب جي ناجائزي جون واضح حقيقتون موجود آهن. بحث مباحثي جي ان سلسلي ۾ پنجاب پنهنجوگهرو تنگ ٿيندي ڏسي ناڪامي جي ڊپ کان اناپرستي جو مظاهرو ڪندي ڪالاباغ ڊيم جي ناڪام منصوبي جي مڙهه کي ڍال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪالاباغ ڊيم جهڙي منافق منصوبي کي ٻيهر جيارڻ جو مقصد سنڌ کي اهڙي تباهي ڏانهن ڌڪڻ آهي جتان سنڀلجڻ رڳو مشڪل نه پر ناممڪن پڻ بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پنجاب پاران چشما-جهلم لنڪ ڪئنال جو منهن کولڻ کان پوءِ سنڌ جي دريائن ۾ جيڪو نامناسب اڻپورو وهڪرو موجود آهي، ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کان پوءِ سنڌ جي واهن ۾ وهڪري بدران “ريت” هوائن ۾ اڏامندي ۽ هزارين مهاڻن جو جيئڻ ڏکيو ٿي پوندو. منافقي واري سوچ رکندڙ پنجاب کي ڊيم ٺهڻ واري مطالبي ۾ تڏهن هٿي ملي جڏهن سنڌ حڪومت جي اتحادين سنڌ سان غداري ڪندي سنڌ کي لٽڻ واري منصوبي جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ ڊيم ٺاهڻ سان گڏوگڏ زرعي ٽيڪس لڳائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. زرعي ٽيڪس لڳائڻ غريب هارين لاءِ ڪيترو خطرناڪ ثابت ٿيندو، ان جي ڪل شايد ان کان اڳ ڪنهن کي به نه هوندي جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف ايم پي ايز ۽ منسٽرز جنهن ۾ مراد علي شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، امداد پتافي ۽ ٻين ان جي نقصانن کي پڌرو ڪيو. جڏهن ٽن صوبائي اسيمبلين اهڙي منافق منصوبن خلاف ٺهراءُ منظور ڪيا ته پوءَ پنجاب ۽ غدار اتحادين کي ڪو به اخلاقي جواز نه ٿو جڳائي ته اهي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻن. جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ٿي ته پوءَ پورو سنڌ ڏڪار جي ور چڙهي سگهي ٿو ۽ پنجاب جي بي اختياري وارو اختيار استعمال ڪيو ته سنڌ پاڻي ڦڙي کان به محروم ٿي ويندي. عمران درويش سومرو
جواب: بي اختياري اختيار درويش ، توهان جي تحريرن ۾ دم آهي توهان جي اهڙي بهترين شيئرنگس جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: بي اختياري اختيار اڙي ادا ڪهڙي اهڙي ڳالهه آهي جنهن ۾ پنجاب بي اختياري وارا اختيار استعمال نه ڪيا آهن، ڀلا سنڌ جو ڏاهي ذوالفقار ڀٽي کي ڦاهي ڪهڙي اختياري تي اختيار ڪئي وئي، ۔۔۔ ڀلا ڀيڻ بينظير کي ڪهڙي اختياري تحت شهيد ڪرايو ويو۔ ڀلا سنڌ جا سڀ وسيلا ڪهڙي اختيار سبب وفاق جي پيٽ ۾ اڇلايا وڃن ٿا ۔۔۔ڀلا بنگالين جو قتلام ڪهڙي اختيار تحت ڪرايو ويو هو، ڀلا بلوچن جو قتلام ۽ بلوچن جي ڏاهي سورهيه بگٽي جو قتل ڪهڙي اختيار تحت ڪرايو ويو۔۔۔ ڀلا سنڌ جي ڏاهي جي ايم سائين کي عمر ڀر جي نظربندي ڪهڙي اختيار تحت ڪرائي وئي ۔۔۔؟ ٽوڙهي ڦاٽڪ 8 سنڌي شاگردن کي ڪهڙي اختيار تحت شهيد ڪيو ويو هو..؟ کوڙ سارا سوال آهن جي بي اختياري ۾ اختيار ڪيا ويا آهن ۔۔۔ اسين به ويچارا آهيون، هو بي اختياري اختيار استعمال ڪن پيا ۽ اسين اڃان به “ ته” ۾ ٻڏل آهيون۔
جواب: بي اختياري اختيار پاڻي جي شديد کوٽ متان پاڪستان کي اڌو اڌ نه ڪري وجهي مان ته سمجهان ٿو پنجاپ ان ته راضي آهي