صوفياڻو غزل نه ڪو انت آھي ، نه آھي ازل ڪو! نه ئي ڪا حياتي ، نه آھي اجل ڪو! خدا پاڻَ فطرت ۾ تحليل آھي! نه ئي ڪهڪشائن ستارن سڦل ڪو! خيالن وڏو ڪو خدا ڪير هوندو! خيالن سندو ئي خيالن بدل ڪو! اسان يار پنهنجا خدا پاڻ آھيون! مّلي ماڻھپي ۾ وڌو آ خَلل ڪو! ، نه پهريون نه پويون، رڳو انگ مان ئي! نه ظاھر نه باطن ، نه آخر اول ڪو! ڊھن ٿيون ٺھن ٿيون شيون سڀ جھان ۾! نه آھي جُفر ڪو ، نه آھي رمل ڪو! وجودن جو واڪو ، ڊڪي ٿو ڊسڙ ۾! نه گدلو ئي سَرُ ڪو، نه آھي ڪنول ڪو! ڦٽي ٿو سگهان مان،ڪڏھن ڀي ڪٿي ڀي! حياتي ته ڏيتي ۽ ليتي عمل ڪو! تسلسل سان جنمن ۾ جهاڳي پيو جو! وجودن جي جوھر جو آھي عمل ڪو! نه ڌرمن جي ھاڻي ضرورت رھي ڪا! صدين جي سفر مان سکيو آ عقل ڪو! نه ساجد نه مسجود ، باقي رھي ٿو! ڏسون ارتقا جو ارادو اٽل ڪو! پروفيسر ساجد سومرو