غزل اسان کان اسان کي وِڃائي ڇڏيو آ حياتي حِصن ۾ وِرهائي ڇڏيو آ اکين ۾اسانجي وَهن ٿيون نَديون ڪي؛ سَمونڊَن ۾ سينو سَمائي ڇڏيو آ اسان تيز آنڌي ۾ ڄڻ ديپَ ها سين؛ هَوا زندگيءَ جي اُجهائي ڇڏيو آ گذاريون حياتي وٺي نانءُ ھُنَ جو ؛ زهر ۾ ڪو زم - زم ملائي ڇڏيو آ اسان ئي ته آهيون ؛ ازل ۽ ابد سڀ؛ خدا پاڻَ پردو هٽائي ڇڏيو آ صَليبن تي عيسيٰ بڻي ڄڻ چڙهيا سين؛ اسان جَهوڪَ ۾ سِرُ ڪٽائي ڇڏيو آ بقا ڪا جهان کي ڏنيون ٿا وڃون اڄ؛ اسان ارتقا کي اَڏائي ڇڏيو آ “کُٽَي جامُ انَ کان اڳي ڪو اَچوڙي“ متارن کي موکي چَوائي ڇڏيو آ ڪيو وقتَ کي اڄ اسان مُنجَمد آ اسان لامڪان کي چِڙائي ڇڏيو آ سڄي موجَ مستي جا خالق اسان ئي؛ نشن کي نشو ڪو چَڙهائي ڇڏيو آ اسان ۽ اوهان جا ختم “ فاصلا“ ٿيا؛ ڪو تعويذ اهڙو مَڙهائي ڇڏيو آ ڪفر جو نه حملو ڪري ڪوبه ڪافر؛ حُسنَ پاڪَ ڪلمو پڙهائي ڇڏيو آ. پروفيسرساجدسومرو