• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جا گهڙي يارَ سان مون گُذاري هئي....ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل
جا گهڙي يارَ سان مون گُذاري هئي!
سا گهڙي عمر ساري تي ڀاري هئي!
قومَ تَنهن کي مگر ، آ وساري ڇڏيو؛
جنهن وطن جي مٿان جان واري هئي!
خيالَ ھا، خوابَ ھا، ڪي ته احساسَ ھا؛
راھَ هئي ، مان هُيس ، رَهگذاري هئي!
رات جهاتي وڌي مون به تاريخَ ۾؛
روڄُ راڙو ھُيو - آھَ - زاري هئي!
حُسنَ چاڙهي ھُئي مون مٿان ڪا صَليبَ؛
عشق تُنهنجي عجب! طرف داري ھُئي!
سِرُ هَٿن سان ڏنو ، نيٺ رائَي ڏياچَ؛
راڳَ تنهنجي وڏي جان نثاري ھُئي!
ڳل - ڳراٽيون ڏئي ، ڀاڪرين جو پئي؛
جُونِ ۾ ڄڻ پئي برف باري ھُئي!
پروفيسرساجدسومرو
 
Back
Top