وقتَ ڪيئي ڄَڻيا حادثا راھ ۾....ساجد سومرو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    .غزل
    وقتَ ڪيئي ڄَڻيا حادثا راھ ۾
    مون به سانڍي رکيا حوصلا راھ ۾
    ڇانوَ گهربل ھئي ڪا ته انصاف جي؛
    مون به پوکي ڇڏيا معرڪا راھَ ۾
    همسفر ڪونه ھَو همنوا ڪو نه ھَو؛
    وڻ جيان پيا ڦُٽي سلسلا راھَ ۾
    پنڌُ ھَو پارڪرِ - مَنُ مٺيءَ ۾ هيو؛
    ٿَرَ اکين جَي رکيا ڇاڇرا راھ ۾
    دل ڪنواري هئي تن اَڇُوتَو هيو؛
    گهوٽ ھا ڪي رکيا گهاگهرا راھَ ۾
    ھُو ته فنڪار ھَو ويو سُرن ۾ مري؛
    ساز ويا سڀ رُلي ڌاڌرا راھَ ۾
    ڍنڍَ وئي ڄڻ سُڪي اک آلي نه ٿي؛
    وئي سُڪي ۽ سڙي ياترا راھَ ۾
    موتَ گهائَي ڇڏيا زندگي جا سڄا؛
    ڪاروان راھَ ۾ - قافلا راھَ ۾
    مڙس ڳاڙھو ھُيو زال ڪاري هئي؛
    سنگساري سان ھا ڪي دُرا راھَ ۾
    موت ڏي ٿو وڃي زندگي جو سفر؛
    ماڳَ - مارڳَ سڄا مرحلا راھَ ۾
    سمنڊَ آهي لکي وقت جي ڪا ڪَٿا؛
    تيز طوفان ھِنِ زلزلا راھَ ۾
    گڏ هليا سين ته ھا فاصلا ڪيترا؛
    پر جدا ٿي ويا فاصلا راھ ۾
    عشق ھَو پُرسڪون حُسن ھَو ڄڻ فُسون
    ھُنَ کڙا ھا ڪيا ٿرٿلا راھَ ۾
    پروفيسرساجدسومرو
    [​IMG]
    =AZUMfUs1pvvgxaohPGiyAvbqrKwCuAGemUVl65qZ0HlnOrAozykyHpsFj8YZx0cIPSgKZZz9_J-kOElEL33M_Mim6U4AosHuXAPhzljrSfvHNrXzd3p3FA0iHvJdkKQhTDA&__tn__=EH-R']
    =AZUMfUs1pvvgxaohPGiyAvbqrKwCuAGemUVl65qZ0HlnOrAozykyHpsFj8YZx0cIPSgKZZz9_J-kOElEL33M_Mim6U4AosHuXAPhzljrSfvHNrXzd3p3FA0iHvJdkKQhTDA&__tn__=EH-R']


    388Aijaz Ali Lashari and 387 others
    192 comments
    9 shares
    Like


    Comment

    Share
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو