صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
مان نه اَوتارُ ڪو - نا پَيمبرُ پرين!
مان ته ڌرتيءَ سَندو ڀِينڊُ - ڀِترُ پرين!
ڍَنڍَ جو مان پَکي - ساٿَ ۾ تون سَکي!
مان نه ثاني پرين! مان نه همسر پرين!
ڪنهن ڪنڀر جي بَٺي جيسين مونکي مِلَي؛
مان ته چِيڪي مٽي مان ته ڪمتر پرين!
ماڪَ ۾ مان وسان - خاڪَ ۾ مان رهان؛
تون ئي جوهر پرين - تون ئي مظهر پرين!
مان خَطائي پرين! تون عَطائي پرين!
مان ئي بَدتر پرين! تون ئي بهتر پرين!
چنڊُ تون ئي پرين! مان اُماوس پرين!
مان ثناگر پرين! تون ئي آڌرُ پرين!
تون ئي تون هرطرف تون ئي تون هر جڳھ
مان نه اولھ پرين! مان نه اوڀر پرين!
بت تراشو نه مان - بت شڪن ڀي نه مان
مان نه پٿر پرين! مان نه آذر پرين!
مان ته آلي مٽي - مان ته گارو ڪچو؛
مان نه سَونارُ ڪو - مان نه گوهر پرين!
مَحوِ - گفتار تون! دل جو ھَسوارُ تون!
مان نه تحريرَ ڪا - مان نه ڪاڳر پرين!
پروفيسرساجدسومرو
مان نه اَوتارُ ڪو - نا پَيمبرُ پرين!
مان ته ڌرتيءَ سَندو ڀِينڊُ - ڀِترُ پرين!
ڍَنڍَ جو مان پَکي - ساٿَ ۾ تون سَکي!
مان نه ثاني پرين! مان نه همسر پرين!
ڪنهن ڪنڀر جي بَٺي جيسين مونکي مِلَي؛
مان ته چِيڪي مٽي مان ته ڪمتر پرين!
ماڪَ ۾ مان وسان - خاڪَ ۾ مان رهان؛
تون ئي جوهر پرين - تون ئي مظهر پرين!
مان خَطائي پرين! تون عَطائي پرين!
مان ئي بَدتر پرين! تون ئي بهتر پرين!
چنڊُ تون ئي پرين! مان اُماوس پرين!
مان ثناگر پرين! تون ئي آڌرُ پرين!
تون ئي تون هرطرف تون ئي تون هر جڳھ
مان نه اولھ پرين! مان نه اوڀر پرين!
بت تراشو نه مان - بت شڪن ڀي نه مان
مان نه پٿر پرين! مان نه آذر پرين!
مان ته آلي مٽي - مان ته گارو ڪچو؛
مان نه سَونارُ ڪو - مان نه گوهر پرين!
مَحوِ - گفتار تون! دل جو ھَسوارُ تون!
مان نه تحريرَ ڪا - مان نه ڪاڳر پرين!
پروفيسرساجدسومرو