غزل جَلادن جَي آڏو نه گردن جُهڪي آ جَهڪي ٿي اسانجي نه ڪا سرڪشي آ هُو سرمد جي رَتُ سان مُنور ڳليون سڀ؛ ڀِنيءَ جَي بَدن جِي عجب مئڪشي آ درازا جو مڪتب اسان جي ڪهاڻي؛ انَ - الحق مَستي ؛ انَ - الحق مَڳي آ لڪيء جي پَهاڙن جا چشما اسان ئي؛ هُو سيوهڻ ۽ سَنُ ئي اسان جي بَٺي آ اسان آبشارن جا جِهرڻا ازل کان؛ هُو وَيدن جي واڻي اسان ئي چِٽي آ اسان ٿڌ - بڻجي بَدن ۾ لَهُون ٿا؛ اٺَي جي هَوا ڪا جڏھن ڀي لَٿي آ سمونڊن کي سانڍي بدن ۾ هلون ٿا: اسان ئي جزيرن تي ڪئي روشني آ سَڄيون ڪهڪشائون ڦُٽايون اسان ئي؛ اسان ئي ته کيتي ازل جي ڪئي آ نه “تون“ جي گنجائش هتي ٿي رهي ڪا “اسان ئي اسان هُون“ عجب بيخودي آ پروفيسرساجدسومرو