“غزل” لامڪان جو مڪان؛ ڪٿي ممڪن! .... ساجد سومرو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    غزل
    لامڪان جو مڪان؛ ڪٿي ممڪن!
    ڪو عدم جو نشان؛ ڪٿي ممڪن!
    دردَ کي ننڊَ ڀي هُجي ڪائي؛
    جاڳَ ۾ مان هُجان ؛ ڪٿي ممڪن!
    ماورا جَي زمان مڪان کان آ؛
    پَو خُدا جو مڪان؛ ڪٿي ممڪن!
    جي فنا ھِن ڪنڀارَ جا هٿَ ڀي؛
    پو بقا جو گُمان؛ ڪٿي ممڪن!
    صُورَ ڦُوڪي ڇڏي ملائڪ جَي؛
    پو هُجي ڪهڪشان؛ ڪٿي ممڪن!
    سَچُ زبان تي هُجي زماني ۾ ؛
    ڪو هُجي پاسبان ؛ ڪٿي ممڪن!
    جي سلامت نه آ سُکاڻي ڪو؛
    ناءُ جو بادبان؛ ڪٿي ممڪن!
    ڪنهن قضا جو ڌڻي ڪٿي ممڪن؛
    واءُ جو باغبان؛ ڪٿي ممڪن!
    در ڪهي تون اچين پُڇڻ مونکان؛
    مان هجان ناتوان؛ ڪٿي ممڪن!
    پروفيسرساجدسومرو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو