• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

”غزل“ ابتدا ۾ ڪير آهي ؟ انتها ۾ ڪير آهي...سجاد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل
ابتدا ۾ ڪير آهي ؟ انتها ۾ ڪير آهي؟
هن ادا ۾ ڪير آهي ؟ ھُنَ قضا ۾ ڪير آهي؟
جسمَ ۾ هي رقصُ ڪنهنجو رُوحَ ۾ ھُو عڪسُ ڪنهنجو؟
هِنَ ھُوا ۾ ڪير آهي؟ هُنَ فضا ۾ ڪير آهي؟
ساز ۽ آواز ڇاهي ؟ هي جُڳن جو راز ڇاهي؟
سڏُ - پڙاڏو نيٺ ڇاهي ؟ ھِنَ صدا ۾ ڪير آهي؟
لنتراني نيٺ ڇاھي ؟ قم - بلاذني نيٺ ڇاهي؟
لڪ - لڪوٽي نيٺ ڇاهي ؟ التوا ۾ ڪير آهي؟
روحَ جي تڪميل ڇاهي ؟ لفظَ جي تحويلَ ڇاهي؟
“همسفر“ ۾ ڪير آهي ؟ “همنوا“ ۾ ڪير آهي؟
استدعا جو فلسفو ڇا ؟ ۽ قبوليت نيٺ ڇاهي؟
هر دعا ۾ ڪير آهي؟ بد - دعا ۾ ڪير آهي؟
عشق جي ھُو سرڪشي ڇا؟حُسنَ جي هي بيحِسي ڇا؟
ھُو ندي جو وهڪرو ڇا ؟ ھي بقا ۾ ڪير آهي؟
وحدتن جو ڪثرتن ۾ هي ٿيڻ تحليل ڇاهي؟
دردَ ۾ ھُو ڪير آهي ؟ ۽ دوا ۾ ڪير آهي؟
ڪير ڪعبي جو ڌڻي آ ؟ ڪير ڪاشي جو ڌڻي آ؟
ھِنَ خدا ۾ ڪير آهي ؟ ھُنَ خدا ۾ ڪير آهي؟
اوم ساڳيو رام ساڳيو ۽ خدا ڀي نيٺ ساڳيو؛
مِينهَن ۾ هُو ڪير آهي ؟ ۽ گهٽا ۾ ڪير آهي؟
ميڪدي ۾ ڪير آهي ؟ ڪير آ دير و حرم ۾ ؟
هر جزا ۾ ڪير آهي ؟ هر سزا ۾ ڪير آهي؟
پروفيسرساجدسومرو

=AZVGCHESaPRktswcG47hBlmt9CtKOfAvO6S3NLNCYaeorvXHtYuGXkEgCxKQIh9vGhXfAhMp6ZSr2Fwetjs9OnIjWMmPjZzy1VoxyUnBabWuFDRJIXlaZjKbRcHSYvGE-Ds&__tn__=EH-R']
=AZVGCHESaPRktswcG47hBlmt9CtKOfAvO6S3NLNCYaeorvXHtYuGXkEgCxKQIh9vGhXfAhMp6ZSr2Fwetjs9OnIjWMmPjZzy1VoxyUnBabWuFDRJIXlaZjKbRcHSYvGE-Ds&__tn__=EH-R']


402Adv Muhammad Yaqoob Dahri and 401 others
137 comments
9 shares
Like


Comment

Share
 
Back
Top