لاڙ تي لڙيل اماس رات

'مختلف موضوع' فورم ۾ مير حسن منڌرو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2021۔

  1. مير حسن منڌرو

    مير حسن منڌرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 جون 2021
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    نيوي
    ماڳ:
    بدين
    لاڙ تي لڙي ويل اماس رات ۽ منھنجا احساس
    مير حس منڌرو

    اسان جي لاڙ ۾ جانم
    جڏهن ڪا شام ٿيندي آ
    اوهان جي ڳالھ ڇڙندي آ
    پراڻي ڳوٺ پنهنجي ۾
    وڻن جي ڇانو م ويهي
    ڇوڙي ڇڙواڳ زلفن کي
    جڏهن ڪا سانوري جانم
    اوهان جي پيار ۾ لکيل
    جڏهن ڪو گيت پڙهندي آ
    اوهان جي ياد ايندي آ
    اسان جي لاڙ ۾ جانان
    جڏھن ڪا شام ٿيندي آھي

    واھوندي ھوائن جھڙا خوبصورت احساس ۽ ڳوٺ جي مست ھوائن ۾ اپريل جي ھيء ڪاري رات جنھن ڌرتي تي اونداھي جي چادر وڇائي ڇڏي آهي. اپريل جي مھيني ۾ ڪونجون پنھنجي ملڪ موٽڻ شروع ڪنديون آھن ڏکڻ کان اتر طرف ويندڙ ڪونجن جي ڪرڪڻ جو آواز آسمان تي ڊوڙندڙ ڪڪرن مان اچي رھيو آھي.

    ننڊ جا نيرڳي اکين جي ڪينجھر کان ڪوھين ڏور آھن تازي ھوا جا جھونڪا وڻن مان سرٻاٽ ڪري منھنجي ڪنن جي پاسي مان گذري ھڪ ٿڌڙو احساس منھنجي من اندر ڇڏي ٿا وجھن. ھر ھوا جي سرٻاٽ سان منھجي سامھون بيٺل ڪنواري نم جون ٽاريون بہ ٽھلڻ لڳن ٿيون، ٿڌڙي ھوا جا جھونڪا ماضي جي ان منظر کي سامھون آڻيو بيھاريو ٿا ڇڏين جڏھن چنڊ جي چانڊوڪي ۾ سياري رت جي ھڪڙي رات ۾ ھوا جي جھونڪن ھن جي ذلفن سان ايئن پئي راند ڪئي جيئن بھار رت ۾ حيا جي شرم ٻوٽڙي سان تتليون راند کيڏنديون آھن. آئون اوطاق جي ٻاھران ڇنل کٽ تي ويھي پنھنجا ٽٽل خواب ميڙڻ جي جستجو ۾ رڌل آھيان، پرڪيف يادون منھنجي ڪل ملڪيت وڃي بچيون آهن ۽ اڄ بہ درد منھنجي اداس احساسن کي پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ ايندا آھن. ھي حسين راتون مونکي دنيا جي خفن کان ڏور وٺي ماضي گذاريل حسين پلن کي ياد ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون ۽ ٽٽل عڪس ۽ ڌنڌلا چھرا ياد ڏيارڻ ۾ منھنجي مدد ٿيون ڪن ۽ اھڙي طرح ماضي جي سندر يادن کي آئون ستارن تي لکي ڇڏيندو آھيان جيڪي آڌي رات جو پڙھي پنھنجي دل جي دردن کي ھلڪو ڪندو آھيان.

    سڏڪا سارون ٿي ويو آھيان
    تون بن آئون
    ڦارون ڦارون ٿي ويو آھيان
    تون بن آئون
    تون بن آئون ايئن آھيان
    جيئن ڪونج ولر وڇڙي
    لڙڪن لارون ٿي ويو آھيان
    تون بن آئون
    سڏڪا سارون ٿي ويو آھيان
    تون بن آئون

    حسرتون اميدن جي اوٽي تان معصوم پڻي جا ڏينھن گذاري ويون ڪو پتو ئي ڪونہ پيو حسرتن جا ھزارين خواب ٽٽل آھن ھزارين معصوم ۽ پياريون تمنائون بي احساسن جي ديس ۾ وکريل آهن جن کي ڪوبہ سميٽي مونکي پيار جي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لئہ تيار ناھي، دردن جي صحرا ۾ آئون اويلو مسافر بيابانن ۾ رلندي ڄڻ ساوڻي برسات جو منتظر ھجان. پرين جي پار کان ايندڙ ٿڌڙي ھير محبوب جي مھڪ سان واسيل ٿي محسوس ٿئي ۽ آڪاش ستارن جي جھرمٽ ۾ انتھائي حسين لڳي رھيو آھي، ستارن کي منھنجي لاحاصل محبت تي ڪاوڙ آھي مگر چنڊ اڃان بہ مونسان رھاڻيون ڪندو آھي ۽ چڪور جي اجائي اڏام تي کلندو رھندو آھي. پکي پکڻ بہ رات پوڻ سان ئي پنھنجي پنھنجي آکيرن ڏانھن موٽ کائي آرامي ٿي چڪا آهن ليڪن پريان بجلي جي تارن تي ويٺل چٻرو اڃان تائين ٻولي رھيو آھي ۽ اوطاق تي کٽ تي اگھور ننڊ ستل ھاري جي ننڊ ۾ مسلسل خلل وجھي رھيو آھي، جيڪو نه ڄاڻ ھينئر ڏينھن جي خفن کان واندو ٿي ڪھڙا خواب ڏسي رھيو ھوندو.
    پکي پکڻ جو آواز اچڻ بند ٿي ويو آھي لڳي ٿو رات پوري جواني تي پھچي چڪي آهي رستا ۽ گليون سنسان آھن ڪٿي ڪٿي ڪو کڙ کٻيتو راھ رلي ويل کي سڌو رستو ڏيکارڻ لئہ پنھنجي روشني آڇي رھيو آھي اماس رات جي اونداھي ۾ الھڙ نوجوان بہ ڪنھن واعدي جي موٽ ۾ سراپا انتظار ھوندا ۽ ساڳي ريت ڪي پوپٽي نگاھون بہ دنيا جي غمن کان بي غم ٿي ڪنھن الھڙ عشق جو شڪار ٿي ڪنھن جي ياد ۾ يا ڪنھن جي ٻانھن ۾ سرور ماڻينديون ھونديون. رات جا پاڇا ڪارا آھن ۽ دردن جون لڪيرون بہ ڪاريون آھن درد جڏھن ڪنھن جا ساٿي بڻجن ٿا تہ خوشين جا جنازا مڪلي جي ماٺار ۾ دفن ٿين ٿا ۽ ذھن مسافر ڪيٽي بندر کان ڪاڇي جو سفر ڪندي پنھنجا پير پٿون ڪري ٿا ڇڏين.

    اوچتو ڪتي جي ڀونڪڻ تي منھنجو ذھن منتشر ٿي ويو آئون الائي ڇا سوچي رھيو ھئس ڪافي وقت گذري چڪو آهي وقت کي واڳون ھڻڻ منھنجي وس ۾ ناھي وقت تيز ھرڻ جيان ڇلانگون ھڻندو وڃي ، رات بہ ھاڻي پوئين پھر طرف موٽ کائي رھي آھي آئون پنھنجي ماضي جي سرمستين ۾ مست ٿي ۽ يادن جون ڳٺڙيون کولي پنھنجي من جو بار ھلڪو ڪري رھيو آھيان ۽ منھنجي نيڻن مان لڙڪن جي قطار اڄ بہ سنڌو جي ڇولين جيان ڇلڪي پئي. مونکي منھنجي ڳوٺ جي فطرت وڻي ٿي ڳوٺ جي ٿڌري راتين جو ٺار پرسڪون ماحول آسپاس جا حسين منظر چلولايون ڪندڙ نگاھون وڏڙن سان ويھي ڪيل رھاڻيون ۽ ھڪجيڏن سان واھ جي ڪنڌيءَ ويھي ڏنل ٽھڪ اھو سڀ شيون مونکي منھنجي ڳوٺ جي طرف مائل ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون آهن وھائو تاري جي روشني تيز ٿي باک ڦٽڻ جو سڏ ڏي رھي آھي تارا سڄي رات جو سفر طئي ڪري صبح کي ويجھو پھچي چڪا آهن پر ھلڪي ھلڪي پرنور ۽ مدھم روشني واري چمڪ اڃان بي موجود آهي پاسي واري ڳوٺ مان ڪتن جي ڀونڪڻ جو مسلسل آواز اچي رھيو آھي ۽ ويجھي ڍنڍ مان ڪنھن ڪنھن ٽائيم ڪنھن گدڙ جي ڊنل اونائي بہ ٻڌڻ ۾ اچي پئي نم جي وڻ جي پتن مان ھوا سوسٽ ڪري نچڻ لڳي آھي واھ جي ڪنڌي تي بيٺل پوڙھي ٻٻر جي وڻ تان ڪاٺ ڪٽي جي مبھم کٽ کٽ ڪٽ ڪٽ جو آواز اچي رھيو آھي جيڪو ھن سنسان ماحول ۾ ايترو تہ مترنم پيو معلوم ٿئي ڄڻ ھوء پنھنجي چھنب سان وائلن وڄائي رھيو آھي. ڪاري رات پنھنجا پاڇا سھيڙي رھي آھي ۽ ھر طرف اڇ پکڙي رھي آھي پکين جون مٺڙيون لاتون ۽ تترن جون تنوارون ڳوٺ واسين کي سجاڳي جو سڏ ڏي رھيون آھن اوڀر طرف کان سج جي ھلڪڙي لالاڻ ڏينھن ٿيڻ جا اطلاع ڏي رھي آھي ۽ منھنجي اکين جي دريا ۾ ھاڻي ننڊ جا کيپ ڀرجڻ لڳا آھن دل تہ چوي پئي اڃان بہ گھڻو لکجي مگر رھي زندگي تہ ضرور لکبو يادون لکبيون سارون لکبيون درد لکبا تہ سور بہ لکبا آخر ۾ ايوب کوسي جي ھيٺين سيٽن سان موڪلاڻي ڪريون ٿا

    تون قول ڪنوارا ڏي مونکي
    مان خوابن جي تعبير لکان

    تون خاموشي ۾ ڇير وڄاء
    مان چانڊوڪي جا لڙڪ اگھان

    تون زلف ھٽائج چھري تان
    مان بڻجي توکي واء ڏسان

    ھي موسم ٿي پڙلاء وڃي
    مان بڻجي ڪوئي ديپ ٻران

    جو ڏنگ ھڻي اونداهي کي
    ۽ مھڻا ڏي تنھائي کي

    او عشق اشارا ڏي مونکي
    مان ٽانڊن جھڙي چيخ مٿان

    ڪا خوشبوء جي تاريخ لکان
    تون قول ڪنوارا ڏي مونکي

    مان خوابن جي تعبير لکان
    مان خوابن جي تعبير لکان

    آئون اوھان جو ساڳيو ڀڳڙاميمڻ جي پٽن جو ڄائو مير حسن منڌرو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو