جمھوريت جي علمبردار شھيد بينظير ڀٽو....!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    جمھوريت جي علمبردار شھيد بينظير ڀٽو....!
    فقير محمد سنڌي
    شھيد راڻي بينظير ڀٽو 21-جون 1953ع ۾ سنڌ جي مشھور سياسي خاندان ”ڀٽو خاندان“ ۾ پيدا ٿي. شھيد راڻيءَ 15 سالن جي عمر ۾ او ليول جو امتحان پاس ڪيو، اپريل 1969ع ۾ محترمه هارڊ ورڊ يونيورسٽي جي ريڊ ڪلف ڪاليج ۾ داخلا ورتي، بينظير ڀٽو هارڊ ورڊ يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيٽ ڪئي. ان کان پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين، جتان ان فلسفو معاشيات ۽ سياست ۾ ايم.اي ڪئي. ان دوران بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي صدر به رهي.
    بينظير ڀٽو شھيد برطانيه مان تعليم پوري ڪري ان خيال سان موٽي ته پنھنجي ملڪ جي خراجه پاليسي ۾ خدمتون ڏئي سگهي. جون 1977ع ۾ جڏهن محترمه ملڪ پھتي ته ٻه هفتن بعد ان جي والد محترم جناب شھيد ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت کي ختم ڪري جنرل ضياءُ الحق ان وقت حڪومت پنھنجي قبضي هيٺ آندي ۽ محترمه بينظير ڀٽو ان وقت جي آمر خلاف جدوجھد ڪندي رهي. 1981ع ۾ مارشل لا جي خاتمي ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي اتحاد ٺاهيو. 1983ع ۾ 14 آگسٽ کان ڀرپور جدوجھد شروع ٿي. 1984ع ۾ بينظير ڀٽو کي جيل مان رهائي ملي ۽ محترمه کي 2 سالن تائين برطانيه ۾ جلا وطن رهڻو پيو. جلاوطني دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي رهنمائون محترمه بينظير کي پارٽي جو سربراهه بڻايو. ملڪ مان مارشل لا ختم ڪيو ويو ته ان کان پوءِ 1986ع ۾ بينظير ڀٽو وطن واپسي ڪئي ته لاهور ايئرپورٽ تي ان جو بيمثال استقبال ڪيو ويو. بينظير ڀٽو 1987ع ۾ نوابشاهه جي اهم شخصيت حاڪم علي زرداري جي پٽ آصف علي زرداري سان رشتو ٿيو. ان کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي جدوجھد مسلسل جاري رکي.
    17-آگسٽ 1988ع ۾ جڏهن ان وقت جي حڪومت ختم ٿي ملڪ اندر سياسي ماحول پيدا ٿيو. ان وقت جي سينيٽ جي چيئرمين غلام اسحاق ملڪ جو قائم مقام صدر ٿيو ۽ ان 90 ڏينھن ۾ اليڪشن جو اعلان ڪيو. 16 نومبر 1988ع ۾ اليڪشن ٿي جنھن ۾ قومي اسيمبلي جي سڀ کان وڌيڪ سيٽون پيپلز پارٽي حاصل ڪيون ۽ بينظير ڀٽو 2 ڊسمبر 1988ع ۾ 35 سال جي عمر ۾ ملڪ ۽ اسلامي دنيا کي پھرين عورت وزيراعظم طور قسم کنيو. آگسٽ 1990ع ۾ 20 مھينن بعد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي. 2 آڪٽوبر 1990ع ۾ ٻيھر اليڪشن ٿي. جنھن ۾ نواز شريف وزيراعظم ٿيو ۽ 1993ع ۾ نئين اليڪشن ٿي جنھن ۾ وري به محترمه بينظير ڀٽو وري ڪامياب ٿي، 1996ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت برطرف ڪئي وئي، ان زوال ۾ جن ٽن ماڻهن جو هٿ هو، اهي ٽئي سندس آندل يا مقرر ڪيل هئا، جن ۾ صدر فاروق احمد لغاري، جنرل جھانگير ڪرامت ۽ جسٽس سيد سجاد علي شاهه شامل هئا. ان کانپوءِ محترمه مسلسل جلاوطن رهي.
    محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي ٻنھي دورن ۾ ملڪ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي جنھن ۾ هن 30 سيپٽمبر 1990ع تي آمريڪي حڪومت نيوڪلائي ڦھلاءَ تي پريسلر ترميم جو حوالو ڏيئي پاڪستان کي ملندڙ امداد کي رسمي طور بند ڪري ڇڏيو. محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي ڪوشش سان پاڪستان جي بقا لاءِ نه رڳو امداد بلڪه حقيقي طور خاص انداز ۾ ناڻي جي وهڪ واريءَ واڌ کي جاري رکڻ ۾ ڪامياب وئي. محترمه بينظير ڀٽو اسٽاڪ ايڪسچينج کي جديد بڻايو ۽ خانداني رٿابنديءَ جي ڪم لاءِ هڪ لک عورتن کي سکيا ڏني، ٽيھه هزار نوان پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول ٺھرايا جيڪو تعداد ٻن عھدن دوران اٺيتاليهه هزار اسڪولز تائين وڃي پھتو ۽ ان ڳالهه ته ٻارن ۾ پڙهائي واري شرح وڌائڻ جو سڀ کان ڪارائتو طريقو ماءُ جو پڙهيل لکيل هئڻ ضروري آهي. تنھن ڪري اسان کي خاص طور عورت کي سامھون رکندي کين فائدو ڏيندڙ تعليمي پروگرام شروع ڪيا.
    ڪمپيوٽر تعليم ۽ سافٽ ويئر ادارن کي متعارف ڪرايو. پوليو عالمي سطح تي پچائڻ لاءِ مسلسل جدوجھد ڪئي ۽ ڪافي ٻارن کي پوليو جي موذي مرض کان بچايو.
    1995ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو واشنگٽن کان مليل ڇٽيھه ڪروڙ اسي لک ڊالرن جي نئين فوجي هٿيارن ۽ سامان جي بندوبست سان موٽي آئي هئي. محترمه جي اڳواڻي ۾ فوجي ۽ پوليس عالمي امن رکندڙ جٿن واري مشن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳي. انھيءَ عمل سان انهن ۾ فخر ٿيو ته دنيا هنن جي عزت ڪري ٿي ۽ پاڪستان دنيا ۾ ٻين امن قائم رکندڙ وفدن ۾ سٺن وفدن مان هڪ آهي. محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن هوندي به ملڪ جي خدمت ڪندي رهي، نيٺ اٺ سالن جي جلاوطن ختم ڪري 18-آڪٽوبر 2007ع تي پاڪستان موٽي ۽ ڪراچي ۾ لکين ماڻهن هن جو استقبال ڪيو. بينظير ڀٽو جو قافلو شاهراهه فيصل تي مزار قائد طرف وڌي رهيو هو ته اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو جنھن م محترمه ڀٽو سلامت رهي پر ان ۾ 179 ماڻهو شھيد ٿيا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، شاعر سرمد چانڊيو چواڻي ته:
    ڦاهي مرڪي
    کاهي مرڪي
    مرڪيو آهه اکنڊ!
    جيئي جمھوريت جو چنڊ
    جيئي جمھوريت جو چنڊ
    ڪاڪ به مرڪي
    خاڪ به مرڪي
    مرڪيو گهوٽ گهمنڊ
    جيئي جمھوريت جو چنڊ
    جيئي جمھوريت جو چنڊ
    گهڻا مرڪيا
    داڻا مرڪيا
    مرڪيو آهه جنڊُ!
    جيئي جمھوريت جو چنڊ
    جيئي جمھوريت جو چنڊ
    ماڳ به مرڪيو
    ڀاڳ به مرڪيو
    مرڪيو پنھنجو ونڊ!
    جيئي جمھوريت جو چنڊ
    جيئي جمھوريت جو چنڊ
    چيٽ به مرڪيو
    کيت به مرڪيو
    مرڪيو آ سر کنڊ
    جيئي جمھوريت جو چنڊ
    جيئي جمھوريت جو چنڊ
    18- آڪٽوبر کان پوءِ به سڀني جا حوصلا بلند هيا ۽ رهيا ٿي محترمه بينظير ڀٽو ڪافي شھرن ۾ تاريخي جلسا پڻ ڪيا، جمھوريت جي علم کي اونچو ڪيو. 27 ڊسمبر 2007ع تي محترمه جو راولپنڊي ۾ تاريخي جلسو هو. جنھن کي خداب ڪري جيئن ئي لياقت باغ کان ٻاهر نڪتي ۽ ڪارڪن کي نعرن جو جواب ڏئي رهي هئي ته نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ شھيد ٿي وئي، شاعر سرمد چانڊيو جو چواڻي ته:
    زندگي بار گران ڪار گرن
    زندگي روز ازل سي بينظير
    زندگي قدسي حقيقت ڪي نظير
    زندگي جيسي هماري بينظير
    زندگي انسان عالم ڪا ضمير
    زندگي راز وفائي رهبران
    زندگي بار گران کار گران.
    جمھوريت جي علمبردار ساهه ته ڏنو پر قوم کي ويساهه ڏئي وئي. جمھوريت ئي بھترين پلاند آهي، اهو هن قوم ثابت ڪري ڏيکاريو. آمر سان مھاڏو اٽڪائڻ ذهنن کي دلجاءِ ڏيڻ هر باضمير کي حوصلو ڏيڻ، هر ڪنھن ۾ جرئت پيدا ڪرڻ، هاڻي ته شھيد راڻي جي خوبي ذهني قابليت هئي شھيد راڻي جي مسلسل جدوجھد جنھن ۾ 17 آگسٽ 1988ع تاريخي حيثيت رکن ٿا پر 18 آگسٽ 2008ع به پاڪستاني تاريخ ۾ هڪ اهم ڏينھن هو. آمريت جو وات بند ڪرڻ ڪنھن جي وس جي ڳالهه نه آهي پر شھيد راڻي ٻنهي آمرن کي للڪاريو ان جي مقصدن کي پورو ڪرڻ نه ڏنو. ڇاڪاڻ ته محترمه کي خبر هئي ته جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف ۾ ڪوبه فرق نه آهي، هنن جيڪو اسلام جي نالي تي ادارن، جمھوريت، ملڪ ۽ عوام کي تباهيءَ جي ڪناري تي پھچائي ڇڏيو هو. هنن عوام کي اکين ۾ سرمو پائي اعتدال پسندي ۽ جمھوريت جي نالي تي ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪيو پر شھيد راڻي هردم آمر کي للڪاريو ۽ هن قوم کي جيئڻ جو حق ڏياريو. هاڻي به وقت ويو ناهي، دوستو ڪوشش ڪيو حوصلي کان ڪم وٺو، اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو، جيڪڏهن اسان هڪ نه ٿياسين ته اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسين، جيڪڏهن خدا ائين نه ڪري اسان اقليت ۾ تبديل ٿيا وياسين ته پوءِ اسان پنھنجي اڳواڻن جو ڪيس ڪڏهن به وڙهي نه سگهنداسين ۽ هر آمر سان مقابلو نه ڪري سگهنداسين.
    شيخ اياز چواڻي ته:
    وقت ڪيترو نه ٿورڙو آهي،
    ڪم ڪيڏو اڃان پيو آهي،
    باک تائين هڳاءُ ويو ناهي.
    شھيد راڻي جي سڄي زندگي جدوجھد جي حوالي رهي جڏهن هن سياست ۾ پير پاتو تڏهن کان هن کي رڳو شھيدن جا لاش وصول ڪرڻا پيا. ڀٽي صاحب پنھنجي ڌيءُ پنڪيءَ کي هڪ خط ۾ لکيو،”تون ۽ انڌرا گانڌيءَ ۾ صرف ايترو فرق آهي جو توکي پنھنجي ملڪ ۾ فوجي جنتا کي منھن ڏيڻو پوندو پر انڌرا گانڌيءَ کي ائين نه ڪرڻو پوندو ان لاءِ تون دنيا جي هڪ مثالي عورت آهين.“ ڏسجي ته اها ڳالهه ڪيتري نه سچ ثابت ٿي، فوجي جنتا جي مخالفت پنڪيءَ کي تمام گهڻي جدوجھد ڪرڻ تي مجبور ڪيو. اها جدوجھد دنيا ڏٺي ۽ سندس تعريف به ڪئي، ايتري تائين جو سندس مخالف به افسوس ڪري رهيا آهن ته ”هن بي مثال عورت جو قدر ڪرڻ گهرجي ها.“
    ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شھيد راڻي کي شھيد ٿئي ورهيه گذري چڪا آهن، هن وقت تائين پ پ پ جي مرڪزي قيادت ۽ موجوده حڪومت ان حوالي سان تڪڙا قدم نه کڻي رهي آهي ۽ غير سرگرم نظر اچي رهي آهي، جيتوڻيڪ پ پ پ جي حڪومت گڏيل قومن ۾ شھيد راڻي جي ڪيس جي جاچ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي ۽ مطالبو به ڪيو هو پر گڏيل قومن ۾ ويٺل پاڪستان جو نمائندو حسين هارون ۽ موجوده حڪومت في الحال ڪردار ادا ناهن ڪري سگهيا.
    اقوام متحده تي جانچ ڪاميٽي جوڙڻ لاءِ ڀرپور دٻاءُ نه وڌيو ويو آهي، نتيجي ۾ اقوام متحده ان حوالي سان خاموش نظر اچي رهي آهي. ماضيءَ ۾ هاءِ پروفائيل ڪيسن جو اهو حشر ٿيو آهي جو اڄ ڏينھن تائين ڪوئي ملوث ماڻهو، نه ظاهر ٿي سگهيو آهي نه گرفتار ٿي سگهيو آهي، جيئن شھيد راڻي مظلوم ۽ محڪوم سنڌي قوم جي نياڻي آهي.
    ان حوالي سان پ پ پ جي قيادت جو اولين فرض اهو آهي ته محترمه جي ڪيس کي هنگامي بنيادن تي تڪڙو هلايو وڃي، قاتلن کي وائکو ڪري کين ڪيفرِ ڪردار تائين پھچايو وڃي. جيڪڏهن ان ۾ گهڻي دير ٿئي ٿي ته ڪروڙين ماڻهن جي امنگن جو ڇا ٿيندو؟ سنڌي قوم جي اڳواڻن جي ضمانت ڪير کڻندو، مظلوم ۽ محڪوم قوم جي بھتر مستقبل جي ضمانت ڪير کڻندو .
    ***
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو