هُنَ تاري هُنَ هنڌ، هُتِ منهنجا سُپرين (اَبن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2021۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,930
    ورتل پسنديدگيون:
    27,251
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هُنَ تاري هُنَ هنڌ، هُتِ منهنجا سُپرين

    ــ اَبن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ــ

    ياسر قاضي

    اماوس رات ۾ پنهنجي گهر جي ڇت تي ليٽي تارن کي تڪيندي سوچيم، ته ڇا واقعي اسان جا پيارا اسان کان وڇڙي تارا بڻجي ويندا آهن؟ ۽ آسمان ۾ هميشه ٽمڪندا رهندا آهن ۽ پنهنجن پيارن (اسان) کي تڪيندا رهندا آهن؟ جيتوڻيڪ آءٌ جنهن کي ياد ڪندي، تارن ۾ کيس ڳوليان پيو، ان پاڻ ئي ته مون کي انهن ڏندڪٿائن ۽ مافوق الفطرت ڳالهين کي نظر انداز ڪرڻ جو درس ڏنو هو ۽ سائنس جي ادراڪ جو شعور ڏنو. جنهن دليل سان محبّت ڪرڻ سيکاري ۽ عقل سان عشق جو دڳُ ڏيکاريو... اڄ ”پيئرن جو عالمي ڏينهن“ آهي ۽ سڄيءَ دنيا جو اولاد پنهنجن پيئرن کي ٻکجي، ساڻن محبّت جو اظهار پيو ڪري، ته مان ان آڪاش ۾ نهاريندي ۽ اهو سوچيندي ته اهي اڪيچار تارا، واقعي آهن ته وڇڙي ويلن جا لاشَ، پر اهي وڇڙي (مري) ويل انسانن نه پر تارن جا لاش آهن... ڪي ”بليڪ هول“ بڻجي ويل تارن جا لاشَ... ۽ ڪي انهن تارن جون روشنيون، جن پنهنجي جيئري هوندي اهي روشنيون اسان ڏي موڪليون هيون، پر ان روشنيءَ کي اسان جي ڌرتيءَ تي پهچندي ڪي جُڳَ گذري ويا، جن سوجهرن جي اسان تائين پهچڻ کان اڳ ئي اهي تارا پنهنجي حياتي پوري ڪري، وسامي چُڪا آهن، جن جي وساميل اونداهه اسان کان پوءِ وارا نسل ڏسندا. ان حقيقت جي ادراڪ جي باوجود مان پنهنجي محبوب پيءُ جي رُوح کي ڪهڪشان جي انهن ٽمڪندڙ سوجهرن ۾ ڳوليندو رهيس.
    هڪ ڏسا عقل جو باب کليو ۽ ڪو ستارو ڪتاب بڻجي کُلي پيو، جنهن اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو ڏينهن اڄ کان 109 ورهه اڳ 19 جون 1910ع کان امريڪي راڄڌاني واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ ”سونورا سمارٽ ڊوڊ“ (1882ع ـ 1978ع) نالي 28 ساله نؤجوان ناريءَ پنهنجي پيءُ ”وليم جيڪسن سمارٽ“ (1842ع ـ 1919ع) کي خراج ڏيندي ملهائڻ شروع ڪيو، جيڪو شهري جنگ (سِوِل وار) جو غازي هو. اها 19 جون جي تاريخ پڻهنس جو جنم ڏينهن هو، جنهن ڏينهن تي هن ان ڏينهن ملهائڻ جي شروعات ڪئي. هن، ان کان اڳ مائرن جي ڏينهن جي تقريب دؤران هڪ خطاب ٻڌندي ذهن ۾ اهو خيال واريو ته مائرن وانگر پيئرن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ ڪوئي ڏينهن ڇو نه ٿو ملهايو وڃي. ان خيال تحت هن ان ڏينهن کي ملهائڻ جو رواج وڌو. ان ڏينهن ملهائجڻ کي قومي سطح تي مڃتا ان کان 17 سال پوءِ 1926ع ۾ ملي، جڏهن نيويارڪ ۾ پيئرن جي نالي منسوب اهو ڏينهن ملهائڻ لاءِ قومي سطح جي ڪميٽي ٺاهي وئي. ان کان ٺيڪ ٽي ڏهاڪا پوءِ، 1956ع ۾ امريڪي ڪانگريس جي هڪ ٺهراءَ رستي ان ڏينهن ملهائجڻ کي قومي سطح تي باقاعدي تسليم ڪندي، ان کي ملهائڻ جو اهتمام ڪيو ويو، جڏهن ان ڏينهن جي باني سونورا، 74 سالن جي پوڙهي ٿي چڪي هئي. هاڻي دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ اهو ڏينهن، جُون مهيني جي ٽئين آچر تي ملهايو ويندو آهي. ڪيٿولڪ يورپ ۾ ان ڏينهن کي وري 19 مارچ تي ملهايو وڃڻ لڳو، جيڪو ”سينٽ جوزف ڊي“ (حضرت يوسف جي ڏينهن) طور اڳ ۾ ئي عيسائين لاءِ اهميت رکي ٿو. اسپين، پُرتگال توڙي لاطيني امريڪا ۾ اهو ڏڻ اڄ به 18 مارچ تي ئي ملهايو ويندو آهي. ٻين ڪجهه ملڪن ۾ اهو ڏينهن اڃا به ڪجهه ٻين تاريخن تي ملهايو ويندو آهي.
    اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته پنهنجي حقيقي والد سان گڏ نسبتي حوالي سان به اهو لفظ مختلف هستين ۽ وَٿُن لاءِ احترام جي علامت طور استعمال ٿئي ٿو. عيسائي مذهب ۾ ڪليسا جي پادريءَ کي احترام مان ”پيءُ“ ڪوٺيو ويندو آهي ته دنيا جي گهڻن ملڪن جي گهڻن شهرن جي ايڊمنسٽريٽر يا ميُونسپل انچارج (ميئر) کي ”سٽي فادر“ چوندا آهن. قديم روم ۾ سينيٽر کي به “فادر“ چيو ويندو هو، ته ڪنهن به شعبي ۾ ڄاڻ جي ڪنهن ماهر کي به ان شعبي جو ”ابو“ ڪوٺيو ويندو آهي، جيئن ”آئن اسٽائن“ (1879ع ـ 1955ع) کي جديد فزڪس جو ابو سمجهيو وڃي ٿو ته ”گيليليو گيليليءَ (1564ع ـ 1642ع) کي جديد ايسٽراناميءَ (فلڪيات جي علم) جو ابو تسليم ڪيو ويندو آهي. ”نيڪولس ڪوپرنيڪس“ (1473ع ـ 1543ع) کي نظامِ شمسيءَ بابت ڄاڻ جو پيءُ تصوّر ڪيو ويندو آهي، ته فرانسيسي ڪيميادان ”اينٽوني ليووزيئر“ (1743ع ـ 1794ع) کي ڪيمسٽريءَ جو ابو تصوّر ڪيو ويندو آهي. انگريز سائنسدان ”مائيڪل فيراڊي“ (1791ع ـ 1867ع) کي بجليءَ جو بابو مڃيو ويندو آهي ته مشهور انگريز رياضي دان، طبعيات دان ۽ خلا جي ماهر ”سر آئيزڪ نيُوٽن“ (1642ع ـ 1726ع) کي ميڪانيات (مڪينڪس) جو ابو ۽ انگريز رياضي دان ۽ مُوجد، ”چارلس بيبيج“ (1791ع ـ 1871ع) کي بابائي ڪمپيوٽر تصوّر ڪيو ويندو آهي. جڳ مشهور يوناني فلاسافر ارسطوءَ (384 ق.م ـ 322 ق.م) کي حياتيات (بائيلاجيءَ ـ جنهن کي هاڻي ”لائيف سائنسز“ چئجي ٿو) جو ابو مڃيو وڃي ٿو ته سندس ڏاڏا استاد، معروف يوناني فيليسوف، سُقراط (470 ق.م ـ 399 ق.م) کي ”مغربي فلسفي جو پيءُ“ مڃيو وڃي ٿو. ان طرح سان ”گريگور مينڊل“ (1822ع ـ 1884ع) کي جينيات (جينيٽڪس) ۽ ”مارٽن ڪُوپر“ (جنم: 1928ع) کي موبائل فون جو ابو مڃيو وڃي ٿو. جڏهن ته ٽن عظيم هستين، فرانسيسي سوشيالاجسٽ ”املي دورڪيم“ (1858ع ـ 1917ع)، جرمن فلسفيءَ ”ميڪس ويبر“ (1864ع ـ 1920ع) ۽ معروف جرمن فلسفي، سياسي نظريي ساز، شاعر ۽ سوشلسٽ انقلابيءَ ”ڪارل مارڪس“ (1818ع ـ 1883ع) کي ”عمرانيات“ جي علم (سوشيالاجيءَ) جو ابو مڃيو وڃي ٿو.
    ساڳئيءَ ريت مختلف قومن جي سرواڻن، مختلف ملڪن جي بانين يا ڪنهن نه ڪنهن نموني سان مختلف ملڪن کي ارتقا جي نوَن اهم موڙن سان آشنا ڪندڙ هستيُن کي به ان قوم جي ابي جي حيثيت توڙي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. جيئن اسان پنهنجي ملڪ جي بانيءَ، قائدِاعظم محمّد علي جناح (1876ع ـ 1948ع) کي ”بابائي قوم“ جي خطاب سان ياد ڪريُون ٿا، ايئن لڳ ڀڳ هر مُلڪ جا رهواسي، پنهنجن بانين کي پنهنجيءَ ”قوم جو پيءُ“ تصوّر ڪن ٿا. مهاتما گانڌي (1869ع ـ 1948ع)، ڀارت جو ابو آهي ته شيخ مجيب (1920ع ـ 1975ع)، بنگلاديش جو! ”ڊي ايس سيناناياڪي“ (1883ع ـ 1952ع) سريلنڪا جو، ”نيلسن منڊيلا“ (1918ع ـ 2013ع) سائوٿ افريقا جو، ”پرٿوي بير بڪرم شاهه“ (1944ع ـ 2001ع) نيپال جو، ”ميجر جرنل اونگ سان“ (1915ع ـ 1947ع) ـ ميانمار (اڳوڻي برما) جو، ”پيٽر اوّل (پِيٽر وَن آف رشيا)“ (1672ع ـ 1725ع) رُوس جو، ”احمد شاهه دُراني“ (1722ع ـ 1772ع) ـ افغانستان جو، ”فلپ ـ دِي گُڊ“ (1396ع ـ 1467ع) ـ بيلجيم جو، ”هوچي منهه“ (1890ع ـ 1969ع) ـ ويتنام جو، ”سڪندر“ يا ”اليگزينڊر“ (356 ق.م ـ 323 ق.م) ـ يُونان جو، ”ابنِ سعود“ (1875ع ـ 1953ع) سعودي عرب جو، ”شيخ زيد بن سلطان النهيان“ (1918ع ـ 2004ع) ـ گڏيل عرب امارتن جو، ”ارپاڊ“ (845ع ـ 907ع) ـ هنگريءَ جو، ”وليَم ـ دي سائيلينٽ“ عرف ”نارنگيءَ جو شهزادو“ (1533ع ـ 1584ع) نيدرلينڊس جو، ”لي ڪُئان يُو“ (1923ع ـ 2015ع) ـ سنگاپور جو، ”سوڪارنو“ (1901ع ـ 1970ع) ـ انڊونيشيا جو، ”مصطفيٰ ڪمال اتاتُرڪ“ (1881ع ـ 1938ع) تُرڪيءَ جو، ”تُنڪو عبدالرحمان قوترا“ (1903ع ـ 1990ع) ـ ملائيشيا جو ۽ ”ڪورشِ اعظم“ يا ”فارس جو سائپرس ٻيو“ (598 ق.م ـ 530 ق.م) ـ ايران جو، ابو مڃيو وڃي ٿو. سائپرس کي ”بادشاهن جو بادشاهه“ (”ڪنگ آف دي ڪنگس“) به چوندا آهن. ان طرح سان امريڪا جا 7 ”باني ابا“ (فائونڊنگ فادرس) آهن. هي اهي شخصيتون آهن، جن 1776ع ۾ برطانيه کان امريڪا جي آزاديءَ واري پڌرنامي تي صحيون ڪيون هيون، جن ۾ جان ايڊمس (1735ع ـ 1826ع)، بينجمن فرينڪلن (1706ع ـ 1790ع)، اليگزينڊر هيملٽن (1755ع ـ 1804ع)، جان جَي (1745ع ـ 1829ع)، ٿامس جيفرسن (1743ع ـ 1826ع)، جيمز ميڊيسن (1751ع ـ 1836ع) ۽ جارج واشنگٽن (1732ع ـ 1799ع) شامل آهن. چِين جي حوالي سان به ٻن هستين ”سين يات سين“ (1866ع ـ 1925ع) ۽ چيئرمين مائوزي تنگ (1893ع ـ 1976ع) کي چين وارا پنهنجي قوم جا ابا مڃين ٿا. اسان مقامي سطح تي ”جيئي سنڌ“ جي نعري جي خالق، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي ”بابائي سنڌ“ جي لقب سان ياد ڪندا آهيون. ان طرح سان ”بحرالڪاهل“ (پيسفڪ سمنڊ) کي سڀ کان وڏو سمنڊ هئڻ سبب ”ابو البحر“ (سمنڊن جو ابو) ۽ ”ميسيسيپي درياءَ“ کي ”دريائن جو پيءُ“ (فادر آف دي واٽرس) چئجي ٿو.
    ٻي ڏسا ۾ هڪ احساساتي تاري جا دُوار کليا، ته ان نيڻ آگم ڪري ڇڏيا ته اهو پيءُ، جيڪو اسان جي شخصيت جي تعمير ۾ پنهنجي شخصيت وساري ٿو ويهي. جيڪو اسان جا انگل پُورا ڪندي ڪندي پنهنجو رتُ ستُ، خون ۽ پگهر هڪ ٿو ڪري ڇڏي ۽ پاڻ وڪڻي ٿو ڇڏي، پر اسان ڪنهن معمولي ڳالهه تي ڪاوڙجي ڪڏهن کيس گهر ڇڏي وڃڻ جون ڌمڪيون به ڏيون ٿا، ڪڏهن پنهنجي ٻانهن ۾ ستُ اچڻ کان پوءِ کيس ئي گهران ڪڍي ٿا ڇڏيون. ڪڏهن سندس نافرمانيءَ کي پنهنجو وتيرو ٿا بڻائي ڇڏيون، ته ڪڏهن کيس پالڻ، مٿس احسان ٿا سمجُهون. اهو پيءُ، جنهن اڪيلي سر اولاد جا ڌڻ پاليا، اهو اڪيلو پيءُ ڪڏهن ڪڏهن اُن ڌڻ کان پلڻ ڏکيو ٿو ٿي پوي. اهو پيءُ، جنهن اسان جي بار بار سوال ڪرڻ تي ڪڏهن ٻاڙو نه ٻوليو، اُن جي گهٻري ٿي وڃڻ تي اسان پنهنجي چيل ڳالهه ٻيو دفعو ورجائڻ ۾ ارها ٿا ٿيون.

    مُون اکيون پُوري، وري کوليون ته نگاهون هڪ تاري تي ٽڪيل هيُون، جيڪو تارو منهنجي اشڪبار هئڻ تي آلو هو. پڪ ڀانيُم، ته اهو ئي ”بابا“ آهي.



    (21 آگسٽ 2019ع تي روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد ۾ شايع ٿيل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو