سر ديسي شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر ديسي داستان پھريون
    1
    مُٺِيَسِ! جَهلِ مَهارَ، ڪُٺِيَسِ! ڪاهِ مَ ڪَرَهو،
    مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪِجِ ڀَتارَ!
    ساڄَنَ! توهان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏينهن قِيامَ جو.
    2
    ڏاگَهنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَرَنِ، ٽنهين ڏنَمِ ڏُکَ،
    سي سَڀ ڀانَيَمِ سُکَ، هيڪاندِ ڪارَڻِ هوتَ جي.
    3
    ڏاگَهنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَرنِ، ڏُکَنِ آئُون ڏَڌِي،
    پُڇان پيرُ پُنهُونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي،
    لِکِيئي آئُون لَڌِي، نات پَٽِنِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري؟
    4
    ڏاگها ! ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرِياڻِي اَڳي ٿِيو،
    موڙي مَڃَرَ ٽارِيُون، چانگا! ٿا چَرو،
    آن تان حَرَفُ هَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِيو.
    5
    اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏهِن ڏاگها ڏِٺَئي ڏينهن،
    وَٺِي سَرڪَ ، سَسُئِي! ويهُه وِهاڻِيءَ سينءَ،
    چوٽي سين چانگَنِ کي، جَڙِ زَنجيرَنِ جيئن،
    ته هوتُ تنهنجو هِيئن، پُنهُون نِيائُون نَه پاڻَ سين.
    6
    اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏاگها ڏِينهَن ڏِٺاءِ،
    ڪُنجُون جي قُفِلَنِ جُون، تان ڪنهن لَلِ لِڪاءِ،
    ته سُڀاڻي سَندِياءِ، ٿِيئي سارُوڻي سَسُئيِ!
    7
    اَڱڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏِٺِئي اُٺَ،
    ڏايُئِي نه ڏاگَهنِ کي، اوڳِي سانُ اَڳَٺَ،
    ته هوند نه تنهنجي هَٺَ، سُورَ پِرايا سَسُئِي!
    8
    اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏِٺَئي توڏا،
    ونگِيئي نَه وارَنِ سين، تَنِ گورَنِ جا گوڏا،
    لَڪَنِ جا لوڏا، هوندَ نَه سَٺَئِي سَسُئِي!
    9
    ڏاگَهنِئُون ڏيرَنِ، جي آندا ٻَڙڌَ ڀَنڀورَ ۾،
    هَڻِي چِيلَ چَرا ڪِيا، وَهِه پَئِي وَهُڙَنِ،
    کُڙِيءَ کُڙِڪو اُنِ جو، هوندَ سُتي سو سَڀَنِ،
    ڏاندَنِ ساٿِ، سَيّدَ چئي، پِيادِيُون پَهُچَنِ،
    جَن جو پيرُ نه لَڳو پَٽِيين، تَنِ آيُمِ ساڻُ اُٺَنِ،
    گُنگَنِ ۽ جُنگَنِ، مُنڌَ اَسُونِهين ميڙيين!
    10
    اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِي،
    پَلاڻِيندي پاڻَ ۾، ڪُڇيو ڪِينَ ڪُٺنِ،
    ڪا جا مامَ مُٺَنِ، هِنِ پُڻِ هُئِي هُنِ سين.
    11
    ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، منهنجو ڏينهن ڏِنگو مَ ٿِيي!
    اُٺَنِ، اوٺِيَڙِن جي، ڇا وَهِيڻُو ويرَ،
    هِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، جا اَمُرَ کي آڏِي ڦِري.
    12
    ديسِي سيڻ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِهڙا پِرين،
    لَڏِيو، لاڏُوڻا ڪِيو، پنهنجي ديسِ وَڃَن،
    پُڄاڻا پِريَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
    13
    ڌُرِيائِين ڌاريان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَه ٿِيا،
    مَدي ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِيو کِيڪارِيان،
    صُبُوحِ ٿِي سارِيان، ته اُٺَ نَه اوطاقُنِ ۾.
    14
    اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگَهنِ ڌَڌِي آهِيان،
    هَڻِي هَٿُ هَيَنِ کي، پَري نيئِي پَلاڻِ،
    هوتُ منهنجو هاڻِ، پُنهُون نِيائُون پاڻَ سين.
    15
    جَتا! شالَ جِيو، جِيو ٿا جاڙُون ڪَرِيو،
    ٻانَڀڻِ کي ٻَروچَ ري، ٻيلِي ناهِه ٻِيو،
    ڇِنَڻ تان نَه پِيو، هِيءُ سڱ نه ڇِنَڻَ جَهڙو
    16
    جَتَنِ جا جيلا، ٿِي ساٿَ پُڇائي سَسُئِي،
    آيَسِ آرِيءَ ڄامَ جا، تَڙِ توڏا تيلا،
    اُن کي ناڪيليُون نَڪَنِ ۾، دُهِرِيُون، دَليلا،
    سِرِ هَڻِيو سيلا ، لايو نِينهُن نِنڊُون ڪَرين.
    17
    جَتَنُ ڪِج جَتَنِ جو، آئِيا ڪِ اِيندا،
    وَٺِي پُنهُون پانهنجو، وَٽان تو وِيندا،
    دَمُ نه دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيهَه ڏي.
    18
    جَتَ هَڏِهِين هُتِ، مُون هِتِ هينئڙي ۾ حَلُ ٿِيا،
    چَنگلَ جَنِين چَؤڦرا، راحَتَ تَنِ جِي رُتِ،
    گُنگَنِ جِي گُپُتِ، ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرِين.
    19
    جَتَنِ وِڌِيَس جارِ، ناتَ هُيَسِ نِماڻِي نِڪَڻِي،
    ٿِيئَڙا پاڻَ قَرارِ، مُون مَنُ گَڏي گُوندرين.
    20
    جي ڄاڻان جَتَنِ، پوءِ پَٽاندَرُ هيتَرو،
    آئُون ڪيئن مُلا تَنِ، سَرَتِيُون! سُورَ پِرائِيان؟
    21
    هي جي آيا هيرَ، مُون اَڳَ نه ڏِٺا ڪَڏِهِين،
    آئُون تَرَسان، هو تَڪِڙا، پَٽ نَه لائِنِ پيرَ،
    ڀَنڀولِيَسِ برنِ ۾، پَسِي ڀِينڊنِ ڀيرَ،
    آءُ آرِياڻِي! اُسَرِي، ٿِي واهَرَ جِي ويرَ،
    هِيءَ ڪَمِيڻي ڪِيرَ، تُون پارِسَ رسِجِ پَٻَ ۾.
    22
    جَتَنِ يارانُو، ڪيچِنِ مون سين ڪونَ ڪيو،
    نالي سُيَسِ هوتَ جي، مَٿِمِ ٻارانُون،
    تيلاهِين طَعنُو، ڏيندا مُون ڏيرَ وِيا.
    23
    گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندا ڏيهَه تي،
    توڏَن جُون تَڙَڀيڙَ ۾، تَرِيُون تِرِڪَنِ تان مَ،
    اوٺِيئڙا آرامَ، لَنگهي پَٻُ، پَري ٿِيا.
    24
    گَهَه سِرِ ٿِئي مَ گُسَ، پَڻِي پوءِ مَ پرينءَ تي،
    جنهن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تنهن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ،
    پُنهون پاڪَ پُرِسَ! هوتَن ڪِجَ نہ هيڏِيُون.
    25
    اُسَ مَ لڳي اوٺِيين، ليڙان لُڪَ مَ لَڳَ،
    اَللهَ! آرِيچن کي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ،
    جَتَ ججها ۾ جَڳَ، منهنجي پِرِتِ پُنهُونءَ سين.
    26
    لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِيو،
    اَچي آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ،
    مِروُن کِينَمِ ماسُ، هَڏَ هَلندا هوتَ ڏي.
    27
    اُٺَ ويرِي، اوٺارَ ويرِي، ويرِي ٿِيئڙَمِ ڏيرَ،
    چوٿُون ويرِي واءُ ٿِيو، جنهن لَٽِيا پُنهُونءَ جا پيرَ،
    پُنجُون ويرِي سِڄُ ٿِيو، جنهن اُلَهِي ڪِي اَويرَ،
    ڇَهُون ويرِي ڇَپرُ ٿِيو، جنهن سَنوان نه ڪِيا سيرَ،
    سَتُون ويرِي چَنڊُ ٿيو، جو کِڙِيو نه وَڏِيءَ ويرَ،
    واهيري جِي ويرَ، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين!

    سر ديسي داستان 2 مڪمل
    1
    اَڄُ پَہ وَسائِي اوٺِين، مَٿي مارَڳ ماڪَ،
    پُنهُون نِيائُون پاڻَ سِين، تاڙِيُون ڀَڃِي طاقَ،
    هَيهَاتَ هَيهَات لِمَا تُوعَدُونَ، سُڃِي ٿِي اوطاقَ،
    چُڪِيءَ چوري چاڪَ، هاڙهي هوتَ هلي وِيا.
    2
    مِڙِي مُنڌَ ڏي آئِيُون، ساهيڙِيُون سَهجا،
    اَلسفَرُ قِطعَتہ مِنَ النّارِ، هارِي موٽُ هِتا،
    سَڱَ صِرَاطَ المُستَقِيمَ جو، اَٿِئِي تان اَڳِيا،
    سي ڪيچِي نيندءِ ڪِيا، تُنهِنجو نينهنِ نِفاقَ سين.

    3
    جَڏان ڪُن فَيَڪُونُ چَئِي، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ،
    انگُ اَڳهِين لِکِيو، مُنهِنجو مِثاقاءَ،
    مَن طَلَبَ شَيئا وَ جَدّ وَجَدَ، اُتو عَلِي شَاهه،
    اَڃا هِنَ حَدِيثَ جو، مُون آسَرو آهه،
    پُنهُونءَ جي پَيغامَ تان، منهنجو موتَ مُباحُ،
    سَرَتِيُون! دُعا ڪِجاهُه، ته ميڙائو مُون ٿِئي.
    4
    سَبَہَ سِياهي، آهي آرِيءَ ڄام ري،
    ڪَڏِهن پَسي ڪانَه ڪا، رِيءَ لالَنَ لالائِي،
    دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ڪَرِ، ساڄَنَ صَفائِي،
    ’مَن لَا شَيخَ لَہُ فَشيخُہُ الشيّطانُ‘ اِنَ رِيءَ اُونداهِي،
    هُوءَ جا هَلي هيڪَلِي، سا گِيرَبَ گَمائِي،
    ’بِلا شَيخِ مَن يّمشِي فِي الطّرِيقِ اَهَڙِي اَوائِي،
    تنهن رِيءَ تَوائِي، ڪوڙين ٿِينِ ڪِيتَريُون.
    5
    بَرُ وَڏو بارُ گَهڻُو، وِيجهو نَه وَڻِڪارُ،
    ليڙَنِ جو، لَطِيفُ چئي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ،
    وَڻَندُنِ ته وَڙِ ڪَندا، نَاتَ اَڳِينِ جو اختِيارُ،
    ڪاڏي ٿِيو ڪوهيارُ، ڪِٿي ٿِي هَٿَ کَڻي!
    6
    ڪيڙي ڪيچايَنِ، گئورا گَسِ هَلائِيا،
    لَڙِيو، چَڙهِيو چوٽِيين، ڪَرِيو ڪوهَه ڪِڙَنِ،
    سُونهَنِ جي سَردارَ سين، سي توڏَ مَ تَرٽِجَنِ!
    لَطِفَ ساڻُ، لَطِيف چئي، لنگِهيو بَرُ بوتُنِ،
    تَنِ ڪِهڙو غَمُ گُنگَنِ، هوتُ حِماتِي جَنِ جو.
    7
    جاڳائي جَتَنِ، گئورا گَسِ هلائِيا،
    پهتي رِيءَ پَهاڙَ ۾، اُٺَ مَ آگَهٽجَنَ،
    لَتاڙي، لَطِيفُ چئي، لنگِهيو بَرُ بوتَنِ،
    تَنِ ڪِهڙِي چُڪَ چانگَن، هوتُ حِماتِي جَنِ جو.
    8
    ڀنِيءَ ٿا ڀَرِين، ساٿِيَنِ سَنڊَ هَٿَنِ ۾،
    ليڙَن جو، لَطيفُ چئي، مُون کي مَنجُهه نه ڏِينِ،
    هوتُ پُنهُون ٿا نِينِ، اَسُونِهيءَ جو آجِڪو!
    9
    پُڻِ ٿا پَلاڻِين، اوٺِي اَڄُ اُٻاکَرا،
    پَھہ، پَاريسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏيهاڻِي ڏِين،
    هوتُ پُنهُون ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪِيو.
    10
    پُڻِ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي گَهڻُو اُٻاهَرا،
    هُوءِ جي هَلَڻَ سَندِيُون، ڳاهُون ڳالهائِين،
    مون کي ٿا مارِينِ، سَڄَڻَ سانباهِي ڪِيو.
    11
    اوڳارِينِ نه آنِرا، ٻڌا چَرَنِ نه ٻُورُ،
    ليڙَنِ کي، لَطِيفُ چئي، هَلَڻَ جو مَذڪُورُ،
    مَيَنِ کي مامُورُ، آهي اُڻِتُڻِ اَڳِيين پَنڌَ جِي.
    12
    ويٺِي ٻُڪي ٻاڦَ، جُهلي جُهنڪَ جُهِڻي ڪِي،
    آيَمِ تَنِ اُٺَنِ سين، جَنِ جا پيرَ دُدا ڌَڙَ داڦ،
    لَنگِهيا لَڪَ، لَطِيفُ چئي، توڏا تَڙَ، ٻَنگَ، طاڦ،
    ڪيرَ لَنگهندِي قافَ، اِيءُ بَرَ بَرَهمَڻِ باسِيو.
    13
    دوڪَ دَهِلِيا جِتِ، گئورا هَلَنِ نه گَسَ ۾،
    چَئو سالَ ئِي نه چَلِڻا، ٿِي تَنگَ نِهاري تِتِ،
    سُوِڌِي اُنِين، سَيّدُ چئي، پوءِ پانچارِيَنِ پِرِتِ،
    اِنَ اَڙانگي پَنڌَ جِي، ڪا نيشَنِ پوءِ نِرِتَ،
    سَسُئِي وَڏِي سَتِ، جا اَهَڙِيءَ پَرِ پَنڌُ ڪَري.
    14
    هَئي هَئي ڪِيو ’هاءِ‘، ٿي پاڻ هَڻي سِرِ پاهَڻين،
    لَڌائِين، لَطِيفُ چئي، جُوءِ جَتَنِ جِي جاءِ،
    شُڪَرَ، بارِ سَنداءِ، سُٿاڻي ساٿِ مِڙِي.

    سرديسي داستان ٽيون مڪمل
    1
    اللهَ ڪارَڻِ، اوٺِيا ڪَرَها مَ ڪاهِيو،
    جانِبَ! جَڏي جِيءَ جو، آڳانڍو آهِيو،
    لاڳاپو لاهِيو، مَتان منهنجو سُپِرِين!
    2
    اَللهَ ڪارَڻِ، اوٺِيا! ليڙا نِهو مَ لُرَ،
    نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانهِيءَ جَهلي ٻُرَ،
    مون کي ماري مَنجِهه ٿِي، سَندِي هوتَنِ هُرَ،
    ڪَچو لائِيان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وَران.
    3
    ڪيچان اوري ڪِٿَهِين، وَڻُ نه ويساھِين،
    ڪَمِيڻِي ڪيچِينِ لَئي، پُورِج پَرانھِين،
    تاڻِج تيڏانهِين، وارِج ڪا مَ وَرَڻ جِي.
    4
    ڪيچان اوري ڪيتِرِيون، مَعذُورِيُون مُيُون،
    واٽُون وِيهَه ٿِيُون، ڪُهُه ڄاڻان ڪيهِيءَ وِيا؟
    5
    اَلا! اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَهو ٿِيئي،
    پسان مانَ پَرِ ڪنھِين، جَتَنِ سَندِي جُوءِ،
    لَنگھِي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، سُڻِيان هوتَنِ هُوءِ،
    گولِي ٿِيان گُلبُوءِ، جي سُڃاڻان ساٿَ ڌَڻِي.
    6
    ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچارِيءَ رُوءِ،
    بوتي ۽ بَلوچَ جِي، رِڙهِي پَسان رُوءِ،
    لَنگھِي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، پُڇان ڪيچِيَنِ ڪُوءِ،
    گولِي ٿِيان گُلبُوءِ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.
    7
    ڪيچا آيو قافِلو، ڀَليرو ڀانئيان،
    پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱنِ کي لايان،
    چَنبيلِي چايان، جي مُون نِيو پاڻَ سين.
    8
    ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سَندو ڄامُ،
    پَسَندي پُنهُونءَ کي، اکين ڪِيو آرامُ،
    ناتَرِ چايان نامُ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.
    9
    ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونهارِيءَ جوڙَ،
    تَلِيارا توڏَنِ کي ڳِچِيءَ سُونهَنِ موڙَ،
    دؤلَتَ چايان دوڙَ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.
    10
    ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچارِيءَ توڏَ،
    سِينگارِيائون، سَيدُ چئي، ڪَرَها مَنجهان ڪوڏَ،
    لَکُ لَهي ٿِي لوڏَ، جِيجان! تَنِ جَتَنِ جِي.
    11
    ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌڻِي سَرواڻُ،
    وارَ وَڍي واڳون ڪَرِيان، پُئان هُوند پَلاڻُ،
    جِهَڙو پُنهُون پاڻُ، تهڙِي سِٽا ساٿَ جِي.
    12
    جُهوڙا جَنِ جُهلُنِ ۾، هِيري لَکَ هَزارَ،
    لَڳا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهُونءَ کي پالارَ،
    آن ڪي وِيندا گَڏِيا، اِهَڙِيءَ سِٽَ سَوارَ،
    لَنگھِي ڪالهَه قَطارَ، تُون آئِي اَڄُ نِهارِيين.
    13
    مِزِمانَنِ مَهِرِي، آڻي جهوڪِيا جهوڪَ ۾،
    چاٽي چَنَبنِ ۾ وِيا، جيئن بازُ سَٽي بَحرِي،
    ڪوهِيارو قهرِي، وِيو نِهوڙي نِنڊَ ۾!
    14
    ڪيچِي ڪالَهه ڪھِي وِيا، اَدِيُون! آڌِيءَ راتِ،
    جاڳان تان جيڪِين ٿِيو، وِهاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
    ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏنو جَتَنِ ذاتِ،
    رَفِيعَ الدّرجَاتِ، پَرَمَلُ پُنهُون ميڙِيين!
    15
    مُون ڀانيو مُون وَٽِ، هَميشَه هُوندا پرِين،
    ويڙهو ڏيئِي ويڪَرو، پَهرِي ويا پَٽِ،
    ساهُه جَنِين جي سَٽِ، وِڪِيمُ ٿي وَڻِڪارِ ۾.
    16
    مُون ڀانيو مِزِمانَ، هَميشَه هُوندا پِرِين،
    ڪُهِي ڪَمِيڻِي هَلِيا، ڪَهَلَ ڪِيائُون ڪانَ،
    ڏيئي وِيا ڏاهِه کي، سُورَنِ جا سامانَ،
    جورو راتِ جُوانَ، جيڏِيُون! جَتَ ڪَري وِيا!
    17
    ڀانيُمِ جي سَرِواڻَ، ڇُلائِيندَمِ ڇَپَرين،
    کانيَمِ هوند پَلاڻَ، اُٺَ گُڏايَم اُنِ جا.
    18
    ڪاڏي مُنهن مَڪرانَ جو، ڪاڏي ڪيچُ ٿِيو؟
    هِهَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان ڪَڏِهِين ڪونَه پِيو،
    ڪوهِيارو ڪامَ هَڻِي، چوري چِتُ وِيو،
    جَنِين جَتُ نيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آهِيان.
    19
    بِرهَه مَڻايُسِ بَرُ، ناتَ سُکِي ڪيرَ سَڌون ڪَري،
    گَهڻُو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لئي ڏُونگَرُ،
    وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِيا،
    20
    وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪيو،
    نِهارِينديَسِ نِڪَڻِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
    آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روهَه رَتيُون ٿِيين!
    21
    وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪ،
    هُو جي آڏا حَقَ، سي ڪَندا ڪوهُه ڪَندِيَنِ کي؟

    سر ديسي داستان چوٿون مڪمل
    1
    وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، آرِيچا اَظلامَ،
    آندائُون آرِيءَ ڄام جا، پُنهُونءَ ڏي پَيغامَ،
    پَهُ ڪِيائُون پاڻَ ۾، مُونهان مَخِفي مامَ،
    سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساهي وَرِيامَ،
    ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون! جَتَ ڪَري وِيا.
    2
    وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، جابِرَ ڪَري جورُ،
    بيدِي ٿِيو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَري هَلِيا.
    3
    وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ،
    هاڻي ٿِيو حَشَرُ، پُنا قولَ قِيامَ جا.
    4
    وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏير ڪَري ڏورو،
    ساڄَنَ رِيءَ سَرَتِيُون! آتَڻُ اَڌُورو،
    نِيءَ سين نِسورو، حَشَرُ ڪَري هَلِيا!
    5
    وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، جورِي سين جابِرَ،
    صَبُرُ ڪيئن صابِرَ، اَچي عَجِيبَنِ ري.
    6
    وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏاڙِهِيءَ ڀَنڀا ڏيرَ،
    ڏينديَسِ ڏاڍين ڏُونگَرِينِ، اُنِين لَئي اُليرَ،
    ڪيچِ پَهُچي ڪيرَ؟ وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.
    7
    سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، تَه ڪِي
    اوٺِي ڪَندا ايئن،
    ڪُهِي ڪَمِيڻي ڪيئن، جَڏِي راتِ جَتَنِ ڪئي!
    8
    سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، صُبُحِ سارِيَمِ سُورَ،
    جَتَنِ لاءِ ضَرُورَ، گَهڻا گهارِيَمِ ڏينهَڙا.
    9
    سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، صُبُح سارِيَمِ سُورَ،
    آڌِيءَ راتِ اُڌَمِيو، ڏيَنِ پَلُٽِيو پُورَ،
    جَتَنِ جي ضَرُورَ، مادَرِ! مارِي آهِيان!
    10
    سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، مارِيَس سُورَ صُبُوحِ،
    نيڻَ هيرايئي نِنڊَ سين، جَتنِ لَنگھِي جُوءِ،
    هاڃِو ڪَري هُوءِ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي وِيا!
    11
    آڌِيءَ اوءِ اُٿِي وِيا، ڪَرُ رَکِيائُون ڪيچ،
    ٻاروچاڻي پيچ، مُنهِنجو مَنُ مُنجهائِيو!
    12
    جَڏِي وَٽِ جالي، مانَ لِلهِ ڪارَڻِ لِکَ سِينءَ،
    آهي آرِيءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،
    عَيبَ مُون ۾ اَڳَرا، مانَ نِرمَلُ نِڪالي،
    پَرِٽِياڻِي پالي، ڪامِلُ نيندو ڪيچَ ڏي.
    13
    پَرِيٽَنِ پاليياسِ، ٻانڀَڻِ ٻيٽِي آهِيان،
    حُسنَ هوتَ پُنهُونءَ جي، ماري مَوتِ وِڌِياسِ،
    جانڪِين تان جيئندياسِ، پِيَسِ وَرِ وِصالَ جي.
    14
    پَرِيٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذاريَمِ، جيڏِيُون!
    جَنِين مُون کي مارِيو، سُورَنِ سين ساڙي،
    ارادي آڻي، سانگِيَنِ سين سَڱُ ڪِيو.
    15
    اَسِين پاڻَ پَرِٽَ، پورهِيَتَ پُنهُونءَ ڄامَ جا،
    هوتُ کَٿُورِيءَ هيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ،
    آتَڻَ مَنجِهه اُگَهٽَ، ڪانڌُ ڪِنهِن جِي مَ ڪَري.
    16
    گَڏِيو ڌوٻِيَنِ ڌوءِ، پُنهُونءَ پارچو هَٿَ ۾،
    اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪوءِ،
    ايءُ ڪامِلَ! ڪَمُ نَه سَندوءِ، جيئن پَهَسَ پڇاڙِيين پوتِيين.
    17
    نه ڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ نه ڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،
    هورُ مِڙوئِي هِنَ کي، هوتَنِ ڪونهي هورُ،
    زارِيءَ ڌاران زورُ، هَلي ڪونَه حَبِيبَ سين.
    18
    ڇورِي نِدورِي، نه ڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،
    سَوين هَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي،
    آئُون پُڻ آهِيان اُنِ جي، لَنگِهي ۽ لورِي،
    لَنگهائِين، لَطِيفُ چئي، ٿَرَنِ جا ٿورِي،
    آهِيان اَزورِي، تُنهنجي جوري جَبَلُ لَنگِهيان.

    سرديسي داستان 5 مڪمل
    1
    جيئن سو هَرَڻُ هُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،
    هِيءَ پَڳُ نَه کوڙي پَٽِيين، هُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نه ساءَ
    جيڪُسِ تَنِ مُلاءُ، سَسُئِيءَ سُورَ پِرائِيا.
    2
    راتِ ڏِٺائِين روجَهہ، ڀانئي ڪِ اوٺِي آئِيا،
    پِرِيَتَڻي پِرِينءَ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ،
    هُئِي گَهڻُو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونهائِي سَسُئِي.
    3
    روجَهہ ڏِٺائِين راتِ، هوتُ ڳولِيندي حَبَ ۾،
    ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِين جي تاتِ،
    ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَناءَ مُئِيءَ نَه وِسَرِي.
    4
    جَبَلَ ۾ جانارَ، سَرَهَه گَڏِبئِي سَسُئِي،
    ڀِنِيءَ پوءِ ڀَوارِيئي، ٻانڀَڻِ جِي ٻاڪارَ،
    هوتاڻِي هيڪارَ، مولا! مون کي ميڙِيين.
    5
    سَمَرُ جَنِين نَه ساڻُ، هوتُ حِماتِي تَنِ جو،
    ڪَري ڇيڄَ ڇَپَرَ ۾، پُنهُون اِيندو پاڻَ،
    ٿِيندِي رِيجَهہ رِهاڻِ، لَحظي مَنجِهه، لَطِيفُ چئي.
    6
    پَسِي سي سَرَهِي ٿِي، جي مَيَنِ لَنگِهيا مَسَ،
    تِٿُ تنهن کي ناهِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،
    حُبَ جَنھن کي هوتَ جِي، وندُرُ تنهن کي وَسَ،
    سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَئي پَٻَ ۾.
    7
    سَسُئِي لنگِهيو سو، مَردَ جنهن ماتُ ڪِيا،
    جَبَلُ وَڏو جو، نُوڻِ مِڙوئِي نينهن کي.
    8
    جَبَلُ ماري جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کي،
    توڻِي لَڪَنِ لَکَ، سَڀ لَنگِهيندِيَسِ سِڪَ سين.
    9
    جَبَلُ جيڏوئِي، جو آڏو آريچَنِ کي،
    وَٺِي وَرُ، واٽَ وِيا، بُرفَتَ بِروهِي،
    رُڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهُونءَ کي!
    10
    جَبَلَ سُڄَن جالَ، آڏا آرِيچَنِ کي،
    هاڙي ڏانهن هَٿُ کَڻِيو، ڇَپَرِ مِڙان شالَ،
    ڪيچِي وِيئڙَمِ ڪالَ، تي ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
    11
    ڇَپَرَ ڇَمَرُ ڀانئِيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،
    پَٻُ وِجَهنديَسِ پُٺِ تي، صُبُحِ سَوارو،
    وَڃَڻَ مُون وارو، ڪِينَ وِيهَنديَسِ وِچَ ۾.
    12
    ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لَڳَهَه لَڳَنِ پاڻَ ۾،
    آڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪَرا، ويڌَ، وِنگايُون، وَرَ،
    آئُون پِيادِي پَٽِين، نِماڻِي، نِڌَرَ،
    سُورِيُون جِتِ، سَڳَرَ، اُت ٻاتاڙِي ٻيلِي ٿِيين!

    ديسي داستان 6 مڪمل
    1
    آڏَتِراڇا ، آهُڙا ، ڏُونگَر کي ڏاڪا،
    ڪِيَم آهَه عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا،
    پيئِي هَٿِيڪِي هوتَ کي، ڪوڪَ وَڃِي ڪَن ڪا،
    منهنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
    2
    آڏَتِراڇا آهُڙا، ڏونگَر کي ڏاڪا،
    وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِيا، بَرِ چَڙهِي باڪا،
    ڦَٽِيا پيرَ فَقِيرَ جا، چَڙَهندي چَڙهاڪا،
    هُيَنِ جِيءَ اَندَرِ جا ڪا، وِيا پُڄائي پانهنجي.
    3
    آڏَتِراڇا آهُڙا، ڏاڪا ڏُونگَر کي،
    هُو جي وَرَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي،
    هاڙهو هيڻِيءَ کي، لَنگهائِجِ لَطيفُ چئي.
    4
    آڏَ تِراڇا، آهُڙا، وِندُرَ وَراڪا وَرَ،
    حُبّ جِنهِين کي هوتَ جِي، سا ڏوريندِي ڏُونگَرَ،
    پَهُچايين، پَرَوَرَ! لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چئي.
    5
    آڏَ تِراڇا آهُڙا، وِندُرَ وَراڪا واڪَ،
    اُجهايَسِ اُٺَنِ جي، ڦوڙائي فِراقَ،
    پُنهُون پَرَمَلَ پاڪَ! واحِدَ لَڳِ وَريجِ تُون.
    6
    آڏَتِراڇا آهُڙا، وِنگا وَرَ واٽُنِ،
    جيرا، جِگرِ، بُڪِيُون، آرِيَ لَئي آٽَنِ،
    ڪَسي ڪُنواٽَنِ، سَنڀُوڙا، سَيّدُ چئي.
    7
    ڪوڏَرِ نَه ڪاتِي، جنهن سان ٽَڪَرُ ٽانڪِيان،
    جيڪو جَبَلُ لَنگِهيان، سو هَيبَتَ جو هاٿِي،
    پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري نَه لَهي.
    8
    ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَهَه گَهڻِي، جِتِ بَرَپَٽَ، بَيرانُ،
    ڏاهَنِ ڏاهَپَ وسَرِي، ٿيا حَرِيفَ ئِي حَيرانُ،
    سَسُئِيءَ لَنگِهيو، سَيّدُ چئي، مَحَبّتَ سين مَيدانُ،
    جنهن جو آرِياڻِي اَڳواڻُ، تنهن جِي ڪانهي پاڪ بَهيرَ ۾.
    9
    ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَهَه گَهِڻي، جِتِ واٽُنِ تي وارِي،
    آڏا لَڪَ، لَطِيفُ چئي، بَرَ سُڄَنِ بارِي،
    جا مَنزَلُنِ مارِي، سا، قادِرَ ڪيچِ رَسائِيين!
    10
    ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَهَه گَهڻِي، جِتِ جَبَلَ گُوناگُون،
    ليڙَنِ جون، لَطِيفُ چئي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ،
    جَن ڏِٺو پيرُ پُنهُونءَ جو، سي نه ڪِين رُونِ نَه چُونِ،
    هُوندَنِ مَٿي هُونِ، لاڳاپا هِنَ لوڪَ جا.
    11
    ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَهَه گَهڻِي، جِتِ ماٿَرِ مَٿانهِين،
    سُڄَنِ ٿا، سَيّدُ چئي، اُتِ مِرُون مَهائِين،
    تُون، آرِياڻِي! آهِين، مَنَهِه مَذُورِيَنِ جي.
    12
    ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَهَه گَهِڻي، جِتِ روڏا رِنگائي،
    ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
    رهِيَسِ، رَسُ، لَطِيفُ چئي، تنهن ڪَمِيڻِيءَ ڪاهي،
    آرِياڻِي آهي، مَنَهِه مَعذُورِيَنِ جي.
    13
    ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَهَه گَهڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو،
    تِتِرُ ٿِئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،
    جَڏهِن ڄامُ پُنهُون ڄائو، تَڏهِن ٿِي وَسَ وَڻِڪارَ ۾.
    14
    سِڪِي جان سُتياسِ، تان سِڪَ سُمَهَڻُ نه ڏئي،
    جاڳِي سُتِيَسِ جَنِ لَئي، سي آيا تان نَه اُٿِياسِ،
    ڀينَرُ! آئُون ڀُلِياسِ، نَه تَه سِڪَ سُمَهَڻُ ڇا لَڳي.
    15
    ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداهِيءَ ۾ سوجِهرو،
    حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَه وِيندومِ،
    سارِيو سَڏُ ڪَندومِ ڪوهِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.

    ديسي داستان ستون مڪمل
    1
    پُنهُون سين پِرِيتِ جو، ڪو جو پيچُ پِيومِ،
    ڀَنڀي هِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِهَڻُ وِهُه ٿِيومِ،
    مَتِيُون موٽَڻُ سَندِيُون، ڪاڪِيُون! ڪِيمَ ڏِيومِ،
    سَرَتِيُون! ساهُه سَندومِ، ٿِيو حَوالي هوتَ جي.
    2
    ڪُڄاڙِئان ڪاهي، شُتَر اُن سِينگاريا،
    ٽَلِيُون، ٽؤنَر، هَلَوِيُون، وِيا ڇيرون ڇَمَڪائي،
    لَنگِهيا لَڪ، لَطِيفُ چئي، وِيا ڪَرَهَلَ ڪُڏائي،
    ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، آسَرو آهي،
    واڳؤن وَرائي، ڦيرِينِ مانَ فَقِيرِ تي!
    3
    ڏانجَهن تي ڏانجها، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي،
    لَڳِيَسِ نائُڪَ نينهن جِي، ڪُڙِهه اَندَرِ ڪا جا،
    ٿَرَنِ ۾ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ مِرُنِ سين.
    4
    ڪو مُنهن ڪُٺَلِ آئِيو، وَسِ نه ويچاري،
    هوتَ! تنهنجي هَٿَ ري، پهچي نَه پارِي،
    اَچين جي، آرِي! ته پاندَ پُڄِي لَڪُ لَنگهِيان.
    5
    ڪو مُنهن ڪُٺَلِ آئِيو، ناهِه ويچاريءَ وَسِ،
    هوتَ! تنهنجي هَٿَ ري، گولِي ٿِئي مَ گَسِ،
    ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، تَه مُوڙِهِيءَ ڪو مُنهَن ٿِئي.
    6
    ڪَڏِهن تان ٻاجَهه پَئِي، ساڄَنَ! مُڃُ سَلامُ،
    سِڪَ تنهنجي سُپِرِين، ڪِيو تَنُ تَمامُ،
    هَٿين حاجَ وِهُه ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
    دوسَ! نَه سَهان دامُ، تُون وِندُرِ ٿو ويلا ڪَرين.
    7
    سُرَهِي مَنجهان ساٿَ، آئِي بُوءِ ڀَنڀورَ کي،
    بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ،
    سَندِيءَ هوتَ حِماتَ، ڪيچِ پَهُتو قافلو.
    8
    بَرُ مِڙوئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون،
    ٻَهِه ٻَهِه ٿِي ڀَنڀورَ ۾، هَنڌَ مِڙيئِي هُوءِ،
    راڻِينِ وَرِي رُوءِ، گُوندرَ لَٿا گولِيين.
    9
    جَڏِهن پيئِي ڇَٽَ، ڇَپَرِ هوتَ پُنهُونءَ جِي،
    پَرَهي وِيٺِيُون پَٽَ، گُوندرَ لَٿا گولِيين.
    10
    جَڏِهن پيئِي باسَ، ڇَپَرِ هوتَ پُنهُونءَ جِي،
    اَدِيُون! آرِيچَنِ جا، وَڻَنِ مُڪا واسَ،
    آيَلِ! پُنِي آسَ، پُنهُون آيو ڪيچَ ۾.
    11
    آيَلِ! اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي هَلِيا،
    سُڪِيُون نَه سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،
    نِسورِيُون ناڪُون، سَڃي هَلِيا سُورَ جُون.
    12
    جَتَنِ سان جانڪُون، سَرَتِيُون! مُون سَڱُ ٿِيو،
    ڪَري ڪوهِيارو وِيو، تَنُ ڇِنِي تانڪُون،
    آئُون پُڻِ تَڏاڪون، اَڌَ ڏُکوئِي آهِيان.
    13
    مَتان ڪا، ٻَڙِي! ٻولَ ٻاروچي وِسَهي،
    هوندَ نَه سُتِيَس، سَرَتِيُون! ويهِي رَهِيَسِ وَڙِي،
    جَتَ پنهنجي جُوءِ ۾، گهارِنِ مانَ گَهڙِي،
    ڪيچِيَنِ آنءُ نَه ڪَڙِي، ڪنهن ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.
    14
    ڏيرَنِ ڏوهُه نَه جيڏِيُون، ماءِ! مِڙوئِي مُون،
    آئُون اَسُونهِين، اُو سُونهان، پِرين سَندا پَرَڀُون،
    اَصلِ آرِيءَ ڄامُ جو، پاندُ نه پُڄِتوسُون،
    جنهن جو تونهِين تُون، سي پِيادِيُون پَهُچائِيين!
    15
    اَدِيُون! آئُون نه تيئن، جيئن پِرِيَتَڻُو پِرِيَنِ سين،
    ٻَڌِي سُتِيَس سوگهو، ڇَلوَرُ ڇاتيءَ سِينءَ،
    تَه ڪيچِي ڪاهي ڪَرَها، مونهان وَڃَنِ ڪِيئن؟
    ڏوهُه منهنجي ڏينهن، پُنهُونءَ کي ڪامَ چَئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو