اسان جي ملڪ جي سرزمين کي تنازعن، تعصبن، جهيڙن جهٽن ۽ فسادن جي نگري چيو وڃي ته غلط ڪونه ٿيندو ڇوته جيترا وير، وڇوٽيون ۽ ڪلفتون (هڪ ٻئي سان) هتي رهڻ وارن جي دلين ۾ ڏٺيون ويون آهن اوتريون شايد ئي ڌرتي جي گولي تي ٻئي ڪنهن هنڌ ڳولڻ سان ملي سگهنديون. اسان جي ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ گزريل حڪومتن، موجودهه حڪمرانن ۽ عوام وچ ۾ ٿيندڙ ٻين بيشمار اختلافي معاملن کان علاوه نااتفاقي جو هڪ وڏو سبب “ڪالا باغ ڊيم” جو منصوبو رهندو آيو آهي. ڪالاباغ ٺاهڻ لاءِ حڪومتِ پاڪستان 1988ع تائين تمام “اسٽڊيون” پوريون ڪري ٽينڊر دستاويزن جو ڪم مڪمل ڪرايو. ان وقت ڊيم ٺاهڻ لاءِ سرڪاري ڪاغذن ۾ خرچ جو اندازو 1213 ملين ڊالر رکيو ويو هيو پر اڄ تائين اسان جي سياستدانن ڊيم جي ان منصوبي کي صرف هڪ “سياسي اشو” ٺاهي ٺلهي نعرن ۽ شودي بازيءَ تائين محدود رکيو آهي. ڪالاباغ ڊيم جو ماڳ اسلام آباد کان 100 ميل ڏکڻ اولهه طرف آهي جنهن جي بلندي 925 فٽ رکيل آهي. ان ڊيم جي ڊيزائن جي باظابطه تياري 1986ع ۾ ٿي جنهن ۾ ان جي بلندي 915 فٽ رکي وئي جڏهن ته جنريشن ڪيپيسٽي 3600 ميگاواٽ ٿيندي جنهن مان بجلي جي سالياڻي پيداوار 11413 GWH ٻڌائي وڃي ٿي. ڪالاباغ ڊيم جي پهرين اسٽڊي 1953ع ۾ ٽپ ٽان اينڊ هل ايجنسي ڪئي هئي، ٻئين اسٽڊي 1966ع ۾چاسٽ مين، ٽئين اسٽڊي 1967ع ۾ ورلڊ بينڪ (مطالعاتي گروپ)، چوٿين اسٽڊي 1972ع ۾ واپڊا، پنجين اسٽڊي1975ع ۾اي جي اي، ڇهين اسٽڊي 1975ع ۾ بورڊ آف ڪنسلٽنٽس، ستين اسٽڊي 1980ع ۾ ورلڊ بينڪ ۽ اٺين اسٽڊي 1984ع ۾ ڪالاباغ ڪنسلٽنٽس ڪئي هئي. ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ کان پوءِ ان جي زيرِ اثر اچي متاثر ٿيڻ وارو علائقو 110500 مربع ميل تائين ٻڌايو وڃي ٿو جڏهن ته ڊيم مان پاڻي جو وڌ ۾ وڌ وهڪرو 1200000 ڪيوسڪ هوندو ۽ ان جو ساليانو وهڪرو 81 ملين ايڪڙ فٽ ٿيندو. ان ۾ ذخيرو ٿيل پاڻي 7.9 ملين ايڪڙ فٽ هوندو جنهن مان قابلِ استعمال پاڻي 6.1 ملين ايڪڙ فٽ هوندو. هن ڊيم جا ٻه پاور اسٽيشن هوندا ۽ وڌ ۾ وڌ محفوظ پاڻي جي سطح 825 ايس پي ڊي هوندي. پاڪستان ۾ دنيا جو بهترين نهري نظام موجود آهي جنهن ذريعي ملڪ جي 20.43 ملين هيڪٽر زمين مان 11.75 ملين هيڪٽر زمين ڪينال سسٽم تي، 4.29 هيڪٽر زمين ٽيوب ويلن تي ۽ تمام زمين جو 20 فيصد باراڻي (سيلابي) پاڻي تي آباد ٿئي ٿو. پاڪستان جي سڀ کان وڏي صنعت به زرعي آهي ۽ زرعي اصطلاح ۾ سال جون ٻه موسمون ربيع ۽ خريف خاص سمجهيون وينديون آهن. خريف اپريل ۽ جون کان شروع ٿي آڪٽوبر، ڊسمبر ۾ ختم ٿئي ٿي جڏهن ته ربيع جي موسم آڪٽوبر، ڊسمبر کان شروع ٿي مئي ۾ ختم ٿئي ٿي. زراعت لاءِ پاڪستان جو سڀ کان اهم ذريعو1790 ڪلوميٽر ڊگهي سنڌوندي آهي جيڪا 96 فيصد پاڪستان مان گزري ٿي. سنڌودريا سان جڙيل نهري نظام پوري ملڪ لاءِ آبِ حيات جو درجو رکي ٿو جنهن کان سواءِ هن خطي اقتصادي ترقي ۽ معاشي استحڪام جو تصور به ڪونه ٿو ڪري سگهجي. بريصغير جي تقسيم کان پهريون به سنڌ جي نهري نظام تي قريبن چار ڪروڙ ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي هئي. ڪالاباغ ٺاهڻ سان متعلق پاڪستان جي ننڍي صوبن کي تيڪنيڪي خدشا آهن ته سنڌ صوبي جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي. جن نهرن سان سنڌ جون زمينون آباد آهن اتي واري اڏندي نظر ايندي، خاص طور تي هيٺائين وارن ضلعن جهڙوڪ حيدرآباد، بدين ۽ ٿرپارڪر وغيره. ڪوٽري جي ويجهو مڇيءَ جي واڌ ويجهه متاثر ٿيندي. پنجاهه لک ايڪڙ کان وڌيڪ سنڌ جي سيلابي زمين پڻ بنجر ٿي ويندي. پشاور ۽ مردان جا بيشمار علائقا خشڪ ۽ ويران ٿي ويندا. ڪيترن ميلن تائين نيشنل هاءِ وي ٻڏي ويندو. سرحد جو شهر نوشهرو ۽ ان سان سلهاڙيل تمام گهڻو علائقو سم ۽ ڪلر سبب زراعت جي قابل نه رهندو. سرحد صوبي جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿيڻ سان گڏ اتي صوفن، انجيرن ۽ توتن جا هزارين ايڪڙ باغات پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويندا. ڪالاباغ ڊيم گزريل ٽن ڏهاڪن کان حڪومتن، حزبِ اختلاف، عوام ۽ پريس جي وچ ۾ سياسي ڪماربازي، اشتعال انگيزي ۽ هٺ ڌرمي جي اهڙي ٽياس کي جنم ڏنو آهي جتي ڪو به فريق پنهنجي موقف (غلط يا صحيح) تان هٽڻ ته ڇا پر ان ۾ لچڪ آڻڻ لاءِ به تيار ڪونه آهي. 1953ع کان وٺي هر حڪومت پنهنجي پنهنجي وقتن ۾ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جا اعلان ڪري ۽ ڪوششون وٺي هن ڪيس کي اڳتي وڌائڻ جو ڪونه ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي پر عوامي احتجاجن سبب سڀئي ڍرا ٿي خاموش ٿيندا پئي رهيا. شروع ۾ هن منصوبي جي شروعات تمام سست رهي پر جنرل ضياءُ الحق جي دور کان هن اشو تمام گهڻي رفتار پڪڙي. محترمه بينظير ڀٽو به اسلام آباد ۾ پنهنجي پارٽي ميٽنگ ۾ سنڌ جي عهديدارن کي چيو ته ڪالاباغ متعلق سنڌ ۾ وڃي خاموش رهو ۽ پنجاب جي عهديدارن کي چيو هيو ته توهان وڃي پنهنجي صوبي ۾ سپورٽ ڪيو. نوازشريف ته سڌو سڌو ان جو حامي آهي. جنرل مشرف جا به ڪالاباغ جي حامي هئڻ جا بيانات رڪارڊ تي موجود آهن. عمران خان ته ڊسمبر 1912ع ۾ ڪراچي واري جلسي ۾ کلي عام اعلان ڪيو هيو ته “مان بهاري به آڻيندم ۽ اسان ڪالاباغ به ضرور ٺاهينداسين.” مسٽر زرداري جي پاڪستان پيپلز پارٽي واري حڪومت پنهنجي سموري عرصي ۾ ڪالاباغ ڊيم متعلق واضع پاليسي ڪونه ڏني بلڪه هو خاموش رهي ڪري پنهنجي روايتي منافقي واري وهنوار سبب ٻئي پاسا وٺندو رهيو ته نواز شريف انتظاميه پنهنجي موجوده دور ۾ اقتدار بچائڻ سبب هن اشو جي انتهائي حامي هوندي به ان سان گهڻي کونس ڪرڻ کان اجتناب ڪندي رهي آهي پر اليڪشن جا ڏينهن ويجها اچڻ سان جيئن جيئن نوازشريف ۽ زرداري جي ڪاري ڪوجهي ڪمدارن، ڪارندن کان اقتداري واڳون واپس ورتيون ويون آهن ته پنهنجي پنهنجي اٻوجهه عوام کي بيوقوف ڪري ووٽ بينڪ ٺاهڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي مردي کي وري قبر مان ڪڍيو ويو آهي جنهن سان ان ڊيم خلاف نفرتن، اختلافي بيانن ۽ هلڙبازين سان اخبارون، رسالا ۽ سوشل ميڊيا جا فورم ڀريا پيا آهن. سياستدانن جي هٺ ڌرمي ۽ ڪم ظرفي واري فضا ۾ پريشاني، مونجهه ۽ نااميدي جوشڪار ويچارو غريب عوام ٿي رهيو آهي. ڪالا باغ ڊيم ملڪ جي ٽن صوبن ۽ انهن جي زمين، جاگرافي، ماحوليات، زراعت ۽ آبادي لاءِ هاڃيڪار هئڻ سبب هن اشو خلاف احتجاجن جو سلسلو شروع کان هلي رهيو آهي جنهن هر دور جي حڪمرانن کي ايترو ته وسوسن، انديشن ۽ وهمن ۾ مبتلا رکيو جو سڀني ان مسئلي کي “في الحال” ملتوي ڪري اقتدار بچائڻ ۾ بهتري سمجهي. اهڙي ريت پٽڪي لهڻ ۽ ڪرسي کسڪڻ جي خوف سبب پٺئين حڪومتن کي ايتري همت ڪونه ٿي ته هن منصوبي جي تڪميل لاءِ ڪو عملي قدم کڻي سگهن. هن معاملي ۾ رياست جون اختياري سرگرميون ڪالا باغ سائٽ وٽ (عملي طور تي) ڪڏهن به متحرڪ نظر ڪونه آيون پر سرڪاري فائلن، قرضن، امدادي قسطن، سياسي نعرن، شخصي ۽ ادبي چالبازين ۾ هي موضوع نه رڳو زندهه رهيو پر سست رفتاري سان اڳتي وڌندو به رهيو. پاڪستاني حڪومتن جا به ان سلسلي ۾ عجيب و غريب ڊراما ڏٺا ويا آهن. ڪي حڪومتون ڊيم ٺاهڻ لاءِ چئني صوبن جي رضامندي “ضروري” ظاهر ڪنديون آهن پر فيصلا صوبن جي مفاد ۽ مرضي جي خلاف ڪنديون رهنديون آهن. ساڳيون حرڪتون موجوده حڪومت ڪري رهي آهي جو هيءَ ڊيم جي ڄميل جسم کي حرارت ڏيڻ لاءِ اعلانن جي باهه ٻاري رهي آهي جنهن سان هڪ طرف عوامي ۽ سياسي حلقن ۾ ان موضوع تي موجود گرمي ۽ بي چيني وڌي رهي آهي ته ٻي طرف عوام ۾ موجود رواجي مايوسي ۽ بي اعتباري جي فضا به وڌيڪ گهمڀير ٿي رهي آهي. پاڻي جي تقسيم هجي يا ان کي جمع ڪرڻ لاءِ بند ٻڌڻ جي تخليق، اهڙن معاملن ۾ عوام ۽ خواص وچ ۾ تڪرار تاريخ جو جز رهيا آهن پر سنجيده ۽ معتبر حڪمران عوامي راءِ ۽ مفادن کي مدِ نظر رکندي پنهنجي منصوبن ۾ جائز تبديليون ڪندا رهيا آهن. هڪ ڀيري برساتي پاڻي جمع ڪرڻ لاِ مشرقي پنجاب ۾ ستلج دريا تي ڀاڪڙا جي ويجهو هڪ بند تعمير ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو پر ان منصوبي جي شروعات کان پهريون ئي سنڌ صوبي شڪايت ڪئي ته هن بند ٻڌرائڻ جي صورت ۾ سنڌ جي نهرن جي آبپاشي متاثر ٿيندي. اهڙي اعتراض تي ان منصوبي کي ملتوي ڪري سنڌ جي اعتراضن کي سامهون رکندي منصوبي ۾ ردبدل ڪئي وئي ۽ پوءِ سنڌ جي منظوري سان موجودهه ڀاڪڙا ڊيم بڻايو ويو جيڪو 40 فٽ اونچو ۽ دنيا جو وڌ ۾ وڌ اونچو ڊيم ٻڌايو وڃي ٿو جنهن ۾ 80 لک ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جمع ڪري سگهجي ٿو. ماضي ۾ سرڪاري انجنيئرن کي پنجاب ۾ جهلم ندي ۽ سنڌو ندي تي بند ٻڌڻ لاءِ ڪنهن بهتر جاءِ جي تلاش هئي جنهن لاءِ انهن جهلم لاءِ منگلا ۽ سنڌ لاءِ دربند جو ماڳ منتخب ڪيو ويو پر دربند تي بند ٻڌڻ خلاف ڪجهه عوامي حلقن اعتراض ڪيو ته عوامي راءِ جو احترام ڪندي دربند جي جاءِ تي تربيلا واري علائقي کي منتخب ڪري اتي بند ٻڌو ويو. سنڌ طاس وارو مسئلو به ڪيتري ڏهاڪن کان هلندو رهيو جيڪو آخرڪار وڏي طاقتن ۽ عالمي بينڪ جي مهربانين سبب 19 ڊسمبر 1960ع ۾ طئه ٿي سگهيو. سنڌ طاس واري مسئلي لاءِ امريڪي (Tency well authority) جي سربراهه ڊيوڊ للن پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد هڪ مضمون ۾ لکيو (جيڪو 1951ع ڌاري امريڪي ميگزين “The Qulers” ۾ ڇپيو) هيو ته “پاڪستان لاءِ پاڻي جو مسئلو هڪ اهڙو ڊائنامائيٽ آهي جيڪو ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهجي ٿو”. حڪمرانن جي سامهون ڪالاباغ ڊيم ٺاهن جو اصول مقصد “جيڪڏهن” بجلي جي پيداوار وڌائڻ ۽ سيلابي پاڻي جمع ڪرڻ مقصود آهي ته ان لاءِ ٽي خاص متبادل موجود آهن. پهريون، تربيلا ۽ منگلا ڊيم جي تري ۾ جمع ٿيل مٽي (silt) ڪڍرائي انهن جي گهرائي وڌائي وڃي جنهن تي پندرهه کان ويهه ملين روپين کان وڌيڪ خرچ ڪونه ٿيندو. ٻيون، سنڌوندي جي جنهن ماڳ تي ٻوڏ جو خطرو رهندو آهي اتي سيلابي پاڻي جمع ڪرڻ جو جديد نظام “carry over Dams” متعارف ڪرايا وڃن جن ۾ چاڙهه واري ڏينهن دوران پاڻي جمع ڪري ضرورت وقت استعمال ڪيو وڃي” (سيلابي پاڻي جمع ڪرڻ جو هي جديد نظام اڄ ڪلهه پوري دنيا ۾ مروج آهي). ٽيون، جيڪڏهن وڏي پيماني تي ڪنهن ڊيم ٺاهڻ جي اسان جي ملڪ ۾ ڪا اشد ضرورت آهي ته عوامي راءِ جو احترام ڪندي ڪالا باغ ڊيم واري ماڳ کي منسوخ ڪندي ڪنهن ٻئي علائقي جهڙوڪ دربند، اسڪردو، ڀاشا، هنگول يا ميراڻي تي عوام جي راءِ ورتي وڃي جيڪي ڪالاباغ ڊيم کان پوءِ (متبادل) بند ٻڌائڻ لاءِ ماهرن طرفان ترجيحي بڻيادن تي پروپوز به ڪيا ويا آهن. هيءَ هڪ قدرتي ڳالهه آهي ته درياهن ۽ ندين ۾ سال جي سموري موسمن دوران پاڻي جي رواني هڪ ڪري ڪونه رهندي آهي. آگسٽ ۽ جولاءِ جي ڏينهن ۾ برساتون هئڻ سبب آبي ذخيره ڀرجڻ ڪري انهن ۾ چاڙهه سبب پاڻيءَ جو تمام گهڻو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ڪرندو آهي. ٻيو ته درياهن جي پاڻين ۾ سال بسال گهٽتائي پڻ ٿيندي رهندي آهي. ان لاءِ “طاس” سنڌ جي درياهن ۾ ڪجهه سالن دوران ڪيترين ئي نهرن ۾ پاڻي جي گهڻي کوٽ ٿي ويندي آهي ته ڪيترين ندين ۾ پاڻي وڃي جر پڪڙيندو آهي. اهڙي وقت ۾ هارين نارين لاءِ زراعت ڪرڻ جو واحد زريعو وڃي ٽيوب ويل بچندا آهن. فني پسمنظر ۾ پاڻي جي جهڳڙي جو اصل سبب پاڻي جي کوٽ جي “انهن” ڏينهن وارو دور آهي جڏهن ته پاڻي جي قدرتي بحران جو حل اهو آهي ته ان کي گهڻائي واري ڏينهن ۾ گهڻي کان گهڻو جمع ڪيو وڃي جنهن لاءِ اڄ ڪلهه دنيا ڀر ۾ بهترين طريقو “ڪيري اوور ڊيم” ڀائيا وڃن ٿا. مون آگسٽ 2000ع ۾ جڏهن ڪالاباغ سائٽ جي پهرين تفصيلي وزٽ ڪئي تنهن وقت منهنجي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر دوست مون کي ٻڌايو هيو ته “هاڻي هن ڊيم جي ٺاهڻ تي ساڍا ٽي کرب روپين کان وڌيڪ خرچ اچي ٿو جيڪو اسان جي مقروض حڪومتن جي وس جي ڳالهه ڪونه آهي”. اها ته هئي هڪ سرڪاري ڪارندي جي زبان پر منهنجي ڪجهه خانگي دوست ماهرن جي ان وقت راءِ هئي ته “ڊيم ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 کرب روپين جو تخمينو بيهي ٿو”. اها ته هئي 2000ع جي ڳالهه پر هاڻي 2018ع ۾ (اسان جي ڪرنسي جي قيمت مسلسل ڪرڻ سبب) ان ڊيم جي تعمير تي ڏهوڻ کان وڌيڪ خرچ ايندو جنهن جي طاقت، حيثيت ۽ همٿ نه نوازشريف کي آهي نه آصف زرداري کي ۽ نه ئي ملڪ رياض جهڙن لٻاڙين کي. ڪالاباغ ڊيم متعلق اشتهار بازي ۾ به موجوده حڪومت گزريل حڪومتن جي پيروڪار لڳي رهي آهي. ساڳا لاٽون ساڳا چگهه، ساڳيون ڪوڙيون ۽ اجايون بيان بازيون ته “هي ڊيم ملڪ ۽ قوم لاءِ فائديمند ئي نه پر زندگي ۽ موت جو سوال آهي.” حڪومتي ڪارندا اخبارن، ٽي وي ۽ ميڊيا تي ڊيم کي “قومي ايجنڊو” “قومي ايجنڊو”چوندي ٿڪجن نه ٿا. توڙي جو شروع کان وٺي هن منصوبي جي ملڪ جا ٽي صوبا ۽ ٽي فيصد عوام واضع طور تي مخالفت ڪندا اچن ٿا. جيڪڏهن اسان جي عوام جو وڏو حصو هن منصوبي کي جائز بنيادن تي “رد” ڪري رهيو آهي ته پوءِ اهڙي منصوبي تي عمل درآمد جو خواب ڏسڻ به (قانونن) هٺ ڌرمي، عوام دشمني ۽ قومي غداري جي زمري ۾ اچي ٿو تنهن ڪر ي ايمانداري اهي ٿيندي ته ضد، بحث يا سياسي فائدو وٺڻ جي بدران متبادل رستو اختيار ڪيو وڃي جنهن سان مشترڪه مقصد حاصل ڪري سگهجن يعني پاڻي به جمع ڪري سهگجي، بجلي جي پيداوار به وڌي، عوام ۽ صوبا به راضي رهن ته ڪنهن جي ڪرسي کسجڻ جو انديشو به نه رهي. 1974ع ۾ ڀارتي حڪومت پنهنجي درياهه چناب تي سلال بند ٻڌڻ جو منصوبو جوڙيو (سلال ڄمون کان ڪجهه ڪلوميٽر پري هڪ عظيم قلعو آهي). ڀارت سنڌ طاس منصوبي کي وساريندي 12 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان هي ٽي سو فٽ لمبو بند بڻائڻ شروع ڪيو ته پاڪستان ان خدشي کي مدِ نظر رکندي (ته هي بند پنجاب جي ڪيترن علائقن ۾ سيلابي ڪيفيت پيدا ڪندو) اعتراض اٿاريو جنهن تي ڀارت مجبور ٿي پنهنجو منصوبو ترڪ ڪري اهڙو ٻيو بند ٻڌرايو جنهن سان بجلي به پيدا ٿئي، دريا جي رواني به متاثر نه ٿئي ۽ پاڪستان کي به اعتراض نه هجي. انڊيا ۽ بنگلاديش وچ ۾ گنگا ۽ برهم پترا کان علاوه ست ٻين درياهن تي به جهڳڙا هلندا رهيا. ڀارت سلهٽ ويجهو ڪشباره ندي جو رخ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه عوامي طبقن اعتراض اٿاريا ته ڀارتي حڪمرانن ضد يا هٺ ڌرمي ڪرڻ بجاءِ پنهنجو منصوبو ملتوي ڪري ڇڏيو. تاريخي ريڪارڊن مان ڄاڻ ملي ٿي ته جڏهن ڀارت جهڙو جارحيت پسند ملڪ به اهڙن معاملن ۾ پاڪستان، بنگلاديش يا ڪجهه ٻين ملڪن ۽ انهن جي عوام جي (جائز) اعتراضن جو احترام ڪندي پنهنجي منصوبن ۾ رد بدل ڪندو رهيو آهي ته پوءِ پاڪستاني حڪمران پنهنجي ئي ملڪ جي هڪ وڏي آبادي جي جائز راءِ جو احترام ڪرڻ يا انهن جي آواز کي اهميت ڏيڻ ۾ آخر ڇو ڪيٻائن ٿا !