جڏهن اسان دنيا جي مقبول و معروف ترين راندين جهڙوڪ شطرنج، تاش ۽ لوڊو وغيره جي تلاش متعلق سائيبر دنيا جي ڪنهن به مستند سائيٽ تي ڪيون ٿا ته اسان کي ادبي ۽ تاريخي بي ايمانين جون بيشمار ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملڻ ٿيون جن جي الٽ هن وقت اسان سنڌين وٽ انهن کيلن متعلق اڻ ٽر شاهديون موجود آهن ته اهي ۽ اهڙا کوڙ سارا کيل اسان سنڌين ۽ خصوصن مهين جو دڙو جي قديم رهواسين ايجاد ڪيا هيا. سڀ کان پهريون مان دنيا جي مشهور ترين راند شطرنج جو مثال ڏيندس، جنهن کي هن وقت دنيا ڀر ۾ 600 ملين کان به مٿي ماڻهو کيڏن ٿا. ان کي بادشاهن جي راند چيو ويندو آهي. محققن جي متفقه راءِ آهي، ته نه رڳو ان راند جي تياري ۽ کيڏ ۾ آرٽ ۽ سائنس جا ڪيئي گهڻ رخا پاسا موجود آهن، پر کيڏ جو طريقو پڻ کلاڙي جي ذهني طاقت ۽ عقلي ڪامناؤن وڌائڻ جو سبب بڻجي ٿو. هي راند هڪ چوڪنڊي بورڊ تي کيڏي ويندي آهي جنهن جي شروعات ۾ هر رانديگر (ڪاري ۽ اڇي رنگ جي) سورهن پيسن (Pieces) کي ڪنٽرول ڪندو آهي جن ۾ هڪ بادشاهه (King) هڪ راڻي (Queen) ٻه پهاڙيون (The Rocks) ٻه نواب (The Knights) ٻه پادري (Bishops) ۽ اٺ پيادا (Pawns) هوندا آهن. ان راند جو مقصد مخالف رانديگر جي بادشاھ کي گهيري ۾ آڻي حملو ڪرڻ (Check) آهي جنهن مان اهو بچي نه سگهي. انگريز ۽ ڪجھ ٻيون قومون شطرنج جي ان ايجاد متعلق دعويدار آهن جن جي ايجاد سندن مشهور پبليڪيشنز ۾ چند سو سالن جي چوڌاري ڦرن ٿيون. مثال طور انسائيڪلو وڪي پيڊيا ۾ لکيل آهي ته “شطرنج جو موجوده نمونو پندرهين صدي عيسوي جي وچين دور ۾ ڏکڻ يورپ ۾ اڀريو”. شطرنج متعلق ساڳي قسم جون ڳالهيون ٻين بين الاقوامي ڇپاين اندر پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جيڪي حقيقت کان تمام گهڻو پري آهن، ڇو ته هن راند جو قديم ترين نمونو جيڪو جديد ترين شطرنج جهڙو ئي آهي، تنهن جو مڪمل فارم واديءَ سنڌ جي دارلخلافه شهر مُھين جو دڙو جي کوٽائي مان مليو آهي، جنهن جو ذڪر ۽ ڦوٽو نه رڳو انگريزي محققن جي ڪتابن ۾ موجود آهي، پر مھين جو دڙو جي ميوزيم ۾ شطرنج جون اهي مهرون ڏيکاءُ لاءِ پڻ رکيل آهي. انھن حقيقتن مان ثابت ٿئي ٿو ته شطرنج اصل ۾ پنج هزار ساله قديم سنڌي راند آهي جنهن جا مُوَجد مھين جي دڙي جا قديم باشندا هئا. يورپي لوڪ پنهنجي ڏيکا ڏيکي، لکئي پڙهئي مان “هن راند کي Chess ڪوٺين ٿا” پر هنڌ ۽ سنڌ ۾ ان کي شطرنج چيو وڃي ٿو. جيئن ته Chess وارو عربي، فارسي، ترڪي، يوناني، پرتگالي ۽ اسپيني لفظ قديم هندي لفظ چيتورنگا مان ورتل آهي جنهن جو مطلب آهي فوج جون چار ورهاستون (Divisions) يعني Infantry، Cavalry، Elephants ۽ Chariots. اها ڳالھ به غور طلب آهي ته جنگين جي تاريخ ۾ رڳو هند ۽ سنڌ ۾ سندن فوجي لشڪر اندر ٽي جانور هاٿي، اٺ، ۽ گهوڙا استعمال ٿيندا رهيا آهن جن کي يورپين بعد ۾ Rock،Bishop ۽ Knight ۾ بدلائي ڇڏيو. شطرنج جي ان بنيادي خيال کي سامھُون رکندي ئي هڪ ٻي راند تاس پڻ ايجاد ٿيل لڳي ٿي، ڇو ته ان جي کيڏڻ وارو طريقي ڪار ۽ بنيادي خيال پڻ هڪ جھڙو آهي. جڏهن ته انهن ۾ فرق صرف کيڏڻ جي طريقي ۾ آهي ڇو ته شطرنج بورڊ تي کيڏي وڃي ٿي ۽ تاس ڪاغذ جي ٺهيل پتن سان.. جيئن ته ان دور ۾ ڪاغذ ۽ پرنٽنگ جي دستيابي ڪو نه هئي، ان لاءِ ٿي سگھي ٿو ته تاس جي راند جي قديم نموني ۾ اها ڪنھن اڀريل تختي يا ڪاٺ ۽ چمڙي وغيره تي کيڏي ويندي هجي يا وري ڪنھن ڌاتو يا پٿر جي پليٽن وغيره تي. يا جيڪڏهن اهو تصور ڪيو وڃي ته تاس ان وقت به ڪاغذ تي کيڏي ويندي هجي ته پوءِ وري هڪ نئون خيال جنم وٺي ٿو ته ڇا ڪاغذ به قديم سنڌي ماڻهن جي ايجاد آهي؟ تاس متعلق منهنجو بيان کوڙ ساري ۽ گهڻ رخي تحقيق جو متقاضي آهي ۽ اها پڻ حقيقت آهي ته ڪاٺ، ڪاغذ ۽ چمڙي وغيره جهڙيون شيون جيڪي تاس ٺاهڻ لاءِ ممڪنہ طور تي پراڻي مهين جو دڙو جي شهر يا دور ۾استعمال ٿينديون هجن، سي پنهنجي آکاڻي ٻڌائڻ لاءِ قديم شهرن جي ڪلراٺي ڍيرن ۾ هزارين سالن تائين پنهنجو وجود برقرار نه ٿيون رکي سگھن، پر اها حقيقت بحرحال درست آهي ته “جنهن قوم شطرنج ايجاد ڪئي هوندي، اها قوم ئي تاس جي موجد هوندي. ڇو ته ٻنهي جي کيڏڻ جو بنيادي خيال ساڳو آهي”. اهڙيءَ ريت ڇڪي، لُوڊو (Dice) جي ڪهاڻي به ساڳي آهي جنهن جي ايجاد متعلق يوناني، چين، روم، ايران، مصر وارا پڻ دعويدار آهن ته “اها سندن ايجاد آهي”، جيڪو پڻ غلط آهي. ڇو ته لوڊو جو مڪمل فارم جيڪو اڄ به جديد دنيا ۾ کيڏيو وڃي ٿو، سو سنڌو ماٿر جي قديم شهر مُهين جي دڙي جي کوٽائي منجهان مليو آهي. مصر مان مليل لوڊو جي عمر ستين صدي قبل مسيح، چين، روم، ايران جي تاريخ اڃان به جديد آهي.يوناني ۽ سنڌي تهذيب جي جيڪڏهن ادواري ڀيٽا ڪجي، ته سنڌي تهذيب يوناني تهذيب کان هزارها سال قديم آهي. سنڌين جي گهرن اوطاقن ۾ لوڊو راند پنج کان نو هزار سال اڳ کيڏي ويندي هئي، جڏهن ته يونانين جي تهذيب چار هزار سالن جي چؤطرف ڀٽڪي ٿي ۽ ان کان اڳ سندن تاريخ تي انڌيرو تھہ چڙهيل آهي. اگر اسان اها ڳالھ تسليم به ڪيون ته انهن جي قديم ترين وستين (جي چار هزار سال اوائليون هيون) ۾ لوڊو جي راند کيڏي ويندي هئي، تڏهن به سنڌين وٽ ساڳي راند يونانين کان ڪيئي هزار سال اڳ موجود هوندي هئي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته لوڊو اصل ۾ سنڌي راند آهي ڇو ته ان جو قديم ترين نمونو مھين جي دڙي جي کوٽائي مان مليو آهي. جنهن کان پوءِ ٻيو قديم نمونو ايران جي قديم اجڙيل ۽ جليَل شهرن جي کوٽائي مان هٿ آيو هيو. لوڊو کي سنڌي راند ثابت ڪرڻ لاءِ مان ڏکڻ ايشيا جي ڪجهہ قديم ڪتابن جو حوالو ڏيڻ به اهم سمجھان ٿو. ڇو ته ڇڪي (Dice) جو ذڪر رگ ويد ۽ اٿرا ويد ۾ پڻ ٿيل آهي. جڏهن ته گوتم ٻڌ جي پسنديده راندين (Budha Games) جي فهرست ۾ به ان راند جو ذڪر موجود آهي. هندستان جي عظيم رزميه داستان مهاڀارت ۾ پڻ ان راند ڏانهن اشارو موجود آهي ته يوڌسٿرا (Yudhisthira) ڪوروئن خلاف هستنوپور جي اترادي سلطنت کٽڻ لاءِ ڇڪي جي راند کيڏي هئي.