نڪ تي سدائين نفيس فريم جو چشموچاڙهيل، ننڍڙي ٻار جيان مٿي ورايل گهاٽا تيلي وار، منهن مهانڊو سهڻو، خوش لباس، ماٺيڻو، خوش گلو ۽ خوش مزاج ۽ پوري پني قد واري سانورڙي سلوني قديرشيخ جو ڏيک ويک هڪ پڙهيل لکيل سلڇڻي انسان تي صفا پورو لهندو هيو. اسان جي ادبي ۽ قلمي سماج ۾ تخليقي صلاحيتون رکڻ وارا اهڙا شخص گهٽ هوندا آهن جيڪي هڪ کان وڌيڪ اصنافِ سخن کي اظهار جو ذريعو بڻائڻ تي قدرت رکندا هجن پر قديرشيخ گهڻ پڙهيو ۽ ڪڙهيو اديب هئڻ سان گڏ شاعري، ڊرامي، تنقيد نگاري، تاريخ ۽ افسانه نگاري جي دنيا جو هڪ نرالو نانءُ هيو جنهن کان سندس پڙهيل ڳڙهيل سنگتين کي خبر پوندي هئي ته بين الاقوامي يا قومي مارڪيٽ ۾ ڪهڙا ڪهڙا نوان ڪتاب آيل آهن ڪهڙي ڪتاب جا ڪنهن ترجمه ڪيا آهن ۽ انهن مان ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ جي لائق آهن. قدير ڪتاب پڙهڻ تائين مطئمن رهڻ واري عام اديبن منجهان ڪونه هوندو هيو پر پنهنجي علمي ۽ ادبي پورهئي جو لاڀ ساٿين تائين پکيڙڻ سندس بهترين مشغلو هوندو هيو. علمي، ادبي ۽ نسابي محنتن سبب قديرشيخ هزارين بنجر دماغن کي پنهنجي مثبت روين سان سيراب ڪندي نوجوان ٽهي ۾ هڪ بهترين حلقو جوڙيو جيڪو سندس مرتئي کان پوءِ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ واقع ادبي اوطاقن کي سنڀاليندي نڪور ذهنن جي ادبي آبياري جو ڪم ڪري رهيو آهي. قديرشيخ جو ڳوٺ ابل واهه لڳ گمبٽ کهڙا ڀرسان ”والي ڏنو شيخ“ نالي هڪ ڳوٺاڻي بستي آهي جتان انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ سندس ڏاڏوالله ورايو شيخ لڏي باقراڻي روڊ لاڙڪاڻو جي الهندي محلي غوث پور ۾ ڪچو پڪو گهر ٺهرائي ٻچڙن سان آباد ٿيو جتي 3 آگسٽ 1967ع ڌاري قديرشيخ جو جنم ٿيو. جاين جڳهن جي ڪاريگر سندس والد گل حسن شيخ کي پنج پٽن جي اولاد هئي. هن محنت ڪش خاندان ۾ قديرشيخ واحد پڙهيل لکيل فرد هيو جنهن پنهنجي محنت ۽ قابليت سان استاد جي نوڪري ورتي جتان ويهين گريڊ ۾ رٽائر ڪيو. رٽائرمنٽ کان پوءِ قديرشيخ پنهنجي پراڻي گهر کي ڊهرائي سهڻي نموني سان هيٺ مٿي ٺهرايو هيو جتي سڀئي ڀائر گڏ رهندا هيا. غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ قديرشيخ پرائمري پنج درجا پنهنجي گهر ڀرسان واقع قديم پرائمري اسڪول غوثپور پڙهي، ميٽرڪ گورنمنٽ پائلٽ هاءِ مان پاس ڪئي جنهن کان پوءِ انٽرميڊئيٽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان، بي اي ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي جو امتحان شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان ايڪسٽرنل شاگرد طور ڏنائين. ان کان علاوه 1994ع ۾ بي ايڊ ۽ 2000ع ۾ ايم ايڊ جو امتحان پڻ پاس ڪيائين. 17 نومبر 1990ع ۾ کيس جونيئر اسڪول ٽيچر جي نوڪري ملي جتان 31 ڊسمبر 2020ع ۾ بيماري سبب وقت کان اڳ ايڇ ايس ٽي طور رٽائر ڪيائين. قديرشيخ جي شادي سندس پڦاٽ سان ٿي هئي جنهن مان کيس ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جي اولاد آهي. قديرشيخ کي سٺي اديب سان گڏ سنڌ جي بهترين تعليمي ۽ علمي استاد طور پڻ سڃاتو وڃي جنهن جي شڪشا اسڪول ۾ سندس شاگردن تائين محدود ڪونه هوندي هئي پر اسڪول کان ٻاهر به اٿندي ويهندي، ڪچهريون ڪندي، ميڊيا جي ميدان کان قلمي دنيا تائين سيکاريندڙ، اتساهيندڙ رهي. پنهنجي شاگردن سان سندس دوستانه تعلقات هوندا هيا جن ۾ هو رواجي تعليم جي ترسيل سان گڏ علمي پهلوئن ۽ ڪردارسازي تي به گهڻي توجهه ڏيندو هيو. قديرشيخ هڪ ترقي پسند، روشن خيال، ۽ آدرشي انسان هيو جنهن جي ڪرت ۽ ڪردار شهر جي ٻين اديبن جي نسبت گهڻي مثبت، منفرد، رومانوي ۽ ادب پرور هوندي هئي جو گهڻ پاڙهو اديب هئڻ سبب دنيا جا ڪلاسڪ ڪتاب سندس مٿي ۾ ستيءَ جيان پيل هوندا هيا جن مان ڪمال چوڻين کي چونڊي پنهنجي فيس بڪ تي رکندو هيو. مصطفا صادق الرافعي، هارپرلي، نزارقبائي، رفيع رضا، چارلس بوڪووسڪي، فيض احمد فيض، منٽو، رلڪي، هاني، البرٽ ڪاميو، شيڪسپيئر، جان پال سارتر ۽ حافظ شيرازي وغيره جا دل دماغ سان گڏ روحاني دروازا کوليندڙ قول پنهنجي ٽائيم لائين تي رکڻ سندس بهترين مشغلو هوندو هيوجيڪي هر مزاج جي قاريءَ لاءِ لڀائيندڙ هوندي نه رڳو سندس طبيعتن تي ٺهڪندا هيا پر اصلاح پڻ ڪندا هيا تنهن ڪري مان پڻ شوق سان پڙهندورهندو هيم. انهن مان کوڙ سارا مون کي هن وقت به زباني ياد آهن جهڙوڪ هڪ ڀيري شايد شيخ چلي جو شعر رکيو هيائين ته ”اگر تو میسر ہو جائے، تو سارا جہاں تخلیہ“ يا وري ڪنهن ڀيري ميلان ڪونڊيرا جو قول رکيو هيائين. ”منهنجي باري ۾ جيئن وڻيو تيئن سوچيو، مان هتي توهان کي راضي ڪرڻ ڪونه آيو آهيان“. وغيره وغيره. قديرشيخ سان منهنجي ملاقات کي ورهين جا ويهارو چڙهاڪا ٿيندا جو ان دور ۾ مان پنهنجي ٻنهي ڀائرن محمدپريل ۽ ساجن موريو سان گڏ ڳوٺ کان ”پڙهائي سانگي ابي امان طرفان“ زوري موڪليل واهڻ جو وائڙو ٻار قديرشيخ جي غوثپور محلي جي اولهندي ڪلهي سان ڳنڍيل حمل محلي ۾ پنهنجي ڀيڻيويي اداغلام الرسول کجڙ جي گهر ۾ رهندا هياسين. شيخ ذات جي گهڻي تڻي آبادي واري انهن ٻنهي محلن جي رهندڙن واسطي گهمڻ ڦرڻ لاِءِ ٻه اڍائي گهٽيون هونديون هيون جتي آئي ڏينهن قديرشيخ سان دعا سلام ٿيندي رهندي هئي. نوجواني کان جواني ۾ داخل ٿيڻ ۽ پوءِ مرتئي تائين سندس خوبصورت مسڪراهٽ جي انمول موٽ گهمندي ڦرندي، هٿ ملائيندي، ڀاڪر پائيندي ملندي رهندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن چانهن چڪي تي رسمي ڪچهريون به ٿينديون رهنديون هيون. قدير سان منهنجون گهڻيون ملاقاتون رابيل ڪتاب گهر تي ٿينديون هيون جتي ٻئي ڪتابن جي لونجهه تي ايندا هياسين. اتي هو نئين آيل ڪتابن جي تلاش ۾ ايندو هيو يا وري ”دنيازاد“ ۽ ”آج“ رسالا. پاڻ ٻنهي جو رشتو دوستي ۽ احترام جو رهيو پر گهڻي گهاٽائي نه رهي جو قديرشيخ شروع کان نفيس، فهميدو، ماٺيڻو، ادبي ذوق رکندڙ، اديب لڳندڙ ۽ علمي ندرت جو تاثر ڏيندڙ شخص هوندو هيو جڏهن ته مان ان دور ۾ به چڱيرڙو ادبي ذوق شوق رکڻ جي باوجود پنهنجي مخصوص جسماني بيهڪ ۽ ڊيل ڊول آڌارت (هاڻي جيان) گهڻي حد تائين ٽرڙو، بي ادبو، هرو ڀرو فيشني ۽ ڏنگي ٻار جو عڪس ڏيندو هيم جنهن ڪري مان سمجهان ٿو هن جهڙي نازڪ مزاج ماڻهو سان کل کلان جو رشتو ڪونه جڙي سگهيو. قديرشيخ فڪشن جو ماڻهو هئڻ سبب فطري طور تي آرٽ فلمن جو گهڻو ڳولائو ۽ شوقين هوندو هيو. ستيه جيت ۽ گلزار جون ٺاهيل فلمون ورائي ورائي ڏسندو هيو ته کيس بنگال ۾ ٻارڙن جي پسمنظر ۾ ٺهيل ڪنهن مووي (جنهن جو مونکي نالو وسري ويو آهي) متعلق ٻڌايو هيائين ته ”سندس پسنديده آرٽ مووي آهي“. فلمن جي تمام شوق سبب ئي وي سي آر ۽ ڪيسٽن واري دور ۾ اسان جي ملاقات گلف هوٽل جي هيٺان واقع وڊيو مارڪيٽ ۾ طارق شيخ جي ”وڊيو اسپاٽ“ واري دوڪان تي ٿيندي رهندي هئي جتي مان ايڪشن، ٿرلر فلمن سان گڏ آرٽ فلمون کڻڻ ويندو هيم ته قديرسائين رڳو آرٽ فلمن جي تلاش ۾ ايندو هيو. طارق شيخ ٺاهوڪو قربائتو ماڻهو هئڻ ڪري چانهن کان سواءِ ڇڏيندو ڪونه هيو تنهن ڪري ويٺي ويٺي قديرشيخ سان ٿوري گهڻي ادبي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿيندي هئي. ڪتابن متعلق ته مون جهڙو پاڙهو ماڻهو به هن کان تمام گهڻو پوئتي هوندو هيو پر فلمن جو ٺاهوڪو شوقين هئڻ سبب جڏهن کيس منجهائي وجهندو هيم ته کلي چوندو هيو ”يارشڪل مان ته نه ٿو لڳي ته تو ايتريون ۽ اهڙيون سٺيون فلمون ڏسندو هوندين“ توڙي جو عام اديبن ۾ قديرشيخ جو تاثر هڪ ماديت پرست اديب جو هوندو هيو پر هو مذهبي معاملن متعلق سوالن جا مدلل جواب ڏيڻ ۾ پڻ ڪمال هنرمندي رکندو هيو جنهن مان ثابت ٿيندو هيو ته سندس ادبي ۽ علمي لياقت کي عقيدي جو ڪٽرپڻيو شڪار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. جنهن جو سبب شايد اهو به هجي ته قديرشيخ فنونِ لطيفه جي تمام صنفن جو ڄاڻو هڪ روشن خيال ادبي تخليق ڪار هئڻ سان بين الاقوامي ادب جو فڪري نقاد، ڀل سوچائو ريفارمسٽ ۽ انتهائي لاجواب خوبين جو مالڪ هڪ اڇوتو انسان هيو. قديرشيخ جي ادبي ميدان ۾ آمد شروعات ڪهاڻيڪار طور ٿي. سندس لکيل سترنهن ڪهاڻين مان قريبن سڀئي وقت جي بهترين سنڌي رسالن ۾ ڇپبيون رهنديون هيون. پاڻ پي ٽي وي، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين چينلن لاءِ بيشمار ڊراما پڻ لکيائين. قديرشيخ ڊرامي جي دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ هر تيڪنيڪ جوڄاڻونگر هوندو هيو، جهڙوڪ پلاٽ جي ٽيڪنيڪ، ان جي پلي ٿيڻ جي ٽيڪنيڪ، ڪردارن کي انهن جي پلاٽ ۾ سمائڻ واري ٽيڪنڪ، ايڪٽ ۾ فلاسافيڪل ٿاٽ جي پيشڪاري، ڊرامي ۾سين مطابق ڪردارن جي تعداد جي تيڪنيڪ ۽ جيڪڏهن ون ايڪٽ پلي آهي ته ان مان پيغام ڏيڻ واري ٽيڪنيڪ يا وري ڪردارن پٺيان اهڙن منظرن ۽ پسمنظرن جي هجڻ جي ٽيڪنيڪ جيڪي پلاٽ سان ميچ ٿين. وقت سان فنون لطيفه جي مڙني صنفن ۾ علمي ۽ قلمي دسترس وڌائيندي قديرشيخ بهترين نقاد، نثرنويس ۽ سٺي ادبي تخليق ڪار طور سنڌ جي دبستانِ ادب ۾ پنهنجو ذوق و شوق وڌائيندو رهيو. هو اردو، سنڌي، پنجابي، بنگالي، عربي، ايراني ناول نه رڳو پڙهي هيئين سان هنڊآئيندو هيو پر انهن جي اصولن ۽ فارمٽ جي ٽيڪنڪ تي پڻ ڳالهائيندو هيو. کيس ٽين دنيا جي ملڪن جي سياست تي پڻ علمي گرفت هوندي هئي جو اڪثر سياست جا گر، پنڌ ۽ پيچرا، سياست کي مفاد طور استعمال ڪرڻ جي تاريخ ۽ هنرمندي، مروجه سياسي فلسفن مان ڪيترا ۽ ڪهڙا اصلي آهن جن جون پاڙون زمين ۾ کتل آهن ۽ اهي ڪهڙا سياسي ٿاٽ هيا جيڪي ٻئي ڪنهن هنڌان کڻي اچي ڪٿي ڪٿي متعارف ڪرايا ويا واري موضوعن تي بحث مباحثا ڪندو ۽ ليڪچر ڏيندو رهندو هيو. قديرشيخ جي کاٻي ڌر پاسي لاڙي سبب ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، بخشل ٿلهو، ننگرچنو وغيره سان محبتون رهيون. هڪ سرخي هئڻ جي باوجود هن جي سنگت ۾ مذهبي، سياسي، سماجي ۽ ادب جي تمام صنفن سان سلهاڙيل سخن ور سندس يارِ غار هوندا هيا. لاڙڪاڻو شهر جو ڪهڙو اديب آهي جنهن سان سندس گهاٽائي نه هوندي هئي. نج ادبي رڃ جي هن حسين راهي جيهر دور جي اديبن سان ڀرجهلائي رهي پوءِ چاهي اهي زيب سنڌي، واجد ناز، ملڪ آگاڻي، ڪيھر شوڪت، مرتضاشيخ هجن يا رزاق مھر۔ محمدعلي پٺاڻ، اعجازپيرزادو، جبارڪيهر ۽ اشتياق انصاري. سندس خاص دوستن ۾ منورسولنگي، سعيد ميمڻ، علي آزاد جوڻيجو، بقاءُ الله بوزدار، يامين بلوچ، قاسم ڪيهر، تصورابڙو، ستارهليو، عزيزقاسماڻي، محسن شاهه، جاويد شبيرجاگيراڻي، ذلفي ڀٽووغيره هوندا هيا. نثارکوکر، رضوان گل، عادل عباسي، رئوف عباسي، نثارشاهين، روشن ٽوٽاڻي، ثناءُ الله عتيق، ڪاظم منگي، ذوالفقارگرهماڻي، ساجن ميراڻي، طارق شيخ، ستار هليو، عزيزقاسماڻي وغيره سان به سندس گهڻي ويجهڙائي رهي. پنهنجي سنگتين جي ويجهڙي لڏي ۾ ڀوڳ چرچا ڪندي وڏي وڏي ٽهڪن ۾ زندگي جي اداس لمحن کان نٽائيندي تمام فڪرن ۽ انديشن کي چپٽين ۾ اڏائڻ به سندس طبيعت ۽ فطرت جو جز رهيو. توڙي جو شهر ۽ تر ۾ باذوق اديبن طرفان ٿيندڙ هر ادبي بيٺڪ ۾ قديرشيخ جو اچڻ وڃڻ رهندو هيو پر سموري عمر سندس خاص ٺڪاڻواسٽيشن روڊ تي واقع هڪ پراڻي، ڪشادي ۽ شاندار عمارت رهي جيڪا ٻڌو آهي ته هندڪي دور ۾ شاگرد هاسٽل هوندي هئي پر اسان پنهنجي سانڀر کان اتي مهراڻ هوٽل ڏسندا اچون ٿا جيڪا ويهين صدي جي آخري اڌ ۽ ايڪويهين صدي جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين شهر ۽ تر جي اديبن، ادب نواز دوستن ۽ ادب پرور ماڻهن لاءِ اهڙي ادبي اوطاق رهي آهي جتي هر دور جا اديب ميلا مچائيندا ۽ ملهائيندا رهيا آهن. قديرشيخ ۽ سندس سنگتين لاءِ به هي هوٽل سموري عمر پنهنجي تهذيبي، علمي، آدرشي، ۽ اخلاقي سرگرمين جو آستانو رهيو. مان ڪيترا دفعا هيئن به ڏٺو ته مهراڻ هوٽل جي ماڻهن سان ڳتيل هال واري غل غپاڻي ۾ به ائين ڪتاب پڙهڻ ۾ محو هوندو هيو ڄڻ ته ڪنهن پرسڪون جزيري ۾ اڪيلو ويٺو هجي. مهراڻ هوٽل ۾ ٿيندڙ بحث مباحثن ۾ ننڍي گجي وارا کوڙ سارا دوست ناراض ٿيندي ڪروڌ ۽ ڪينا به پاليندا رهندا هيا. پنهنجي چوطرف موجود سنگتين پٽاندر قديرشيخ سموري ڄمار شخصي منافقيون ۽ گروهي مونوپوليون نه رڳو ڀوڳيندو پر سهاريندو ۽ سنڀاليندو به رهيو جيڪي اسان جي سنڌي اديبن جو هڪ غيرادبي پر ضروري جز رهيو آهي جنهن کي پڻ قدير ڪڏهن به ميري اک سان نه ڏٺو پر انسان هئڻ ناطي گهڻي سوڙهه ٿيڻ تي ڪجهه دوستن سان وقتي طور تي پاسيرو ضرور ٿي ويندو هيو. زندگي جي آخري ڪجهه سالن کان محفلن مور سڏجندڙ قديرشيخ شهر ۾ ٿيندر ادبي ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪرڻ به ڇڏي ڏني هئي جو سندس خيال هيو ته ”اهي هاڻي اسان جا اديب غيرسنجيده ٿي ويا آهن تن سان ڪيترو مٿو هڻون جو کين تبديل ٿيڻ ۽ سمجهه بوجهه سان سڌي رستي تي هلڻ جي خواهش به ڪونه آهي“. لاڙڪاڻو جي اديبن ۾ ڪافي گروهه بنديون هئڻ ڪري اهي پنهنجي پنهنجي ادبي عقيدن آڏو ڪنهن کي برداشت ڪرڻ ۾ ڏاڍا ڪنجوس ۽ ٻٽيل هئڻ ڪري انهن رجعت پسند ادبي ٽولن کان قديرشيخ گهڻو پري رهندو هيو پر تنهن جي باوجود (منهنجو خيال آهي ته) ”قدير پنهنجي ڪجهه گهاٽي دوستن جي چوئياري ۾ عمر جو وڏو يرغمال بڻيل رهيو“ جيڪي چاهيندا هيا ته ”سندن ڪچهري ۾ صرف اهي دوست ايندا رهن جيڪي نه رڳو سندن مزاجن جا هجن پر سندن عادتن ۽ افعالن جا ساراهيندڙ هجن. اهڙي منافقي واري صورتحال ۾ گهڻا ۽ سٺا دوست سندس لڏي جي اجائي خيالن جا حامي نه هئڻ ڪري دور ٿيندا رهيا. ڳالهائڻ جو وڏو ڍنگ هجڻ ڪري قديرشيخ هر رنگ روپ ۾ مدلل هوندو هيو. هن وٽ نه رڳو سنڌ پاڪستان بلڪه دنيا ڀر جي ٻرندڙ مامرن جا تازا تفصيل هوندا هيا پر سوشلسٽ بلاڪ، ڪميونسٽ بلاڪ، امريڪي ڊيموڪريٽڪ بلاڪ، انتها پسند ادب جي بلاڪ وغيره جو مستند نچوڙ هوندو هيو ۽ دنيا جي مختلف موضوعن تي پڻ هو في البديح ڳالهائيندو هيو. قديرشيخ پنهنجي فن جو هڪ اهڙو مهااستاد هوندو هيو جنهن کان نه رڳو لاڙڪاڻو پر پوري سنڌ جا هزارين اديب واسطه باالواسطه کائنس فيض پرائيندا رهندا هيا. کيس احساس هوندو هيو ته اسان کي پنهنجي ماڻهن، پنهنجي ڌرتي پنهنجي ٻولي پنهنجي ادب لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي جو جيون ته هونءَ به ٿا ۽ هڪ ڏينهن مرنداسين به ضرور، ان لاءِ” ڪجهه ڪري مرجي ته بهتر آهي“. شگر ۽ دل جي موذي بيمارين سان ٻن ڏهائين کان جهيڙڻ جي باوجود قدير اندر جي پيڙا جي ٻاڦ باهر ڪونه ڪڏندو هيو پر زندگي جي آخري سال سوا ۾ جڏهن مرضن کيس ڪک تي کڻي ڏنو ڪنهن حد تائين سنگتين سان ملڻ جلڻ به گهٽائي ويو هيو جو هاڻي سندس جبل جهاڳيندڙ ڄنگهون به ڪمزوري سبب ڊگهي پنڌ کان نابري وارينديون هيون. تنهن ڪري مهراڻ هوٽل تي به سندس پٽ کڻي ويندو هيو ۽ واپس گهر وٺي ويندو هيو. بيماري دوران هن پنهنجي پٽ ۽ سنگتين کي منع ڪئي هئي ته ”منهنجي ڪابه تصوير سوشل ميڊيا تي نه رکجو ۽ نه ئي ڪو دوست سرڪار کي مدد لاءِ اپيل ڪري“. جو کيس مرڻ ته قبول هيو پر نه مراعات يافته ٿيڻ جو طعنو گوارا ڪونه هيو. هڪويجهڙي دوست پنهنجي فيس بڪ تي سندس لاءِ حڪومت کان مدد جي گذارش رکي ته قدير ان کي ”انفرينڊ“ ڪندي تنبيهه ڪئي هئي ته ”تون منهنجي مرڻ کان پوءِ منهن ڏسڻ به نه اچجان“. سنگتين سان ٿيندر ڪچهرين ۾ هو پنهنجي ذاتي مسئلن کي ڪڏهن به زيرِبحث نه آڻيندو هيو. ڪيترن سالن کان قدير مختلف عارضن ۾ مبتلا رهندو پئي آيو جنهن جو علاج معالجوپڻ هلندو رهندو هيو پر عمر جي آخري حصي ۾ جڏهن تڪليف گهڻي وڌي وئي ته وفات کان هفتو اڳ ڪراچي نيشنل ڪارڊيوواسڪيولر ڊزيزز ۾ طبيعت جي تپاسي لاءِ ويو هيو جتي سندس دل جي رفتار ويهه فيصد ٻڌائيندي کيس بيٽري لڳائڻ جو مشورو ڏنو ۽ ڊاڪٽرن ڪجهه ڏينهن لاءِ دوا تي رکي کيس ايندڙ هفتي اچڻ لاءِ چيو هيو. وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ ته هلي به ڪونه سگهندو هيو جو ڀائر پٽ کيس سهارو ڏئي گهمائيندا هيس. ڪراچي کان واپسي تي ڪجهه گهمڻ گهتڻ جهڙو ٿيو پر جيئن ته بدقسمتي سان يار جو لکيو چوکو پورو ٿي چڪو هيو ان لاءِ موذي مرضن سان جهيڙيندي 26 اپريل 2021ع جي شام جو ساڍي اٺين وڳي ڌاري سندس خوبصورت دل جي اوچتي بند ٿيڻ سبب هن عقلمند انسان کي اجل جو راهي ٿيڻو پيو. ٻئي ڏينهن سندس گهر واري گهٽي ۾کهاوڙن جي گهرن اڳيان واقع امام بارگاهه ۾ جنازي نماز پڙهائڻ کان پوءِ سندس جسدِ خاڪي کي قريبن ٻارهين وڳي ڌاري ايئرپورٽ روڊ تي واقع ابوبڪر مقام ۾ مٽي ماءِ جي حوالي ڪيو ويو. قديرشيخ جو وڇوڙو نه رڳو سنڌي ادب پر ادب پرور طبقن لاءِ به انتهائي ڏکوئيندڙ حادثو آهي جنهن کان پوءِ نه رڳو سندس ادبي اوطاقون، يار، احباب ۽ پرستار پر مهراڻ هوٽل جا در، ڀتيون، ڪرسيون، اڱڻ، ڪمرا، هال پڻ پنهنجي آڌرڀائي دروازي کي سندس لاءِ تڪيندي ۽ نه پسندي اٻاڻڪا رهن ٿا. قديرشيخ سنڌي ادبي کيتر ۾ گارشيا مارڪيز جي ڪليڪٽووزڊم جو جيئرو جاڳندو ۽ حقيقي ڪردار هيو جنهن جي علم پروري ۽ ادب دوستي جو قائل قلمي ڪڙنب جو هر پاسائي اديب هوندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو حيرت انگيزطور تي تر شهر ۽ سنڌ جا اهي هاڪاري ناڪاري پر ڪنجوس ترين اديب جيڪي ڪنهن چڱي ڀلي سخنور کي لفظي ڀيٽا جو بخار ڏيڻ به پسند نه ڪندا آهن سي پڻ هن يار جي قضئي تي قلمي ڪيڏارا لکي سندس قدرداني ڪري رهيا آهن.