“غزال“ھُوءَ آئي ته آئي به ڪو جامُ ٿي!... ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
ھُوءَ آئي ته آئي به ڪو جامُ ٿي!
ايئن اسان تي لٿي شامَ الهامُ ٿي!
اک هُئي شِيامَ جي - لُوڻَ جانۡ ٿي وئي؛
مڌُ - مِيران لَٿو - ڄڻ ته وِسرامُ ٿي!
رات سِيتا ھُئي - رامُ سارَي سُتي؛
خوابُ هِڪُ هِڪُ لَٿو - ھَو مَٿس رامُ ٿي!
صُورَ مَنصورَ جِي واڪُ هَو ڄڻ ته ڪو؛
ھاءِ پَٿرَ اُٿيا ڄڻ ته هَا دامُ ٿي!
پئي سَمندرُ ڇُليو - رات اَثبات جو؛
لهرَ ھر ڪا اُٿي - ڄڻ ته بَينامُ ٿي!
رات مَڌُ - مَست هُئي - جامَ تي جامُ هو؛
ذات هُئي خاصُ جا - سا به وَئي عامُ ٿي!
حُسنُ نُوري هُيو - عِشقُ کارو کِکَو؛
ڪا مُحبت لَٿِي - ڄارَ ۾ ڄامُ ٿي!
جِيتَ هُئي هارَ ڪا - هارَ هُئي جِيتِ ڪا؛
روحُ راڌا بڻيو - بَنسري شِيامُ ٿي!
وئين اِجهو تون لَڏَي - هِنَ جَهان کي ڇَڏَي؛
ثَبت ڪَرِ مُهرَ ڪا - ڪو ته پيغامُ ٿي!
پروفيسرساجدسومرو
 
Back
Top