صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
دردَ سَارِي ڪڏھن جان نثاري نه ڪا
سنڌُ ٽاري ڪڏھن آھَ - زاري نه ڪا
وھُ - وڇوڙو پرين! جوڳُ ماکي مٺي؛
ياد تنهنجي ککي ٿي ته کاري نه ڪا
سنڌ ئي سنڌ آ هر جڳھ هر گهڙي؛
مون مٿان ڪيفيت آھِ طاري نه ڪا
عيبَ سارا وڃن نيٺ ڍڪجي پرين!
عاشقي کان وڏي چيز ڀاري نه ڪا
طُورَجان مان سڙي خاڪَ هان ٿي ويو
عشقَ آهي ڪئي برف - باري نه ڪا
رَندَ راھُون رُلي سنڌُ ڳولهيي اٿم؛
مون ته آھي ڇڏي رَھَ گذاري نه ڪا
صبح ۽ شامَ ڪا تون به وسرين نٿي؛
رات آهي سُمهي مون گذاري نه ڪا
وقتُ گهاڻي جيان مان بلاول جيان؛
مون ڏٺي آ ڪڏھن دنيا -داري نه ڪا
موتُ آ خوف ڄڻ زندگي لوڀَ ڄڻ؛
مون به ڄاتي ڪڏھن خاڪساري نه ڪا
پروفيسرساجدسومرو
دردَ سَارِي ڪڏھن جان نثاري نه ڪا
سنڌُ ٽاري ڪڏھن آھَ - زاري نه ڪا
وھُ - وڇوڙو پرين! جوڳُ ماکي مٺي؛
ياد تنهنجي ککي ٿي ته کاري نه ڪا
سنڌ ئي سنڌ آ هر جڳھ هر گهڙي؛
مون مٿان ڪيفيت آھِ طاري نه ڪا
عيبَ سارا وڃن نيٺ ڍڪجي پرين!
عاشقي کان وڏي چيز ڀاري نه ڪا
طُورَجان مان سڙي خاڪَ هان ٿي ويو
عشقَ آهي ڪئي برف - باري نه ڪا
رَندَ راھُون رُلي سنڌُ ڳولهيي اٿم؛
مون ته آھي ڇڏي رَھَ گذاري نه ڪا
صبح ۽ شامَ ڪا تون به وسرين نٿي؛
رات آهي سُمهي مون گذاري نه ڪا
وقتُ گهاڻي جيان مان بلاول جيان؛
مون ڏٺي آ ڪڏھن دنيا -داري نه ڪا
موتُ آ خوف ڄڻ زندگي لوڀَ ڄڻ؛
مون به ڄاتي ڪڏھن خاڪساري نه ڪا
پروفيسرساجدسومرو